سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :1

اڇو پکي واءَ ۾

نصير مرزا

جڙ جَنين جي جان ۾، لڳي رِي لهار

       (شاهه)

ارپنا

حفيظ شيخ جي دل گهرئي يار،

شيام ڪمار

۽ پنهنجي محبوب ترين دوست

۽ سنڌي ٻوليءَ جي اسٽائلش

ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار

طارق عالم ابڙي جي نالي

_ نصير مرزا

 

ڪتبو

(حفيظ شيخ جي قبر تي لکيل)

جڏهن روح جا ريلا

ٺري برف ٿي ويندا

تڏهن نه توتي

ميار

نه مون تي ميار

 

ماڻهو منافق ڇو هجي؟ جيڪو جيترو فرينڪ هوندو، اوترو ئي ايماندار هوندو، پنهنجو باطن لڪائڻ وارا منافق هوندا آهن. مان جيڪو سوچيان ٿو ۽ جو ڪجهه به آهيان، پنهنجي سماج ۽ زماني جي پيداوار آهيان.

_ حفيظ شيخ

 

پبلشر جو نوٽ

حفيظ شيخ جو نالو ڪهاڻي ويهڪن ۾ حوالي طور عام جام پيو ايندو هو. پر هُن جي دنيا ۾ پيار ڪرڻ لاءِ ڪو هڪڙو لمحو به نصيب ٿي ڪونه سگهيو هو ۽ مون وانگر ادب جي دنيا سان سلهاڙيل سوين دوست پڻ حفيظ شيخ جي دنيا ۾ پيار ڪرڻ کان محروم پئي رهيا آهن. هوند اڃا به ايئن ئي ڪن ۽ ڪياڙي لڪائيندي هن هيڏي انوکي ۽ انيڪ رنگن سان سلهاڙيل هن شخصيت جي دنيا مان پسار کان محروم رهجي وڃون ها، جي مانوارو دوست نصير مرزا سائي فائيل ۾ بند هن ڪتاب جو مسودو ڏيکاريندي ايئن نه چوي ها ته. ”انعام! هي ڪتاب، سنڌيءَ جي تمام وڏي ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ڪهاڻي جي اوائلي ٽه مورتي جمال ابڙو، غلام رباني آڱرو جي جوڙ جي ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جي فن، فڪر ۽ شخصيت متعلق آهي“

        ڪتاب جيئن جيئن ڇپائيءَ جا مرحلا طئي ڪندو اچي منهنجي هٿن تائين پهتو ته حيرانگيءَ جا هزارين در ڌڙام سان کلي پيا ۽ مان ڪنڌ جهڪائي سوچڻ لڳس ته:“هي ڇا؟ هي ته ڏاڏي عاليشان ماڻهوءَ جو ڏاڍو ئي املهه فن ڪم آهي“ اهو سوچيندي سرهائيءَ جا انيڪ رنگ منهنجي مُک تي مڙي آيا، ڇو ته پهريون ڀيرو مان سنڌي ادب جو هڪڙو شاهڪار ڪتاب پڌرو ڪري رهيو هوس ۽ ان نئين انڪشاف کان پوءِ ته ڄڻ هڪ هوڏ ۽ نئون جنون اچي منهنجي اندر ۾ ويٺو. جيڪو ڪتاب پڌري ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه ڏينهن وڌيڪ وٺي ها. سو ڏاڏي ڦڙتيءَ سان پنهنجا سمورا مرحلا طئي ڪري ترت پڌرو ٿي پيو.

        ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪي به ڏکيائون سامهون نه آيون، سمورا مرحلا ڏاڍي سهنج سان طئي ڪياسين.

        ڪا به ڳڻتي ۽ اڻتڻ باقي نه آهي بس هڪ آشا آهي، ”شل اسان جو هي پورهيو اوهان جي دل ۽ دماغ ۾ بهار جو پهروين گلُ بڻجي ٽڙي پوي“

ادارو اوهان جي راءِ جو منتظر رهندو_

 انعام عباسي

  

مهاڳ

اڇو پکي واءَ ۾

 

۽ ڪنهن ڏينهن اُن ڪنڊ ۾، ڪَنُ لائي جو ويهي ٻُڌان ته_

شايد! هُن جي ويندڙ قدمن جي آهٽ_ ڪنائي سگهان ٿو

        حفيظ شيخ منهنجي جنم سال کان ٻه سال اڳ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ منهنجي ليکڪ ۽ شاعر بنجڻ کان ٽي سال اڳ، پرلوڪ پڌاري حيدرآباد ڪينٽ جي ”اُميدن ڀرئي واري قبرستان“ جي ڪنهن نامعلوم قبر ۾ وڃي آرامي ٿيو هو. مون کي ياد آهي ته، پنهنجي ادبي ڪتابن جي مطالعي وارن، ابتدائي ورهين ۾ مون زندگيءَ جا ڪيئي پل، ڪيئي لمحا، هُن جي ڪهاڻين جي سنگت ۾ به گذاريا هئا ۽ سندس ڪهاڻيون پڙهندي دل ڪيڏو نه چاهيندي هئي ته: ”ڪاش! حفيظ جهڙي منفرد شخص سان مکا ميلو ٿي سگهي ها! خير... منهنجي خواهش جي شدت تي اوچتو هڪ ڏينهن، هُن سان منهنجي هيلو هاءِ بيٺي پير ٿي لئي وئي ۽ حفيظ سان منهنجي ان اوچتي ملاقات جو مذڪور به عجيب آهي. مان ڇوٽڪي گهٽيءَ جي ڪناري سان، ردي ڪتابن واري ريڙهي کي ڦلهوري رهيو هئس ته، اچانڪ منهنجون اکيون هن جي اُن تصوير وارين اکين سان چار ٿي ويون، جيڪا رسالي ’اڳتي قدم‘ جي ”حفيظ شيخ“ نمبر تي، ٽائيٽل طور ڏنل هئي. ڄاتم به پئي ته، اڃان محض ”شاگرد“ آهيان، ڪنگلو آهيان. کيسو خالي اٿم، پر تڏهن به خدا ڄاڻي ٿو. اُها تصوير، اڌ قيمت تي ئي سهي، اُن رسالي کي خريد ڪرڻ لاءِ بيحد اتساهي رهي هئم. هڪ دفعو ٻيهر ڪتاب جي ٽائيٽل تي حسرت ڀري نگاهه وجهندي، مون حفيظ جي اکين ۾ گهورُ وجهي ڏٺو ته، تصوير (تصوّر ۾) جهڙوڪر رڙ ڪري ڇڙٻَ ڏنم: ”اڙي ڄٽَ! جن ڪونه آهيان جو اِئينءَ پيو گهورين! حفيظ آهيان: حفيظ شيخ! ڏيکار هٿ جي صفائي .... گهٻراءِ نه. وڌاءِ هٿ ۽ کڻ مون کي، توسان گڏ آهيان.“

        ياد اٿم. اُن ڏينهن، ڇوٽڪي گهٽي لتاڙي، ڪنهن ”ٻاڪڙا“ هوٽل تي ويهي، اُن چورايل حفيظ شيخ نمبر سان، اڳتي قدم جي صفحن تي ڪيئن نه دل کولي ويهي ڪچهريون ڪيون هئم. خير هن ڪتاب ۾ ان ”حفيظ نمبر“ وارا سڀ مضمون ته شامل ئي آهن، پر ان کانسواءِ به، حفيظ کي مون سندس انتهائي ذاتي دوستن، ڀيڻن ۽ ڀيڻيون جي يادن مان ڊسڪورَ ڪري، هن ڪتاب جي فريم ۾ منعڪس ڪيو آهي. هونئن هي ڪليڪشن هڪ لحاظ کان حفيظ تي محض منهنجو ”هوم ورڪ“ آهي. پر ڇا، هي سڀ ڪجهه ربط ۾ به آهي يا بي ربط، اُن کي Avoid ڪندي مان هن ڪتاب جي ڊسڪس رڳو اهوئي ڪري سگهيو آهيان ته. هُنِ جي هٿ تريءَ جي ريکائن، هن کي ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪهڙن ڪشٽن ۽ ڪشالن مان ڪڍي، ”حفيظ شيخ“ يعني سنڌي ٻوليءَ جو جُرئتمند ۽ منفرد ڪهاڻيڪار بنائي ڇڏيو هو.

ته هئه پاٺڪو!

۽ هَئه سڄڻو!

        مان نه محقق آهيان، نه مجاور، نه نقاد، نه اوتار. ۽ نه ئي هي ڪتاب ڪو منهنجو تحقيقي پيپر آهي. صرف حفيظ سان منهنجي محبت جو اظهار آهي ۽ بس. نادر بيگ مرزا کانپوءِ چاهيم پئي ته، ڇو نه هي ڪم به هلندي گهمندي ڪري ئي وٺان، سو ڪري ورتم ڪيڏو اڀاڳو آهيان مان، جو سنڌي ڪهاڻي جي انهن ٻنهي Legends جي يُگ ۾ موجودڪونه هئس ۽ شايد ڪن ٻين جي يُگ ۾ وري هي ناچيز به ڪونه هوندو جو وقت جي اٽل قانون به ته اهوئي آهي) شايد هن ڪم کي مان ايڏو سولائيءَ سان اُڪلائي نه سگهان ها، جي منهنجا محبوب دوست بيدل مسرور، طارق عالم ابڙو، ادل سومرو، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر رميش ڪمار رامناڻي، ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي، غلام محمد ميمڻ عرف”ميجر“، ماجد صديقي هن ڪتاب جو نوجوان پبلشر انعام عباسي ۽ منهنجي گهر واراي دردانه، مون سان سهڪار نه ڪن ها. ... ته مون چيو پئي ته هي سڀ اُهي نالا، چهرا ۽ اُهي دروازا آهن، جن مان لنگهي مان حفيظ جي هنن لکڻين تائين آسانيءَ سان پهتو آهيان، ۽ جن تائين هونئن سولائيءَ سان پهچڻ، شايد منهنجي وس ۾ ڪونه هو.

        خير. اِن اڪيڊمڪ بيان کي اتي ڇڏيان ٿو، جو اڳتي اوهان کي اُهو خط پڙهڻو آهي، جيڪو ”حفيظ شيخ مرحوم“ کي اُميدن ڀرئي واري قبرستان“ ڪينٽونمينٽ حيدرآباد جي ڏس پتي تي، سندس نامعلوم آخري آرام گاهه ڏانهن پوسٽ ڪرڻ لاءِ هن ناچيز تازو ڊرافٽ ڪيو آهي.

        السلام عليڪم

        يا اهل القُبور، پيارا حفيظ!

        ڪجهه سالن کان اوهان بابت ڪتاب: ”اڇو پکي واءَ ۾“ کي سهيڙيندي، سوچيندو پيو هئس ته، توهان جي زندگيءَ جي چهري تان نقاب کڻڻ جو آخر ڪهڙو آڌيڪار آهي مون کي؟ ۽ اهو ان لاءِ جو، پنهنجي حياتيءَ ۾ توهان لاءِ مان، ۽ مون لاءِ وري اوهان بلڪل Unknown هئا. اوهان کان جي Known هئا ته، صرف اوهان جا ڪجهه گهرا دوست ۽ ڪجهه همعصر ليکڪ، اوهان ضرور اِهو سوچيندا هوندؤ ته، جيڪي اوهان کان known هئا، Close هئا، توهان کي سهڙڻ جو هي ڪم به انهن کي ئي ڪرڻ جڳائي ها. عرض ڪريان ته، افسوس جو اوهان جي يُگَ جي، اُنهن سنگتين وٽ، اوهان جي ادبي پورهئي کي سهيڙڻ لاءِ هن وقت نه دلچسپي آهي ۽ نه فرصت. هي اکر پڙهندي پڪ سان اوهان کي مون لاءِ اهو تجسس به ضرور ٿيندو هوندو ته، هي آهي ڪير نصير مرزا؟ جو نه آهي منهنجو همعصر ۽ نه هم عمر، ڪهڙي خوشيءَ ۾ منهنجون Roots پيو تلاش ڪري ۽ فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪري.

        ان سلسلي ۾ ادب سان عرض ڪريان ته ڪافي سال اڳ ادبي سٽنگس ۾ جڏهن اوهان جي دوستن کان اوهان بابت عجب عجب ڳالهيون چپ چاپ ويٺو ٻڌندو هئس ته، من ئي من ۾ ڪيڏي نه خواهش اپتن پئي ٿيندي هئم ته، ڪاش! مان به اوهان کي هُنن وانگر ڏسي سگهان ها، پر افسوس جو 1 7 9 1 ع جي جنهن صبح جو، خيرپور مان اوهان جي دوست شيام ڪمار جي مدد سان اوهان جي مڙهه کي حيدرآباد آڻي، اميدن ڀرئي واري قبرستان ۾ دفن ڪيو پئي ويو، مان حيدرآباد جي ڪنهن سيڪنڊري اسڪول جي لان تي، رسيس ۾ ”بوهي مڱ“ کائي وقت Pass on ڪري رهيو هئس. ..... خير اها ته منهنجي ٻالڪپڻ جي ڳالهه آهي. پنهنجي ڦوهه جواني ۾، مون کي اوهان کي ڏسڻ ۽ اوهان سان ملڻ جي بيحد خواهش هئي ۽ هاڻي جڏهن اڌ عمر ۾ پهتو آهيان، تڏهن وڃي مس مس اوهان سان گهرائپ پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ هن ڪتاب کي سهيڙڻ جي بهاني، اوهان سان فِري ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي سگهيا آهن.

        اڇا، هاڻي هي مزيدار ڳالهه ٻُڌو: توهان جي ساروڻين کي سهيڙڻ لاءِ جڏهن توهان جي دوستن ۽ عزيزن جي دل جا دروازا وڃي کڙڪايم ته، اُنهن اوهان جا اهڙا اهڙا ته حيرت ۾ وجهندڙ قصا ۽ واقعا کڻي کوليا جو اصل ڏندين آڱريون اچي ويم. خاص ڳالهه هيءَ ته، نياز همايوني صاحب ۽ اوهان جي ڀَيڻيوي ايم. اي. عالماڻيءَ صاحب ڳالهيون ڪندي اوچتو انڪشاف ڪيو ته، ”تمام تر ذهانت جي باوجود اوهان ٿورا ٿورا ڪريڪ به هئا.“ سندن واتان اوهان جي باري ۾ اهي رمارڪس ٻڌي، کل نڪري وئي هئم. دل ۾ چيم: يا عزيزو! اها ڪهڙي نئين ڳالهه پيا ٻڌايو. دنيا جا جينئس ماڻهو ته اڪثر ڪِريڪ ئي هئا. مثال طور روسي ناول نگار دوستو وسڪي، آمريڪي شاعر ايڊگر ايلن پو، ڪهاڻيڪار موپا سان جديد شاعري جو باني رلڪي، فرانسيسي شاعر ”بودليئر“ ۽ ”زان زيني“. اردوءَ جو ڪهاڻيڪار ”مِنٽو“، شاعر ”ميراجي“ ۽ اسان جو هي ”علي بابا“ .....

        ته مون دل ۾ اُن وقت سوچيو پئي ته، ڇا محض ان ڪري اوهان کي اِگنور ڪيو وڃي، جو توهان ٿورا ٿورا ڪريڪ هئا. خير اهو ذڪر ته ائين ئي وچ ۾ اچي ويو. مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته شيخ اياز، خواجه سليم ۽ شيام ڪمار کان وٺي. نور الدين سرڪي، محمد ابراهيم جويي ۽ سائين غلام رباني آگري ۽ ممتاز مرزا تائين اوهين الائي ڪنهن ڪنهن جي يادن ۾ محفوظ آهيو؟ منهنجي ته سورسِز (Sources) مطابق، اوهين جنهن جنهن به ذهن ۾ موجود هئا ۽ اوهان جو مواد جنهن جنهن به لاڪر ۾ محفوظ هئو، اُن کي اُتان هٿ ڪري روشنيءَ ۾ آندو اٿم. ۽ اهو ڪم ان لاءِ ڪيو اٿم، جيئن مستقبل جي محقق کي اوهين هڪ جاءِ تي هٿيڪا ملي سگهو. مان ته ائين به سمجهان ٿو ته، هن وقت هي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پيو هو جو، توهان کانپوءِ ڪئي کيپون سنڌي ادب جي مسند تي ويٺيون ۽ وارا وڄائي، روانيون ٿي چڪيون آهن. توهان جي سلسلي ۾ ته خاص ڪري مون چاهيو پئي ته، سنڌ جي موجوده ذهين ٽهيءَ کي اها خبر ضرور پوڻ کپي ته، توهان ڇا هئا؟ ڪهڙين حالتن ۾ اوهان لکيو؟ ڪهڙي ڪمٽمينٽ سان نڀايو ۽ پاڻ ملهايو هو. بس اِهو سوچي اڄوڪي ۽ ايندڙ نسل جي حافظي ۾ اوهان کي روشن رکڻ لاءِ، هي ڪم سرانجام ڏنو اٿم. شايد توهان سمجهندئو ته ايئن ڪري، مان پاڻ ڏانهن توهان جو ڪو قرض چڪايو آهي، ته ايئن ناهي اِهو منهنجو فرض هو، جنهن کي مون ادب جي هڪ پاٺڪ ناتي، ڪنهن حد تائين نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته اڃان به هن ڪم کي هٿ ۾ نه کڻجي ها ته، اِها نه فقط منهنجي، پر اسان سڀني جي ڪوتاهي ۽ نالائقي شمار ٿئي ها.

        توهان کي ته ياد ئي هوندو ته، منهنجي بيحد پياري ۽ پسنديده دوست بيدل مسرور اوهان جي ڪهاڻي ڪتاب، ساگر جي لهرن تي سهيڙي، وقت جي خزان زده باغن مان اوهان جي ڪهاڻين جون پنکڙيون، پنهنجن پلڪن سان ميڙي، هڪ اهم ڪم ڪري ڏيکاريو هو. ۽ اهو ڪتاب 6 7 9 1 ع ڌاري ادبي اڪيڊميءَ واري اسلم لغاريءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. 1972ع ۾ اوهان جي ياد_ گلاب کي سدا سرهو رکڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي منفرد ۽ جديد ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ، اڳتي قدم جو حفيظ شيخ نمبر ڪڍي، اوهان جي ڏس ۾ يادگار ڪم ڪيو هو. تازو نوجوان ۽ جاکوڙي ليکڪ ناز سنائيءَ اوهان جي زندگيءَ جا وکريل پنا ميڙي ڪتاب ڇپرائي، نهايت شاباس لائق ڪم ڪيو آهي. توهان جي هن ڪتاب لاءِ گهڻو تڻو مواد مون کي دوست بيدل مسرور مهرباني ڪري عنايت ڪيو آهي. فوٽا اوهان جي ننڍي ۽ پسنديده ڀيڻ ادي خديجه شيخ مهيا ڪري ڏنا آهن. ان کانسواءِ اوهان جي شاديءَ کان وٺي ننڍپڻ جي شرارتن تائين هُن ڇا ته مزيدار مزيدار ڳالهيون مون کي ٻڌايون آهن، سي به سڀ، هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ميٺارام هاسٽل واري اوهان جي محبوب دوست خواجه سليم کان اوهان بابت انٽرويو وڃي ورتو هئم، جيڪو پڻ هن ڪتاب ۾ اوهان جي شخصيت جا ڪيئي رخ پڌرا ٿو ڪري. اوهان جي ٻئي اهم دوست شيام ڪمار ۽ سندس لائق فرزند وجه ڪمار پڻ وڏو سهڪار ڪيو آهي ۽ ها! هن ڪتاب لاءِ اوهان جي سهڻي ساٿيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نهايت مٿاهين شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نهايت اعليٰ نثرنگار اوهان جي محبوب ساٿيءَ، غلام رباني آگري صاحب، ڇا ته اوهان جا خوبصورت پورٽريٽ لکي ڏنا آهن. ان لاءِ سندس لک لائق، سوين مهربانيون. ۽ المختصر ته: توهان جي هن ڪتاب کي سهيڙڻ لاءِ، مون ڪو گهڻو ڪم ڪونه ڪيو آهي، ها، ايترو ضرور ڪيو اٿم جو، اوهان جي اڻ ڇپيل ڪهاڻين، خطن ۽ دوستن پاران لکيل اوهان جي يادن جي گلابن کي. هڪ گلدستي ۾ سجائي، اُن کي سنڌي ادب جي ٽيبل تي سجائي سو ضرور رکيو اٿم ۽ هي ڪم مون اوهان لاءِ. اوهان جي محبت ۾ بطور ’والنٽيئر‘ جي ڪيو آهي. صِلي ۾ ڪجهه نه گهرجي مونکي، سواءِ اوهان جي آشيرواد جي. جيڪو اُميد ته ڪنهن ڏينهن خواب ۾ اچي (چپ چاپ اوهين مون کي ضرور ڏيئي ويندا. اِنشاءَ اللّه! چڱو ساٿ سلامت.)

اوهان جو دعاڳو: نصير مرزا

 

عزيزو!

حفظ شيخ ڏانهن منهنجي لکيل خط جو ڊرافٽ اِتي پورو ٿيو

۽ هَئه سڄڻو

هَئهَ پاٺڪو!

        منهنجي قلم جي زبان جو رُخ هاڻي هڪ