سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون

 

صفحو : 5

جهرڪي

 

ڪيڏو لڏو لڏي ٿي،

 

ڪک پن ڪري گڏ ٿي،

حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿي.

 

عمدو آکيرو اڏي ٿي،

تصوير سادگيءَ جي،

 

تعمير سادگيءَ جي،

تنهن ۾ ڪري ٿي باسو.

 

ڇت ڀت جو ڪنڊ پاسو،

ويري ڪري نه واسو،

 

جيئن ٿئي بچاءُ خاصو،

ڪاهي نه نانگ زهري.

 

ڪو ڪانءُ باز بحري،

پهرو ڏيئي ٻچن تي،

 

قائم رهي ڪکن تي،

تازن ڄڻين ڪچن تي.

 

آرو ڪري ٿي تن تي،

ٻاهر اندر اُڏامن،

 

جيسين پرين پڪا ٿين،

چُون چُون ڪري ٿي تڪڙي.

 

جهرڪيءَ جي چهنب تڏڙي،

پر عاقبت ۾ وڏڙي،

 

قدبت ۾ آهي ننڍڙي،

گهر ٿي سڄو سنڀالي.

 

ڪيڏو ڪٽنب ٿي پالي،

گهر ڏي کڻي هلي ٿي،

 

چُرنديون چچيون جهلي ٿي،

ڀانئين بلي بل ٿي.

 

سر سر ڪري سلي ٿي،       

ڪيڏو نه شور ڪن ٿا.

 

ٻچڙا ڏسي نچن ٿا،

 

 

 

             

ڦوڪڻو ملوڪڻو

 

ڦُوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو،

منهنجو آهي مَلوڪڻو.

 

ڦاٽي پوندو، سبي نه سگهبو،

کونئر لئيءَ  سان لِنبي نه سگهبو،

ٽئنڪر ڏيندي ٽُو ٽڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو.

 

نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي،

جنسي ريشم جهڙو آهي،

هلي هَوا ۾ ڌُوڪڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو.

 

خالي آهي کلڙيءَ جهڙو،

منهن وٽ آهي نَلڙيءَ جهڙو،

جنهن کي چئجي چُوپڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو.

 

ڦوڪڻ سان هي گولو بڻندو،

ڇڏي ڏيڻ ساڻ سيٽي هڻندو

ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو،

 

منهنجو آهي ملوڪڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو.

*

 

ڪُڪڙون ڪُون

اُٿي اچانڪ ننڊ منجُهون،

کولي کنڀڙاٽيون ڏين لاٽون،

جاڳين ۽ جاڳائين تون،

ڪُڪڙون ڪُون ۽ ڪُڪڙون ڪُون.

 

جڏهن گلي مان گُهگُهو وڄي،

مان ڄاڻان، ٿي رات ڀڄي،

ڄاڻ ڪڍيون سورج شاخون،

ڪُڪڙون ڪُون، ۽ ڪُڪڙون ڪُون.

 

تارن ۾ تو لاءِ گهڙيال،

وقت جو جنهن مان جاچين حال،

ڄاڻين پَهرَ بجا پلڪون،

ڪُڪڙون ڪُون، ۽ ڪُڪڙون ڪُون.

 

جاڳين جلدي ٿيم مٿي،

پورو پنهنجي نيم مٿي،

ڀل ته هجن ڪهڙيون به مندون،

ڪُڙون ڪُون، ۽ ڪُڪڙون ڪُون.

 

ڳائي ڪُڪڙون ڪُون جو راڳ،

سُتلن کي ٿو ڪرين سجاڳ،

جاڳين ۽ جاڳائين تون،

ڪُڪڙون ڪُون ۽ ڪُڪڙون ڪُون.

*

ڪُتن جي ويڙه

 

ٺانگر خان وڏيرو آيو،

ٻنهي ڪُتن کي جنهن ويڙهايو.

 

لڪڙو آيو ساڻ کڻي،

ٻنهي ڪُتن جو آهه ڌڻي.

 

وٺ وٺ ڪيو ڪُتن کي ڇيڙي،

خوب وڌائين تن کي جهيڙي.

 

ڪُتا چڪن لاءِ وات پَٽين،

هڪ ٻئي جو  ٿا ماس ڇڪين.

 

لوهه لڙائي ۾ پيا هاڻ،

پاڻ ڪيائون رَتو ڇاڻ.

 

لوهوءَ ۾ ٿيا لال رچي،

ماڻهن لاءِ وئي موج مچي.

 

ڏسو ڪُتن جي لڳي لڙائي،

خلق تماشو ديکڻ آئي.

 

گُگدامن کي ساس پيارو،

ڪاساين کي ماس پيارو.

 

مروان موت ملُوڪان شڪار،

اُلٽو دنيا جو وهنوار.

سارنگ

 

بادل گجندا ڀڄندا آيا،

دُهل نقارا وڄندا آيا.

 

کنوڻ اچي ٿي ناچ نچي ٿي،

ڌوم ڌام سان موج مچي ٿي.

 

ڀِنڙي ڀِنڙي بوند وسي ٿي،

دِل کي راحت خوب رَسي ٿي.

 

مِٺڙي مِٺڙي هير گُهلي ٿي،

دل جي مُکڙي خوب کِلي ٿي.

 

هوا ٿڌيري هاڻ هلي ٿي،

اچي سُڳنڌِي بلي بلي  ٿي.

 

وري وسي ٿو تڪڙو مينهُن،

واهه جو خاصو آيو ڏينهن.

 

ڀريا وهيا نيسارا جاري،

پاڻيءَ پٽ ڀريا چؤڌاري.

 

پوکون اَٺ ڪنديون سر سيرو،

آهي سڀاڳو پاڻيءَ پيرو.

 

وڻ ٿي ساوا ٻور جهليندا،

ميوا جام انهن ۾ ٿيندا.

 

گاهَه اُڀرندا ساوا ساوا،

ڍور ڪندا سي کائي جاوا.

 

پوک ڀلي ٿيندي هيڪاندي،

کيٽ اُپائي ڏيندا چاندي.

 

سارنگ جا رنگ آهن رنگي،

تن ن ن تن لائي سارنگي.

 

پي پاڻي ٿيو پُر پَپيهو،

ڪري تنوارون طوطو چيهو.

 

ڊنگ ڊنگ ڊنگ ڊيل ڪري ٿي،

مور سان ناچون کيل ڪري ٿي.

 

گيت ڳنوارن گڏجي ڳايا،

چنگ نڙا ۽ ڍول وڄايا.

 

اچو ته ٻارو راند رچايون.

اسين به گڏجي سارنگ ڳايون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com