سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :1

ادبي تنقيد جا اُصول

پروفيسر لاسيلس ايبرڪرومبي

 

ناشر طرفان

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ  جي شروعات کان وٺي اها پاليسي رهي آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ جيڪي معياري مونوگراف يا ٿيسز پيش ڪيون وئيون آهن، اهي شايع ڪري پڙهندڙن اڳيان آنديون وڃن، انهيءَ پاليسيءَ تحت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ هيستائين ڪافي ٿيسز ڇپايون آهن.

جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته طبعزاد ادب سان گڏوگڏ دنيا جي معياري ڪتابن ۽ مضمونن جا ترجما شايع ڪرائڻ پڻ لازمي آهن ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻائي سگهجي، اڄ ڪلهه جي دور  ۾ ترجمو وڏي اهميت رکي ٿو.

هي ڪتاب دراصل مونوگراف آهي، جيڪو سنڌي زبان جي مشهور ناٽڪ نويس، نقاد ۽ محترم مراد علي مرزا ايم اي جي ڊگري وٺڻ لاءِ سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ سال 1961ع ۾ پيش ڪيو هو ۽ اصل ۾ مشهور اديب پروفيسر لاسيلس ايبرڪرومبي جي لکيل ڪتاب جو ترجمو آهي.

هي ڪتاب نه رڳو سنڌي ادب ۾ ترجمن جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿو پر تنقيدي ادب جي ڏس ۾ پڻ انتهائي ڪارائتو ڪتاب آهي.

مون کي اميد آهي ته اسان جيءَ هن محنت جو قدر ڪيو ويندو.

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

پروفيسر انچارج

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

 

 

 

مهاڳ

پروفيسر لاسسيلس ايبرڪرومبي جو هيءُ ڪتاب ايم اي (سنڌي) جي امتحان واسطي، سنڌ يونيورسٽي مون کي ترجمي ڪرڻ لاءِ ڏنو، اصولن ماهه مئي 1960ع جي وچ ڌاري ڪتاب ترجمو ڪري يونيورسٽي جي حوالي ڪرڻو هو، پر ذاتي مصروفيتن سبب ان وقت تائين ترجمو مڪمل ڪونه ڪري سگهيس، جنهن ڪري ڪتاب کي امتحان لاءِ پيش ڪرڻ بنهه ناممڪن ٿي پيو. مجبورن يونيورسٽي جي واسطيدار صاحبن کي ڇهن مهينن جي مهلت ڏيڻ لاءِ عرض ڪيم. خوش قسمتي سان مهلت ملي ۽ ان مطابق ماهه آڪٽوبر سن 1960ع ۾ ڪتاب پيش ڪرڻو هو. انهي عرصي ۾ اوچتو ريڊيو پاڪستان جي ملازمت جي سلسلي ۾ حيدرآباد ڇڏي  ڪراچي وڃڻو پيو. جتي رهائش  جي ناقص انتظام ۽ ريڊيو جي ٿڪائيندڙ مصروفيتن وري هن ڪم جي تڪميل ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون پيدا ڪري ڇڏيون. ان هوندي به ڪوئي ڪسوئي وقت ڪڍي، ڪتاب جو متن پوريءَ طرح ترجمو ڪري ڇڏيم. پر ترجمي تي نظرثاني ڪرڻ، ڪتاب جي مقدمي لکڻ ۽ سموري ڪتاب جي ٽن ڪاپين بنائڻ جو اوکو ڪم اڃا به رهيل هو. ان ڪم کي پوري ڪرڻ جا سانباها  پئي ڪيم، ته وري اوچتو ماهه سيپٽمبر سن 1960ع ۾ مون کي ڪراچي مان بدلي ڪري ڪوئٽه اماڻيو ويو. هوڏانهن آڪٽومبر جو مهينو به اچي مٿان سهڙيو هو، اهڙيءَ حالت ۾ ڪتاب جي باقي رهيل ڪم کي پوري ڪرڻ جي ڪابه صورت نظر ڪين ٿي آئي. تنهن ڪري لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي همت ڪري، وري به هڪ ڀيرو وڌيڪ مهلت ملڻ لاءِ يونيورسٽي کي درخواست ڪيم. جيتوڻيڪ ان ڀيري اهڙي مهلت ملڻ جي مون کي اميد ڪين هئي پر يونيورسٽي جي واسطيدار صاحبن ان ڀيري به پنهنجي علم پروري جو ثبوت ڏنو، جنهن ڪري ڪتاب جي باقي رهيل ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.

ترجمي جو ڪم هونئن به مشڪل ۽ اڙانگو هوندو آهي. خصوصن اصل تحرير خالص علمي هجي ته ان صورت ۾ اهو ڪم ويتر مشڪل ٿيو پوي. هن ڪتاب جو موضوع ايترو ته وسيع آهي، جو ادب ۽ فلسفي جي ڪيترن ئي باريڪ نڪتن کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي، جنهن ڪري ادب  ۽ فلسفي جي خالص اصلاحن کي سنڌي ۾ آڻڻ به هڪ مسئلو ٿي پيو. ٻي ڳالهه ته ههڙي قسم جون تحريرون سنڌي ۾ نظر ئي ڪين ٿيون اچن، جو انهن کي آڏو رکي ڪجهه رهنمائي حاصل ڪري سگهجي. ظاهر آهي ته منهنجي لاءِ هيءُ ڪم بيحد مشڪل ٿي پيو. وري جو ڳڀي جي ڳولا ۾ گهر جي آسائشن ۽ سهولتن کان اجنبي شهرن ۾ اڪيلائي ۽ تنهائي ۾ ڀٽڪڻو پيو. انهن مڙنئي مشڪلاتن مون کي ذري گهٽ نااميد ڪري ٿي ڇڏيو. پر يونيورسٽي مان وقت بوقت مليل سهولتن گهڻي قدر سهارو ڏنو. هن سلسلي ۾ آئون پنهنجي محترم استاد جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جو بيحد ٿورائتو آهيان جنهن صاحب هر مرحلي تي پنهنجي عالمانه ۽ مشفقانه مشورن سان سرفراز فرمائي منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ هن مشڪل ڪم کي آسان ڪري ڇڏيو. صاحب ممدوح جن ڪتاب جي پهرين باب جي اوائلي صفحن کي پڻ نظر مان ڪڍيو ۽ هڪ همت افزا نوٽ لکيو، جنهن ڪري منهنجا حوصلا بلند ٿي ويا، هوڏانهن استاد جناب علي نواز خان جتوئي صاحب جن به هر مشڪل ۾ فياضي سان منهنجي امداد ڪئي ۽ آخر وقت تائين پنهنجين سهڻين صلاحن سان نوازيندا رهيا. ساڳي وقت پنهنجي عزيز دوست ع.ق شيخ صاحب، سابق متعلم ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽي حال مقيم برسٽل (انگلينڊ) جو به شڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، جنهن ارسطو جي الميه جي نظريي (Theory of Tragedy) بابت پنهنجي قيمتي راين کان واقف ڪري ڪتاب جي ٽئين باب جي ترجمي ۾ آساني پيدا ڪئي. ڀاءُ حسن علي ”نذير“ جو پڻ بيحد شڪر گذار آهيان، جو مون خاطر تڪليف وٺي ڪتاب جي چوٿين باب جون ٽي ڪاپيون نقل ڪري ڏنائين.

آءُ وري به مٿي ذڪر ڪيل سڀني صاحبن جو خلوص دل سان شڪرانو بجا آڻيان ٿو، جن جي همدردين، ڪارائتن مشورن ۽ همت افزائين منهنجين ڪيترين ئي مشڪلاتن کي حل ڪيو ۽ آءُ هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيس.

ڪتاب کي ترجمي  ڪرڻ وقت مون اها ڪوشش ڪئي آهي، ته مصنف جي اصل مقصد کي ڪنهن صورت  ۾ فوت ٿيڻ نه ڏيان. جيتوڻيڪ ان ڪوشش ۾ ڪٿي ڪٿي زبان جي روانيءَ کي قربان ڪرڻو پيو آهي. ان هوندي به ممڪن آهي ته ڪي غلطيون نظر اچن، ڇاڪاڻ ته بي عيب فقط باري تعاليٰ  جي پاڪ ذات آهي.

اميد ته منهنجي هن ناقص ۽ ننڍڙي ڪوشش کي قبوليت جو شرف بخشيو ويندو.

 

مراد علي اختر مرزا

27- 4- 1961ع

 

مقدمه

انگريزي ادبي تنقيد- پس منظر

انگريزي ادب ۽ تنقيد جي شروعات سورهين صدي ۾ ٿئي ٿي جڏهن سرفلپ سڊني (1554ع - 1586ع) ، ”شاعري جو بچاءُ“(1)  نالي ڪتاب لکيو. سڊني کان پوءِ جان ڊرائيڊن (1631- 1700ع) پوپ (168- 1744ع) ۽ ڊاڪٽر سموئل جانسن (1709ع- 1784)  انگريزي ادب جا مشهور نقاد آهن. انهن نقادن  کي نوڪلاسيڪي(2)  نقاد به چيو وڃي ٿو. اهي ادب جي ڪلاسيڪي مڪتب جي نقادن سان تعلق رکن ٿا، جن جو سلسلو ارسطو سان وڃي ٿو ملي. هنن نقادن جي تنقيد لساني ۽ تشريحي نوعيت جي هوندي هئي ۽ ڪنهن ادبي تصنيف جي خوبين ۽ خامين کي پرکڻ وقت هيٺين اصولن کي مدنظر رکيو ويندو هو:

1- شاعري فطري ڏات ڪانهي. انهي لاءِ سخت محنت ۽ اصلاح جي ضرورت آهي. ان ۾ جذبن جو ڪيترو دخل آهي ۽ اهي عقل جي قبضي مان ٻاهر ته ڪونه ٿا نڪرن؟ شاعريءَ جو موضوع مهذب زندگيءَ سان تعلق رکي ٿو يا نه؟ مواد جي ترتيب منطقي آهي يا نه؟ طرز ادا ۾ صفائي ۽ نفاست جو خيال رکيو ويو آهي يا نه؟ غير شاعراڻن لفظن جو استعمال ته ڪونه ڪيل آهي؟ نظم جي سٽاءَ ۾ فلسفيانه فقرا ڪتب آندل آهن يا نه؟ نظم علم عروض جي مقرر قاعدن مطابق آهي يا نه؟ ۽ شاعر پنهنجا خيال بيتن جي وسيلي ظاهر ڪيا آهن يا ڪنهن ٻيءَ شعري صنف جي وسيلي؟(1)

2- ناٽڪ ۾ ايڪائيءَ جي نظريي(2) جو ڪيترو خيال رکيو ويو آهي؟ يعني پورو ناٽڪ هڪ ئي هنڌ، ٽن ڪلاڪن جي وقت ۾ ۽ هڪ ئي بنيادي عمل جي تحت ڏيکاريل آهي يا نه؟ پوري ناٽڪ ۾ هڪ قسم جا جذبا آهن يا الميه جذبن سان گڏ طربيه جذبا به شامل ڪيا ويا آهن؟

3- پيش ڪيل ادب ۾ تفريحي ۽ اخلاقي عنصر ڪيتري قدر آهي.

4- ادب ۾ متقدمين جي پيروي ڪيتري قدر ڪيل آهي؟ ڇاڪاڻ ته هنن جيڪي لکيو آهي، ان کان جدا ٿي لکڻ ممڪن ڪونهي. ٻيو ته شاعريءَ  ۾ فطرت جي ڪيتري نقالي ڪيل آهي؟(3)

ڪلاسيڪي  نقاد اڳين شاعرن ۽ اديبن جي هر عمل کي لوهه تي ليڪو ڪري سمجهندا هئا، جنهن ڪري انهن جي مقرر ڪيل اصولن جي خلاف لکڻ کي ادبي ڏوهه ڪري سمجهيو ويندو هو. ادب ۾ اها روش گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي ۽ ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻي تحريڪ اڀرڻ لڳي، جنهن کي رومانويت(1) جو نالو ڏنو ويو. نوءڪلاسيڪي دور ۾ هر ادبي تصنيف کي مٿي ذڪر ڪيل اصولن مطابق پرکيو ويندو هو. پر ادب ۾ رومانوي تحرڪ جي اچڻ کان پوءِ نقادن کي به هن ڳالهه جو احساس ٿيو ته ”سڀني ادبي تصنيفن جي پرکڻ جا ساڳيا اصول نه هئڻ گهرجن.“ (2) ان جو نتيجو هي نڪتو ته ارڙهين صدي ۾ ئي ڪلاسيڪي ۽ نوڪلاسيڪي ادبي اصولن جي خلاف هڪ غيرمنظم بغاوت شروع ٿي ويئي. جلد ئي وليم ورڊس ورٿ جو شعري مجموعو ”سريلا گيت“(3) (1800ع) ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن جي مهاڳ ۾ ورڊسورٿ قديم ادبي اصولن (خصوصا شعري اسلوب) جي خلاف هڪ زبردست احتجاج ڪيو. هوڏانهن جرمني جي فلسفيانه مڪتب مان برڪ، ڪانٽ ۽ ليسنگ اُٿيا جن جماليات(4) جي نيئن سر تشريح ڪئي ۽ ادب ۾ جماليت جي اهميت تي زور ڏنو. انهن فيلسوفن لطيف فنن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري فطرت، رفعت، ادب ۽ گرافڪ آرٽ(5) جي خوبين جي جماليات جي روشني ۾ علمي طرح وضاحت ڪئي. ان ڪري هڪ طرف جمالياتي تجربي جو دائرو وسيع ٿي ويو ۽ ٻئي پاسي ادبي تنقيد جي روايت ۾ پڻ اضافو ٿيو. رومانويت تي انهن جرمن فيلسوفن جي تحريرن جو ڏاڍو اثر آهي.

رومانويت ۾ جذبن ۽ احساسن کي اهميت ڏني ويئي. شعري زبان ۾ چونڊ لفظن جي استعمال بدران روزمره جي عام ٻولي کي ترجيح ڏني وئي. شاعريءَ لاءِ موضوع عام زندگي ۽ ڳوٺاڻي آزاد زندگيءَ مان ورتا ويا. ڪلاسيڪي روايت جي برخلاف شاعريءَ ۾ ديون ۽ پرين جي قصن بيان ڪرڻ بدران ڳوٺاڻي ۽ فطري زندگي  ۾ پليل پاڪ ۽ صاف دلين جي امنگن جي اپٽار ڪرڻ کي ڪاميابي سمجهيو ويو. جذباتيت (شيلي)، فطري نظارن ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ سان دلچسپي (ورڊسورٿ ۽ گولڊ سمٿ)، ماضي جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پش ڪرڻ (والٽر سڪاٽ)، تصوف سان دلچسپي (وليم بليڪ)، انفراديت پسندي ۽ نوڪلاسيڪي اصولن جي خلاف بغاوت (لارڊ بائرن ۽ شيلي)، تخيئل جي مڪمل آزادي ۽ فطري نظارن ۾ ڇڙواڳ عجيب و غريب وحشي عناصرن سان دلچسپي (ڪوپر). انساني حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو جذبو (بائرن، شيلي ۽ برنز)، جذبابتي الميت (ڪيٽس ۽ شيلي) ۽ ناول نويسي ۾ جذبات نگاري (رچرڊسن) رومانويت جون خاص خوبيون آهن. مطلب ته ”رومانويت، ڪلاسيڪي عقليت ۽ ان جي مقرر ڪيل اصولن جي پابنديءَ خلاف هڪ ردعمل آهي جيڪو امنگن جي آزاد دنيا قائم ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ ڪلاسڪيت جي ٿڌي خارجيت کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي پرجوش داخليت کي آڻڻ گهري ٿو.“(1)

رومانيت جي سببان جيتوڻيڪ انگريزي ادب مالامال ٿي ويو ۽ انگريزي تنقيد جو دائرو ويتر وڌي ويو، پر ”اڪثر سڌارن وانگر، هيءُ سڌارو به پنهنجو ليڪو لنگهي ويو.“(2) لازمي طور هڪ ٽئين تحريڪ ”حقيقت پسندي“(3) وجود ۾ آئي، جيڪا وري ”ڪلاسيڪي روايتي هيئت ۽ رومانوي ڇڙواڳيءَ جي خلاف هڪ ردعمل هئي. حقيقت پسنديءَ جي ڪري لطيف فنن جي دنيا ۾ جديد علمي روح پئجي ويو. وجود جي غير واضح تفصيلن جو صحيح مشاهدو ڪري ان مطابق انسان ۽ ان جي ڪائنات جي سچي يا حقيقي تصوير ٺاهڻ حقيقت پسندي جو خاص مقصد آهي.“(1) اُوڻهين صديءَ کان پوءِ دنيا جي ادب ۾ جيڪو انقلاب آيو، ان جو سبب اهائي تحريڪ هئي، پر پروفيسر ايبرڪرومبي جي خيال مطابق ”جيڪا اهميت رومانويت کي ملي، اها حقيقت پسندي کي ڪڏهن به نصيب ڪين ٿي سگهي.“(2)

 

”ادبي تنقيد جا اصول“ – سرسري جائزو:

انگريزي ادبي روايت جون اهي ٽي تحريڪون (ڪلاسڪيت، رومانويت ۽ حقيقت پسندي) اوڻيهين صديءَ ۾ اوج تي هيون. پروفيسر ايبرڪرومبي انهن سڀني تحريڪن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري جماليت جي تاريخي ارتقاءَ جي روشنيءَ ۾ ادبي تنقيد جا اُصول مرتب ڪري ٿو.

ان لحاظ سان ڪتاب جو پهريون باب (تعارف) ۽ ٻيو باب (ادبي فن) غور سان مطالعي ڪرڻ لائق آهن. انهن بابن ۾ تنقيد جو مقصد ۽ اهميت، تنقيد جو اصل موضوع، ادب ۽ فن جو اختلاف، علمي ادب ۽ خالص ادب، ادب ۾ اشاريت جي اهميت، ٻوليءَ جون پوشيده قوتون، هئيت ۽ اسلوب، ادب ۽ حقيقي زندگي وغيره، اهڙا نڪته آهن، جن جي جماليات، لسانيات ۽ اخلاق جي جديد علمن جي نڪتئه نظر سان ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. ٽيون باب ارسطو جي تنصيف ”فن شاعري“(3) بابت آهي. مصنف ادبي تنقيد جي اوسر ۾ ان تصنيف جي اهميت تي زور ڏيندي چوي ٿو ته ”اسين ان اعليٰ تصنيف کي ان نيت سان بحث هيٺ آڻينداسون.

”......... ته پوين تهذيبن ان مان گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪيو.(1) ٻيو ته ”ارسطو ان ۾ اُهي سڀئي مسئلا کڻي ٿو، جن جي وسيلي اهي اُصول ملن ٿا، جيڪي تنقيد لاءِ تمام ضروري آهن.“(2)

ان باب ۾ نه صرف ”فن شاعري“ تي تحقيقي بحث ڪيل آهي، بلڪه ادب جي نظرين بابت افلاطون کان وٺي جرمن مفڪر هيگل تائين، تقابلي مطالعو پڻ ڪيو ويو آهي. ازنسواءِ ناٽڪ جي اصولن تي اهو باب هڪ سند آهي. جنهن ۾ الميه، طربيه، ناٽڪي ايڪائين، پلاٽ، ٻولي، ڪردارن، واقعن ۽ الميه جي تاثير تي وضاحت سان بحث ڪيو ويو آهي. آخر ۾ الميه ناٽڪن جي روشنيءَ ۾ ادب جو مقصد بيان ڪيل آهي. ڪتاب جو چوٿون باب ادبي تنقيد جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو.

ان باب ۾ فقط انهن اهم فيلسوفانه تصنيفات کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، ”جيڪي خاص ڪري جمالياتي تنقيد لاءِ قيمتي آهن.“(3) ازنسواءَ ان تنقيدي تحقيقات تي پڻ بحث ملي ٿو، جن جي انگريزي ادب ۾ اهميت آهي. يورپي تنقيد تي ارسطو جو اثر (هوريس)، ادب جو تمثيلي نظريو (ڊانٽي)، نظرياتي تنقيد (سڊني، بيڪن، ڪانٽ، ڪروچي)، اسلوبي تنقيد (لانجينس بن جانسن، پوپ، ورڊس ورٿ) ۽ رومانويت ۽ رفعت (برڪ، ڪانٽ، ليسنگ ۽ مئنزوني) جي بنيادي اصولن جي ان باب ۾ علمي طرح وضاحت ڪيل آهي.

بنيادي طرح مصنف ادبي تنقيد جي جمالياتي مڪتب سان تعلق رکي ٿو. هو قبول ڪري ٿو ته تنقيد جي روايت ۾ رومانويت ٻين سڌارن سان گڏ هيءُ سڌارو به آندو ته، ”ان ۾ تشريح ۽ تفسير جي آزادي ملڻ لڳي. اها آزادي انهن نام نهاد خارجي قاعدن جي صداقت کان انڪار ڪري ٿي، جيڪي ڪلاسڪيت جي متوالن گهڙيا هئا....”رومانويت جي ڪري ئي ليمب، ڪالرج ۽ هيزلٽ ۾ تنقيدي انفراديت پيدا ٿي ۽ ڪنهن فنپاري کي پرکڻ جي پوري پوري آزادي ملي سگهي. پر خدشو هي پيدا ٿيو ته رومانويت جي ڪري غير ذميداريءَ جي گهڻي پٺڀرائي ٿي هئي.“(1) اهوئي سبب آهي جو هو رومانويت کي اکيون پوري قبول ڪرڻ بدران، ان جو ٻين تحريڪن سان مقابلو ڪري، ان جي خوبين ۽ خامين جو جائزو وٺي ٿو. ساڳئي وقت هو ڪلاسڪيت جي اصولن کي به نظرانداز ڪونه ٿو ڪري، بلڪه انهن جي به تڪ تور ڪري سٺن ۽ چڱن اصولن جي تعريف ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح مصنف جا مقرر ڪيل ادبي تنقيد جا اصول اهڙا آهن، جن ۾ ادب جي مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي مشهور تحريڪن جو روح سميٽجي آيو آهي.

تنقيد جا اهي اصول جيتوڻيڪ مغربي فلسفي ۽ مغربي علم ادب جي پس منظر ۾ مرتب ڪيل آهن، پر سنڌي تنقيد جي روايت کي اهي يقينن ترقي ڏانهن وٺي ايندا. ان جو هي مطلب ڪونهي ته سنڌي تنقيد جي روايت سکڻي آهي. اسان جي تنقيد مشرقي تنقيد (عربي ۽ فارسي تنقيد)  کان گهڻو متاثر آهي. ان ۾ تحقيق ۽ تصحيح جي مشڪل ڪم قديم ادب  جي لڪل خزانن کي ظاهر ڪري نه فقط ٻوليءَ کي مالامال  ڪيو آهي، بلڪ نئين ذهن کي ماضي جي بي بها دولت جو مالڪ پڻ بنايو آهي. ان تنقيد  ۾ ٻوليءَ جي بحثن علم معاني ۽ علم بيان کي متعارف ڪيو آهي ۽ فصاحت ۽ بلاغت جي اهميت واضح ڪئي آهي. شاعرن ۽ اديبن جي مطالعي مختلف  ادبي تحريرن ۽ ادبي شخصيتن جي خوبين ۽ خامين کي ظاهر ڪيو آهي. ادبي تاريخن ۽ ادبي تذڪرن ۾ ادب جي مختلف صنفن جي شهپارن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. پر اڄوڪي دور ۾ مشرق ۽ مغرب جو اختلاف ختم ٿيندو پيو وڃي. سائنس جي ايجادن وقت ۽ فاصلي کي بنهه گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ دنيا جا سڀئي ملڪ ۽ قومون هڪ ٻئي جي ايترو ته قريب پهچي ويون آهن جو هڪ ٻئي جي چڱن اثرن کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. هن دور ۾ اسين صرف پنهنجي ادب تائين محدود نه آهيون، بلڪ دنيا جي مختلف قومن کي سمجهڻ لاءِ انهن جي ادب جو مطالعو ڪرڻ پڻ اسان لاءِ بيحد لازمي ٿي پيو آهي. ان لحاظ سان هيءُ ڪتاب نه صرف مغربي  ادب جي شهپارن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو، بلڪ هن مطالعي کان پوءِ اسين پنهنجي ادب جي بيشمار لڪل خوبين کي پڻ علمي طرح واضح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنداسون. جهڙي طرح لفظ ادب مختلف معنائن ۽ مقصدن  جو حامل آهي، تنقيد به ان لحاظ سان انهن مڙنئي معنائن ۽ مقصدن جو احاطو ڪري ٿي، جيڪي صحيح ادب جي جان ۽ روح هوندا آهن. تنقيد جو مقصد نه صرف ڪنهن ادبي تخليق جو تجزيو ڪرڻ آهي، بلڪ ادب جي فڪري اسلوبن جي اسرارن ۽ رمزن کي کولي صاف ڪرڻ، تخليقي ذهن جي سمورين پيچيدگين  کي سمجهي، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ ۽ ادب جي جمالياتي تصورن ۽ ادبي تخليق جي فڪري بنيادن کي پوري طرح سمجهي، انهن جي علمي نڪته نگاه سان صحيح ۽ سچي وضاحت ڪرڻ پڻ تنقيد  جو بنيادي مقصد آهي. ادب ۽ تنقيد  جو رشتو ايترو ته گهرو  ۽ مضبوط آهي جو ”جيستائين ادب، ادب رهندو، تنقيد به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم ۽ دائم رهندي. ڇاڪاڻ ته  تنقيد جو بنياد به حقيقت ۾ اهو ئي آهي جيڪو خود ادب جو آهي.(1)


(1) The Defence of Poetry

(2) Neo Classical

(1)  نوڪلاسيڪي دور جا شاعر مثنويءَ جي طرز تي ئي پنهنجا نظم لکندا هئا.

(2)  Theory of Unity.

(3)  هوريس پنهنجي لاطيني نظم “Ars Poetica” (فن شاعري) ۾ جنهن جو ترجمو پوپ انگريزيءَ ۾ ڪيو آهي، ان اصول جي هيٺين ريت اپٽار ڪري ٿو:

First follow Nature, and your judgment frame.

By her just standard, which is still, the same?

Unerring Nature, still, divinely bright

One clear unchanged and universal light.

Life, force and beauty, must to all ampart,

Aloue the sowrce, and end, and test of Art.

(1) Romanticism

(2) Chamber’s Encyclopedia

(3)  Lyrical Ballads.

(4) Esthetics

(5) Graphic Art

(1) Ferdinand Schevill – History of Europe. P- 678

(2) ايبرڪرومبي، متن

(3) Realism

(1) History of Europe, Ferdinand Schevill. P-678

(2) متن

(3) Poetics

(1) متن

(2) متن

(3)  متن

(1) متن

(1) The Function of Criticism: T.S. Eliot (Selected Essays)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com