سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: تاريخ جو ڪفن

باب: -

صفحو :1

تاريخ جو ڪفن

امر جليل

مهاڳ جي ڳالهه

        مان پنهنجي وجود ۾ ڏاڍو ڊنل آهيان. ڊڄي ويو آهيان، ڊوڙندي ڊوڙندي ٿڪجي پيو آهيان. هڪ هڪ ساهه لاءِ سهڪي رهيو آهيان. مان خواب نه ڏسندو آهيان. خواب مون کي ڏسندا آهن. مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته هر جنم ۾ هڪ خونخوار وحشي جانور منهنجو پيڇو ڪندو رهيو آهي. مون کي چيري ڦاڙي چٽ ڪري ڇڏڻ لاءِ هو منهنجو تعاقب ڪندو رهيو آهي. مان هن کان پري ڀڄندو رهيو آهيان.

        هر دور ۾، هر جنم ۾ مون کيس مختلف نوعيت جو جانور ڏٺو آهي. ڪڏهن ڊاناسور، ڪڏهن بدمست هاٿي، ڪڏهن شينهن، ڪڏهن چيتو، ڪڏهن رڇ، ڪڏهن لومڙ، ڪڏهن بگهڙ، ته ڪڏهن سوئر، هر جنم ۾ مون کي ماري مات ڪرڻ کان پوءِ هو جڏهن پنهنجي وجود تي چاڙهيل کل لاهي ڇڏيندو آهي، تڏهن هڪ ماڻهو ظاهر ظهور نڪري نروار ٿيندو آهي، جنهن جي منهن تي مرڪ هوندي آهي. هو پاڻ کي ڏاهو، ڏاڍو سياڻو، ڄاڻو، رهبر ۽ منهنجو هڏ ڏوکي ظاهر ڪندو آهي. هو مون کي سنئين واٽ جو ڏس ڏيندو آهي، جنهن جو ڪو وجود نه هوندو آحي. هو منهنجي ۽ منهنجي موليٰ جي وچ ۾ ڀت بيهاري ڇڏيندو آهي. مان ماڻهوءَ کان ڊنل آهيان.

        سوچيو هيم، ڪتاب"تاريخ جو ڪفن" جي نئين ايڊيشن لاءِ مهاڳ لکندس، جيڪو اصل ۾ مهاڳ نه هوندو، ۽ روشني پبليڪيشن جي دوستن کي پهچائي اچڻ لاءِ ڪنڊياري ويندس، مون اڄ تائين ڪنڊيارو نه ڏٺو آهي. مون رتو ديرو به نه ڏٺو آهي. الاءِ ڇو، مان ڪنڊياري کي رتو ديرو ۽ رتيديري کي ڪنڊيارو سمجهندو آهيان. جيڪي خط مان ڪنڊياري وارن لاءِ لکندو آهيان، سي خط رتيديري موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ جيڪي خط مان رتيديري وارن لاءِ لکندو آهيان، سي خط رتيديري موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ جيڪي خط مان رتيديري وارن لاءِ لکندو آهيان، سي خط ڪنڊياري موڪلي ڇڏيندو آهيان. هڪ خط بنا ايڊريس مون شڪارپور موڪليو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ خط موٽي آيو. لفافي تي پوسٽ آفيس وارن طرفان نوٽ لڳل هو. لکيل هو: تو جنهن جي لاءِ خط لکيو آهي، تنهن شڪارپور جو شهر ڇڏي ڏنو آهي.

        مون کي خبر ڪونهي ته ڪنڊياري جو ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڪير آهي. مان سمجهان ٿو، هو هڪ ئي شخص آهي جيڪو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو به ميمبر آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ۽ ٻئي ڄڻا ٻه مختلف شخص آهن، ته پوءِ سندن نالو هڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻه نالا آهن ته اهي ٻئي نالا هڪ شخص جا آهن.

        مان سمجهان ٿو ته رتيديري جو ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي به هڪ ئي شخص آهي جنهن جا ٻه نالا آهن جيڪڏهن هو ٻه شخص آهن، ته پوءِ سندن نالو لازمي طرح هڪ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن سندن نالو هڪ نه آهي ۽ هڪ بدران ٻه نالا آهن، ته پوءِ يقين ڄاڻو هو هڪ ئي شخص آهي جنهن جا ٻه نالا آهن.

        ڪنڊياري جو اهو هڪ شخص جيڪو ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي ۽ ميمبر قومي اسيمبلي به آهي، سو ساڳيو شخص آهي جيڪو رتيديري مان ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي ته ميمبر قومي اسيمبلي به آهي مان يقين سان چئي سگهان ٿو، هو ساڳيو ئي شخص آهي، جيڪو روهڙيءَ مان ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي آهي. هو ساڳيو هڪ شخص آهي جيڪو ٽنڊي آدم، ٽنڊي باگي، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي ٺوڙهي ۽ ٽنڊومحمدخان مان ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي به آهي. هو هڪ ئي شخص آهي، جنهن جا انيڪ نالا آهن. هونءَ به نالي ۾ ڇا رکيو آهي! هر شخص جا هڪ کان وڌيڪ نالا ٿيندا آهن. اسلام آباد ۾ هڪ شخص جو نالو رشيد احمد، دوست سڏيندا اٿس شيدا ۽ دشمن کيس شيدا ٽلي چوندا آهن.

        مان پڪ سان، پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ ٻه سئو ٻاويهه ڪرسين تي هڪ ئي شخص ويٺل آهي. هن جا ٻه سئو ٻاويهه نالا آهن. هن جون ٻه سئو ٻاويهه شڪليون آهن پر، اصل ۾ هو هڪ ئي شخص آهي. هو مختلف نالن، ذاتين ۽ شڪلين سان ٻه سئو ٻاويهه ڪرسين تي ويهي رهيو آهي. پٿر جي دور کان وٺي موجود دور تائين مون کيس قانون ساز اسيمبلين ۾ ويٺل ڏٺو آهي. هو  پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانون کان بالاتر هوندو آهي. سندس ٺاهيل قانون جو اطلاق اسان جهڙن مولائين تي ٿيندو آهي، هن تي نه ٿيندو آهي.

        ملڪ ٽٽندا آهن، ملڪ ٺهندا آهن ۽ ٺهي وري ٽٽي پوندا آهن پر هو تاريخ جي اٿل پٿل کان بي نياز ٻه سؤ ٻاويهه ڪرسين تي مختلف نالن، شڪلين ۽ لباس ۾ ويٺل نظر ايندو آهي. هو ڪڏهن به تاريخ آڏو بيوس نه ٿيو آهي. هن هميشه پنهنجي حڪمت عمليءَ سان تاريخ کي بيوس ڪيو آهي.

        سوچيو هيم، ڪتاب جي نئين ايڊيشن لاءِ مهاڳ ۾ حسين ابن منصور الحلاج جي شهادت جو ذڪر ڪندس. سوچيو هيم مهاڳ ۾ انهن هڪ سؤ ججن، عالمن ۽ فاضلن جو ذڪر ڪندس جن حسين ابن منصور الحلاج کي سنگسار ڪرڻ ۽ اذيتناڪ عذاب ڏيڻ کان پوءِ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. ڪجهه صفحا لکيم، ۽ لکي  ڌ ۾ ڇڏي ڏنم. محسوس ڪيم تاريخ جي ڪجهه تمام وڏن المناڪ سانحن مان هڪ سانحي جو مهاڳ ۾ سرسري ذڪر مناسب نه آهي. تاريخ کي هر پڙهندڙ پنهنجي ذهني لاڙن جي حوالي سان پڙهندو آهي ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. گذريل ٽن هزار سالن جي انيڪ سانحن مان خاص ڪري ٽن سانحن منهنجي ظاهر، منهنجي باطن تي، منهنجي سوچ تي، منهنجي روين تي الميي جي احساس جي مڪمل ڇاپ ڇڏي آهي.

        سقراط جي شهادت، جنهن دوستن ۽ شاگردن طرفان آندل يونان جي تيز ترين گهوڙي تي سوار ٿي ڀڄي وڃڻ تي، زهر جو پيالو پي مرڻ کي ترجيح ڏني هئي. آخري گهڙين ۾ ڪيل سندس گفتگوءَ جو هڪ هڪ لفظ ناقابل ترديد آهي. فرار  جي ترغيب کي رد ڪندي سقراط پنهنجن دوستن ۽ شاگردن کان پڇيو هو: مون کي اهڙو ڪو هنڌ، اهڙي ڪا جاءِ ٻڌايو جتي موت زندگيءَ تي حاوي ٿي نه سگهندو هجي!

        هڪ سوال جي جواب ۾ سقراط موت جي تشريح ڪئي هئي. هن چيو هو: موت اصل ۾ سجاڳي آهي، ان ننڊ مان جيڪا اسين ٻئي ڪنهن عالم ۾ ڪئي آهي ۽ هيءَ زندگي ان ننڊ ۾ ڏٺل خواب آهي.

        حضرت عيسيٰ جي شهادت ۽ شهادت کان اڳ گهريل ٻه دعائون، هن شهادت کان اڳ چيو هو: سڄي جهان جي گنهگارن جي ڏوهن جو بار مان پنهنجي ڪلهن تي کڻان ٿو. تون هنن کي معاف ڪري ڇڏجان“.

        صليب تي چڙهڻ کان پوءِ يوسع مسيح پنهنجن ڏکوئيندڙن ڏانهن ڏٺو هو ۽ رب کي مخاطب ٿيندي چيو هو: هنن کي رحمت کان محروم نه ڪجان”. هي بيخبر آهن. هنن کي خبر نه آهي ته هي ڇا ڪري رهيا آهن.

        حيرت انگيز حد تائين ساڳئي دعا، هڪ هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ، بغداد جي باب الطلق واري قتل گاهه ۾ سنگسار ٿيڻ، ۽ عضوو عضوو ڪپجي ڌار ٿي وڃڻ کان پوءِ حسين ابن منصور الحلاج گهري هئي. هن رت آلوده ٻانهون آسمان ڏانهن اڀيون ڪندي چيو هو:"هنن کي پنهنجي رحمت ۽ بخشش کان محروم نه ڪجان”. هي مون کي عذاب تنهنجيءَ خوشنوديءَ خاطر ڏيئي رهيا آهن."

        نوانوي ججن، عالمن، ۽ فاضلن حسين ابن منصور الحلاج کي ڪافر قرار ڏنو هو. کيس عبرتناڪ موت جي سزا ڏيڻ جو يڪراءِ فيصلو صادر ڪيو هو. حضرت جنيد جو شمار عالم اسلام جي وڏن عالمن ۽ ڏاهن ۾ ٿيندو هو ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. حسين ابن منصور الحلاج خلاف هلندڙ مقدمي ۾ هن بهرو نه ورتو. ڪنڌ جهڪائي، سوچ ۾ غلطان ويٺو رهيو. ججن پڇيس:"حضرت جنيد، اوهان حسين ابن منصور الحلاج جي باري ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي. هو ڪافر آهي، يا نه آهي؟"

        حضرت جنيد ڪنڌ مٿي ڪري نوانوي ججن ڏانهن ڏٺو ۽ اٿي بيٺو. حضرت جنيد جي جسم تي ججن وارو جبو پيل نه هو. هن چيو: مون کي الله جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو اختيار ڪونهي. اهو انسان جي وس ۾ نه آهي، جو دلين جا پوشيده راز ڄاڻي سگهي. الله کان سواءِ دلين جا راز ڄاڻڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي.

        ان کان پوءِ حضرت جنيد حجره ڏانهن هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ ججن وارو چوغو پائي موٽي آيو. مقدمي ۾ پنهنجو فيصلو صادر ڪندي هن چيو:شاهدن جون شاهديون ۽ سرڪاري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته حسين ابن منصورالحلاج ڪفر جو مرتڪب آهي ۽ واجب القتل آهي.

        فيصلو صادر ڪرڻ کان پوءِ حضرت جنيد ججن وارو چوغو لاهي ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۾ ٻيهر وري ڪڏهن نه پاتو.

        زنجيرن ۾ جڪڙيل حلاج ڪوڪن ۽ ڪنڊن تان هلندو جڏهن هجوم جي وچ مان لنگهيو، تڏهن ڪاري چادر ۾ ويڙهيل هڪ عورت جي وات مان آهه سان گڏ اوڇنگار نرڪي ويئي. حلاج ڪنڌ ورائي عورت ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو: اڄ ته منهنجي سرخرو ٿيڻ جو وقت آيو آهي، ۽ تون روئي رهي آهين!

        ان کان پوءِ حسين ابن منصورالحلاج ڏاڍي شان سان هلندو، زنجير ڇڻڪائيندو باب الطق ۾ ٺاهيل قتل گاهه ڏانهن وڌي ويو. انيڪ روايتون آهن. سرڪاري جلادن حلاج کي جڏهن رتو رت ڪري ڇڏيو، تڏهن پنهنجي دور جي نامور درويش ابوبڪر شبليءَ روئيندي حلاج کان پڇيو، "اسان کي تصوف جي باري ۾ ٻڌا”، حلاج، تصوف ڇاهي."

        حلاج وراڻيو،"اوهين هن وقت جيڪي ڏسي رهيا آهيو، سا تصوف جي ابتدا آهي." ابوبڪر شبليءَ پڇيو،"اها جيڪڏهن ابتدا آهي، ته پوءِ انتها ڪهڙي آهي."

        حلاج وراڻيو،"تصوف جي انتها جي خبر ڪنهن کي به ڪونهي." جلادن هٿ، پير، نڪ، چپ ۽ ڪن ڪپي ڇڏڻ کان پوءِ سوئن سان حلاج جون اکيون ڪڍي ڇڏيون، لکن ماڻهن جي انبوهه ۾ پٽڪو ۽ روڄ راڙو پئجي ويو، پوءِ جلادن جڏهن خنجر سان حلاج جي زبان ڪپڻ چاهي، تڏهن هن منهن آسمان ڏانهن ڪيو ۽ پنهنجن قاتلن جي حق ۾ اها دعا گهري جيڪا دعا سندس شهادت کان هڪ هزار سال اڳ شهيد ٿيڻ مهل، صليب تي يسوع مسيح پنهنجن قاتلن جي حق ۾ گهري هئي. سچل سرمست سان عقيدت آهي، يا ٻيو ڪو سبب آهي جو مان ڪڏهن ڪڏهن شدت سان محسوس ڪندو آهيان ته حلاج جي شهادت وقت باب الطق جي قتل گاهه ٻاهران جن مجذوبن ۽ مولائين ماتم ڪيو هو، مان انهن ۾ شامل هوس.

        سوچيم، حسين ابن منصورالحلاج جي شهادت جو ذڪر مهاڳ ۾ نه ڪندس، هڪ طويل ڪهاڻي لکندس. تاريخ ۾ بقا ملي حلاج کي، سندس قاتل ۽ جلاد حڪمران فنا ٿي ويا. هڪ حضرت جنيد کي ڇڏي، باقي نوانوي جج تاريخ ۾ دز ٿي اڏامي ويا. ڪنهن کي سندن نالو به ياد ناهي.

        مهاڳ ۾ لکڻ لاءِ مون کي ٻن اهڙن شخصن جو به خيال آيو هو جن مان هڪ ڦيٿو ايجاد ڪيو ۽ باهه جي قوت جو اندازو لڳائي ورتو ۽ سموري دنيا جي انجنيئرن ۽ سائنسدانن جو ابو سڏجڻ ۾ آيو. هو تاريخ جي هر دور ۾ ايجادون ڪندو رهيو ۽ چنڊ جي سطح تان مٽيءَ جي مٺ کڻي موٽي آيو ٻيو شخص حق، سچ ۽ پنهنجي خلقڻهار جي تلاش ۾ نڪري پيو ۽ تاريخ جي هر دور ۾ صعوبتون سهندو رهيو. پيرن، پنڊتن ۽ پادرين سندس راهه روڪي، فتوائون صادر ڪري کيس سنگسار ڪرايو، جيئري ڌرتيءَ ۾ دفن ڪرايو، گهاڻي ۾ پيڙايو، سر قلم ڪرايو ۽ ڦاهيءَ تي چاڙهايو. تاريخ جي هر دور ۾ هو حق جي راهه ۾ مرندو رهيو آهي. جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حقن جون ڳالهيون ڪرڻ واريءَ جديد دنيا ۾ هن لاءِ تعزيرن جا ڪوٽ قلعا کڙا ڪيا ويا آهن، خلقڻهار جي تلاش هن لاءِ موجوده دور ۾ وڏي ۾ وڏو ڏوهه ٿي پيئي آهي، ۽ هو ان ڏوهه جي سزا اڪيلائيءَ ۾ ڪاٽي رهيو آهي.

        سوچيو هيم، مهاڳ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا جي هڪ باب جو حوالو ڏيند سجنهن ۾ ٻارنهن سال اڳ ملهايل منهنجي گولڊن جوبليءَ جو ذڪر آيو آهي. ٻارنهن سال اڳ ڪجهه دوست ضد ٻڌي بيٺا. چيائون پنجاهه سالن جو ٿيو آهين، تنهنجي گولڊن جوبلي ملهائينداسين، ڏاڍو سمجهايو مان، ايلاز ڪيامان ته يِر ائين نه ڪريو. مون کي ڏٺو نه ڪريو. مون ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا آهن جو منهنجي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيو. مون قابل ذڪر ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي. مون ڪنهن پدمڻيءَ سان پيار نه ڪيو آهي. مون ڦرندڙ مڇيءَ جي اک ۾ تير نه هنيو آهي. مون بهارن بدران خزائن کي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. منهنجي گولڊن جوبلي نه ملهايو پر جيڪڏهن بضد آهيو ۽ ملهائڻ ئي چاهيو ٿا ته پوءِ گولڊن جوبليءَ بدران منهنجي پتل جوبلي ملهايو، بلڪه ٺڪر جوبلي ملهايو - ٺڪر به اهڙي ڀڳل بدني، يعني ڪؤنري جو جنهن کي پائخاني ۾ استعمال ڪبو آهي.

        دوست زور آور! نه مڙيا، ٻارنهن سال اڳ جي ڳالهه آهي، منهنجي گولڊن جوبلي ملهائي هئائون. ان ڏينهن مون گريبان چاڪ ڪري، ڪشڪول کڻي دنيا جي ڀريل بازار ۾ پنيو هو ۽ پنهنجو منهن اڇو ڪيو هو.

        آتم ڪٿا جو باب طويل هو. تنهن ڪري باب کي مهاڳ ۾ شامل ڪرڻ مون مناسب نه سمجهيو. مان اڃان تائين فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان، ته نئين ايڊيشن جي مهاڳ ۾ ڇا لکان! بهتر آهي ته ڪجهه نه لکان!

        هڪ فڪر حياتي جو حصو ٿي پيو آهي. سوچيندو آهيان، اڄ تائين مون جنهن جي لاءِ لکيو آهي، تنهن مون کي پڙهڻ ڇڏي ته نه ڏنو آهي.

 

Amar Jaleel

1311.gali-12،

1-10/2 Islamabad

امر جليل

8 ڊسمبر 1998ع

 

 

مهاڳ جو ڏهاڳ

پيش لفظ

 

        ”لکڻ ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا؟" اڪثر دوستن ۽ مهربان پڙهندڙن مون کان پڇيو آهي.

        ان قسم جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي گهڻو اڳ چيو هوم!"بيمقصد ۽ بي معنيٰ زندگيءَ کي مفهوم ڏيڻ لاءِ مان لکندو آهيان. ان کان سواءِ مون وٽ زندگي گذارڻ جو ٻيو ڪو مناسب سبب نه آهي."

        زندگيءَ جو نالو، موت جو مسلسل انتظار آهي. ذري گهٽ پوڙهو ٿي ويو آهيان، پر مان، زندگيءَ لاءِ ڪوبه مقصد ۽ ڪابه معنيٰ تلاش ڪري نه سگهيو آهيان. اهوئي سبب آهي جو مون موت جي پاڇي ۾ ويهڻ ۽ لکڻ قبول ڪيو آهي.لکڻ کان سواءِ مان ڪجهه به ڪري نه سگهيو آهيان. "جيڏانهن پورب پنڌ، تيڏانهن آءُ نه وڃڻو، هيءُ هنن جو هنڌ، منهنجو هنڌ هنگلاج ۾."

جنهن ڏينهن زندگيءَ لاءِ ڪا معنيٰ ۽ ڪو مقصد تلاش ڪري وٺندس، تنهن ڏينهن لکڻ ڇڏي ڏيندس ۽ خودڪشي ڪندس. اهو طئه ٿيل آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جو رومانوي وڌاءُ نه آهي.

        سموري تاريخ انسان ذات جي تماشي جو دستاويز آهي. هر نئين سوچ، پراڻي ڪنهن سوچ جي محتاج آهي. هر نئين اڏاوت، پراڻي ڪنهن اڏاوت جي بنيادن تي بيٺل آهي. هر ايجاد انسان جي لاڳيتي تجسس جو نتيجو آهي پر موت جي اٽل موجودگيءَ ۾ انسان جو هر عمل مضحڪه خيز آهي. پنهنجي مضحڪه خيزيءَ کي انسان مختلف روپ ۽ نالا ڏيئي ڇڏيا آهن.

        چنڊ ڏاڍو ڪوجهو، ۽ بي رونق آهي. اِها ڄاڻ دنيا جي هر نيل آرمس اسٽرانگ لاءِ سانحو آهي، پر منهنجي لا”. چنڊ منهنجي لاءِ حسين آهي، خوبصورت آهي، من موهيندڙ آهي، ڇو جو مون ڪيپ ڪينيڊيءَ وٽان راڪيٽ ۾ سوار ٿي، چنڊ جي لازوال حسن تي ڪاهه نه ڪئي آهي. مون چنڊ کي جدائيءَ جي آسمانن تي، پاڻ کان ۽ پنهنجي پهچ کان پري، چمڪندي ڏٺو آهي: تنهن ڪري چنڊ مون کي هميشه وڻندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته چوڏهينءَ جي رات مان ڏاڍو اُداس، ۽ ويڳاڻو ٿي پوندو آهيان، ۽ سمورو آسمان مون کي ريگستان وانگر پـُـراسرار نظر ايندو آهي.

        ڪئميرا جو لينس آرٽسٽ جي برش ۽ ليکڪ جي قلم جو نعم البدل نه آهي. ڪئميرا جي لينس پٺيان اپرچر، شٽر اسپيڊ جا اوزار ڪم ڪندا آهن. آرٽسٽ جو برش ۽ ليکڪ جو قلم حساس ذهن جي تخليقي عمل جي ترجماني ڪندا آهن. اذيتن جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ صادقين اهڙي انسان کي ڪينواس تي منتقل ڪيو آهي، جنهن جي جسم مان ٿوهر ڦٽي نڪتو آهي.

ٻٻرن ٻير ڏنا آهن. هينئر اها خبر پراڻي ٿي چڪي آهي. عزتِ نفس جي جاءِ ڊپلوميسيءَ والاري ورتي آهي، پبلڪ رليشننگ جو وچڙندڙ مرض اديبن ۾ ڪاهي پيو آهي. سؤ سالن واري ذلت جي زندگيءَ کان سٺ ڏيهاڙن واري فاقه ڪشيءَ جي زندگي بهتر آهي. پر، جيئن ته آپگهات اسان لاءِ حرام آهي، تنهنڪري اسان عزت جي موت تي ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي.

        هن ڪتاب جي باري ۾ مون کي نه ڪا خوشفهمي آهي، ۽ نه ڪا غلطفهمي. هيءُ ڪتاب لکي مون نه ادب جي خدمت ڪئي آهي ۽ نه ڪنهن جو قرض چڪايو آهي. هن ڪتاب ذريعي نه سنڌي ادب ۾ ڪو اضافو ٿيندو، ۽ نه ئي سنڌي ادب کي ڪو ”موڙ“ ملندو. سڀ ڪجهه پنهنجي روش تي هلندو رهندو، ۽ مان پنهنجي ساءِ لکندو رهندس، ۽ خوابن لاءِ تعبير تلاش ڪندو رهندس.

        منهنجين ڪهاڻين ۾ اقتصادي ۽ معاشي علم جا اصول ڏنل نه آهن. تنهن ڪري منهنجيون ڪهاڻيون پڙهڻ جي باوجود ماڻهو بنا علاج جي اسپتالن ٻاهران فٽ پاٿن تي مرندا رهندا، ٻارَ بک ۾ پاهه ٿيندا رهندا، ۽ اَجهي لاءِ عورتون بگهڙن جي واعدن تي اعتبار ڪنديون رهنديون.

        منهنجين ڪهاڻين ۾ فقط انهن چاهتن جو ذڪر آهي، جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نه آهي. مان بنيادي طرح، ذهني طرح، ۽ جذباتي طرح غير معمولي محبتن جو امين آهيان. ڪـُـل جڳ ۾ عشق جو اوتار، سچل سرمست منهنجو مرشد آهي.

        هن مجموعي ۾ منهنجي پسنديده ۽ نمائنده ڪهاڻي ”پڙلاءُ“ آهي جيڪا مون اڄ کان پندرهن- سورهن سال اڳ لکي هئي. اسان جو معاشرو ڏاڍيءَ بيدرديءَ ۽ مستقل مزاجيءَ سان ساڳئي محور تي بيٺل آهي. گذريل ويهن- ٻاويهن سالن کان، جڏهن کان مان لکي رهيو آهيان، ڪجهه نه بدليو آهي- فقط باٽا جي بوٽن، سئنيما جي ٽڪيٽن ۽ مانيءَ جي قيمت وڌي ويئي آهي. انسان جي عزت، انسان جي احترام، ۽ انسان جي رت جي قيمت ڪـِـري پيئي آهي. ساجن، شامو، ۽ اياز جو الميو ساڳيو آهي.

        اوهان کي اِهو پڙهي خوشي ٿيندي (يا ڏک) ته هن ڪتاب جي مهورت يا رونمائي وغيره نه ٿيندي. هيءُ ڪتاب اوهان کي دڪانن کانسواءِ ڪٻاڙين وٽان، ۽ فوٽ پاٿ تان به ملي سگهندو. هن ڪتاب جي قيمت ۾ اُن پيسٽريءَ جي قيمت شامل نه آهي، جيڪا اوهان نه کاڌي آهي.

 

شعبو، ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد.

 

امر جليل

پهرين مارچ 1983ع

 

 

 

 

مٽيءَ جا ماڻهو

]هڪ دفعي توکي چيو هوم، ته مان ويراڳ مان موٽي ايندس،

۽ توسان پنهنجي بيپناهه محبت جي تجديد ڪندس. مان موٽي

آيو آهيان.[

 

        جمعي جو ڏينهن هو. صبح جو وقت هو. مان موڳي مغز سان اخبارن جا صفحا ڏسي رهيو هوس. سموري رات مون خواب ۾ پاڻ کي اُڏامندي ڏٺو هو. صبح جو اُٿيس ته مٿو جائيتو نه هو. اخبارن جي رنگين صفحن تي ڏنڊن مشٽنڊن پهلوانن، بدمعاشن، چورن، ڦورن، قاتلن، ڌاڙيلن، دانشورن، سڌن سياستدانن ۽ اَڻ سڌن سياستدانن جا رنگين فوٽا ڏسي مان الله سائينءَ جي قدرت جو قائل ٿي رهيو هوس. جڏهن کان عورتن جي ناپاڪ فوٽن کان اخبارن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آهي، تڏهن کان نهايت ڀوائتن ۽ هيبتناڪ مردن جا رنگين فوٽا اخبارن جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.

        مان غور سان هڪ نهايت خوفناڪ ۽ خبيث پوڙهي ٺوڙي جي تصوير ڏسي رهيو هوس، جنهن اَسي سالن جي عمر ۾ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. اخبار جي صفحن تان ڪنوار جي تصوير غائب هئي، ۽ پوڙهي گهوٽ جي تصوير نمايان هئي، جنهن پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار، ۽ ڪياڙيءَ تي ڇڏيل وارن جي جهـَـتَ ڪنهن ظالم جي دل وانگر خضاب سان ڪاري ڪاري ڇڏي هئي. اُن وقت اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو.

        مون چيني کي چيو، ”يار چينا، سمجهان ٿو، پاڙي وارا قرض جي وصولي ڪرڻ آيا آهن.“

        چينو مٽيءَ جا ماڻهو ٺاهي رهيو هو. پڇيائين، ”در کوليان ڇا؟“

        ”هڪ ٽيليويزن ڊرامي جا پيسا مليا آهن.“ چيم، ”در کولي ڇڏ، اڄ قرض لاهينداسين، ۽ ڪجهه يارن کي قرضن ۾ مبتلا ڪنداسين.“

        چيني چيو، ”ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ فـِـٽ ڪري هڪ منٽ ۾ در ٿو کوليان.“

        چينو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. ڏهن سالن جو آهي. بيحد ذهين آهي. ڏک سک ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي آهي. مون کي ملول ٿيڻ نه ڏيندو آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت چيني لاءِ ڏاڍو اُداس ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته چينو هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي ذهانت سبب مارجي ويندو. اسان جو معاشرو سطحي سوچ وارن لاءِ نهايت موزون ۽ مناسب معاشرو آهي. اسان جي معاشري ۾ ذهين ذهن لاءِ ملامت ۽ موت کان سواءِ ڪجهه نه آهي. ڪجهه عرصي کان چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لڳو آهي. سندس ٺاهيل ماڻهو مائيڪل اينجيلو ۽ شاڪر عليءَ جي ٺاهيل ماڻهن کان مختلف هوندا آهن.

        ٻيهر در کڙڪيو.

        چيني ماڻهوءَ جو منهن نڪ بنا ڇڏي ڏنو. ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئس. ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيائين، ”ٽينا جو پيءُ هوندو. راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي آيو هوندو.“

        ٽينا ۽ ٽينا جو پيءُ اسان جا پاڙيسري آهن. ٽينا هڪ پرائيويٽ فرم ۾ اسٽينو گرافر آهي. وچولي قد بت واري سانوري سلوڻي ڇوڪري آهي، ۽ ڏاڍي سٺي آواز ۽ انداز سان ڳالهائيندي آهي. سندس پيءُ وڪٽر ڊسوزا رٽائرڊ ريلوي گارڊ آهي. پنهنجي وقت جو مشهور ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي. جوانيءَ ۾ ڪراچي ڪرسچين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو، ۽ تمام تيز بالنگ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر تي پارٽيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽينا جي فرم جا ملازم شامل ٿيندا آهن، ۽ رات جو دير تائين هـُـل هنگامو ڪندا آهن. صبح جو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ٽينا جو پيءُ وڪٽر ڊسوزا راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي اسان وٽ ايندو آهي. هـُـل هنگامي لاءِ معذرت ڪندو آهي ۽ صبح جو چانهه اسان سان پيئندو آهي. وڪٽر ڊسوزا جي چيني سان پڪي دوستي آهي. هو چيني کي مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لاءِ طرحين طرحين جون صلاحيتون ۽ مشورا ڏيندو آهي. هو چيني کي چوندو آهي، ”ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ٺاهيندو ڪر، جن کي منهن تي ڪنن بدران سوئر جا وَڄ هجن.“

        چيني در کوليو. در ٻاهران وڪٽر ڊسوزا بدران اسان جو ٻيو پاڙيسري سومار چانڊيو بيٺو هو. در مان مون کي اڱڻ ۾ اخبار پڙهندي ڏٺائين ته هڪدم اندر هليو آيو. سهڪي رهيو هو. ان کان اڳ جو کانئس حال احوال وٺان، سومار چانڊئي چيو، ”ولوءَ جو وري مغز خراب ٿي پيو آهي. کيس کٽ سان ٻڌي هيڏانهن آيو آهيان.“

        پڇيومانس،”دورو پيو اٿس ڇا؟“

        روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ”ها.“

        سومار چانڊيو هڪ سرڪاري آفيس ۾ پٽيوالو آهي. سندس وڏو پٽ ولو ميٽرڪ جو شاگرد آهي. ڏينهن جو اسڪول ويندو آهي، ۽ رات جو هڪ واشنگ واري جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته ولو يا ته اَڌ چريو آهي، يا مٿس جن ڀوت جو اثر آهي. پر، ولو اسان کي چريو نه لڳندو آهي. هو اسڪول جو سٺو شاگرد آهي، ۽ اسڪول جي والي بال ٽيم جو ميمبر آهي. بس، ڪنهن ڪنهن وقت دورو پوندو اٿس. سڄو جسم اول ڪنبڻ لڳندو اٿس، ۽ پوءِ پگهر ۾ شم ٿي ويندو اٿس. اهڙي ڪيفيت ۾ هو گهر کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ فقط هڪ جملو ورجائي وات مان ڪڍندو آهي، ”مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“

        مائٽ مٽ ڏاڍو سمجهائيندا اٿس ته بابلا، سچ ڳالهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي، ۽ هونءَ به اسان مسڪين جو ڀلا سچ سان ڪهڙو واسطو- ڇو ٿو سچ جو نالو کڻي اسان سڀني کي مصيبت ۾ وجهين.

        پر، دوري دوران ولوءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو آهي. هڪ ئي وائي وات هوندي اٿس، ته مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو، مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.

        سومار چانڊئي کي ڪجهه سياڻن صلاح ڏني هئي، ته پنهنجي پٽ جو علاج ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن جمعي خان کان ڪرا”- مغز ۽ ميڄالن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، ۽ مٿي مان خلل ڪڍي ڇڏيندو آهي. سومار چانڊئي حامي ڀري هئي. پر پو”، جڏهن ڊاڪٽر جمعي خان جي في ۽ جناح اسپتال جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جي ڪل پيس، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين، ”ايندڙ هڪ صديءَ ۾ به مان پنهنجي پٽ جو علاج ڪنهن اسپيشلسٽ کان ڪرائي نه سگهندس.“

        ولوءَ ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن جي مون سان ڀائپي آهي. هو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهندا آهن، ۽ مان هنن جي ڳالهه سمجهي سگهندو آهيان. منهنجي جيڪڏهن شادي ڪيل هجي ها، ۽ مون کي پنهنجا ٻار هجن ها، ته هو پاڙي جي ڪيترن ٻارن کان عمر ۾ وڏا هجن ها. تنهن هوندي به ٻارڙا مون کي ”ادا وڏو“ ڪري سڏيندا آهن. ولو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو آهي. چيني سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي. مان هجان ته مون کي، يا چيني کي پنهنجي گهر وٺي ويندو آهي. اسين ولوءَ کي پرچائي، سمجهائي پاڻ سان پنهنجي گهر وٺي ايندا آهيون. پو”، جڏهن سامت ۾ ايندو آهي، تڏهن کيس گهر ڇڏي ايندا آهيون.

        هيءَ جنهن جمعي جي ڳالهه آهي، تنهن ڏينهن سومار چانڊيو وڌيڪ پريشان نظر آيو، چيائين، ”کٽ جي پائي سان مٿو هڻي، مٿو پاڙي وڌو اٿائين، رت ٺينڊيون ڪري پيو وهيس، پر پٽي ٻڌڻ نٿو ڏئي.“

        ڏنڊن ڏوٽن مشٽنڊن مردن جي هيبتناڪ تصويرن سان سينگاريل اخبارون کٽ تي رکي، مان سومار چانڊئي سان گڏ سندس گهر ويس.

        ولو کٽ سان ٻڌو پيو هو. نرڙ مان رت وهي رهيو هوس. رڙ مٿان رڙ پئي ڪيائين، ”مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“

        مون تي نظر پيس ته ماٺ ٿي ويو. مان سندس پاسي کان ويهي رهيس. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ”ڏسين ٿو نه ادا وڏا. مون کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون.“

        سندس رسيون کوليندي چيم، ”غلط ڪيو اٿائون، منهنجا پٽ، منهنجا ٻچڙا.“

        مون ولوءَ کي رسين کان آزاد ڪيو. هو پنهنجو رت هاڻو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي سڏڪڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو، ”مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.“

        سندس نرڙ تان رت اُگهندي چيم، ”ان باري ۾ پاڻ چيني سان هلي صلاح ڪنداسين. جيڪڏهن چيني صلاح ڏني، ته پوءِ توکي چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڏبي، ۽ پوءِ توکي سچ ڳالهائڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو.“

        ولوءَ کي مٿي تي پٽي ٻڌي مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس. چينو ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ لڳائڻ ۾ اڃا ڪامياب نه ٿيو هو. ولوءَ جي مٿي تي پٽي ڏسي چيني ولوءَ کان پڇيو، ”مٿي مان ميڄالو ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪيئه ڇا؟“

        ولوءَ جي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.

        مون چيني کي چيو، ”هيءُ اسان جو سنگتي، ولو، چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي.“

        چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. سوچ ۾ گم ٿي ويو. اسان سڀني محسوس ڪيو آهي ته چينو پنهنجي طبعي عمر کان تمام گهڻو ذهين آهي. سنڌوءَ هڪ دفعي چيو هو، ”چيني جي روپ ۾ ڪنهن ذهين يوناني ديوتا ٻيهر جنم ورتو آهي.“

        چيني ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”مان وتائي فقير جو وارث آهيان.“

سنڌوءَ اُٿي کيس پيار ڪيو هو. پوءَ هوءَ جڏهن هلي ويئي هئي، تڏهن چيني مون کي چيو هو، ”سنڌو تنهنجي لاءِ ميري هيسڪل آهي. هوءَ تنهنجي هڪ هڪ تحرير تي حاوي رهندي. پر، خليل جبران ۽ ميري هيسڪل وانگر توهان ٻنهي جي به پاڻ ۾ شادي ٿي نه سگهندي.“

        مون کي لڳندو آهي ته چينو اڻ لکيل تاريخ جي آئيني ۾ ڏسي سگهندو آهي. هو ايندڙ وقت جو امين آهي. هن هڪ دفعو ولوءَ کي چيو هو، ”تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين! ڇا جي باري ۾- ڌرتيءَ جي باري ۾، آسمان جي باري ۾، انسان جي باري، عقيدي جي باري، محبت جي باري ۾، زندگيءَ جي باري ۾، موت جي باري ۾- تون ڇاجي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين!“

        تڏهن ولو منجهي پيو هو. وائڙو ٿي ويو هو.

        گذريل جمعي تي چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. ڪجهه دير تائين ولوءَ ڏانهن ڏسندو رهيو.

        ”ڏسينس ڇا ٿو!“ چيم، ”ولو چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي.“

        چينو ڳوٿل مٽي ۽ اَڌ ٺهيل مجسمن ڏانهن هليو ويو.

        نڪ بنا ماڻهوءَ جو مجسمو کڻي آيو. نڪ بنا ماڻهو ڏاڍو عجيب پئي لڳو.

        ”تون، مان ۽ ادا چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائي نه سگهنداسين. اسان لاءِ سچ ڳالهائڻ جو دؤر گذري ويو.“ چيني مٽيءَ جي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هن ماڻهوءَ جي منهن تي جڏهن نڪ لڳي ويندو، تڏهن هيءُ ماڻهو چونڪ تي بيهي اسان سڀني پاران سچ ڳالهائي سگهندو.“

        چيني جو آخري جملو ٻڌي مون کي پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. مون ڊڄندي ڊڄندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس ڏانهن ڏٺو- پڪ ڪرڻ لا”، ته منهنجي منهن تي نڪ آهي، يا نه آهي!

 

صدين جو سوداءُ

        تلڪ چاڙهي، ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ روز شام جو هڪ بيحد سهڻي ڇوڪري اچي بيهندي آهي. نئين وڳي ۾ هوءَ روزانو اتي اچي بيهندي آهي - ساڳيءَ جاءِ وٽ، ساڳي هنڌ تي، نه هڪ وک هيڏانهن، نه هڪ وک هوڏانهن. ائين بيهندي، ڀانءِ ته ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي.

        مان يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران فٽ پاٿ تي ٺهيل ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهن لاڳيتو ڏسندو رهندو آهيان. هوءَ مون کي ائين انتظار ڪندي، ڏاڍي وڻندي آهي. هوءَ، منهنجي وجود کان بيخبر، روزانو ساڳئي هنڌ اچي بيهندي آهي. هوءَ ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي اتي بيهندي آهي، ۽ مان به ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي پنهنجي جاءِ تان ڏانهنس لاڳيتو ڏسندو رهيو آهيان. ڀانءِ ته ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي! هوءَ ڪالهه به اتي ئي بيٺي آهي. هوءَ اڄ به اتيئي بيٺي آهي. سڀاڻي به هوءَ اتي ئي بيٺي هوندي. وقت وڌي ويندو آهي. وڇوٽيون قائم رهنديون آهن.

        سڀاڻي شام جو هوءَ جڏهن تلڪ چاڙهيءَ ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ اچي بيهندي، تڏهن سوچيان ٿو، مان يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهن لاڳيتو نه ڏسندس، مان فٽ پاٿ تي ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي نه بيهندس. منهنجي جاءِ ٻيو ڪو اچي والاريندو. هوءَ پنهنجي جاءِ تي موجود هوندي. منهنجيءَ جاءِ تي ٻيو ڪو، ممڪن آهي توهان منجهان ڪو ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي کيس لاڳيتو ڏسندو. اتي مان نه هوندس. مون ڪيفي جارج جي ٻن آن واري چالو چانهه پيتي آهي.

        ڪالهه جڏهن مان ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس، ۽ لاڳيتو ڏانهن ڏسي رهيو هوس، تڏهن هن هٿ سان مون کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڏنو هو. مان خوش ٿيو هوس، ۽ خوش ٿي ڏانهن وڌي ويو هوس. هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڏامر جو رستو هو، ۽ رستي تي بدحواسيءَ سان ڊوڙندڙ موٽرن، بسن، رڪشائن ۽ ٽيڪسين جو سلسلو هو. وچ رستي هڪ آڙيڪاپ وڏيري جي چلڪندڙ شورليٽ موٽر هيٺان مرندي مرندي بچيس. هر اُها موٽر جنهن ۾ وڌيڪ گوڙ ڪندڙ هارن لڳل هوندو آهي، سا موٽر گهڻو ڪري ڪنهن آڙيڪاپ وڏيري جي هوندي آهي. موٽر کي بريڪ هڻي بيهارڻ کانپو”، موٽر جي مالڪ مون کي خوفناڪ گار ڏيندي چيو، ”مان هن وقت هوٽل اورئينٽ ۾ ڊنر تي پيو وڃان. واندڪائي هجي ها ته جيڪر کلا ٺوڪيانءِ ها. ڀـَـڄ، بخشيانءِ ٿو.“

        سندس ڀوائتيون مڇون ڏسندي، ۽ ٻئي هٿ جوڙيندي، کيس عرض ڪيم، ”يا سخي، سنڌ جا سرتاج تنهنجي مهرباني جو مون صدين جي مسڪين جي جان بخشي اٿئي.“

        هو مون کي هلڪڙي گار ڏيئي هليو ويو.

        مان رستو لنگهي تلڪ چاڙهي ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ پهتس.

        هوءَ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. جڏهن ويجهو پهتم، تڏهن پڇيائين، ”موٽر ۾ ڪير هو؟“

        ”اڙي! تون نه سڃاڻينس؟“

        ”نه.“

”تعجب آهي.“ چيم، ”صدين کان تون ۽ مان، هن رستي جي ڪنارن سان، هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا آهيون، ۽ هو صدين کان اسان آڏو لنگهندو رهيو آهي. ڪمال آهي، تڏهن به تون کيس نه ٿي سڃاڻين!“

        ”نه.“ چيائين، ”مان کيس نه ٿي سڃاڻان.“

        ”اسان جو سائين هو، سائين.“ چيم، ”سنڌ جي عظمت جو زندهه مثال! اسان جا ڏک سور هر دؤر ۾ حڪومت جي ڪن تائين پهچائيندو آهي. ڪڏهن ايم. پي. اي ٿيندو آهي، ۽ ڪڏهن ايم. اين. اي.“

        ”پڇيائين، ”“ تون ڪير آهين؟“

        چيم، ”مان ماڻهو آهيان.“

        ”اوهه! مون سمجهيو هو، شايد پوليس وارو آهين.“ سـُـکَ جو ساهه کڻندي پڇيائين، ”ڇا ڪندو آهين؟“

        ”ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي، صدين کان توکي ڏسندو رهندو آهيان.“

        ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“

        ”وڏيرن کي ووٽ ڏيندو آهيان.“

        ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“

        ”مغزز شڪارين لاءِ ٻوڙن مان تتر اُڏاريندو آهيان.“

        ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“

        ”جڏهن ڪو عزتماب ايندو آهي، تڏهن چار آنا وٺي نعرا هڻندو آهيان.“

        ”ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“

        مان منجهي پيس. هن جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. چيائين، ”ها ها، ٻڌا”. ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“

        شرمائيندي وراڻيم، ”ٻيو پـُـلاءَ پچائيندو آهيان.“

        پڇيائين، پڙهيل آهين؟“

        ”ايم. اي آهيان، پر عقل کان وانجهيل آهيان.“

        ”نوڪري ڪندو آهين؟“

        ”نه.“

        ”ته پوءِ ڇا ڪندو آهين؟“

        ”مان محبت ڪندو آهيان.“ چيم، ”ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي مان توسان محبت ڪندو آهيان.“

        پڇيائين، ”مان ملڪيت اٿئي؟“

        ”ڪنگال آهيان.“ وراڻيم، ”پر دل جي دنيا جو بادشاهه آهيان.“

        هن جواب نه ڏنو، ۽ سوچڻ لڳي. سوچ ۾ گم ٿيڻ کانپوءِ هوءَ وڌيڪ سهڻي نظر اچڻ لڳي.

        چيم، ”سامهون واري مسجد جو مـُـلو منهنجو دوست آهي، ۽ اتفاق سان نڪاح رجسٽرار به آهي.“

        هن پنهنجي پرس مان ٻه آنا ڪڍي منهنجي تريءَ تي رکيا. چيائين، ”ڪيفي جارج تي وڃي هڪ چالو چانهه پيءُ، ۽ ٺلهه وٽ بيهڻ ڇڏي ڏي. تون صدين جو سودائي ٿو ڏسجين.“

        مون ڏک وچان اول ڏانهن، ۽ پوءِ ٻن آنن ڏانهن ڏٺو. ان وقت ساڳئي شورليٽ موٽر موٽي آئي، ۽ اسان ٻنهي وٽ اچي بيٺي. پويون در کوليو، ۽ هوءَ موٽر ۾ ويهي رهي.

        سڀاڻي يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي مان نه بيهندس. منهنجي بدران ٻيو ڪو شخص ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيهندو، ۽ لاڳيتو ان بيحد حسين ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندو رهندو، جيڪا تلڪ چاڙهي، ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ روز شام جو اچي بيهندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com