سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ ديس جون رانديون (حصو ٻيو)

باب:

صفحو:2 

باب چوٿون

ليڪن، کَپن يا ڪَتن (قطعن) واريون رانديون

هنن ۾ پٽ تي ويهي يا ڪنهن سر تي، پٿر، اڱر يا آڱر سان ليڪا ڪڍي رانديون ڪبيونآهن، ۽ ڪي وري ڪوڏر سان ڪت يا کَپَ ڪڍي، بيهي، هلي يا ڊوڙي رانديون ڪبيون آهن.

(الف) ويهي کيڏڻ واريون رانديون:

1. ٻه-کڙي يا پيٽ ڦاٽي يا ٻه ٽڻي: ٻه ماڻهو جدا جدا ساريون، جن ۾ کِکِڙيون، ٿڌڙيون، ٿڌڙا، چيچڪا، ککيون، پٿريون يا ڀتر يا اڱر اچي ٿا وڃن، ٻه ٻه هٿن ۾ کڻي، ٽڻن تي رکندا، جنهن جي هلڻ جو ٽڻ بند ٿي ويو، يعني ڪيڏانهن به چري نه سگهيو، تنهن هارايو. ”ٻه کڙيءَ جي“ لفافي جهڙي شڪل ٿيندي آهي.

2. ٽه-کڙي يا ٽِه ٽڻي (1): هيءَ راند به ٻه ڄڻا ڌار ڌار ساريون جدا نمونن جون کڻي کيڏين، هن ۾ نمبر وار هرڪو ساري رکندو. جنهن جون ٽيئي ساريون اُڀيون يا سڌي قطار ۾ پهرين رکجي ويون، تنهن جيتيو، شڪل هن نموني جي اٿس، هڪ چورس ان کي ٻنهي پاسن آرپار ٻه ليڪا هڪٻئي کي ڪپي وڃي پاسن وٽ ڇيهه ڪن ٿا.

 

3. بگهڙ ٻڪريون: هي راند به ٻه ڄڻا کيڏندا  آهن. هڪڙو کڻندو ٻه ساريون، انهن کي چوندو بگهڙ ٻيو کڻندو، ست ساريون انهن کي چوندو ٻڪريون هن جو خاڪو ڊگهي ٽڪنڊي وانگر  

آهي، سوڙهي ڪنڊ کان هڪ ليڪ پايي تائين اچي ٿي ۽ پيٽ تي بگهڙن واري، ساريون ٽڻ تي رکي لاٿيون ته اهو بگهڙن کي ٻين ٽڻن تي پيو چوريندو هلندو، جيستائين ٻڪريون سڀ ٽڻن تي رکجي وڃن، هنن جو قاعدو هيءُ آهي جي بگهڙ ۽ ٻڪري جي وچ ۾ خالي پيل ناهي، پر ٻڪريءَ جي پٺيان ٽِڻ خالي پيل آهي ته بگهڙ ٻڪريءَ مٿان ٽپي خالي ٽڻ تي ويهندو، ۽ اها ٻڪري کاڄي

ويندي. يعني خاڪي تان کڻي ڇڏبي، ائين ٻڪريون سڀ کاڄي ويون ته ٻڪرين واري وارايو، پر ٻڪريون اهڙيءَ ريت ٽڻن تي ويٺيون، جو بگهڙن کي ڪيڏانهن چرڻ جي واهه نه ٿي، ڦُٽ بند ٿين، ته بگهڙن واري رانديگر هارايو.

4. نَوَ ٽڻي (1): هن جا ليڪا ڪنهن پڪيءَ چورس سر تي يا تختي تي ڪڍرائي ڇڏين يا بروقت پٽ تي اڱر يا آڱُر سان ڪڍي، ٻه ڄڻا راند ڪن. هر هڪ جدا جدا نمونن جون نَو نَو ساريون کڻندو ۽ خاڪي تي نمبر وار رکندو، جنهن جون به سڌيون ٽي ساريون يا اُڀيون ٽي ساريون قطار ۾ رکجي ويون ته ان جو ٿيو ڀريو. جنهن جو ڀريو ٿيو، تنهن کي اختيار آهي، ته مخالف جي ڪابه ساري، جيڪا ان جيڀري ۾ نه هجي ته کڻائي (2) ڇڏي. پوءِ جنهن جون ساريون اڳ ۾ کٽيون، تنهن هاريو. هن ۾ ڪي ٻٽڻ به ٺاهيندا آهن. يعني هڪ ساريءَ کي هيٺ مٿي ڪرڻ سان بنهي پاسي ڀريو ڀريو پئي ڪندي آهي پر وڌا رانديگر ٻٽڻ کي ٻاراڻي راند ڪري ليکين. هڪ خاڪي جي شڪل هڪڙو وڏو چورس ٻيو ان جي اندر ۽ ٽيون وري ان ٻئي چورس جي اندر هوندو، پاسن کان انهن کي چار ليڪون پاڻ ۾ ملائين ٿيون.

5. چَلهر، چيلهر يا چَنر راند: هن جا ليڪا پٽ آلو ڪر يان تي ڪوڪي ڪلي يا چاقو سان ڪڍن. هڪ وڏو چورس ڪڍي ان جي وچ ۾ چار پور وڇوٽ ليڪا آر ۽ پار ڪڍبا.  ٻاهرين پٽي جي وچ وارن خانن ۽ مرڪزي رچڻ واري خاني کي منڌيئڙا ڏبا. اهي ٿياچيلها هن جا ڪل پنجويهه خانا هوندا آهن. هيءَ راند ٻه ڄڻا ۽  ٽي ڄڻا هڪٻئي جا مخالف ٿي کيڏين،  چار ڄڻا جي کيڏين ته ٻه-ٻه ڄڻا هڪٻئي جا همراهه ٿي ويهن. هرهڪ ڌار ڌار نمونن جا چار-چار ساريون کڻي چيلهي ۾ رکندو، پوءِ چار ڪوڏيون کڻي کِڙڪائي واري وٽيءَ تي ڌڪ هڻندا يعني پَٽ تي اُڇليندا. جنهن جو داءُ پيو سو ساري خاني مان ڪڍي. جيترا داڻا ٿيندس، اوترا گهر ڳڻي هلندو. داءَ ۾ چارئي ڪوڏيون اونڌيون سُتيون ته انهيءَ کي چون چَنر، ان جا چار خانا ۽ هڪ خانو ان جي رعايت جو يعني پئون وڌيڪ هلندو. پر جي چارئي ڪوڏيون سنئيون پيون ته ان کي چون اَٺَ اَٺَ جا اَٺَ خانا هلندو ۽ رعايت به ٻه پئون وڌيڪ هلندو، يعني ٻه خانا وڌيڪ، جنهن جو داءُ يعني چنر يا اَٺَ پئي اهو ٻيو ڌڪ به هڻندو جيستائين داڻا پون، هڪ ڪوڏي سنئين پئي ته هڪ داڻي يا پتي ٿي، ٻه ڪوڏيون سنئيون ٿيون ته ٻه داڻا ٿيا ۽ جي ٽي ڪوڏيون سنئيون پيون ته ٽي داڻا چئبا. جيڪڏهن ڪنهن جون لاڳيتي هڪٻئي مٿان ٽي چنرون يا ٽي اَٺَون پيون ته داءَ سڙي ويو. اهو ڪجهه به هلي نه سگهندو. کانئس ڀر وارو ڪوڏيون وٺي ڌڪ هڻندو. اٺ واري کي اختيار آهي ته ٻه ساريون گڏ به هلائي سگهي، پر چنر وارو رڳو هڪ ساري هلندو، ڪنهن به خاني ۾ ٻه ساريون گڏ ويٺل هونديون ته ماري ڪين سگهبيون، اهي ڀلي ته هڪڙي ئي رانديگر جون هجن، يا ٻنهي همراهن جون ساريون چيلهن ۾ ويٺل به ڪين ماري سگهبيون. ٽوڙهه ڪرڻ يعني مخالف ڌر جي ساري مارڻ کانسواءِ ساريون رَچيِ به ڪين سگهنديون. يعني مرڪزي خاني ۾ گڏ ڪري نه سگهبيون، جي ڪنهن جون چارئي ساريون رچڻ کان يعني مرڪزي خاني ۾ پهچڻ کان اڳ مارجي ويون ته ان کي چرخو آيو، چرخي جا چوڏهن لنڊ شمار ڪن. ٻن همراهن جي ڀائيواري هوندي، هڪ همراهه جون چارئي ساريون مري ويون ته به چرخو آيو، مارڻ جو دستور هيءُ آهي ته چيلهي کان سواءِ ساري ٻئي ڪنهن خاني ۾ ويٺل هوندي ۽ ڌڪ هڻندڙ جي ساري پٺيان ڪنهن خاني ۾ ويهاري اڳلي جي ساري کڻي پاڻ وٽ رکندو، هاڻ جي ان مخالف جو داءُ يعني اَٺَ يا چنر پئي ته ساري واپس ڪندس، پر جي رڳو داڻا ڪڻا پيا هوندا ته ساري ڪين ڏيندس، جنهن اهڙي مئل ساري ڇڏائي ته اهو رعايتي خاننو يعني پئون هلي نه سگهندو.

چئن ڄڻن جي راند ۾ جي هڪڙي همراهه جون چارئي ساريون رچي ويون يعني مرڪزي خاني ۾ گڏ ٿيون ته اهو همراهه چار وارا ڌڪ هڻندو ۽ هڪ هڪ ساري ڪري واري واري سان مرڪزي خاني مان ڪڍندو پاڻ وٽ رکندو ويندو. جڏهن پنجن وارو آيو ته چوندو هيءُ اٿَوَ وري ٽريو يعني هن کان پوءِ آءُ به ساريون رتيون، تنهن لِنڊ ڏنو. بعضي اول کان آخر تائين ڪنهن  جو داءُ نه پوندو آهي، ۽ ساريون ائين خاني ۾ ويٺيون هونديون آهن، تان جو سڀ وڃي رَچندا آهن، ان کي چون ٻڌڙي آيس، ٻڌڙيءَ جا ٻارهن لنڊ شمار ڪن. مئل سارين کي سڏين بُلڙيون، يا بولڙيون چون ته اچي: لنڊ به آيئي ۽ هيءُ بولڙيون به بچيل پائي ڇڏج، ڇڏائي ڪونه سگهيو آهين!

6. چؤپڻ ([1]) راند: هيءَ به ليڪن واري راند ۾ شامل آهي، پر هن جا ليڪا ڪنهن ڪپڙي تي سُٽ يا پَٽ سان ڀرت ڀريل هوندا آهن. هن جو ڪپڙو چؤڪنو ٿئي، هيءَ راند ٻه ڄڻا مخالف ٿي يا چار ڄڻا، ٻه ٻه همراهه ٿي کيڏين. ڌڪ هڻڻ

لاءِ ست سچليون ڪوڏيون ڪم آڻين. ڪي ڪي ته ڍارن سان به راند ڪندا آهن. چوپڻ جا ڪپڙي جي هرهڪ پلاند تي ڇويهه خانا ٿين، جملي پلاندن وارا ڇهانوي خانا ٿين، ۽ ستانوي وچ وارو خانو، يا ٻَري، جنهن ۾ ساريون اچي رَچن يا بريءَ ۾ وجهي رکبيون آهن، هرهڪ پلاند تي ڪني کان پنجين ۽ چوٽيءَ کان ٽئين خاني کي منڌيئڙو ڪڍي چيلهو بڻائين. اهڙو هڪ منڌيئڙو وچين خاني جي پٽي ۾ به ڪڍن، جو ساريءَ جي مارجڻ کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪونه اچي، پر سونهن ڪاڻ ڀرت ڀري ڇڏين. هرهڪ کيڏاري ٻاهرين چيلهن تي ساريون رکندو، جي ٻه ڄڻا هوندا ته اَٺَ اَٺَ ساريون ورڇي کڻندا. چوپڻ جا ڳوٽ جنڊيءَ چڙهيل: ڪارا، پيلا، ساوا، ڳاڙها ۽ واڱڻائي رنگن جا ٿيندا آهن. انهن اَٺَن سارين مان چئن ساڳئي رنگ وارين کي چون: رنگ ۽ ٻين چئن ٻئي ورنگ وارين سارين کي چون:بَدُ. پهريائين رنگ واريون ساريون هلائي رَچائي پوءِ بَدُ هلائين، پر چئن ڄڻن ۾ هرڪو پنهنجون پنهنجون ساريون هلائيندو. هرهڪ رانديگر جي هرهڪ ساري داءُ پوڻ سان چيلهي مان ٻاهر نڪري هلندي. داءَ هي آهن: ست ئي ڪوڏيون سنئيون پيٽ ڀريون ته انهن کيچوڏهن چون: جي ست ڀر پون ته ان کي ڪچي يا رڳو ڪچي ڪوٺين، جي هڪ ڪوڏي سنئين پيٽ ڀر پوي ته ان کي يارهن سڏين، پر جي ست ئي اونڌيون پٺيءَ ڀر پون ته ان کي ست چون، ست لاءِ ڪي رانديگر ست خانا هلن ۽ ست ڪار ڪن، ڪي ست کي رد ڪن جي ست پوي ته اڳيان جيڪي داءَ پيا هوندا سي ڇُٽا ۽ ٻيو ڄڻو وارو وٺندو. چوڏنهن لاءِ چوڏنهن خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ يعني پئون پوڻ جو.يارنهن لاءِ يارنهن خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ پئون پوڻ جو، ڪچي اَٺ لاءِ ڇويهه خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ يعني پئون پوڻ جو، پڪي اٺ لاءِ ٽيهه خانا هلبا ۽ هڪ خانو رعايتي وڌيڪ يعني پئون پوڻ جو. جي ٽي ڪوڏيون پيٽ ڀر پيون ته ٽي داڻا ڳڻبا، جي ٻه ڪوڏيون پيٽ ڀر پيون ته ٻه داڻا شمار ٿيندا. پر جي چار ڪوڏيون پيٽ ڀر پيون ته چار داڻا شمار ٿيندا. هڪ داڻي خاطر داءُ يعني پئون وجهڻو پوندو. ان جي ڳڻپ چيلهي کان سواءِ ڪنهن خاني تي پوري ٿي ۽ اُت ڪنهن مخالف جي ساري ويٺل آهي ته اها مئي ۽ اها ساري اتان کڻي رانديگر پاڻ وٽ رکندو. ٻيو رانديگر داءُ وجهي ڇڏائيندو، نه ته ٻاهر پئي هوندي.


(1) هن راند کي اتر سنڌ ۾ ٽه ٽڻ راند چوندا اهن. (ايڊيٽر)

(1) اتر سنڌ ۾ هن کي "نَوَ ٽڻ“ سڏين ۽ هيءَ راند وڏا به کيڏن. (نوٽ: هن راند نموني، هاڻ سورنهن ٽڻي به کيڏي وڃي ٿي:(ايڊيٽر)

(2) اتر سنڌ ۾ چون: ”کائي ڇڏي.“ (ايڊيٽر)

([1]) هن کي چوپڙ به چيو ويندو آهي، پر هن جو اصل نالو چئوسر آهي، مؤرخ يعقوبي، "تاريخي معصومي جلد اول ۾، ۽ مسعوديءَ مروج الذهب ۾ هن راند جو ذڪر ڪيو آهي. ڏيکاريو اٿن، ته هيءَ راند هڪ هندستاني ڏاهي تيار ڪري، آڻي راجا کي ڏيکاري، ان سان گڏ ڏيکاريو اٿن، ته هن ۾ علم هيئت جو حساب رکيل آهي. چوپڙ جي هر هڪ پلاند تي 42 خانا ٿين ۽ هڪ خانو چئني پلاندن جي وچ ٿئي. ان مان مطلب آهي ته 12 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ 31 ڪلاڪن جي رات. سال ۾ مهينا به ٻارنهن آهن. يعني اهي خانا ڏينهن ۽ رات جي ڪلاڪن ۽ سالن جي مهينن جي حساب تي رکيل آهن. سارين يا ڳوٽن هلائڻ لاءِ ست ڪوڏيون ڪم آڻين اهي وري هفتي جي ڏينهن جي اعداد جي حساب تي مقرر ڪيل آهن. ڳوٽون وري ٻن قسمن جون آهن: اڇيون ۽ ڪاريون، ان جو مطلب آهي ته انساني زندگي ۾ تقدير ۽ تدبير ٻنهي جو دخل آهي. رانديگر کي هڪ رنگ جون چار ساريون هلائڻيون آهن. اهي وري ان حساب تي رکيل آهن، ته مهيني ۾ چار هفتا آهن.

                            هن راند ۾ اهو فلسفو سمجهايو ويو آهي ته انسان تقدير جي ڏوريءَ ۾ ٻڌل آهي. مسعودي، يعقوبي ۽ سيد سليمان ندوي هن راند جو حساب ۽ فلسفو سمجهايو آهي. (ڏسو هندستاني عربون ڪي نظر مين، ص 133 ۽ 236، عرب و هند کي تعلقات: سيد سليمان ندوي ص: 182.) هنن ڏيکاريو آهي ته هڪ هندستاني ڏاهي راند تيار ڪئي. هندستانيءَ جو مطلب سنڌي سمجهڻگهرجي، ڇاڪاڻ جو عربن جو تعلق سنڌ سان هو. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org