سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :1

اڇو پکي واءَ ۾

نصير مرزا

جڙ جَنين جي جان ۾، لڳي رِي لهار

       (شاهه)

ارپنا

حفيظ شيخ جي دل گهرئي يار،

شيام ڪمار

۽ پنهنجي محبوب ترين دوست

۽ سنڌي ٻوليءَ جي اسٽائلش

ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار

طارق عالم ابڙي جي نالي

_ نصير مرزا

 

ڪتبو

(حفيظ شيخ جي قبر تي لکيل)

جڏهن روح جا ريلا

ٺري برف ٿي ويندا

تڏهن نه توتي

ميار

نه مون تي ميار

 

ماڻهو منافق ڇو هجي؟ جيڪو جيترو فرينڪ هوندو، اوترو ئي ايماندار هوندو، پنهنجو باطن لڪائڻ وارا منافق هوندا آهن. مان جيڪو سوچيان ٿو ۽ جو ڪجهه به آهيان، پنهنجي سماج ۽ زماني جي پيداوار آهيان.

_ حفيظ شيخ

 

پبلشر جو نوٽ

حفيظ شيخ جو نالو ڪهاڻي ويهڪن ۾ حوالي طور عام جام پيو ايندو هو. پر هُن جي دنيا ۾ پيار ڪرڻ لاءِ ڪو هڪڙو لمحو به نصيب ٿي ڪونه سگهيو هو ۽ مون وانگر ادب جي دنيا سان سلهاڙيل سوين دوست پڻ حفيظ شيخ جي دنيا ۾ پيار ڪرڻ کان محروم پئي رهيا آهن. هوند اڃا به ايئن ئي ڪن ۽ ڪياڙي لڪائيندي هن هيڏي انوکي ۽ انيڪ رنگن سان سلهاڙيل هن شخصيت جي دنيا مان پسار کان محروم رهجي وڃون ها، جي مانوارو دوست نصير مرزا سائي فائيل ۾ بند هن ڪتاب جو مسودو ڏيکاريندي ايئن نه چوي ها ته. ”انعام! هي ڪتاب، سنڌيءَ جي تمام وڏي ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ڪهاڻي جي اوائلي ٽه مورتي جمال ابڙو، غلام رباني آڱرو جي جوڙ جي ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جي فن، فڪر ۽ شخصيت متعلق آهي“

        ڪتاب جيئن جيئن ڇپائيءَ جا مرحلا طئي ڪندو اچي منهنجي هٿن تائين پهتو ته حيرانگيءَ جا هزارين در ڌڙام سان کلي پيا ۽ مان ڪنڌ جهڪائي سوچڻ لڳس ته:“هي ڇا؟ هي ته ڏاڏي عاليشان ماڻهوءَ جو ڏاڍو ئي املهه فن ڪم آهي“ اهو سوچيندي سرهائيءَ جا انيڪ رنگ منهنجي مُک تي مڙي آيا، ڇو ته پهريون ڀيرو مان سنڌي ادب جو هڪڙو شاهڪار ڪتاب پڌرو ڪري رهيو هوس ۽ ان نئين انڪشاف کان پوءِ ته ڄڻ هڪ هوڏ ۽ نئون جنون اچي منهنجي اندر ۾ ويٺو. جيڪو ڪتاب پڌري ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه ڏينهن وڌيڪ وٺي ها. سو ڏاڏي ڦڙتيءَ سان پنهنجا سمورا مرحلا طئي ڪري ترت پڌرو ٿي پيو.

        ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪي به ڏکيائون سامهون نه آيون، سمورا مرحلا ڏاڍي سهنج سان طئي ڪياسين.

        ڪا به ڳڻتي ۽ اڻتڻ باقي نه آهي بس هڪ آشا آهي، ”شل اسان جو هي پورهيو اوهان جي دل ۽ دماغ ۾ بهار جو پهروين گلُ بڻجي ٽڙي پوي“

ادارو اوهان جي راءِ جو منتظر رهندو_

 انعام عباسي

  

مهاڳ

اڇو پکي واءَ ۾

 

۽ ڪنهن ڏينهن اُن ڪنڊ ۾، ڪَنُ لائي جو ويهي ٻُڌان ته_

شايد! هُن جي ويندڙ قدمن جي آهٽ_ ڪنائي سگهان ٿو

        حفيظ شيخ منهنجي جنم سال کان ٻه سال اڳ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ منهنجي ليکڪ ۽ شاعر بنجڻ کان ٽي سال اڳ، پرلوڪ پڌاري حيدرآباد ڪينٽ جي ”اُميدن ڀرئي واري قبرستان“ جي ڪنهن نامعلوم قبر ۾ وڃي آرامي ٿيو هو. مون کي ياد آهي ته، پنهنجي ادبي ڪتابن جي مطالعي وارن، ابتدائي ورهين ۾ مون زندگيءَ جا ڪيئي پل، ڪيئي لمحا، هُن جي ڪهاڻين جي سنگت ۾ به گذاريا هئا ۽ سندس ڪهاڻيون پڙهندي دل ڪيڏو نه چاهيندي هئي ته: ”ڪاش! حفيظ جهڙي منفرد شخص سان مکا ميلو ٿي سگهي ها! خير... منهنجي خواهش جي شدت تي اوچتو هڪ ڏينهن، هُن سان منهنجي هيلو هاءِ بيٺي پير ٿي لئي وئي ۽ حفيظ سان منهنجي ان اوچتي ملاقات جو مذڪور به عجيب آهي. مان ڇوٽڪي گهٽيءَ جي ڪناري سان، ردي ڪتابن واري ريڙهي کي ڦلهوري رهيو هئس ته، اچانڪ منهنجون اکيون هن جي اُن تصوير وارين اکين سان چار ٿي ويون، جيڪا رسالي ’اڳتي قدم‘ جي ”حفيظ شيخ“ نمبر تي، ٽائيٽل طور ڏنل هئي. ڄاتم به پئي ته، اڃان محض ”شاگرد“ آهيان، ڪنگلو آهيان. کيسو خالي اٿم، پر تڏهن به خدا ڄاڻي ٿو. اُها تصوير، اڌ قيمت تي ئي سهي، اُن رسالي کي خريد ڪرڻ لاءِ بيحد اتساهي رهي هئم. هڪ دفعو ٻيهر ڪتاب جي ٽائيٽل تي حسرت ڀري نگاهه وجهندي، مون حفيظ جي اکين ۾ گهورُ وجهي ڏٺو ته، تصوير (تصوّر ۾) جهڙوڪر رڙ ڪري ڇڙٻَ ڏنم: ”اڙي ڄٽَ! جن ڪونه آهيان جو اِئينءَ پيو گهورين! حفيظ آهيان: حفيظ شيخ! ڏيکار هٿ جي صفائي .... گهٻراءِ نه. وڌاءِ هٿ ۽ کڻ مون کي، توسان گڏ آهيان.“

        ياد اٿم. اُن ڏينهن، ڇوٽڪي گهٽي لتاڙي، ڪنهن ”ٻاڪڙا“ هوٽل تي ويهي، اُن چورايل حفيظ شيخ نمبر سان، اڳتي قدم جي صفحن تي ڪيئن نه دل کولي ويهي ڪچهريون ڪيون هئم. خير هن ڪتاب ۾ ان ”حفيظ نمبر“ وارا سڀ مضمون ته شامل ئي آهن، پر ان کانسواءِ به، حفيظ کي مون سندس انتهائي ذاتي دوستن، ڀيڻن ۽ ڀيڻيون جي يادن مان ڊسڪورَ ڪري، هن ڪتاب جي فريم ۾ منعڪس ڪيو آهي. هونئن هي ڪليڪشن هڪ لحاظ کان حفيظ تي محض منهنجو ”هوم ورڪ“ آهي. پر ڇا، هي سڀ ڪجهه ربط ۾ به آهي يا بي ربط، اُن کي Avoid ڪندي مان هن ڪتاب جي ڊسڪس رڳو اهوئي ڪري سگهيو آهيان ته. هُنِ جي هٿ تريءَ جي ريکائن، هن کي ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪهڙن ڪشٽن ۽ ڪشالن مان ڪڍي، ”حفيظ شيخ“ يعني سنڌي ٻوليءَ جو جُرئتمند ۽ منفرد ڪهاڻيڪار بنائي ڇڏيو هو.

ته هئه پاٺڪو!

۽ هَئه سڄڻو!

        مان نه محقق آهيان، نه مجاور، نه نقاد، نه اوتار. ۽ نه ئي هي ڪتاب ڪو منهنجو تحقيقي پيپر آهي. صرف حفيظ سان منهنجي محبت جو اظهار آهي ۽ بس. نادر بيگ مرزا کانپوءِ چاهيم پئي ته، ڇو نه هي ڪم به هلندي گهمندي ڪري ئي وٺان، سو ڪري ورتم ڪيڏو اڀاڳو آهيان مان، جو سنڌي ڪهاڻي جي انهن ٻنهي Legends جي يُگ ۾ موجودڪونه هئس ۽ شايد ڪن ٻين جي يُگ ۾ وري هي ناچيز به ڪونه هوندو جو وقت جي اٽل قانون به ته اهوئي آهي) شايد هن ڪم کي مان ايڏو سولائيءَ سان اُڪلائي نه سگهان ها، جي منهنجا محبوب دوست بيدل مسرور، طارق عالم ابڙو، ادل سومرو، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر رميش ڪمار رامناڻي، ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي، غلام محمد ميمڻ عرف”ميجر“، ماجد صديقي هن ڪتاب جو نوجوان پبلشر انعام عباسي ۽ منهنجي گهر واراي دردانه، مون سان سهڪار نه ڪن ها. ... ته مون چيو پئي ته هي سڀ اُهي نالا، چهرا ۽ اُهي دروازا آهن، جن مان لنگهي مان حفيظ جي هنن لکڻين تائين آسانيءَ سان پهتو آهيان، ۽ جن تائين هونئن سولائيءَ سان پهچڻ، شايد منهنجي وس ۾ ڪونه هو.

        خير. اِن اڪيڊمڪ بيان کي اتي ڇڏيان ٿو، جو اڳتي اوهان کي اُهو خط پڙهڻو آهي، جيڪو ”حفيظ شيخ مرحوم“ کي اُميدن ڀرئي واري قبرستان“ ڪينٽونمينٽ حيدرآباد جي ڏس پتي تي، سندس نامعلوم آخري آرام گاهه ڏانهن پوسٽ ڪرڻ لاءِ هن ناچيز تازو ڊرافٽ ڪيو آهي.

        السلام عليڪم

        يا اهل القُبور، پيارا حفيظ!

        ڪجهه سالن کان اوهان بابت ڪتاب: ”اڇو پکي واءَ ۾“ کي سهيڙيندي، سوچيندو پيو هئس ته، توهان جي زندگيءَ جي چهري تان نقاب کڻڻ جو آخر ڪهڙو آڌيڪار آهي مون کي؟ ۽ اهو ان لاءِ جو، پنهنجي حياتيءَ ۾ توهان لاءِ مان، ۽ مون لاءِ وري اوهان بلڪل Unknown هئا. اوهان کان جي Known هئا ته، صرف اوهان جا ڪجهه گهرا دوست ۽ ڪجهه همعصر ليکڪ، اوهان ضرور اِهو سوچيندا هوندؤ ته، جيڪي اوهان کان known هئا، Close هئا، توهان کي سهڙڻ جو هي ڪم به انهن کي ئي ڪرڻ جڳائي ها. عرض ڪريان ته، افسوس جو اوهان جي يُگَ جي، اُنهن سنگتين وٽ، اوهان جي ادبي پورهئي کي سهيڙڻ لاءِ هن وقت نه دلچسپي آهي ۽ نه فرصت. هي اکر پڙهندي پڪ سان اوهان کي مون لاءِ اهو تجسس به ضرور ٿيندو هوندو ته، هي آهي ڪير نصير مرزا؟ جو نه آهي منهنجو همعصر ۽ نه هم عمر، ڪهڙي خوشيءَ ۾ منهنجون Roots پيو تلاش ڪري ۽ فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪري.

        ان سلسلي ۾ ادب سان عرض ڪريان ته ڪافي سال اڳ ادبي سٽنگس ۾ جڏهن اوهان جي دوستن کان اوهان بابت عجب عجب ڳالهيون چپ چاپ ويٺو ٻڌندو هئس ته، من ئي من ۾ ڪيڏي نه خواهش اپتن پئي ٿيندي هئم ته، ڪاش! مان به اوهان کي هُنن وانگر ڏسي سگهان ها، پر افسوس جو 1 7 9 1 ع جي جنهن صبح جو، خيرپور مان اوهان جي دوست شيام ڪمار جي مدد سان اوهان جي مڙهه کي حيدرآباد آڻي، اميدن ڀرئي واري قبرستان ۾ دفن ڪيو پئي ويو، مان حيدرآباد جي ڪنهن سيڪنڊري اسڪول جي لان تي، رسيس ۾ ”بوهي مڱ“ کائي وقت Pass on ڪري رهيو هئس. ..... خير اها ته منهنجي ٻالڪپڻ جي ڳالهه آهي. پنهنجي ڦوهه جواني ۾، مون کي اوهان کي ڏسڻ ۽ اوهان سان ملڻ جي بيحد خواهش هئي ۽ هاڻي جڏهن اڌ عمر ۾ پهتو آهيان، تڏهن وڃي مس مس اوهان سان گهرائپ پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ هن ڪتاب کي سهيڙڻ جي بهاني، اوهان سان فِري ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي سگهيا آهن.

        اڇا، هاڻي هي مزيدار ڳالهه ٻُڌو: توهان جي ساروڻين کي سهيڙڻ لاءِ جڏهن توهان جي دوستن ۽ عزيزن جي دل جا دروازا وڃي کڙڪايم ته، اُنهن اوهان جا اهڙا اهڙا ته حيرت ۾ وجهندڙ قصا ۽ واقعا کڻي کوليا جو اصل ڏندين آڱريون اچي ويم. خاص ڳالهه هيءَ ته، نياز همايوني صاحب ۽ اوهان جي ڀَيڻيوي ايم. اي. عالماڻيءَ صاحب ڳالهيون ڪندي اوچتو انڪشاف ڪيو ته، ”تمام تر ذهانت جي باوجود اوهان ٿورا ٿورا ڪريڪ به هئا.“ سندن واتان اوهان جي باري ۾ اهي رمارڪس ٻڌي، کل نڪري وئي هئم. دل ۾ چيم: يا عزيزو! اها ڪهڙي نئين ڳالهه پيا ٻڌايو. دنيا جا جينئس ماڻهو ته اڪثر ڪِريڪ ئي هئا. مثال طور روسي ناول نگار دوستو وسڪي، آمريڪي شاعر ايڊگر ايلن پو، ڪهاڻيڪار موپا سان جديد شاعري جو باني رلڪي، فرانسيسي شاعر ”بودليئر“ ۽ ”زان زيني“. اردوءَ جو ڪهاڻيڪار ”مِنٽو“، شاعر ”ميراجي“ ۽ اسان جو هي ”علي بابا“ .....

        ته مون دل ۾ اُن وقت سوچيو پئي ته، ڇا محض ان ڪري اوهان کي اِگنور ڪيو وڃي، جو توهان ٿورا ٿورا ڪريڪ هئا. خير اهو ذڪر ته ائين ئي وچ ۾ اچي ويو. مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته شيخ اياز، خواجه سليم ۽ شيام ڪمار کان وٺي. نور الدين سرڪي، محمد ابراهيم جويي ۽ سائين غلام رباني آگري ۽ ممتاز مرزا تائين اوهين الائي ڪنهن ڪنهن جي يادن ۾ محفوظ آهيو؟ منهنجي ته سورسِز (Sources) مطابق، اوهين جنهن جنهن به ذهن ۾ موجود هئا ۽ اوهان جو مواد جنهن جنهن به لاڪر ۾ محفوظ هئو، اُن کي اُتان هٿ ڪري روشنيءَ ۾ آندو اٿم. ۽ اهو ڪم ان لاءِ ڪيو اٿم، جيئن مستقبل جي محقق کي اوهين هڪ جاءِ تي هٿيڪا ملي سگهو. مان ته ائين به سمجهان ٿو ته، هن وقت هي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پيو هو جو، توهان کانپوءِ ڪئي کيپون سنڌي ادب جي مسند تي ويٺيون ۽ وارا وڄائي، روانيون ٿي چڪيون آهن. توهان جي سلسلي ۾ ته خاص ڪري مون چاهيو پئي ته، سنڌ جي موجوده ذهين ٽهيءَ کي اها خبر ضرور پوڻ کپي ته، توهان ڇا هئا؟ ڪهڙين حالتن ۾ اوهان لکيو؟ ڪهڙي ڪمٽمينٽ سان نڀايو ۽ پاڻ ملهايو هو. بس اِهو سوچي اڄوڪي ۽ ايندڙ نسل جي حافظي ۾ اوهان کي روشن رکڻ لاءِ، هي ڪم سرانجام ڏنو اٿم. شايد توهان سمجهندئو ته ايئن ڪري، مان پاڻ ڏانهن توهان جو ڪو قرض چڪايو آهي، ته ايئن ناهي اِهو منهنجو فرض هو، جنهن کي مون ادب جي هڪ پاٺڪ ناتي، ڪنهن حد تائين نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته اڃان به هن ڪم کي هٿ ۾ نه کڻجي ها ته، اِها نه فقط منهنجي، پر اسان سڀني جي ڪوتاهي ۽ نالائقي شمار ٿئي ها.

        توهان کي ته ياد ئي هوندو ته، منهنجي بيحد پياري ۽ پسنديده دوست بيدل مسرور اوهان جي ڪهاڻي ڪتاب، ساگر جي لهرن تي سهيڙي، وقت جي خزان زده باغن مان اوهان جي ڪهاڻين جون پنکڙيون، پنهنجن پلڪن سان ميڙي، هڪ اهم ڪم ڪري ڏيکاريو هو. ۽ اهو ڪتاب 6 7 9 1 ع ڌاري ادبي اڪيڊميءَ واري اسلم لغاريءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. 1972ع ۾ اوهان جي ياد_ گلاب کي سدا سرهو رکڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي منفرد ۽ جديد ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ، اڳتي قدم جو حفيظ شيخ نمبر ڪڍي، اوهان جي ڏس ۾ يادگار ڪم ڪيو هو. تازو نوجوان ۽ جاکوڙي ليکڪ ناز سنائيءَ اوهان جي زندگيءَ جا وکريل پنا ميڙي ڪتاب ڇپرائي، نهايت شاباس لائق ڪم ڪيو آهي. توهان جي هن ڪتاب لاءِ گهڻو تڻو مواد مون کي دوست بيدل مسرور مهرباني ڪري عنايت ڪيو آهي. فوٽا اوهان جي ننڍي ۽ پسنديده ڀيڻ ادي خديجه شيخ مهيا ڪري ڏنا آهن. ان کانسواءِ اوهان جي شاديءَ کان وٺي ننڍپڻ جي شرارتن تائين هُن ڇا ته مزيدار مزيدار ڳالهيون مون کي ٻڌايون آهن، سي به سڀ، هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ميٺارام هاسٽل واري اوهان جي محبوب دوست خواجه سليم کان اوهان بابت انٽرويو وڃي ورتو هئم، جيڪو پڻ هن ڪتاب ۾ اوهان جي شخصيت جا ڪيئي رخ پڌرا ٿو ڪري. اوهان جي ٻئي اهم دوست شيام ڪمار ۽ سندس لائق فرزند وجه ڪمار پڻ وڏو سهڪار ڪيو آهي ۽ ها! هن ڪتاب لاءِ اوهان جي سهڻي ساٿيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نهايت مٿاهين شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نهايت اعليٰ نثرنگار اوهان جي محبوب ساٿيءَ، غلام رباني آگري صاحب، ڇا ته اوهان جا خوبصورت پورٽريٽ لکي ڏنا آهن. ان لاءِ سندس لک لائق، سوين مهربانيون. ۽ المختصر ته: توهان جي هن ڪتاب کي سهيڙڻ لاءِ، مون ڪو گهڻو ڪم ڪونه ڪيو آهي، ها، ايترو ضرور ڪيو اٿم جو، اوهان جي اڻ ڇپيل ڪهاڻين، خطن ۽ دوستن پاران لکيل اوهان جي يادن جي گلابن کي. هڪ گلدستي ۾ سجائي، اُن کي سنڌي ادب جي ٽيبل تي سجائي سو ضرور رکيو اٿم ۽ هي ڪم مون اوهان لاءِ. اوهان جي محبت ۾ بطور ’والنٽيئر‘ جي ڪيو آهي. صِلي ۾ ڪجهه نه گهرجي مونکي، سواءِ اوهان جي آشيرواد جي. جيڪو اُميد ته ڪنهن ڏينهن خواب ۾ اچي (چپ چاپ اوهين مون کي ضرور ڏيئي ويندا. اِنشاءَ اللّه! چڱو ساٿ سلامت.)

اوهان جو دعاڳو: نصير مرزا

 

عزيزو!

حفظ شيخ ڏانهن منهنجي لکيل خط جو ڊرافٽ اِتي پورو ٿيو

۽ هَئه سڄڻو

هَئهَ پاٺڪو!

        منهنجي قلم جي زبان جو رُخ هاڻي هڪ دفعو ٻيهر اوهان ڏانهن آهي ۽ اُن کان وري، حفيظ جي تربت جي تلاش جو مزيدار مذڪور ٻڌو.

        پتو پيم ته، حيدرآباد ۾ حفيظ جي ڪنٽونمينٽ واري قبرستان ۾ تدفين وقت، سندس دل گهريو دوست ۽ ناميارو شاعر نياز همايوني ڪانڌين ۾ موجود هو ۽ حفيظ جي قبر آڏو ڪتبي طور لکيل مشهور لفظ ’ٽِين جي پتري‘ تي لکرائي، نياز ئي هڻرايا هئا. تڏهن، تربت جي تصوير ڪڍڻ جي خيال سان، مان پنهنجي نوجوان شاعر ۽ فوٽوگرافر دوست زاهد دارا ابڙي جي گاڏي ۾ سوار ٿي، نياز همايوني صاحب کي سندس گاڏي کاتي واري گهران کڻي، هڪ صبح جو اُميدن ڀرئي واري بي ڪنار قبرستان ۾ وڃي لٿو هئس. 1تربت جي تلاش ۾، قبرن جي زگ زيگ قطارن مان لنگهندي نياز صاحب اوچتو حفيظ بابت پهريون ئي رمارڪس ڏئي ڇِرڪائي وڌو هئم: چئي: حفيظ ته ڪريڪ هو يار! اهو وري ڪيئن؟ مان حيرت مان اتاولو ٿي کانئس پڇيو. چيائين: جن ڏينهن ۾ حفيظ لاهور ۾ فيملي پلاننگ ۾ وڏو آفيسر هو، مان ساڻس ملڻ لاءِ اتي ويو هئس. اِها 67-1966ع  جي ڳالهه آهي، صبح سان سندس آفيس ۾ پهتس ته ڇا ڏسان، زالن ۽ مردن جا ڪٽڪ هڪڙا اچن پيا ۽ ٻيا وڃن پيا. ماجرا ڇا هئي؟ اُها سمجهه ۾  ئي ڪونه پئي آيم. ڏينهن سڄو اها حالت رهي. نيٺ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري حفيظ خود دانهن ڪئي. ڀڄ ته ڀڄون يار! بعد ۾ رات جي ماني کائيندي پڇومانس: ماڻهن جي اِها رش آخر هئي ڪهڙي ڳالهه تي؟ مسئلو ڇا هو؟ کلندي ۽ نٽائيندي چيائين، فيملي پلاننگ ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي ..... خير پوءِ، وڃي خبر پيم ته، حفيظ جي شادي لاءِ لاهور جي ڪنهن اخبار ۾ رشتي لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو، ۽ اهاخلق اِن ڪارڻ هُن جي آفيس ۾ آئي، وئي پئي.... ۽ اميدن ڀرئي واري قبرستان جي قبرن وچ مان حفيظ جي تربت ڏانهن نيندي نياز همايوني صاحب روان هو. چيائين: اُن واقعي کان ترت پوءِ، حفيظ خط لکيم ته، دوستن ۾ اعلان ڪري ڇڏ ته فلاڻي تاريخ تي لاهور ۾ شادي ڪري، فلاڻي تاريخ تي پهچي رهيو آهيان..... سو سائين منهنجي کي چوان، مقرر تاريخ تي ٻه چار دوست گڏ ٿي گلن جون ڪنڍيون کڻي، گهوٽ ڪنوار جي آئو ڀڳت لاءِ وڃي ريلوي اسٽيشن تي بيٺاسين. ابا ڇا ٿيو جو، هڪڙي ريل وئي، ٻي وئي، ٽين وئي..... حفيظ ۽ سندس ونيءَ جو، نه ڏس، نه پتو، نيٺ مايوس ٿي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي وياسين. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري خيرپور وڃڻ ٿيو. اطلاع مليو ته حفيظ خيرپور ۾ ئي آهي. ڳولي وڃي هٿ ڪيومانس. ڇا ڏسان ته، پنهنجي ٻٻرلوءِ واري ڀونگي ۾ ٺٺ سان ويٺو سگريٽ ساڙي ۽ چانهه پيئي. پُڇومانس: ڏي خبر يار ......! شاديءَ جو ڇا ٿيو؟ لڄي ٿيندي وراڻيائين: بس نه ڪيم. Thats All

        هاڻي قبرستان ۾ حفيظ جي تربت ڳوليندي، جڏهن پُورا ٻه ڪلاڪ گذري چڪا، تڏهن نياز ڊٺل قبرن جي آس پاس ڀٽڪندي، ذهن تي زور ڏيندي ٻُڌايو ته: حفيظ جي تربت ڀرسان هڪڙي شاندار تربت ٺهيل هئي. جنهن جي ڇَڄَهري وارن چئني پِلرس تي خوبصورت چِينيءَ جون، پاڻيءَ سان ڀريل پياليون رکيل هيون. ۽ اُنهن مان پکي پاڻي اَچي پيئندا هئا. هڪڙي دفعو حفيظ جي تربت جي سلاميءَ لاءِ جڏهن مان ۽ غلام رباني آگرو صاحب قبرستان پهتا هئاسين ته، ڏٺوسين: انهن خوبصورت پيالين مان هڪ ڀڳي پيئي هئي. اِن ڳالهه جو اسان ٻنهي کي ڏاڍو افسوس ٿيو هو..... نياز جي گفتگوءَ جو رُخ حفيظ جي شادي واري events ڏانهن موڙيندي کانئس پڇيم ته، ڀلا پوءِ حفيظ جي شادي آخر ٿي ڪيئن؟ نياز صاحب ٻڌايو ته، لاهور ۾ اُتي ته ڪانه ٿي، جتي ٿيڻ واري هئي ..... اُن کان گهڻو پوءِ هُن ڊيره غازي خان جي ڪنهن فيملي پلاننگ واري دائيءَ (L.H.V.) سان وڃي شادي ڪئي هئي.

        هاڻي مون نياز کان حفيظ جي ڪتبي واري مشهور جملي بابت پڇو ته، ڇا واقعي هن زندگيءَ ۾ ئي وصيت ڪئي هئي ته اُن جملي کي وفات کانپوءِ سندس تربت آڏو نصب ڪيو وڃي. ”نه“_ نياز ٻڌائڻ شروع ڪيو. ”گهڻو وقت اڳ حفيظ مون ڏانهن هڪ خط لکيو هو، اُن خط مان اِها سِٽ کڻي، هُن جي قبر اڳيان هڪ بورڊ تي لکرائي نصب ڪئي هئي سين. هيڏو وشال قبرستان جهاڳيندي، حفيظ بابت ڳالهيون ڪندي، نياز جنهن هنڌ بابت ٻڌايو ته، هِتي هُئي حفيظ جي تربت ..... مون ڏٺو اتي ته پاڻيءَ جو تلاءُ ٺهيو پيو هو. مان سخت مايوس ٿو ٿيان، ”يا اللّه! هي نياز صاحب ڪٿي ڀُليو ته ڪونهي.“ چيائين، ڊوڙ وڃ. ۽ وڃي قبرستان جي مَتوليءَ کي ته ڳولي آ.....

        قبرستان جي رکوالي شوڪت علي مڪراني کي ساڻ وٺي، اُن جاءِ تي پهتس ته، زاهد دارا، حفيظ شيخ جي تربت واري هنڌ جا فوٽا ڪڍي رهيو هو.

        ان قبرستان ۾ شوڪت عليءَ پنهنجي، ٽيهه سالا موجودگيءَ جي روشنيءَ ۾، ذهن تي زور ڏئي 1 7 9 1 ع وارين قبرن جي قطار ۾ حفيظ جي تربت ڳولڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏاڍو واجهايو. پر قبر هجي ته نظر اچي. جو، اُها ته برسات جي پاڻي هيٺ گم ٿي چُڪي هئي ۽ حفيظ شيخ جي تربت وارو ڪتبو ڪڏهن ڪو لڙهي چڪو هو. 1شايد ٻنپهرن جا ٻه ٿي رهيا هئا ۽ صبح کان اُن وقت تائين جو مسلسل ڳول ڳولان کانپوءِ مايوس ٿي موٽندي اسان سڀ ڪيڏا نه دلگير هئاسين. قبرن وچ مان لنگهندي، نه چاهيندي به آس پاس وارين قبرن جي ڪتبن تي نگاهه پوندي پئي ويم. ڪنهن ڏس کان ڊاڪٽر ابراهيم خليل مُنهن ويڙهيو سُتو پيو هو، ته ڪنهن ڪُنڊ کان قاضي محمد اڪبر، ڪنهن پاسي آپا شمس عباسي جو گهر وارو محسن قاضي ۽ ٻئي پاسي سندس نوجوان پٽ ڊاڪٽر عقيل قاضي. ان کان ٿورو پرڀرو سنڌ يونيورسٽي جي شعبه سوشالاجيءَ واري ليڪچرار مئڊم نادرا تُرڪ جي قبر هئي. خدا ڄاڻي مئڊم نادرا ۽ ڊاڪٽر عقيل قاضيءَ پسٽل سان پاڻ خودڪشي ڪئي هئي يا کين ماريو ويو هو.) اُتان ڪجهه فاصلي تي مشهور فلمي اداڪار مولانا هپيءَ جي خوبصورت فرزند جاني ٽالپر جي تربت هئي. جنهن پڻ تازو سوسائيڊ ڪيو هو. خير خدا ڄاڻي ان اميدن ڀرئي واري هيڏي قبرستان ۾ ڪير ڪير ابدي آرامي هو ۽ پنهنجي قبر ۾ نيڻ پوريو سُتو پيو هو. افسوس جو، انهن قبرن وچ ۾ ڪٿي به، اسان کي، نه نظر آئي ته فقط حفيظ شيخ جي تربت، ۽ نه ئي اُهو يادگار ڪتبو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ نياز همايوني صاحب وڃي سندس تربت آڏو نصب ڪيو هو.

        حفيظ شيخ جي تربت جو ڏس پتو جو ڪونه مليو ته، نياز صاحب صلاح ۽ سهڪار سان، زاهد دارا ابڙي جي ڪار ۾ چڙهي، حفيظ شيخ جي ننڍي ڀيڻ ادي خديجه شيخ جي لطيف آباد واري بنگلي ڏانهن اُسهياسين، جيئن سندس يادن مان حفيظ جي زندگيءَ جا پنا ميڙي اچون.

        ”ڪال بيل“ تي آڱر رکڻ کانپوءِ، اُن بنگلي مان جيڪو شخص برآمد ٿيو. اُن کي ڏسي ۽ سڃاڻي مان ته حيران ٿي ويس. اڙي هان ... ؟ ته هي اوهان جو گهر آهي! مون ڏٺو، منهنجي سامهون ڪيترن ئي منفرد ڪتابن جو خالق ۽ نثري نظمن جو انوکو شاعر، سائين ايم. اي. عالماڻي ڀاڪر پائڻ لاءِ ٻانهون ڊگهيريو بيٺو هو. اندر ڊرائنگ روم ڏانهن نيندي، عالماڻي صاحب ٻُڌايو پئي: حفيظ شيخ منهنجو ننڍو سالو هو. اڙي واهه! مان ان ڳالهه تي خوشيءَ جو ڀرپور مظاهرو ڪندي ياد ٿو ڪريان ته، هي وڏو عالماڻي صاحب ته، منهنجي استاد ۽ بهترين ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻيءَ جو به ته ڀاءُ آهي. ايم_ اي_ عالماڻي صاحب ٻُڌايم پئي ته، حفيظ جي هڪ ڀيڻ منهنجي گهر ۾ آهي ۽ سڀ کان ننڍي ڀيڻ خديجه، جنهن سان ملڻ لاءِ اوهان هتي آيا آهيو. اُها وري منهجي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر الهه بخش عالماڻيءَ جي گهر واري آهي. مون ڏٺو ته، گهر جي لان کان ڊرائنگ روم تائين سامان ٽڙيو پکڙيو پيو هو. پُڇا ڪرڻ تي پتو پيم ته، حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ ٿيل تازن فسادن جي ڪري عالماڻي صاحب ۽ ادي خديجه وارا، ڀُڳڙن مُٺِ تي پنهنجو بنگلو سيل ڪري، ڪنهن ٻئي هنڌ ڏانهن شفٽ ٿيڻ جي تياريءَ ۾ رُڌل هئا. اوهه، دل ۾ چيم ... ڪاڪا هي ڪهڙي سَمئي تون اچي هتي نازل ٿيو آهين.

        هنن کي پنهنجي ۽ توکي حفيظ جي! منهنجي انهيءَ سوچ دوران ادي خديجه ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿي ۽ خوش خير آفيت ڪري چُپ چاپ ويهي رهي. مون جڏهن حفيظ صاحب بابت هن ڪتاب جو پلان کيس ٻڌايو ته کانئس حفيظ صاحب بابت سندس انٽرويو ڪرڻ جي وينتي ڪئي ته، هن نهايت مٺڙن لفظن سان منهنجي همت افزائي ڪئي. ان کانپوءِ جڏهن اُميدن ڀرئي واري قبرستان مان، حفيظ شيخ جي تربت لاپته ٿي وڃڻ واري سُڌ کيس ڏني ته، بي حد دلگير ٿيندي وراڻيائين: پٽ! ايتريون ته برساتيون پيون آهن ان قبرستان ۾ ۽ ايتري ته سِم آهي اُتي جو، واقعي به ادا حفيظ جي تربت گم ٿي وئي هوندي. اها ڳالهه ڪندي مون ٻڌو: هن جي آواز ۾ ايتري ته عاجزي سٻاجهائي، نِمرتا ۽ ميٺاج هو جو، دل چاهيو ته هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ مان ڪنڌ جُهڪائي چُپ چاپ ويهي هن کي ٻُڌندو رهان. مون ٽيپ رڪارڊر آن ڪري گفتگوءَ جي ابتدا ڪندي، ”ادي خديجه کي ياد ڏياريو ته: چون ٿا، حفيظ صاحب جو اوهان سان خاص پيار هوندو هو. ڪنهن هنڌ هن لکيو به آهي ته، خديجه، منهنجي ننڍي ۾ ننڍي ڀيڻ کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس“، افسانو ساگر جي لهرن تي (1956ع) لکندي منهنجي تصور ۾ خديجه ئي هئي، جنهن کي مان صلاح ڏئي رهيو هئس، ته خودڪشي ڪرڻ کان بهتر آهي ته سماج جي منهن تي موچڙو هڻ ۽ ڀڄي وڃ!

پُڇيم: اهو ڇا قصو هو؟ ۽ حفيظ صاحب ائين ڇو لکيو هو اوهان لاءِ؟

        اهو ته ادا حفيظ جسٽ فار افساني لاءِ لکيو آهي. ادي خديجه نهايت سهج سڀاءَ جواب ڏئي رهي هئي: ان سلسلي ۾ هو، پنهنجي طرفان اهڙيون آزاديون خوامخواهه اسان کي ڏيندو رهندو هو. اهڙو اظهار مون ڏانهن هُن هڪ خط ۾ به ڪيو آهي. مان ته حيران پئي ٿيان ته، جنهن زماني ۾ مون ڏانهن اهي بولڊ خط لکيا هئا، مان ڪافي ننڍي هئس. مون کي ياد ٿو پوي ته، ادا حفيظ اهڙي قسم جا بولڊ خط ٻين ڀيرن کي به لکندو رهندو هو_ خدا ڄاڻي ڇو؟ گفتگو جي ان موڙ تي، ادي خديجه، اُٿي اندر هلي وئي ۽ حفيظ سان گڏ نڪتل فيملي فوٽن جو آلبم سڻ کڻي اچڻ سان گڏ گڏ، حفيظ جي خطن جو اُهو فائل به کڻي آئي، جنهن ۾ هن، ادي خديجه ۽ ٻين ڀينرن کي اهي خط، وقت به وقت لکيا هئا.

        خطن جو فائل کوليندي حيران ٿو ٿيو وڃان... هان، هي ڇا؟ خط اردوءَ ۾ ڇو لکيل آهن؟

        ادي خديجه منهنجي حيرانيءَ کي ڏسي کِلي پئي. چيائين: اسين سڀ ڀيڻ ڀائر پڙهيائي اردو ۾ آهيون، گهر ۾ به اردو ڳالهائي ويندي هئي جو امڙ ڪشميري هئي ۽ اها ڪشميري پنجابي ڳالهائيندي هئي. بابا وري سنڌي ڳالهائيندو هو. معنيٰ ته گهر ۾ ٻوليءَ جو واهپو گڏ وِچڙ هو، ان ڪري اردو جهڙوڪر گهر ۾ رابطي جي ٻولي هئي. ها ادا حفيظ ۽ ادا بشير وارا ٻاهر اسڪولن ۾ سنڌي پڙهندا هئا ۽ گهر ۾ زناني تعليم جو مسئلو هي هو جو اسان جو وڏو ڀيڻيوو جيڪو هو، اُهو علي ڳڙهه رٽرن هو. ان ڪري سندس اثر هيٺ، گهر ۾ اسان اردو ئي پڙهي_ ٻيو ڇا هو ته، ان زماني ۾ گرلز اسڪولن لاءِ ماسترياڻيون پنجاب مان ”هاير“ ڪيون وينديون هيون، ان ڪري جڏهن ڪراچي شفٽ ٿياسين، ته اسڪولن ۾ وري به اهائي اردو پڙهياسين. ان ڪري اسان ڀيڻ ڀائرن ۾ خط و ڪتابت اڪثر اردو ۾ ئي ٿيندي هئي.

ڀلا امڙ سان اوهين ڀيڻ ڀائر ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا هئا؟

        امڙ سان اسين سڀ گهر ۾ پنجابيءَ ۾ ڳالهائيندا هئاسين. هونئن هوءَ سنڌي به سٺي ڄاڻندي هئي ۽ گڏ وِچڙ ڳالهائيندي به هئي. بابا اسان سان ۽ اسين بابا سان صرف ۽ صرف سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهائيندا هئاسين.

حفيظ جي ننڍپڻ وارا ڏينهن بابت ڀلا ڪجهه ٻڌايو؟

        ادا حفيظ کي، گهر جي ماحول ۾ مان تمام گهٽ ڏٺو؟ هو. ياد اٿم: بابا جي پوسٽنگ جن ڏينهن ۾ ڪوٽڏجيءَ واري اسپتال ۾ هئي ته، ادا حفيظ، مان ۽ مون کان وڏي ڀيڻ ادي ”انور“ اسان ٽئي بابا سان گڏ هوندا هئاسين. رات جو، بابا اسان ٻنهي ڀيڻن ۽ ادا حفيظ کي ويهي پڙهائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ ادا حفيظ کي مون لاشڪ ته، چڱي طرح ڏٺو هو.... تنهن کانپوءِ مان هن کي گهر ۾ گهڻو ڪونه ڏٺو. ان کان بعد حفيظ جي حوالي سان رڳو اهي ڳالهيون ياد اٿم ته: اڄ حفيظ هي ڪيو آهي.... اڄ حفيظ هو ڪيو آهي... ۽ اڄ حفيظ بابا جي مار جي ڊپ کان گهر ڇڏي ڀڄي ويو آهي، وغيره وغيره.

گهر ۾ شرارتون ڪهڙيون ڪندو هو؟

        ڀَئي هو Healthy ٻار هو. اسان جو وڏو ڀاءُ ادا بشير_ حفيظ جي مقابلي ۾ ڪمزور ۽ نازڪ نفيس هو ۽ ٻيو ته ٽن ڀيڻن مٿان ڄائو هو ان ڪري سڀني گهر وارن جو لاڏلو به هو. يعني هڪ ته نازڪ ۽ نفيس ٻيو لاڏلو، ان ڪري سڀاويڪ هن کي سڀ وڌيڪ Like ڪندا هئا. حفيظ هڪ ته هو گول مٽول، صحتمند ۽ ٻيو سانورو، مٿان وري سندس اوٽ پٽانگ شرارتن... نتيجي ۾ هو مسلسل نظرانداز ٿيندو رهندو هو. مان سمجهان ٿي اوٽ پٽانگ حرڪتون ڪري ادا حفيظ دراصل پاڻ ڏانهن گهر وارن جو ڌيان ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ ان شوق ۽ ڪوششن ۾ مفت ۾ جام مارون به کائيندو رهندو هو ۽ دڙڪا به. نوڪريءَ تان اٺين ڏينهن جڏهن بابا گهر ايندو هو ته، امان ان جي اڳيان حفيظ جي شرارتن جو دفتر کولي ويهي رهندي هئي ۽ پوءِ حفيظ کي بابا جي مار ملندي هئي بي تحاشا. ياد اٿم: ادا حفيظ کي شرارتن کان باز رکڻ جي لاءِ ۽ کيس سُڌارڻ لاءِ بابا هڪ دفعو، هن کي پنهنجي دوست ۽ سکر جي ايس پيءَ کي چئي پوليس کان مار به ڏياري هئي.

ڇا ٿا سمجهو ته حفيظ جي ڊسٽرب زندگي پويان انهن ”مارن“ جو ته ڪو اثر ڪونه هو“ جن اڳتي هلي کيس زندگيءَ ۾ Individual ۽ نٺر بنائي ڇڏيو؟


1  اهي فوٽا ڪتاب ۾ موجود آهن

1  حفيظ شيخ جي ان مشهور ڪتبي وارا اکر ڪتاب جي ابتدائي صفحن ۾ ڏسو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 12 12 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com