سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: پرين جون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:4 

ان رات شهزادي هڪ عجيب خواب ڏٺو. هن ڏٺو ته هڪ ڏيڏر هو جيڪو هڪڙي تلاءَ جي ڪناري تي هيڏي هوڏي کيڏي رهيو هو ته ايتري ۾ هڪڙو ڇوڪر آيو، جنهن هن کي پٿر هڻي زخمي ڪري وڌو ۽ ڄنگهن کان اُبتو جهلي، بي رحميءَ سان پنهنجي گهر کڻي آيو، جتي سڄو ڏينهن هن کي هيڏي هوڏي ڊوڙائيندو رهيو ۽ رات جو سواءِ کاڌي کارائڻ جي، بکيو ئي هڪڙي ٿڌي ۽ اونداهي صندوق ۾ بند ڪري ڇڏيو، جتي هو بک ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو. ايتري ۾ شهزادي جي اک کُلي وئي ۽ هن جي ڪن تي آواز پيو، ”شهزادا، او شهزادا! هتي ڏاڍي سردي آهي، مان سيءَ ۾ ڏڪي رهي آهيان!“

شهزادي جي دل تي انهن لفظن جو ڏاڍو اثر ٿيو. هو هنڌ مان ٽپو ڏئي اُٿيو ۽ ڏيڏريءَ کي هٿن ۾ کڻي چيائين، ”مون کي افسوس آهي، جو مان تو سان خراب هليو آهيان. مون کي معاف ڪجان.“ ائين چئي، ڏيڏريءَ لاءِ نرم هنڏ وڇائي، ان تي هن کي سُمهاريائين ۽ چيائين، ”آئيندي مان پنهنجو واعدو پورو ڪندس ۽ اسين پاڻ ۾ دوست ٿي رهنداسين.“

صبح جو جڏهن شهزادو ڏيڏريءَ کي ڏسڻ لاءِ ان جي بستري ڏانهن ويو ته هن کي اهو ڏسي عجب لڳو ته هند ۾ ڏيڏري نه، پر هڪڙي سهڻي پري ستي پئي آهي. ايتري ۾ پري به اکيون کولي اٿي. شهزادي هن کان حيرت مان پڇيو، ”تون ڪير آهين ۽ ڏيڏري ڪيڏانهن وئي؟“

پريءَ جواب ڏنو، ”اها ڏيڏري آءٌ آهيان. منهنجو نالو گلبدن پري آهي.“ پوءِ هن شهزادي کي ڏيڏري ٿيڻ جو احوال ٻڌايو ته ”ڪوهه قاف جبل جي ويجهو پرين جو هڪڙو ملڪ آهي. جنهن جو نالو گل آباد آهي. اتي هر طرف سهڻا ۽رنگين گل، گهاٽا ۽ وڏا وڻ ۽ قسمين قسمين پکي آهن، جي هر وقت مٺيون ٻوليون ٻوليندا رهندا آهن. منهنجو پيءُ ان ملڪ جو بادشاهه هو . اسان جي ملڪ کان ٿورو پري جادوگرن جو ملڪ جادونگر جي نالي سان آهي. ان ملڪ جا ماڻهو جادوگر آهن ۽ انهن جو بداشاهه وڏو جادوگر آهي. هن هڪ ڀيري مون کي ڏسي ورتو هو ۽ مون تي عاشق ٿي پيو هو. هن مون سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي ۽ اهڙو نياپو منهنجي پيءُ ڏانهن ڏياري موڪليائين. منهنجي پيءُ کي اها ڳالهه پسند نه هئي، ته ڪو منهنجي شادي ڪنهن جادوگر سان ٿئي، تنهنڪري هن انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن تي ڪاوڙجي هن اسان جي ملڪ تي حملو ڪيو. منهنجي پيءُ کي ماري ڇڏيو ۽ مون کي جادوءَ جي زور سان ڏيڏري بنائي جهنگ واري تلاءَ ۾ ڦٽو ڪري ويو. رات تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم ۽ محبت پيدا ٿي، تنهن مون تي ٿيل جادوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي مان پنهنجي اصلوڪي صورت ۾ اچي وئي آهيان.“

شهزادو پريءَ جي سونهن ڏسي، ان تي عاشق ٿي پيو. هن کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ويو، جنهن ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيو.

 

باغائيءَ جي ڌيءُ ۽ نازان پري

 

هڪڙي ملڪ ۾ هڪڙو باغائي رهندو هو. جنهن کي هڪڙي سهڻي ڌيءُ هئي. باغائي ڏاڍو غريب هو، نه هُئس رهڻ لاءِ پورو گهر، نه هئس کائڻ لاءِ پورو کاڌو، نه پهرڻ لاءِ پورو ڪپڙو، ان هوندي به هن جي دل چاهيندي هئي ته هن جي ڌيءُ جي شادي ملڪ جي بادشاهه سان ٿئي.

ان ملڪ جو بادشاهه ڏاڍو لالچي هو. هن کي سونَ ۽ چانديءَ سان ڏاڍي دل هوندي هئي. هميشه اهو خيال پيو ڪندو هو ته هن وٽ سون جون ڪوٺيون ڀريون پيون هجن.

هڪڙي ڏينهن باغائي بادشاهه وٽ ويو ۽ بادشاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻڌايائين، ته هن جي ڌيءُ اهڙي آهي، جو چرخي تي ڪپهه ڪتيندي آهي، ته اهو سونو  ڌاڳو ٿي پوندو آهي. بادشاهه جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن باغائيءَ کي چيائين ته ”ٻئي ڏينهن محل ۾ پنهنجي ڌيءُ کي وٺي  اچجانءِ.“

باغائي ڪوڙ ته ڳالهائي ويٺو هو، پر هاڻي ان ڪوڙ جو ڪو علاج ڪو نه هو. ٻئي ڏينهن هو پنهنجي ڌيءُ کي پاڻ سان گڏ بادشاهه جي محل ۾ وٺي آيو. جنهن ۾ چرخو ۽ ڪپهه پئي هئي. بادشاهه ڇوڪريءَ کي چيو ته ”رات کان وٺي صبح تائين، هيءُ ڪپهه ڪَتي منهنجي لاءِ سونو ڌاڳوتيار ڪر. جي ائين نه ٿيو ته تو کي سڀاڻي مارائي ڇڏيندس.“ ائين چئي بادشاهه هليو ويو. پهريدارن ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.

جڏهن ڇوڪري اڪيلي ٿي ته روئڻ لڳي. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري! الله کي پئي سڏيائين. ايتري ۾ هن ڏٺو ته هڪ پري جاري مان اُڏامي اندر آئي ۽ هن کان پڇڻ لڳي، ”اي ڇوڪري، تون ڇو روئي رهي آهين؟“

ڇوڪريءَ هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائينس، ”جيڪڏهن مان ڪپهه مان سونو ڌاڳو تيار نه ڪندس ته سڀاڻي بادشاهه مون کي مارائي ڇڏيندو.“

پريءَ باغائي جي ڌيءُ کي چيو، ”جيڪڏهن مان تو کي سونو ڌاڳو ڪَتي ڏيان، ته تون مون کي ڇا ڏيندينءَ؟“

باغائيءَ جي ڌيءُ هن کي چيو ته ”مان تو کي هار ڏينديس.“  پري سڄي رات ڪپهه ڪتيندي رهي ۽ سونو ڌاڳو تيار ٿيندو رهيو. صبح جو پري باغائيءَ، جي ڌيءُ کان هار وٺي هلي وئي. ڏينهن جو بادشاهه جڏهن باغائيءَ جي ڌيءُ وٽ آيو ته سڄو ڪمرو سوني ڌاڳي سان ڀريو پيو هو. بادشاهه هر هر ڌاڳي کي هٿ لائي ٿي ڏٺو ۽ ان کي سونو ڏسي پئي خوش ٿيو. بادشاهه وڃڻ وقت باغائيءَ جي ڌيءُ کي چئي ويو، ”اڄ رات توکي وري ڪپهه سان ڀريل هن کان وڏي ڪمري ۾ هلي ڪتڻو پوندو، مان پڪ ڪرڻ ٿو گهران ته گذريل رات تو ڪا اٽڪل ته نه ڪئي آهي.“

جڏهن بادشاهه هليو ويو ۽ رات ٿي ته باغائيءَ جي ڌيءُ روئڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ڪپهه مان سونو  ڌاڳو ٺهڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. جڏهن چنڊ مٿي چڙهيو ته پري جاري مان اندر هلي آئي. اچڻ سان باغائيءَ جي ڌيءُ کي چيائين، ”ڇوڪري، روئڻ بند ڪر. جيڪڏهن مان تنهنجو ڪم ڪريان ۽ هن ڪپهه مان تو کي سونو ڌاڳو بنائي ڏيان ته تون مون کي ڇا ڏيندينءَ؟“

باغائيءَ جي ڌيءُ چيو ، ”مان توکي منڊي ڏينديس.“ پوءِ پري ڪتڻ ويهي رهي ۽ سڄي رات چرخو هلندو رهيو ۽ ڪپهه مان سونو ڌاڳو تيار ٿيندو رهيو. جڏهن صبح ٿيو ته پري پنهنجو ڪم ختم ڪيو. هر طرف سوني ڌاڳي جا ڍير لڳا پيا هئا. پري باغائي جي ڌيءُ کان منڊي وٺي هلي وئي.

جڏهن سج مٿي چڙهيو، تڏهن بادشاهه ڪوٺيءَ ۾ اندر آيو. گهڻو سون ڏسي، بادشاهه گهڻو خوش ٿيو، ۽  دل ۾ چوڻ لڳو جيڪڏهن هيءَ باغائي جي ڌيءُ  مون وٽ هوندي ته مان دنيا جو وڏي ۾وڏو مالدار بادشاهه ٿي پوندس.  منهنجي خزاني جون ڪوٺيون سون سان ڀريل هونديون. بادشاهه باغائيءَ جي ڌيءَ کي چيو ته ”اڄ رات مان پنهنجي محل جي وڏي ۾ وڏي ڪمري کي ڪپهه سان ڀرائي ڇڏيندس. جيڪڏهن تو اتي ڪپهه مان سونو ڌاڳو ٺاهيو، ته مان تو سان شادي ڪندس. نه ته مان تو کي مارائي ڇڏيندس.“

بادشاهه جي وڃڻ کانپوءِ ڇوڪري روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي، جيڪڏهن اڄ پري نه آئي ته سڀاڻي بادشاهه مون کي مارائي ڇڏيندو ۽ جي پري مون وٽ آئي ته به آئون ان کي ڇا ڏينديس؟ مون وٽ هاڻي ته ڪجهه به نه آهي،  جو ان کي ڏيان. هوءَ انهن خيالن ۾ هئي ته پري جاري مان اندر هلي آئي. پريءَ کي ڏسي باغائي جي ڌيءُ چيو اي پري،تون هلي وڃ اڄ مون وٽ ڪجهه به نه آهي، جو مان توکي ڏيان ان تي پريءَ هن کي چيو”چڱو! جي اڄ تو وٽ ڪجهه ڪونهي ته ان وقت ڏجانءِ جڏهن تون راڻي ٿئين.“ باغائيءَ جي ڌيءُ هن کان پڇيو، ”ان وقت تون مون کان ڇا  وٺندين؟“

پريءَ چيو، ”تون مون کي پنهنجو پهريون ٻار ڏجانءِ“ اهو ٻڌي باغائي جي ڌيءُ ڏڪي وئي، پر اها ڳالهه قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو به نه هئس. جيڪڏهن اهو نٿي قبول ڪيائين ته ٻئي ڏينهن موت جي منهن ۾ ٿي وئي، تنهنڪري لاچار اها ڳالهه قبول ڪيائين.

ٽينءَ رات به پري سڄي رات چرخو هلائيندي رهي ۽ ڪپهه کي ڪَتي سونو ڌاڳو بنائيندي رهي. محل جو وڏي ۾ وڏو ڪمرو سوني ڌاڳي سان ڀرجي ويو. باغائي جي ڌيءُ اهو ڏسي، ڪڏهن خوش پئي ٿي ته سڀاڻي هن جي شادي بادشاهه سان ٿيندي  ڪڏهن غمگين پئي ٿي. جو هن پريءَ سان پهرئين ٻار ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. هوءَ سوچي رهي هئي ته منهنجو ٻار ڄمڻ کان اول الائجي ڇا ٿئي! تنهن جو ڪهڙو پتو آهي ۽ ٻار ڄمڻ کانپوءِ پري اچي الائي نه اچي! صبح ٿيڻ سان پري جتان آئي هئي، اوڏانهن هلي وئي.

انهي ڏينهن سون ڏسڻ کانپوءِ بادشاهه باغائيءَ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ جون تياريون  ڪيون. سڄي ملڪ ۾ خوشيون ٿي ويون. بادشاهه ۽ باغائيءَ جي ڌيءُ جي شادي وڏي شان ۽ مان سان ٿي. بادشاهه ۽ باغائيءَ جي ڌيءُ پنهنجو وقت خوشين ۾ گذارڻ لڳا. هڪ سال گذرڻ کانپوءِ اهو وقت اچي پهتو، جڏهن باغائيءَ جي ڌيءُ کي پهريون پٽ ڄائو. بادشاهه پنهنجي پٽ کي ڏسي خوشي ۾ نٿي ماپيو، پر راڻي اوتري خوش ڪا نه هئي جيتري هڪ ماءُ کي پٽ ڄمڻ تي ٿيڻ گهرجي. هن کي پريءَ سان ڪيل واعدو ياد اچي رهيو هو.

هڪڙي چانڊوڪي رات جو باغائيءَ جي ڌيءُ پنهنجي پٽ کي جهوليءَ ۾ جهلي پيار ڪري رهي هئي ته”پري اچي سامهون بيٺي:

”مان ٻار وٺڻ آئي آهيان.“ پريءَ چيو.

”نه نه!“ باغائيءَ جي ڌيءُ رڙ ڪئي. ”مان تو کي پنهنجي ملڪ جو سمورو خزانو ڏينديس پر تون منهنجي پٽ کي ڇڏي ڏي!“

پري هن کي واعدو ياد ڏياريو، جيڪو هن هڪ سال اڳ پريءَ سان ڪيو هو. ان تي باغائيءَ جي ڌيءُ هن کي چيو ته ”جهڙي طرح هن پهرين مهرباني ڪئي هئي، اهڙي طرح هاڻي به مهرباني ڪري، منهنجي ڇوڪري کي مون وٽ ڇڏي ڏي.“ مگر پري پنهنجي ڳالهه تي بيٺي رهي. پريءَ جو ضد ڏسي، باغائيءَ جي ڌيءُ روئڻ لڳي. ان تي پريءَ چيس ته ”روئڻ بند ڪر، توکي خبر آهي ته مان ڪنهن کي روئندي ڏسي نه سگهندي آهيان. چڱو! مان تو کي هڪڙي ڳالهه چوان ٿي، جي تو ان جو جواب ٽن ڏينهن ۾ ڏنو ته مان تنهنجي ٻار کي ڇڏي هلي وينديس. تون مون کي ٻڌاءِ ته منهنجو نالو ڇا آهي؟“

پريءَ جي وڃڻ کانپوءِ، باغائيءَ جي ڌيءَ ڪيترن ماڻهن کي گهرائي پرين جا نالا پڇيا. مگر هن کي پتو نه پيو ته هن جي مدد ڪندڙ پريءَ جو نالو ڪهڙو آهي. جڏهن ٻه ڏينهن  گذريا ته هوءَ گهر ڇڏي پري جو نالو معلوم ڪرڻ لاءِ ان جهنگ ڏانهن رواني ٿي جنهن طرف کان پري محل ۾ ايندي هئي. هن جڏهن گهڻو پنڌ ڪيو، تڏهن هن کي هڪڙي روشني نظر آئي. هوءَ اوڏانهن وڌي وئي. هن اتي ڏٺو ته هڪڙو وڏو مچ ٿي ٻريو، جنهن جي چوءگرد اها پري نچي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي ”ڪنهن کي پتو ناهي ته منهنجو نالو نازان پري آهي. سڀاڻي مون کي باغائيءَ جي ڌيءُ جو ٻار ملندو!“

اهو ٻڌي، باغائي جي ڌيءُ کي پتو پيو ته پريءَ جو نالو نازان پري آهي. هوءَ اتان ماٺ ڪري واپس گهر هلي آئي.

ٽئين ڏينهن جڏهن پري باغائيءَ جي ڌيءُ وٽ ٻار وٺڻ آئي، ته هن پريءَ کي سندس نالو ٻڌايو، جنهن جي ٻڌڻ سان هوءَ واپس هلي وئي. ان ڏينهن کانپوءِ باغائيءَ جي ڌيءُ پنهنجي مڙس ۽ ٻار سان خوش گذارڻ لڳي.

 

سون پري

 

Text Box: ڪنهن زماني ۾ هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جيڪو  اچي پوڙهو ٿيو هو، پر هن کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو هو. انهي ڏک ڪري هو بادشاهي ڇڏي اچي هڪڙي جهنگ ۾ رهيو هو. اتي هن کي هڪڙو فقير مليو، جنهن بادشاهه کي دعا ڪئي ۽ کائڻ لاءِ هڪ انب ڏنو . چيائينس ”تو کي جلد ئي هڪ پٽ ڄمندو، جيڪو هڪ پريءَ سان شادي ڪندو.“

بادشاهه جهنگ ڇڏي، پنهنجي محل ۾ آيو. فقير جو چوڻ سچو نڪتو. جلدي ئي بادشاهه کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو بادشاهه دلاور رکيو. شهزادو دلاور جڏهن جوان ٿيو، تڏهن هڪڙي ڏينهن هڪڙو مهاڻو هڪڙي سهڻي مڇي هن وٽ کڻي آيو. اهڙي سهڻي مڇي اڳ ڪنهن به ڪا نه ڏٺي هئي. جڏهن مڇيءَ کي پچائڻ لاءِ چيريو ويو ته ان مان هڪ سونو وار نڪتو. اهو  وار ڏسي، شهزادي فيصلو ڪيوته هو ان عورت سان شادي ڪندو، جنهن جا وار سونا هوندا.

شهزادو پيءُکان موڪلائي، سونن وارن واري عورت جي تلاش ۾ نڪتو. جيئن ته اهو وار مڇيءَ مان نڪتو هو تنهنڪري نديءَ جو ڪنارو ڏئي هليو. هلندي هلندي هن کي رات اچي پئي. چوء طرف سُڃ ئي سُڃ هئي. شهزادي دل ۾ خيال ڪيو ته هن هنڌ سُمهڻ خطري کان خالي نه آهي. تنهنڪري ڪنهن آباديءَ وار هنڌ سُمهڻ گهرجي.

هن هيڏي هوڏي نهاريو ته ڪو گهر هجي. جتي وڃي آرام ڪري، پر هن کي ويجهو ڪو گهر ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ گهڻو پري هن کي هڪڙي جهوپڙيءَ مان دونهون نڪرندو نظر آيو.  شهزادي چيو، جتي دونهون آهي، ته اتي ماڻهو ضرور هوندو.

اهو هڪڙي جادوگرياڻيءَ جو گهر هو. هو پنڌ ڪري وڃي اتي پهتو ۽ در کڙڪايائين ته جادوگرياڻي در کولي ٻاهر نڪتي. شهزادي ماسي ماسي، ڪري هن جي پيرن تي ڪري پيو. ماسيءَ جو لفظ ٻڌي جادوگرياڻي ڏاڍي خوش ٿي ۽ کيس پاڻ وٽ رهايائين. جادوگرياڻيءَ شهزادي کان اتي اچڻ جي خبر پڇي. شهزادي هن کي سونو وار ڪڍي ڏيکاريو. جادوگرياڻيءَ هن کي ٻڌايو ته اهو ”سون پريءَ“ جو آهي، جنهن کي سامري جادوگر  شيشي جي جبل تي قيد ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڪنهن کي به پتو ڪو نه آهي ته شيشي جو جبل ڪٿي آهي.

شهزادي صبح جي وقت جادوگرياڻي کي وري به ماسي چئي موڪلايو. جادوگرياڻي هن کي هڪڙي ڳوٿري ڏئي چيو، ”هيءَ کاڌي جي ڳوٿري آهي، هن مان ڪيترو به کاڌو ڪڍبو، تڏهن به ان ۾ اوترو جو اوترو هوندو.“ شهزادو اها جادوءَ جي ڳوٿري وٺي روانو ٿيو ۽ سون پري ۽ شيشي جي جبل جي ڳولا ۾ اڳتي هلڻ لڳو.

شهزادو پنڌڪندو، جبل لتاڙيندو، اهڙي هنڌ اچي پهتو، جتي تمام وڏا ۽ گهاٽا وڻ هئا. اهڙا وڻ هن اڳ ۾ ڪڏهن به ڪو نه ڏٺا هئا. جيئن ئي هو انهن وڻن ۾ اندر ويو، ته هن هڪ ديو کي سُتل ڏٺو. شهزادي خيال ڪيو ته ڪا اٽڪل ڪري هن ديو کي خوش ڪجي، نه ته هيءُ ديو جاڳيو، ته مون کي کائي ڇڏيندو. اهو سوچي، شهزادو ديو کي زور ڏيڻ ويٺو، جڏهن ديو جاڳيو  ته ان کي ”ماما ماما“، ڪري پيرن تي ڪري پيو.

ديو هن جي ان ڳالهه کان خوش ٿيو پر هن کي چيائين ته”مون کي بک لڳي آهي.“ شهزادي هڪدم هٿ وجهي، ڳوٿريءَ مان کاڌو ڪڍي ديو جي اڳيان رکيو. ديو کاڌو کائي وڌيڪ خوش ٿيو ۽ شهزادي کان اُتي اچڻ جو احوال پڇڻ لڳو. شهزادي هن کي ٻڌايو ته هو سون پريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ شيشي جي جبل ڏانهن وڃي رهيو آهي. ديو شهزادي کي چيو مون کي خبر نه آهي ته شيشي جو جبل ڪٿي آهي. ان ڪم ۾ مان تنهنجي ٻي ڪا به مدد نٿو ڪري سگهان، باقي مان تو کي هڪڙي جادوءَ جي لٺ ڏيان ٿو ان ۾ اهڙو اثر آهي، جو تون ان کي ڪنهن به بند شيءِ کي هڻندين، ته اها شيءِ کُلي پوندي.

شهزادو ديو کان اِها لٺ وٺي، هن کان موڪلائي اڳتي هليو. هلندي هلندي، هو اهڙي هنڌ اچي پهتو، جتي پاڻي ئي پاڻي هو. انهيءَ پاڻيءَ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو، جنهن تي هڪ ديو ستو پيو هو. شهزادو پاڻيءَ مان تري هوريان هوريان اچي ان ٻيٽ تي پهتو. هن ڏٺو ته هيءُ ٻيو ديو پهرئين ديو کان وڌيڪ پوڙهو ۽ خوفناڪ آهي! شهزادو اڳتي وڌي ديو جي پيرن وٽ ويهي هن کي زور ڏيڻ لڳو. گهڻي دير کانپوءِ ديو جي اک کُلي ۽ هو اٿي ويٺو. شهزادو ماما ماما، ڪر ي هن جي پيرن تي ڪري پيو. ديو چيو، پورا ڇهه مهينا ننڊ ڪئي اٿم، هاڻي اٿيو آهيان ته بک لڳي اٿم. ان تي شهزادي کان اتي اچڻ جو سبب پڇيائين، شهزادي هن کي ٻڌايو ته هن سون پريءَ جي ڳولا ۾ شيشي جي جبل ڏانهن وڃي رهيو آهي.

ديو هن کي چيو ته مان تنهنجي ان ڪم ۾ ڪا ٻي مدد ڪري نٿو سگهان. باقي تو کي هڪڙي چادر ٿو ڏيان. اها اهڙي آهي جو جيڪو به ان کي پائيندو ته اهو سڀني کي ڏسي سگهندو پر ٻيو ڪو به هن کي ڏسي نه سگهندو.

شهزادو ديو کان چادر وٺي موڪلائي، سون پري ۽ شيشي جي جبل جي تلاش ۾ اڳتي هلڻ لڳو. شهزادو هلندو هلندو، اهڙي  هنڌ پهتو،  جتي جبل ئي جبل هئا. هن ڏٺو ته هڪڙي جبل جي وڏي غار ۾ هڪ ديوَ ستو پيو آهي. هو هوريان هوريان جبل تي چڙهي، وڃي غار وٽ پهتو. هيءُ ٽيون ديو پهرين ٻن ديون کان وڌيڪ خوفناڪ ۽ ايترو وڌيڪ پوڙهو هو جو هن جي بُتَ جو هر هڪ وار اڇو ٿي ويو هو.

شهزادي ديوَ جي پيرن وٽ وڃي ويٺو ۽ ديو کي زور ڏيڻ لڳو. گهڻي وقت کان پوءِ ديو پاسو ورايو ۽ اٿي ويٺو. شهزادو ماما ماما، چئي هن جي پيرن تي ڪري پيو. پوڙهو ديو ماما جو لفظ ٻڌي، خوش ٿيو. شهزادي کي چيائين ته ”ٻارنهن مهينا ننڊ ڪرڻ کانپوءِ اُٿيو آهيان، هاڻي بک لڳي اٿم ڪجهه کائڻ ٿو چاهيان؟“

شهزادي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجهي کاڌو ڪڍي، ديو اڳيان رکيو. ديو جڏهن پيٽ ڀريو،  تڏهن شهزادي کان اتي اچڻ جي ڳالهه پڇيائين. شهزادي هن کي ٻڌايو ته هو سون پريءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ شيشي جي جبل ڏانهن وڃي رهيو آهي.

ديو شهزادي کي چيو ته ”شيشي جي جبل تائين پهچڻ مشڪل ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته رستي ۾ وڏا جبل آهن، جن تي انسان ڇا، پر ديو به چڙهي نٿو سگهي! پر جي ڪو اهي ٽپي به وڃي ته شيشي جي جبل تي چڙهي نٿو سگهي! ڇاڪاڻ ته ان تي پير رکڻ سان ترڪي پوندو مگر  مان تو کي هڪڙو جادوءَ جو گهوڙو ٿو ڏيان، جنهن تي چڙهڻ کانپوءِ،ان کي جتي به چاهيندين، اتي هلي تو کي پهچائيندو.“

شهزادو ديوَ کان موڪلائي، گهوڙي تي سوار ٿيو. پوءِ گهوڙي کي اُڏايائين. گهوڙو اُڏامندو اُڏامندو، اچي شيشي جي جبل وٽ پهتو. شهزادي مٿي جبل ڏانهن ڏٺو ته هن کي جبل جي چوٽيءَ تي هڪڙو قلعو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايترو ته مٿي هو جو ڪڪر به ان کان هيٺ پئي هليا. قلعو پڪي پٿر مان ٺهيل هو، هر طرف کان بند هو. ان جو مضبوط دروازو لوهه مان ٺهيل هو.  

شهزادي گهوڙي کي مٿي اُڏايو، گهوڙو ڪڪرن کان مٿي چڙهي، اچي قلعي جي دروازي وٽ پهتو. دروازو بند هو، جنهن کي کولڻ انسان جي طاقت کان ٻاهر هو. شهزادو پهرئين ديو واري لٺ کڻي دروازي کي هنئي  ته دروازو کُلي پيو ۽ هو گهوڙي کي اُتي ڇڏي اندر هليو ويو.

شهزادي کي قلعي اندر ايندو ڏسي، قلعي جا سپاهي هن کي مارڻ لاءِ اڳتي وڌيا. شهزادي هڪدم ٻئي ديو واري چادر کڻي مٿان پاتي ته هو سپاهي جي نظرن کان گم ٿي ويو.

شهزادو اهڙي نموني سپاهين جي اکين کان لڪي قلعي اندر ٺهيل محل ۾ هليو ويو. هن هڪڙي ڪمري ۾ ڏٺو ته سون پري ڏاڍي ڏُک ۾ ڪنڌ جُهڪايو ويٺي آهي. هن جا سونا وار هن جي ڪلهي تي لڙڪي رهيا هئا. شهزادو سون پريءَ تي اڻ ڏٺو عاشق هو. هاڻي سون پريءَ جي سونهن ڏسي، هن تي وڌيڪ اَڪَن ڇَڪَن ٿي پيو ۽ چادر لاهي، هن جي اڳيان اچي بيٺو.

هڪ انسان کي سامري جادوگر جي محل ۾ ڏسي، سون پري حيران ٿي وئي.  شهزادي هن کي اُتي اچڻ جي سموري ڳالهه ٻڌائي. سون پري هن کي چيو ته جيستائين سامري جادوگر جيئرو آهي، تيستائين هتان هلڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جتي به هونداسين، سامري اچي پهچندو.

شهزادو سامريءَ جي اچڻ وقت چادر پائي لڪي ويهي رهيو، جنهن وقت سامري جادوگر محل ۾ اندر آيو، شهزادي تلوار ڪڍي، ان کي ماري ڇڏيو.سامري جادوگر کي مارڻ کانپوءِ شهزادو سون پريءَ کي پاڻ سان کڻي، اچي پنهنجي ملڪ پهتو، جتي ان شهزادي دلاور سون پريءَ سان شادي ڪئي.

 

سهڻي ۽ پري

 

هڪڙي شهر ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو رهندو هو. هن جي زال سخت بيمار ٿي پئي. جڏهن شاهوڪار جي زال ڏٺو ته بيماريءَ مان جان ڇٽڻي نه آهي ۽ جلد هن دنيا کان موڪلائڻو آهي ته هن پنهنجي ڌيءُ کي پنهنجي ويجهو سڏي ۽ کيس چيو ”ڌيءُ! هميشه نيڪ ۽ چڱي رهجانءِ ۽ غريبن جي مدد ڪجانءِ، جيڪو ٻين جي مدد ڪري ٿو، خدا ان جي مدد ڪري ٿو.“ ٿورن ڏينهن کانپوءِ شاهوڪار زال مري وئي. ڇوڪريءَ پنهنجي ماءُ جي نصيحت دل ۾ سانڍي ڇڏي ۽ هميشه ان تي عمل ڪندي هئي.

شاهوڪار ڪجهه ڏينهن پنهنجي زال جي غم ۾ رهيو، پوءِ هن کي ٻيهر شادي ڪرڻ جو خيال ٿيو. هن سوچيو، ته جي ٻي شادي ڪندس ته سندس ڌيءُ جنهن جو نالو سهڻي هو، تنهن جي سنڀال به ٿيندي ۽ سندس اڪيلائي به دور ٿيندي ۽ گهر جو ڪم به چڱي طرح هلندو. اهو خيال ڪري هن ٻي شادي ڪئي.

شاهوڪار جي هن ٻي زال کي پهرئين مڙس مان ٻه ڌيئرون هيون. جيڪي ماءُ سان گڏ شاهوڪار جي گهر ۾ هليون آيون. وڏي ڇوڪريءَ جو نالو ڪوڙي ۽ ننڍيءَ جو نالو ڪاري هو. شاهوڪار جي زال ۽ ڌيئرن جي گهر ۾ پير پائڻ سان، سهڻيءَ سان ساڙ ڪرڻ لڳيون. هو سڄي گهر جو ڪم سهڻيءَ کان وٺنديون هيون. ان هوندي به شاهوڪار جي زال ڪو نه ڪو بهانو بڻائي هن کي ڳالهائيندي هئي. هن جون ڌيئرون ماءُ کان وڌيڪ هن تي کلنديون ۽ ٽوڪون ڪنديون هيون.

گهر جي ڪم ڪرڻ ڪري سهڻيءَ جو جسم ۽ ڪپڙا اڪثر ميرا رهندا هئا، تنهنڪري هو هن کي هميشه گولي ڪري سڏنديون هيون. سهڻي اهو سڀ ماءُ جي نصيحت ياد ڪري صبر سان سهندي هئي. پيءُ کي به ڪجهه نه ٻڌائيندي هئي، ڇاڪاڻ ته سمجهندي هئي، ته هن کي ان ڳالهه جو ڏک ٿيندو ۽ هو پنهنجي نئين زال سان پُڄي به نه سگهندو.

هڪڙي رات جڏهن سهڻي کاڌو تيار ڪري اچي ماٽيلي ماءُ جي اڳيان رکيو، ته هن هر روز وانگر سٺو کاڌو پنهنجين ڌيئرن ۽ پاڻ لاءِ رکيو، باقي بچيل کاڌو سهڻيءَ کي ڏنو، جيڪو هن شڪر ڪري کائڻ شروع ڪيو، ته هڪڙي پوڙهي ۽ ڪمزور فقيرياڻيءَ اچي ماني ٽڪر جو سوال ڪيو. فقيرياڻيءَ جو سوال ٻڌي شاهوڪار جي زال ۽ ان جي ڌيئرن وٺي وات پٽيو. فقيرياڻيءَ کي ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهايائون. فقيرياڻي ماني ٽڪر کان نااميد ٿي موٽڻ لڳي ته سهڻيءَ پنهنجو کاڌو آڻي فقيرياڻيءَ کي ڏنو! اهو خيال ئي نه ڪيائين ته سڄي رات بُکئي پيٽ گذارڻي پوندي.

فقيرياڻيءَ سهڻيءَ جي انهي هلت کان ڏاڍو خوش ٿي ۽ هن کي چيائين، ”ڌيءُ نيڪيءَ جو بدلو نيڪي آهي ۽ توکي هن نيڪيءَ جو بدلو ضرور ملندو.“

حقيقت ۾ اها فقيرياڻي ڪا نه هئي  پر نيڪين جي پري هئي، جيڪا ويس بدلائي اهو ڏسڻ آئي هئي، ان شهر جا ڪهڙا ماڻهو چڱا ۽ ڪهڙا خراب هئا. امير ماڻهو جن کي ڌڻيءَ تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏنو هو، تن جي غريبن سان ڪهڙي هلت هئي.

جنهن ملڪ ۾ شاهوڪار ۽ هن جي ڌيءُ سهڻي رهندا هئا، ان ملڪ جي بادشاهه کي هڪ سهڻو ۽ جوان پٽ هو. بادشاهه ۽ راڻيءَ جي خواهش هئي، ته شهزادي جي شادي ڪرائجي پر شهزادو سڄو وقت سير ۽ سفر، شڪار ۽ راندين ۾ مشغول رهندو هو، تنهنڪري پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هو، هڪڙي ڏينهن جيئن ئي هو جهنگ ۾ شڪار ڪري رهيو هو ته نيڪين جي پري، پوڙهي فقيرياڻيءَ جي ڪپڙن ۾ اچي اتان لنگهي، شهزادي کي ڏسڻ سان هن جي دل ۾ هڪڙو خيال آيو ۽ هوءَ شهزادي ڏانهن گُهوري نهاري هلي وئي.

انهيءَ رات جڏهن شهزادو سُتو ته هن هڪ خواب ڏٺو. هن خواب ۾  ڏٺو  ته سندس محل ۾ هڪڙو وڏو جشن هو، جنهن ۾ تمام گهڻا مرد ۽ عورتون شريڪ هئا. هن ڏٺو، ته هڪڙي سهڻي ڇوڪري مرڪندي آسمان مان هيٺ لٿي، جنهن جي سونهن ڏسي سڀ حيران ٿي ويا. هر ڪنهن چاهيو ٿي ته ان کي پنهنجو بنائي، مگر هوءَ ڪنهن ڏانهن به نه وئي پر جڏهن شهزادي هن ڏانهن هٿ وڌايو ته هوءَ مرڪندي هن ڏانهن هلي آئي.

خواب ڏسڻ کانپوءِ  شهزادي جي اک کُلي پئي ۽ کيس سڄي رات ننڊ نه آئي. هو سڄو وقت ان سهڻي ڇوڪريءَ بابت سوچيندو رهيو. صبح ٿيو ته شهزادو بادشاهه  ۽ راڻيءَ وٽ ويو، کين خواب جي ڳالهه ٻڌايائين ۽ چيائين ته ”ان خواب واري ڇوڪريءَ سان شادي ڪندس.“

بادشاهه شهزادي جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿي پيو. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيو، ته هو ڇا ڪري. شهزادي جي سالگرهه ٿيڻ واري هئي بادشاهه ان موقعي تي هڪ وڏي جشن جي دعوت جو انتظام ڪيو ۽ پڙهو گهمايو ته ملڪ جي سڀني مردن ۽ عورتن کي ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي کُلي دعوت آهي. پَڙهي ۾ اهو به چيو ويو ته جشن ۾ شهزادو جنهن ڇوڪريءَ کي پسند ڪندو، پوءِ اها امير هجي يا غريب، بادشاهه شهزادي جي شادي ان سان ڪرائيندو.

پڙهو ٻڌي هر ڪو ماڻهو شاهي جشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو، هر جوان ڇوڪريءَ کي اها اميد هئي، ته شهزادو ان کي پسند ڪندو ۽ بادشاهه شهزادي جي شادي ان سان ڪرائيندو. شاهوڪار جي زال ۽ ان جي ڌيئرن به جنهن ڏينهن کان اهو پڙهو ٻڌو هو، تنهن ڏينهن کان پنهنجي سينگار جي سامان ۽لٽن ڪپڙن کي ٺاهڻ لڳيون هيون. جشن واري ڏينهن ته صبح کان وٺي شام تائين پاڻ کي مهَٽڻ، ڪپڙا پهرڻ ۽سينگار ڪرڻ ۾ مشغول رهيون.

سهڻيءَ، ڪوڙي ۽ ڪاريءَ کي جشن ۾  وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو ڏسي پنهنجي ماٽيلي ماءُ وٽ وئي ۽ کي جشن ۾ وٺي هلڻ لاءِ چيائين. اهو ٻڌي شاهوڪار جي زال اچي ڪاوڙي ۽ هن جون ڌيئرون سهڻيءَ تي کلڻ لڳيون. کيس چوڻ لڳيون، ”تون جهڙي گدلي شاهي جشن ۾ هلي ڇا ڪندي؟ پنهنجا ڪپڙا ۽ منهن ڏٺو اٿئي.“ انهن لفظن سهڻيءَ جي دل کي ڏک پهچايو. هوءَ روئندي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي.

شاهوڪار جي زال جڏهن پنهنجي ڌيئرن کي وٺي شاهي جشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃڻ لڳي، تڏهن سهڻيءَ کي چيائين، ”ڇوڪري ، رڌڻي کي صاف ڪري ڇڏجانءِ، ٿانوَ ڌوئي ڇڏجانءِ، متان صبح جو ڪم لاءِ اٿڻ ۾ دير ٿي وڃي.“

جڏهن هو سڀ هليا ويا، تڏهن سهڻي پنهنجي ماءُ کي ياد ڪري روئڻ لڳي، ”هاءِ! مون کي هن گهر ۾ ته نوڪرن جهڙي به عزت ڪا نه آهي. سڄو ڏينهن ڪاوڙ آهي. پيار ڪونهي، ڪم آهي، آرام ڪونهي، مون کي نه ڪڏهن ٻاهر ٿا ڇڏين، نه ڪڏهن پاڻ سان گڏ وٺي ٿا وڃن، اڄ جيڪڏهن مان شاهي جشن ۾ وڃان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها.“

ايتري ۾ هن ٻڌو، ته ڪو چئي رهيو هو، ”ڌيءُ، روءَ نه.“ سهڻيءَ ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪڙي پري بيٺي هئي، هن ڇرڪ ڀري پڇيو، تون ڪير آهين؟ هتي ڇو آئي آهين؟“

پريءَ جواب ڏنو، ”آءٌ  اها ٻُڍي عورت آهيان، جنهن کي تو کاڌو کارايو هو، مان اڄ تنهنجي نيڪيءَ جو بدلو ڏيڻ آئي آهيان.“ مون کي معلوم آهي ته تون شاهي جشن ۾ وڃڻ ٿي چاهين، مان توکي اوڏانهن موڪلڻ لاءِ آئي آهيان، ائين چئي پريءَ هٿ جو اشاروڪيو، ته سهڻيءَ جو لباس شهزادين جهڙو ٿي ويو ۽ هن جي جسم تي نهايت قيمتي جواهر چمڪڻ لڳا. پري پوءِ سهڻيءَ کي گهر کان ٻاهر  وٺي آئي، جتي هڪڙي شاهي بَگي بيٺي هئي. سهڻيءَ کي بگيءَ ۾ ويهاريندي چيائين، ”هاڻي تون شاهي جشن ۾ وڃ، مگر هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ، ته اَڌ رات ٿيڻ کان اڳ واپس گهر هلي اچجانءِ، نه ته تنهنجو هي لباس گم ٿي ويندو ۽ بَگي به گم ٿي ويندي.“

جڏهن سهڻي شاهي جشن ۾ پهتي، ته سڀني جون اکيون هن ڏانهن کڄي ويون. هن جي سونهن، لباس ۽ زيور ڏسي، سڀئي حيرت ۾ پئجي ويا! هر ڪنهن جي دل ٿي چاهيو، ته اهڙي سهڻي ۽ نازڪ بدن ڇوڪري جيڪر هن جي ڀرسان ويهي. اوچتو شهزادي جي نظر وڃي هن تي پئي. شهزادي کان رڙ نڪري وئي، ”اڙي، هيءَ ئي ته منهنجي خواب جي شهزادي آهي.“

شهزادو پنهنجين اکين کي مهٽڻ لڳو. هو اها پڪ ڪري رهيو هو، ته جيڪي ڏسي رهيو آهي سو سچ آهي يا ٻيو خواب آهي. شهزادو يڪدم وڌي ويو ۽ سهڻيءَ کي وٺي اچي پاڻ سان ويهاريائين.

سهڻي ۽ شهزادو هڪ ٻئي جي ڀرسان ويهي تماشا ڏسڻ لڳا. سهڻي اڄ ڏاڍو خوش هئي. هن کي زندگيءَ ۾ جيڪي به ڏک مليا هئا، سي سڀ وسري ويا. هن نٿي سمجهيو، ته هن کي ڪا ايتري عزت ۽ محبت ملندي! جيتري هن کي اُتي ملي رهي هئي.

تماشا ڏسندي، اڌ رات جو وقت اچي ويجهو ٿيو. هن کي پريءَ جا لفظ آيا، ته هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي. مگر شهزادي نٿي چاهيو ته ڪا هوءَ ان وقت جشن مان هلي وڃي. هوءَ تڪڙي تڪڙي جشن مان ٻاهر نڪري آئي ۽ پنهنجي گاڏيءَ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. شهزادو هن کي روڪڻ لاءِ هن جي پٺيان ڊوڙيو پر ٿاٻو کائي ڪري پيو، سهڻي گاڏيءَ ۾ چڙهي ۽ هڪدم هن جي اکين کان غائب ٿي وئي. تڪڙي ڊوڙڻ سبب سندس پير ۾ پيل جُتيءَ جو هڪ پادر پٺتي رهجي ويو. جيڪو شهزادو پاڻ سان کڻي ويو.

 ٻئي ڏينهن شهزادي پَڙهو گهمايو ته هيءُ جُتيءَ جو پادر جنهن به ڇوڪريءَ کي پورو ايندو، ان سان هو شادي ڪندو. پڙهي وارا جُتي پاڻ سان کڻي گهر گهر تي ويا. هر ڪنهن ڇوڪريءَ پادر ۾ پير وجهي پنهنجي قسمت آزمائڻ ٿي گهري. آخر پڙهي وارا سهڻيءَ جي گهر اچي پهتا. ڪوڙيءَ ۽ ڪاريءَ به پنهنجي قسمت آزمائي. پر پادرکان هڪ جو پير ننڍو ۽ ٻيءَ جو پير وڏو هو.جڏهن سهڻي جُتيءَ ۾ پير وجهڻ لاءِ اڳتي وڌي، ته شاهوڪار جي زال ۽ سندس ٻئي ڌيئرون هن جي مٿان کلڻ لڳيون. پڙهي وارن پادر سهڻيءَ کي پارايو، ته ان جي پير ۾ بلڪل پورو اچي ويو.

ٻئي ڏينهن شهزادو وڏي ڄڃ وٺي آيو ۽ سهڻيءَ سان شادي ڪري ان کي پاڻ سان وٺي ويو. جڏهن هوءَ پنهنجي گهر مان شاهي سواريءَ ۾ شهزادي سان وڃي رهي هئي ته هن ڏٺو ته پري هن کي هٿ لوڏي مبارڪ ڏيئي رهي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org