سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شهزادي قدم برگ

ڪهاڻي: 1

باب: 5،4

صفحو :2

باب چوٿون

ڪوٽوال جي پٽ ڇا ڪيو؟

 

ڪوٽوال جو پٽ ڏاڍو سياڻو ھو. دل ۾ چيائين، تھ ”مون کي پڪ آھي، تھ آءٌ شھزاديءَ قدمبرگ کي نٿو وڻان، ڇالاءِ جوشھزادي کي گھڻو ٿو وڻان. تنھنڪري مٺائيءَ جو ذرو کڻي، ڀوري، ڪانگن کي ڏنائين. جھٽ ۾ گھڻائي ڪانگ اچي گڏ ٿيا، مٺائي جا ڀورا کائيندا ويا، ۽ اتي جو اتي بيھوش ٿي ڪري پيا. ٻھ ٽي تھ مري بھ پيا. ڇا لاءِ جو جيڪا دوا ماڻھوءَ کي فقط بيمار يا بيھوش ٿي ڪري، سا ڪنھن پکيءَ يا ننڍڙي جانور کي ماري بھ وجھي ٿي.

ھيءَ حال ڏسي شھزادو ڊڄي ويو. پنھنجي دوست کي چيائين، تھ ”ادا ھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ڪوٽوال جو پٽ وڌيڪ ڪين ڪڇيو، مٺائي جو ذرو ھڪڙي ڪتي کي کڻي اڇلائي ڏنائين، جو اتان انھيءَ مھل لنگھيو ٿي ويو. ڪتو اھو کائي ويو. لحظي کان پوءِ اھو ڀونڪڻ ۽ ٽپڻ لڳو ۽ پوءِ ساڻو ٿي ڪري پيو.

ھي رنگ ڏسي، شھزادو ڏاڍو ڪاوڙيو. چوڻ لڳو، تھ ”ھيءَ مٺائي منھنجي زال پنھنجن ھٿن سان جوڙي ھئي. ھوءَ ڪا ڏاڍي بد نيت زال ٿي ڏسجي. آءٌ وري ڪڏھن بھ سندس منھن نھ ڏسندس.“ ڪوٽوال جي پٽ چيو، تھ ”ائين نھ چؤ. ھن جي توسان حد کان زياده محبت آھي. ھن مون کي زھر ڏئي مارڻ جي ڪوشش نھ ڪئي آھي. ھن جو مطلب فقط ايترو ھو، تھ آءٌ بيمار ٿيان ۽ جلد ئي پنھنجي وطن موٽي وڃان. ھن جي مرضي آھي، تھ کانئس سواءِ تنھنجو پيار ٻئي ڪنھن سان نھ ھجي.“

شھزادي چيو، تھ ”نھ آءٌ وري ڪڏھن بھ وٽس نھ ويندس. ھوءَ چڱي زال نٿي ڏسجي. تو ڪو قصور ڪونھ ڪيو ھو، نھ ئي کيس ڪو نقصان پھچايو ھو، تڏھن بھ توکي زھر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، نھ آءٌ ڪڏھن بھ وري وٽس نھ ويندس.“

ڪوٽوال جو پٽ في الحال تھ ماٺ ڪري ويھي رھيو. دل ۾ چيائين، تھ ”جڏھن ھن جي ڪاوڙ گھٽبي، تڏھن ھن بابت کيس وري ڪي چوندس. ھن جي شھزاديءَ قدم برگ سان گھڻي محبت آھي، تنھنڪري ٿوري وقت کان پوءِ ھو ضرور وٽس ويندو.“

جڏھن مھينو پورو ٿيو، تڏھن شھزادو بي آرام ٿيڻ لڳو. ڪوٽوال جي پٽ چيس، تھ ”ھاڻ توکي موٽي شھزاديءَ قدم برگ ڏي وڃڻ گھرجي. نيٺ تھ ھوءَ تنھنجي زال آھي، توسان محبت اٿس. بھتر آھي تھ ھينئر تون کيس پاڻ سان وٺي، پنھنجي وطن ھلين.“

شھزادي چيو تھ ”نھ نھ، ھن ھيتري ڪئي آھي، آءٌ وري وٽس ڪين ويندس“. ڪوٽوال جي پٽ چيو، تھ ”ھن مون کي مارڻ نٿي گھريو. ھن مون کي فقط ھڪالي ڪڍڻ ٿي گھريو.“

شھزادي چيو، تھ ”جي آءٌ وري وٽس ويندس، تھ ھوءَ توکي وري بھ ڪنھن ٻئي رستي ايذاءُ رسائڻ جي ڪوشش ڪندي. تون منھنجو دوست آھين. منھنجي مرضي آھي، تھ جيئن منھنجي زال مون وٽ ھجي تيئن منھنجو دوست بھ مون وٽ ھجي.“

ڪوٽوال جي پٽ چيو، تھ ”اھا تجويز آءٌ توکي ڏيندس.“ ھن چيو، تھ ”تڏھن ڪا اھڙي تجويز ڪر، جو ھوءَ تنھنجي برخلاف نھ ٿئي.“

ڪوٽوال جي پٽ پيتيءَ مان ھڪڙي دٻلي ڪڍي، ھن کي چيو، تھ ”ھيءَ دٻلي پاڻ سان کڻي وڃ. اِھا تون پاڻ متان پٽين. اِھا پنھنجي جاءِ ۾ کڻي وڃج، ۽ خبرداري سان ڪٿي رکي ڇڏج، پنھنجي زال کي چئج، تھ ھن ۾ ڪا عجيب شيءِ پيل آھي، سا متان پٽي ڏسين. پڪ آھي تھ جڏھن تون ٻاھر ويندين، تڏھن ھوءَ ضرور اھا پٽي ڏسندي. پٽڻ شرط ھن کي ڪي ٿيندو ۽ توڏي مدد لاءِ ڀڄندي.“


 

باب پنجون

شھزاديءَ کي ڇا ٿو ٿئي

 

نيٺ شھزادو موٽي محلات ڏي ويو. سندس زال ڪاوڙيل ڏاڍي ھئي، مگر ظاھريءَ ڪري ڪاوڙ ڪانھ ڏيکاريائين. جيئن دوست سمجھايو ھوس، تيئن اھا دٻلي پنھنجي جاءِ ۾ جاري تي رکي ڇڏيائين، قدم برگ پڇيس، تھ ”ھن دٻليءَ ۾ ڇا آھي؟“ ھن چيو،تھ ”ڪا عجيب شيءِ آھي. متان ڪنھن کي پٽڻ ڏين، نھ تھ اھا نڪري ڀڄي ويندي.“ قدم برگ وري بھ زور ڪري پڇيو، تھ ”مون کي ٻڌايو تھ سھي، تھ ڪھڙي شيءِ آھي؟“ ھن چيو، تھ ”ھينئر آءٌ ڪين ٻڌائيندس.“ ائين چئي ھو نڪري ڪنھن پاسي ھليو ويو.

قدم برگ ذري ذري پي جاءِ ۾ آئي ۽ وئي، ۽ انھيءَ دٻليءَ کي ڏٺائين. ڪڏھن تھ ھٿن ۾ بھ کڻي، اٿلائي پٿلائي پي ڏٺائينس. دل ۾ پي چيائين، تھ ”ڳري تھ ڪين ٿي ڏسجي. خبر نھ آھي تھ منجھس ڇا آھي؟“ انھيءَ طرح وئي وڌيڪ شوق واري ٿيندي. نيٺ بي صبر ٿي چوڻ لڳي، تھ ”آءٌ ضرور کولي ڏسنديس.“ دٻليءَ کي ھيڏي ھوڏي اٿلائي،ھڪڙو بٽڻ ڏٺائين انھيءَ کي زور ڏنائين تھ دٻلي پٽجي پيئي، ۽ ھڪدم منجھانئس خاڪ جھڙي ڪا شيءِ اڏامي نڪري ويئي.

قدم برگ دٻليءَ منجھھ چتائي نھاريو، تھ منجھس ڪابھ شيءِ ڪانھ ڏٺائين. چوڻ لڳي، تھ ”منھنجي مڙس مون سان ڪو چرچو ڪيو آھي.“ البت رنج ٿي پنھنجي ڪوٺيءَ ڏي وئي. ٿورن منٽن کان پوءِ سندس منھن سڙڻ پوسرڻ لڳو، ۽ خارش ٿيڻ لڳيس. آرسي کڻي ڏسڻ لڳي، ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي تھ ”گھوڙا، ھي منھنجي منھن کي ڇا ٿيو آھي؟ سڄو ڳاڙھو رپڙ ٿي پيو آھي.“ ھڪدم مڙس ڏي ماڻھو موڪليائين. جڏھن ھو آيو، تڏھن چيائينس، تھ ”منھنجو منھن خراب ٿي پيو آھي، ڪو طبيب گھرائي وٺ.“

شھزادي شھر مان ٻھ ٽي ھوشيار طبيب گھرايا. انھن مٿ ھنيا، پر شھزادي بھتر نھ ٿي. قدمبرگ ڏاڍو رني. چوڻ لڳي، تھ ”ھاڻ ڇا ڪريان؟ جيڪا سونھن ھيم، سا سڀ ھلي وئي. ھھڙي بڇڙي منھن سان آءٌ ڪيئن گذارينديس.

شھزادي چيو، تھ آءٌ پنھنجي دوست ڪوٽوال زادي کي گھرايان؟ شايد ھن کي ڪو علاج سجھندو ھجي. جو اِھا دٻلي بھ انھيءَ ڏني ھئي.“ قدم برگ چيو، تھ ”نھ نھ انھيءَ کي نھ گھراءِ. ھو پاڻ ڀائيندو ھوندو تھ آءٌ اھڙي ئي ھجان. ”شھزادي چيو، تھ ”ائين نھ چؤ، ھو منھنجو سچو دوست آھي، ۽ تنھنجو سچو خيرخواھھ آھي. جي تون موڪل ڏيندينءَ تھ ھو توکي ڇٽائي ڇڏيندو.“

نيٺ قدم برگ کي سوڄ ساڙي، ۽ خارش اھڙو بي آرام ڪيو، جو لاچار ٿي مڙس کي چيائين، تھ ”چڱو ڀلي پنھنجي دوست کي گھراءِ.“ ان موجب شھزادي پنھنجي دوست کي گھرايو، ۽ ھو ھڪدم آيو، ٻي ھڪڙي دٻلي بھ پاڻ سان کنيو آيو. انھيءَ مان مرھم ڪڍي، شھزاديءَ جي منھن تي لاتائين، تھ جھٽ ۾ سوڄ بھ لھي وئي، ساڙو ۽ خارش بھ، سگھوئي چڱي ڀلي ٿي پئي. تڏھن ھوءَ ڏاڍي پشيمان ٿي، جو ياد آيس، تھ مون ڪوٽوال جي پٽ سان ڪھڙي جٺ ڪرڻ ٿي گھري. چيائينس، ”مون کي معاف ڪر، مون توکي نقصان ۽ ايذاءُ رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.“

ڪوٽوال جي پٽ چيو، تھ ”اوھان کي معافي آھي. اوھين بلڪل دل ۾ نھ ڪريو. آءٌ اوھان جي مڙس جو دوست آھيان، تنھنڪري اوھان جو خيرخواھھ آھيان. اھو آءٌ ئي ھوس، جنھن اوھان جي مڙس کي چيو، تھ گل کي ڏندن ۾ جھلڻ، وري ڪن تي رکڻ، ۽ پيرن تي رکڻ جي معنيٰ ڇا آھي. مون کان سواءِ ھو جيڪر اوھان کي ڳولي لھي نھ سگھي ھا، ۽ نھ اوھان سان شادي ڪري سگھي ھا.“

انھيءَ کان پوءِ شھزادي قدمبرگ وري پنھنجي مڙس جي دوست جي نسبت ۾ ڪابھ بدگماني ڪانھ ڪئي. ٽيئي ڄڻا گڏجي وري پنھنجي وطن ڏي ويا. شھزادي جو پيءُ ۽ ماءُ قدم برگ کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. نواب ڪوٽوال زادي کي عمدو انعام ڏنو، ۽ ھن کي پنھنجو وزير مقرر ڪيائين. شھزادو ۽ شھزادي پاڻ ۾ ھميشه محبت سان گذاريندا آيا، جڏھن نواب مئو، تڏھن ھو ملڪ جا حاڪم ٿيا ۽ وزير چڱي صلاح ڏيندو آين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com