سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: رنگا رنگي گيت

باب:

صفحو:2 

غلام محمد ”غازي“ جا هيل تائين ٻاراڻي شاعريءَ جا سَت ڪتاب ”ٻار گلن جا هار“، ”مرڪندڙ مکڙيون“، ”سائنس بخشي سونهن“، ”سائنس پئي سمجهائي“، ”وطن گل آ مون لئه“، ”رانديڪن سان راند“، ”گيت پنهنجي ديس جا“ ڇپجي چڪا آهن جي ٻارڙن کي تمام گهڻو پسند آيا آهن. هن وقت (ٻاراڻي شاعريءَ جو ”رنگا رنگي گيت“ ڇپائيءَ هيٺ اٿس. جيڪو جلد ئي ٻارڙن جي هٿن ۾ هوندو ۽ ٻارڙا ان ڪتاب مان پڻ چڱو لاڀ ماڻيندا.

غلام محمد ”غازي“ سنڌي ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي. خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي هڙان وڙان ڏيئي خدمت ڪئي اٿائين. رب

پاڪ غازي کي ڪيل خدمتن جو اجورو ڏئي ڇڏيو آهي جو کيس اڄ ٻاراڻي ادب جي آڪاش تي چمڪندڙ تارو سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو انڌاري ٻاٽ ۾ روشن ڏِيئي جو ڪردار ادا ڪري ٿو.

”غازي“ جي ٻاراڻي ادب لاءِ ڪيل جاکوڙ ڏسي هر ڪنهن دوست جي دل چوندي هوندي ته هو به ”غازي، جيتري محنت ڪري پر غازي جهـڙو جذبـو ٻين دوستن ۾ هجي ته اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو نه! مون کي شاهه ڀٽائي رحه جي شاعري ياد ٿي اچي ته ”اندر جنـيـن اڌ ڏونـگـر سـي ڏوريـنـديون“ جــن جـو انـدر اڌ هوندو اهي ئي ڏونگر ڏورينديون آهن. غازيءَ جو اندر پڻ اڌ آهي. ان لاءِ ئي ته ڏونگر ڏورڻ ۾ وسئون ڪو نه ٿو گهٽائي جو هڪ ٻئي پٺيان مسلسل ڪتاب ڇپائيندو رهي ٿو.

”غازي“ بحيثيت شاعر جي معاشري جي جملي ناهموارين تي بيانگ بلند احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رهيو آهي.

*ڪهڙو هي دستور، 
هڪڙو کائي کٽ تي
بک تي آ مزور
 

*سارَ لڌي آ ڪنهن
بک مري ٿو پيو هتي
ڪڻڪ پوکي آ جنهن.
 

”غازي“ پورهيت ماڻهن سان ڀرپور سچاين سان پيار جو اظهار ٿو ڪري ته،

*پورهيت تنهنجا پير
چُمي چشمن تي رکان
سانجهيءَ ۽ سوير.
 

غاز پنهنجي ادبي پوک به اهڙي آ جيڪا سندس شعر چواڻي ڪڏهن به سوڪ نه ٿيندي.

*اهڙي پوکج پوک
جيڪا جانب جڳ ۾
سڙي ٿئي نه سوڪ

 

”غازي“ جي ڪٿ ڪندڙ اديب مون سان هن ڳالهه تي مڪمل اتفاق ڪندا ته هي قربائتو  ماڻهو پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان محبت جو حق ادا ڪندو رهي ٿو. بحيثيت شاعرجي هن جي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت جيڪا رهي آ اُها نه صرف داد لائق پر فخر ڪرڻ جهڙي پڻ آهي.

اعجاز قادر مهر


سٻاجهڙو شاعر

 

غلام محمد ”غازي“ جو ادبي سفر هڪ صديءَ جو ڏاڪو اورانگهي نئين صديءَ ۾ داخل ٿيو آهي. هن وقت اسان جو ادب ڪٿي بيٺو آهي، ان جو تذڪرو ڪرڻ ضروري ڪونهي پر خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته غلام محمد ”غازي“ نئين صديءَ جي شروعات ۾ (جيڪا اسان لاءِ وڏا چئلينج کڻي آئي آهي) ٻارڙن لاءِ خوبصورت ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب ڏئي ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب نه هئڻ جي برابر آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ٻاراڻي ادب جي کوٽ ۽ نه اچڻ سبب اسان وٽ ادب پڙهندڙ حلقو نه هجڻ برابر آهي.

غلام محمد ”غازي“ جيڪو 1975ع کان مسلسل لکندو پيو اچي ۽ عمر جي جنهن ڏهاڪي ۾ هاڻي پڻ لکي رهيو آهي. ان وهيءَ ۾ کوڙ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏا اديب ۽ دانشور سمجهي خبر ناهي ڪهڙن مسئلن ۾ الجهي پيا آهن ۽ دعوائن جو پِٽڪو لڳايو ويٺا آهن. اتي غازي اڃا تائين ٻارڙن لاءِ لکي، ٻاراڻي ادب جي کوٽ واري خال کي ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو پيو اچي ۽ انهي ڪم ۾ ڪٿي به وٿي اچڻ نه ڏني اٿس. هُن هينئر تائين ٻارڙن لاءِ يارنهن ڪتاب لکيا آهن، جن مان ست ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. سندس ٻاراڻي سائنسي شاعري جو ڪتاب ”سائنس بخشي سونهن“ سنڌي ادبي بورڊ سال 1999ع ۾ پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ٻاراڻي شاعريءَ جي هڪ ڪتاب ”مرڪندڙ مکڙيون“ کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ايوارڊ پڻ ڏنو آهي.

آئون اهو لکندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته شڪارپور ضلعي جو هيءُ سادڙو ۽ خوبصورت شاعر جيڪڏهن ائين ئي ٻارڙن لاءِ لاڳيتو لکندو رهيو ته هو، ٻارڙن جو دل پسند ليکڪ بڻجڻ سان گڏوگڏ سنڌي ٻاراڻي ادب جو اهم حصيدار پڻ بڻجي ويندو.

ضراب حيدر

ٻارن جو حساس شاعر

 

ٻار اميدن ۽ آٿتن جا گل آهن. گهر جي آڳر تي خوشين جا موتي وکيرڻ وارا صرف ٻار ئي آهن، شاعريءَ جي روپ ۾ انهن ٻارن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ ۽ مسلسل ٻارن لاءِ لکندڙ چند شاعرن مان غلام محمد غازي به هڪ آهي. جنهن کي اها خبر آهي ته ٻارن جا احساس ۽ مسئلا ڪهڙا آهن؟ غازي ٻارن جو حساس شاعر آهي. هن تمام گهڻي حساسيت سان ٻارن لاءِ جهجهي انداز ۾ ڪتاب لکيا آهن. غازيءَ ڄڻ ته پاڻ کي ٻارن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. غازيءَ جي شاعريءَ جون سٽون پڙهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ٻارن جي زبان مان نڪتل معصوم لفظن کي هن جهٽي پَني تي اُتاريو آهي. سندس لفظ ۽ خيال عام فهم هوندا آهن جو پڙهڻ وارو محسوس ڪندو ته هن جي شاعري ٻارن جي ذهني سطح کي نظر ۾ رکي ڪري لکيل آهي.

غازيءَ جا اهڙا احساس اوهان هنن سٽن ۾ پڙهو:

تو قرب ڪيا جي غازيءَ سان،
تنهنجا پير چمان اي مٺڙي امان!
ميٺاج مڻين تنهنجي لوليءَ ۾،
آءٌ آيس تنهنجي جهوليءَ ۾.
 

غازيءَ ٻارن سان گڏوگڏ پنهنجي دل ۾ وطن لاءِ به پيار محبتون ۽ دعائون رکي ٿو ۽ اهڙا احساس هيٺين نظم ذريعي ٻارن کان به چوائي ٿو:

 

تون سلامت رهين، شل اسان جا وطن،
هي شهر تنهنجا ۽ تنهنجون وستيون وسن.
 

اسان جي دعا وري غازيءَ لاءِ ته شال هي ۽ هن جا اهي هٿ ۽ قلم سلامت رهي جيئن هو ٻارن لاءِ مسلسل لکندو رهي (آمين).

مشتاق بخاري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org