سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :1

مٺي مراد

مهتاب محبوب

 

انتساب:-

 

سدا حيات ڪهاڻيڪار

نسيم احمد کرل

جـــي نالـــي

 - ماهتاب محبوب

 

پنهنجي پاران.....

هُن چيو هو:

”تنهنجي ڪتاب تي پيش لفظ مان لکندس- ٻيو ڪو ئي نه لکندو، انهيءَ تي منهنجو حق آهي.“

هُن وڏي سڪ مان چيو هو

تنهنجي ڪتاب جو اهڙو مهاڳ لکندس، جو ڪنهن به نه لکيو هوندو.“

پر ايئن نه ٿيو.....ايئن نه ٿي سگهيو............ !

سنڌي ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه، سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام نسيم کرل، شهيد ٿي ويو.... مان هن جو قول پاڙڻ خاطر ’نئون نياپو‘ تان ورتل سندس ئي مضمون جو هڪ ٽڪرو، هن ڪتاب ۾، پيش لفظ طور ڏيئي رهي آهيان.

 

ماهتاب محبوب

حيدرآباد سنڌ

14 جولائي 1979ع


پيش لفظ

 

ليکڪا ماهتاب محبوب جو نالو ڪنهن بني بشر کان ڳجهو ڪونهي جو هوءَ گذريل سورهن سترهن سالن کان لڳاتار سنڌي ادب جي اُفق تي چوڏهين جي چنڊ جيان پئي چمڪندي رهي آهي- هوءَ اُن وقت به نشانبر هئي جڏهن هوءَ پنهنجي پڙ ڏاڏن دائود خان عباسي ۽ ميان سرفراز خان جي پاڙي ۾ پنهنجي پيڪائين گهر ۾ رهندي هئي.

پر محبوب سان پيوند ٿيڻ بعد ته سندس محبوبيت ۾ واڌارو اچي ويو آهي. هينئر سندس گهر هم عصر اديبن لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ به آهي ۽ سندس گهر ساڌ به اچن ته چور به.

گذريل مهيني جڏهن چورن لطيف آباد ۾ پنهنجو هفتو ملهايو هو ته هنن ماهتاب جي گهر کي به ڏيڍ ڪلاڪ کن ڏنو هو. ڪاٽڪن ان وقت اندر سندس گهر ۾ دل تي ٻهاري ۽ پوچي ڏني پر هڪ شئي جا کڻڻ کان ڳوري هئي سا هئي ماهتاب جو ادبي ذوق؛ جو اڳي کان اڳرو آهي- ان ادبي ذوق وڌائڻ ۾ سندس ڪانڌ محبوب جو به وڏو هٿ آهي.... سڀ کان پهريون ته هُن پنهنجي گهر واريءَ کي حويلين مان ڪڍي کيس ننڍڙي بهشتي گهر ۾ رهايو اٿس، جنهن جو نالو ئي ’ارم نما‘ آهي. ان بعد عملي طرح کيس مشهور مسلمان مفڪر ابوسينا وانگر کيس هر سهوليت مهيا ڪري ڏني آهي- ان فلاسافر لاءِ چون ٿا ته هڪ ٻارنهن دريو طبقو ٺهيل هو جو سمورو ايراني قالينن سان سنگاريل هو ۽ هر در تي هڪ جوڙو سونين روپين گرگابين جو ميسر هو جيئن هو ڪنهن سوچ ويچار دوران ٻاهر به نڪري ته کيس هر در تي جتي ملي ۽ سندس خيالن جو سلسلو نه ٽٽي. اهڙي طرح محبوب کڻي ٻارهن دريو نه پر سک ۽ سانت جو آشيانو ٺاهي کيس ڏوئي سانجڻ جي گهڻي جهنجهٽ کان بچائي هن ادبي چنڊ کي گهريلو گرهڻ کان بچايو آهي.

-نسيم کرل


بک جا چڪ

 

”آئي جيجي!“ بختاور ٻهاري ڏيندي عجب مان رڙ ڪئي، ”هيءَ مٺائيءَ جي ڇٻي، ڪٻٽ پويان ڪنڊ مان لڌي اٿم، وسري وئي هُيو شايد- ڳاڙهيون ڪوليون پيون سُرن، چئو ته اڇلائي ڇڏيان؟“

”آئي، ڪوهه اڇلائين.“

رئيسياڻي زليخان جيڪا ڪالهوڪي ميلاد کان موٽي اچڻ کان پوءِ بدهضميءَ سان گڏو گڏ وهمن جو شڪار ٿيو، کڻوٽ جي جنڊيءَ جي پاون واري کٽ تي ڍير ٿيو پئي هئي، تنهن پنهنجي شينهڻ جهڙي سسي کڻندي اوڳرائي ڏيئي چيو، ”هيڏي کڻي آءٌ.“

”جيجي، مٺائي ته بنهه سڪي هڏو ٿي پئي آهي!“ ”نپٽيون ٻهاري به ته انڌن وانگر ڏيو ٿيون.“ زليخان مٺائيءَ کي تپاسڻ خاطر، پٽاٽي جهڙو نڪ پيتيءَ ۾ وجهندي چيو،”نه ته هوند گهڻو وقت اڳ لڀجي پوي ها.“ پيتيءَ مان نڪ ڪڍي بختاور تي تارا ڦوٽاريندي چيائين.

”جيجي باڇاهه پير دستگير جو قسم، اللہ قرآن جو سنهن،آءٌ ته سٺي ٻهاري ڪڍندي آهيان، الاجي ڪيئن رهجي وئي جو اک تي ئي نه چڙهي.“ بختاور ميسڻي ٿيندي چيو.

”ڪهڙو انڌ اکين تي چڙهيو هييءَ ڏائڻ، جو نظر نٿي آييءِ“ زليخان وهاڻي هيٺان پنهنجي عينڪ ڪڍندي چيو،” وڃ جلدي واندي ٿي پوءِ هيڏي اچ ته ڪم سان اُماڻيانءِ.“ ائين چوندي ٿلهن شيشن واري عينڪ پنهنجي مُئل ٻڪري جهڙي اکين تي چاڙهي ڇڏيائين.

ٿوريءَ دير کان پوءِ بختاور به حڪم جي بندي ٿي اچي اڳيان بيٺي.

”هي سڌو وڃي سرفراز ڪالونيءَ ۾ سيدن جي گهر بيبي زيبل جي هٿ ۾ ڏيئي آءُ.“ زليخان ڀرت واري پوش سان ڍڪيل مٺائيءَ جو تشت کيس ڏيندي چيو، ” چئجانس ته جيجي سانئڻ جهجها سلام ۽ ڀاڪر چيا اٿئي ۽ هيءَ پوٽي جي ڄمڻ جي مٺائي ڏني اٿس.“

اهو ٻڌي زليخان جي ننهن، جنهن کي ٻانهيءَ تيل جي تري پئي هنئي سا ڇرڪجي وئي.

”چاچي گهر گهر کي ڏسبو آهي. ههڙي هڏي جهڙي مٺائي ڏسي هوءَ ڇا چوندي؟“

” آئي سو اڇلايان ڪوهه!“ رئيسياڻي رڍ جهڙيون ناسون ڦڙڪائيندي ڀرون چاڙهي چوڻ لڳي: ”ڪنهن کي ڏجي ته وري ٿورو ته ٿيندو نه، پوءِ کِيئين نه کِيئين خوشي سندن. پاڻ تان ته ٻوجهو هلڪو ٿئي. آءٌ به کيس پوٽي ڄائي هيڏا سارا پنج رپيا ڏئي آئي هئس. هينئر پاڻ به اچي ڏئي ويندي، ڪوليون سو سڀ چونڊي ڇڏيون اَٿم.“

”چاچي تنهنجي مرضي، پر هرو ڀرو ڪا گلا نه ٿي پوي.“ ”ائي وڃي گلا ڪن.“ زليخان موڙو ڏيندي وراڻيو، ”مون ته پنهنجي هٿن سان ڪانه گهڙي آهي جو آءٌ ٻڌل ٿيس.“ ايتري ۾ ٻيون ٻانهيون، پوپان ۽ جهمٽي به اچي ٽٽيون. ”جيجي آءٌ ٿي بختاور سان گڏ وڃان.“ پوپان لاڏ مان وٽجي سٽجي مٿو کنهندي ٻڦو اڏائيندي چيو.

” جيجي آءٌ به“ جهمٽيءَ ڳچيءَ ۾ ٻڌل گَرُ لڳل ڏند ۽ ڪن کوٽڻين سان کيڏندي چيو.

” آئي هاڻي وڃو ڏائڻيون؛ سک نه ڦٽايو. ٽرو کڻو مٺائي وري اچي مون کي ڀيڙيون ڏيو.“ ايئن چوندي سمهڻ ڪاڻ چيلهه سڌي ڪيائين، ” ڪالهه ڪانڀي خان جي گهر مولود ٻڌڻ ڪاڻ زمين تي ويهي ويهي پاسن ۾ سور پئجي ويو اٿم. ڀت ڀر ويهان ها ته آرام اچيم ها.“

”جيجي پوءِ کڻي ڀت ڀر ويهو ها.“ بختاور جيڪا وڃڻ ڪاڻ سنبريو بيٺي هئي، تنهن جو ائين چوڻ ڄڻ فوني کي چاٻي ڏيڻ:

ائي وهڙيون اڳيئي جايون والاري ويون. اسان جهڙيون پوڙهيون ڪٿي ٿيون وڻن !“ رئيساڻي ٿڌو ساهه کڻندي چيو،”ائي اللہ ڪڏهن اهو به وقت به هو جو جوانيءَ ۾ منهنجي نالي وٺڻ ڪاڻ پيون سڪنديون هيون. ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پيون پائينديون هئم. پر ڪالهه ته ڪنهن اک کڻي ڪونه ٿي ڏٺو ! سڀڪا پنهنجي ليکي سئو ڏاچڻ جي سانئڻ ٿيو پئي هلي. هڪڙي نوابڻ سو ويچاري وت سارو وڏو ڀاڪر پائي ملي. ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اڃا قرب آهي. ويچاري صغران به چڱي زال آهي، اڳيون عروج ڪونهيس ڪو پر قربن جا ٻنا اٿس.“ زليخان ڳالهائيندي رهي، ٻانهيون ڳالهيون ٻڌڻ ڪاڻ گلم ٿي پٿلي هڻي ويهي رهيون.

”ڪنوار ٻڌين پئي؟“ رئسياڻي گهٽيل ’چلمائي‘ ۽ دونهاٽيل آواز ۾ ننهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ننهڻس ڇڪائيندي چيو.

”ها چاچي ڪنُ اٿم.“ ننهنس ڦڻي ڏيندي وراڻيو.

”امان، آءٌ به آخر انسان آهيان. ڪيڏي مهل گرهه گهٽ ڪيڏي مهل وڌ، سو ڪالهه مولودن ۾ ٻوڙ مڙئي مزو ڏنم، ٻه تڙون ته کائي ويس. هڪڙي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيم. گهڻئي ڳيتون ڏنم، پاڻي پيتم، ماڳهين ساهه اچي منجهيم. تون ته الائي ڪيڏي هلي وئي هئينءَ. ٻي ڪا واهه نه ڏسي وري چاشنيءَ جا ٻه گرهه کائي پاڻي پيتم تڏهن مسين مسين اها تڙ هيٺ لٿي. ائي ڪنوار سونفن جو عرق ڪٿي رکيو آهي ته اهو پيئان، من ڪا اوڳرائي ٻوڳرائي اچي. بدهضميءَ ڪري هانو ڄڻ جهلجي پيو اٿم. تون ڌيءَ ويٺي آهين جو ڪوڙ ڪريان. مٺي نور جو قسم.“

”چاچي ڇو ڪوڙ ڪندينءَ، پر اهڙو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. ٻن ٻوٽين ڪاڻ کڻي پاڻ کي ڇني ڇڏيئي.“

”شابس هجئي! آفرين اٿئي!!“ زليخان ڏوراپي مان چيس، ” هي وڙ ٿي ڳالهائين. آءٌ پنهنجي نياڻي سمجهي توسان حال ٿي اوريان؛ تنهن جو ٿي بدلو ڏينم.“

”چاچي تون به ايتري چيڙاڪ نه ٿي، آخر چيو مانءِ به ڇا؟“

ٻانهيون پاڻ ۾ هوريان هوريان کي کي ڪري کلڻ لڳيون. ” ائي ٻڌو بيٺيون بي حيائون!“ رئيسياڻيءَ دڙڪو ڏيندي چين، ”ديد جو پاڻي سڪي ويو اٿو بي شرميون کڻو مٺائي دفع ٿيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com