سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:2 

باب ٻيو

زمين ڏانهن سفر

اها مريخ کان زمين تي موڪليل هڪ مشين هئي، جنهن کي پسمانده تهذيب جي هڪ فرد بلڪل اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٽوڙي ڦوڙي ڇڏيو هو. مريخ جي وڏي رصدگاهه ۾ ”پروب“ جا سگنل اچڻ بند ٿيا ته سائنسدانن ۾ وٺ پڪڙ مچي ويئي. ڪارا ترقي يافته انجنيئر پريشان ٿي ويا ته ”پروب“ زمين تي لهڻ تائين ته صحيح حالت ۾ ڪم ڪري رهيو هو، پوءِ خبر ڪونهي ته مٿس ڪهڙي آفت اچي ڪڙڪي، جو سندس ڪئميرا ناڪاره بنجي ويئي. هو سڀ اسڪرين جي آسپاس ڦرڻ لڳا. ڪو انساني پاڇولو اسڪرين تي نظر آيو ۽ پوءِ اوندهه پکڙجي ويئي. ٻي ڪئميرا تي به ڪجهه نقش اُڀريا، پر انهيءَ جو حشر به ساڳيو ٿيو. پوءِ اسڪرين تي ڌنڌ ڇانئجي ويئي.

”چئبو ته پروب مري چڪو آهي!“ چيف آفيسر ڪيپٽن لوز پنهنجي ساٿين کي چيو، ”انهيءَ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟“

ليبارٽري ۾ موجود سڀئي ماڻهو خاموش ويٺا هئا. مواصلات واري آفيسر رڊلان ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، پر هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي هٻڪي بيهي رهيو. هو ڪجهه دير ته انهيءَ انتظار ۾ رهيو ته ڪو ٻيو برف جهڙي ماٺ ٽوڙي، پر نيٺ مايوس ٿي چوڻ لڳو، ”لينسز هڪ هڪ ڪري ڀڳا ويا آهن... لڳي ٿو ته اهو حملو هڪ سوچيل سمجهيل رٿابندي تحت ڪيو ويو آهي.“

”حملو... حملو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.“ ڪيپٽن تکي لهجي ۾ چيو. ”انهيءَ ڪري ته ناڪاره ڪندڙن ڏاڍي ضابطي سان سڄو ڪم ڪيو آهي.“ رڊلان وراڻيو.

”مانيٽرنگ ڪنهن پي ڪئي!“ ڪيپٽن پڇيو.

”حضور هن ٻانهي...“

”توکي ڪا شئي ڏسڻ ۾ ته نه آئي؟“

”سائين... سائين...!“ رڊلان چوندي هٻڪي بيهي رهيو.

”ها ها.. جلدي ٻڌاءِ!“ ڪيپٽن چڙندي چيو.

”بنهه اڻ لکو ڏسڻ ۾ پي آيو... مينهن ۽ ٻاڦ اسڪرين تي پکڙيل هئي... سائين بس پوءِ هڪ پاڇولو نظر آيو...“

”ڪهڙي قسم جو پاڇولو هو؟“

”سائين هن جو منهن مهانڊو جنات جهڙو هو.“

”جنات!... جنات وري ڪٿان آئي... دماغ خراب ٿي ويو اٿئي ڇا. ٻي ته ڪا شئي نه هئي... ٿورو دماغ تي زور ڏي؟“

”نه سائين! ڪا ٻي شئي ذهن ۾ نه پئي اچيم.“

”ته پوءِ اسڪرين تي مونکي پروب جي لهڻ جو منظر ڏيکار... ڏسان ته سهي ڪهڙو آهي تنهنجو جن.“ ڪيپٽن چيو.

هو سڀ ڪيپٽن سان گڏ ڪميونيڪيشن روم ۾ پهتا ۽ وڏي اسڪرين تي پروب جون موڪليل تصويرون ڏسڻ لڳا، ڪئميرا پهرين ٻيلو ڏيکاريو، جتي ڄڻ هلڪو هلڪو مينهن وسي رهيو هجي. ٻي ۽ ٽي ڪئميرا به انهيءَ قسم جا منظر ڏيکاريا، چوٿين ڪئميرا جو منظر به اهڙو ئي هو، البت اُن ۾ تمام ڌنڌلو انساني خاڪو نظر آيو، رڳو هڪ گهڙيءَ جي لاءِ هڪ هلڪو داغ ظاهر ٿيو ۽ پوءِ هر شئي گم ٿي ويئي. ڪيپٽن لوز هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيان سان تصويرون ڏٺيون ۽ رڊلان کي چيو، ”تنهنجو جن فقط ٻاڦ جي مخلوق آهي.“ هو کليو. سندس کلَ ۾ تلخي هئي ”گرم هوا ۽ پاڻي جي ڦڙن جي راند.“

”ها! بلڪل ڪيپٽن!“

”ڊاڪٽر سينوز مشين جي نفسياتي ميڪانيت جي تشريح ڪندو.“ ڪيپٽن چيو

”پر سائين...!“

”اهڙي وضاحت جنهن سان مشين جي تعطل جو سبب سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي... منهنجو خيال آهي ته پروب ڪنهن ڏکئي علائقي ۾ لٿو آهي ۽ ڌٻڻ ۾ گچي ويو آهي... ڳالهه سمجهه ۾ اچي پئي...“

”ها. بلڪل!“

”ان گرهه ۾ زندگيءَ جو ڪوبه وجود ڪونهي.“ ڪيپٽن لوز چيو. ”اسان جي هيستائين جي تحقيق اسان جو بنيادي نقطو بلڪل درست  ثابت ڪري رهي آهي.“

”ها! سائين!“

”ها ته...“ ڪيپٽن ڳالهه اڳتي وڌائيندي چيو، ”آئون چاهيان ٿو ته وڌيڪ وقت جو زيان نه ٿئي... ۽ نه وري ٻيو پروب زمين تي موڪلي کيس تباهه ڪرايون... اها هڪ پاسائين تحقيقات ڪنهن حد تائين بيڪار آهي. تنهن کان سواءِ اسان وٽ جيڪا ڊيٽا آهي. اها اسان جي ضرورت موجب کوڙ آهي. تنهن ڪري اسين زمين طرف اُڏام ڪنداسين... مسٽر رڊلان! جنهن هنڌ پروب تباهه ٿيو آهي... ڇا تون انهي هنڌ جي نشاندهي ڪري سگهين ٿو.“

”ها سائين! بلڪل...!“

”منهنجو خيال آهي ته اسان کي هر ممڪن حد تائين اُن هنڌ جي ويجهو لهڻ گهرجي... ها باقي هڪ ڳالهه ذهن ۾ هئڻ گهرجي ته نه جن آهي نه ڀوت... ۽ نه ئي وري ٻي ڪنهن شڪل ۾ ذهين زندگي.“ ڪيپٽن چيو.

”ٺيڪ آهي سائين!“ رڊلان ڪنڌ جهڪائيندي چيو.

”هڪ ٻي ڳالهه به ته زمين تي لهندڙ پارٽي پاڻ سان گڏ هلڪا ڦلڪا بچاءَ جا هٿيار به کڻيو هلي.“

 

 

باب ٽيون

ڌماڪو

 

ڪمري بدستور آسماني بلا سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو رهيو. پر انهيءَ جي طرفان ڪوبه رد عمل نه ڏسي، سندس شوق ۽ تجسس وڌي ويو. جڏهن هن پنجين اک به ڀڳي ته بلا جي جسم مان ٻه هٿ ٻاهر نڪتا. هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڇرڪي بيهي رهيو. ۽ بلا جي طرفان ڪنهن جوابي ڪاروائيءَ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. ڪافي دير تائين جڏهن بلا ڪا به چر پر نه ڪئي ته ڪمري اڃا به ويجهو وڃي، سندس ٽنگ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ بلا جي ٿلهن متارن هٿن جو جائزو وٺڻ لڳو. دل ۾ آيس ته هن جي ٽنگن تي چڙهي پُٺن تي وڃي ويهي ۽ ڏسي ته اها آهي ڪهڙي شئي؟ پر همت ڪانه ٿيس. پوءِ هڪدم خيال آيس ته ڪٿي هي اهو آسماني ديوتا ته ڪونهي، جنهن جو اڪثر ڪري ناني ذڪر ڪندي آهي.

”اڙي ٻڌاءِ! تون آسماني ديوتا ته ڪونه آهين؟“ ڪمريءَ رڙ ڪري پڇيو. بلا ڪابه ورندي نه ڏني. باقي سندس هڪ ٻانهن ٿوري چُري پُري.

”بلا!“ ڪمريءَ وري به رڙ ڪئي، ”تون جيئري آهين يا نه! آءٌ ڪمري توکان سوال پيو پڇان.. مون ئي تنهنجي اک ڪڍي آهي...“ پر انهيءَ جو بلا تي ڪوبه اثر نه ٿيو. نه وري سندس ڳالهين جو ۽ نه وري سندس ڏنل زخمن جو. شايد هوءَ مري رهي آهي. نيٺ ڪمري همت ڪري اُٿيو، پنهنجي قميص لاٿائين ۽ ان جي هڪ ٽنگ تي چڙهڻ لڳو.  

بلا جون ٽنگون اڃا سوڌي گرم هيون. هن مٿي چڙهڻ جي لاءِ ٽنگ کي جهليو ته سندس هٿ سڙڻ لڳا. هو گول حلقي تائين پهچي ويو، پر مٿي چڙهڻ جي ٻي ڪابه واٽ ڪانه هئي. بلا جي ويجهي ٻانهن به ايتري پري هئي، جو ڪمريءَ جو هٿ اُتي پهچي نه ٿي سگهيو. هن جهڙپ ڏيئي ٻانهن کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي. هو خوشقسمت نڪتو يا بدقسمت! بلا جي ٻانهن لچڪيدار هئي، جيئن ئي هٿ جو وزن پيو، اها ڊگهي ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ اچي پٽ سان لڳي. پوءِ هڪ اهڙي آفت اچي ڪڙڪيس، جو سندس رڙيون نڪري ويون. بلا جي پيٽ مان هڪ هٿوڙو نڪتو ۽ هن جي بدن تي وسڻ لڳو. اوچتو تارن جا ڪجهه ڇڳا نڪتا ۽ هو ان ۾ ڦاسي پيو. ڪمري عجيب مصيبت ۾ مبتلا ٿي ويو. هو نه هيڏانهن ٿي پي سگهيو ۽ نه هوڏانهن! لاچار لڙڪندو ۽ هٿوڙا کائيندو رهيو. پوءِ نيم غشيءَ جي حالت ۾ اچڻ لڳو. خوشقسمتيءَ سان اسڪرو سندس وزن جي ڪري ٽٽي پيا. جيڪي تار سان ٻڌل هئا. ۽ هو ڌو اچي پٽ تي ڪريو ۽ بي هوش ٿي ويو.

هوش آيس ته ڪمري ڪيتري دير تائين اهو سوچيندو رهيو ته هو ڪهڙي هنڌ تي آهي. هوريان هوريان سندس ذهن صاف ٿيڻ لڳو. هن ڏٺو ته هو آسماني بلا جي پيٽ جي هيٺان پيو آهي. اهو ڏسي ڊپ جي ڪري سندس ساهه ئي سُڪي ويو.

ڪجهه دير هو ايئن ئي بي حرڪت پيو رهيو. کيس پڪَ هئي ته آسماني بلا کيس مئل سمجهي رهي آهي. مٿي بلا ۾ به ڪنهن قسم جي چرپر نه هئي. ڪا اک به ڏسڻ واري نه هئي. آزمائڻ جي لاءِ هن ٻانهن چوري پر هو صحيح سلامت، ڪنهن حملي کان محفوظ رهيو. شايد آسماني بلا سُمهي پئي هئي. يا پوءِ ان بلا سان جيڪا آخري ڇڪتاڻ ٿي هيس، سا اُن ترندڙ جهڙي هئي، جيڪو ٻُڏڻ وقت جيئري رهڻ جي لاءِ ڪندو آهي.

ڪمريءَ آرس موڙي ته سندس بُت ڏڪڻ لڳو. سندس هٿن ۾ ڦلڻا پئجي ويا هئا. اوچتو کيس خيال آيو ته ڀڄي وڃڻ کپي، متان هيءَ بلا جيئري هجي ۽ اوچتو جاڳي نه پئي. پوءِ ته هن لاءِ نئين مصيبت کڙي ٿي پوندي. هُن جي بدن ۾ خبر ڪونهي ڇا ڀريل هجي. متان ڪو نئون هٿيار ڪڍي مقابلي جي لاءِ اچي نه وڃي. هوءَ اڃا پنهنجي پيرن تي بيٺي هئي. مئل هجي ها ته ڪر اچي پَٽ پوي ها. ڀلائي انهيءَ ۾ هُيس ته اُتان ڀڄي جان بچائي.

ڪمريءَ پنهنجي حواسن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ سموري سگهه سهيڙي اُٿي بيٺو ۽ ان ڀوائتي بلا جي هيٺان کسڪندو منڊڪائيندو اُٿي ڀڳو. اڃا هو بلا کان پنج ست وکون پريان مس ويو ته سندس ٽنگون جواب ڏيئي بيٺيون ۽ هو اچي پٽ تي ڪريو. سندس خيال هو ته موت ڄاڻ ڪي آيو. پر جڏهن هو صحيح سلامت رهيو ته هڪ ڀيرو وري حيران ٿي ويو. همت ڪري هن آسماني بلا ڏانهن ڏٺو، جيڪا ڪاري ٿي چڪي هئي ۽ چپ چاپ بي حس ٿيو بيٺي هئي. پڪ سان اها مري چڪي هئي.

ڪمري اُٿي کڙو ٿيو، پر بلا چري به ڪانه! پوءِ هو ان ڏانهن وڌيو. پر بلا طرفان ڪوبه رد عمل نه ٿيو. ڳالهه ظاهر هئي ته هن اڪيلي سر بلا کي پورو ڪري ڇڏيو هو. اهڙي بلا جيڪا انساني قدبت کان وڏي هئي. ڪمري انهيءَ جنگ ۾ سوڀارو رهيو هو. ان خيال جي ڪري هو ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو. هن ڪنڌ کڻي سينو تاڻيو ۽ هوريان هوريان هلندو. بلا جي ويجهو پهتو. هن سندس ٽنگون جيڪي ٿڌيون ٿي چڪيون هيون. ٿڦڪايون ۽ نيزي جي چهنب هڻندي چيائينس. ”اڙي ٻُڌ! ڪهڙو حال اٿئي... مٿي مان هوا نڪتئي يا نه...“ پوءِ هو پنهنجي ذهن ۾ انهيءَ عظيم سوڀَ جي ڪهاڻي گهڙڻ لڳو. جيڪا ”نوئيلاٽس“ جي رهاڪن کي ٻڌائڻي هئي. تصور ئي تصور ۾ هن ڏٺو ته هڪ وڏو ميڙ بيٺو آهي ۽ هو انهيءَ ميڙ کي پنهنجي مهم جوئي جو داستان ٻڌائي رهيو هو.

پوءِ هو تصور جي دنيا مان نڪتو کيس سخت بُک محسوس ٿي. هو الائجي ڪيتري دير ائين بي هوش ٿيو پيو هو. هن ٻيلي جي ساون ستابن وڻن مان آسمان طرف نظر ڊوڙائي. مينهن بند ٿي ويو هو ۽ سج اوڀر جي اُفق ۾ آسمان تي چمڪي رهيو هو. هن اندازو لڳايو ته هو سڄي رات ايئن ئي بي سڌ پيو هو. هو بک جو بِلو ڪرڻ جي لاءِ ٻيلي جي اندر هلڻ لڳو. ٻيلي ۾ قسمين قسمين وڻ ٻوٽا هئا. ميون جي وڻن مان هن ميوا پٽي کاڌا ۽ واپس موٽي آيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر بلا جو گهري نظر سان جائزو وٺڻ لڳو. اها گول دائري جي شڪل ۾ هئي. ٽي ڳريون ٽنگون ۽ کل ڪنهن ڌاتوءَ جهڙي هيس. سوچڻ لڳو، ”هي ڇا ٿو ٿي سگهي؟“ سوچيندي سوچيندي سندس مٿو ڦرڻ لڳو. پر سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيس. رڳو ور ور ڪري اهي ڪهاڻيون پي ذهن ۾ آيس، جيڪي ننڍي هوندي ڏاڏهينس کان ٻڌيون هئائين ته هزارين سال اڳ زمين تي جيڪا مخلوق رهندي هئي، سا چنڊ ۽ مريخ تي ايندي ۽ ويندي هئي. هو پڇندو هو ته ڏاڏي ڇا انهن جا پير هوندا هئا؟ هوءَ وراڻيندي هئي. ”ٿي سگهي ٿو“ ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ سوچيندي وراڻي ڏيندي هئي ته شايد هو اُڏام کٽولي تي ايندا ويندا هئا. چون ٿا ته هنن وڏا وڏا اڏام کٽولا تيار ڪيا هئا. ”ڪٿي هيءُ به اڏام کٽولو نه هجي!؟“ هو سوچڻ لڳو. پر اها مخلوق ڪٿي آهي، جنهن کيس هتي آندو آهي. اها شايد انهيءَ اڏام کٽولي جي اندر مري ويئي آهي. کيس پنهنجي ڪيئي تي افسوس ٿيڻ لڳو. پر پوءِ وري خيال آيس ته جيڪڏهن اها مخلوق هن جي اندر هجي ها ته ڪر ايئن سولائيءَ سان ٿورو ئي ڪو مري ها، پر وري هڪدم سوچ جي ٻي لهر اُڀريس ته پڪ سان هيءَ ڪا آسماني بلا آهي. جيڪا شايد زمين تي آخري انساني شهر جي ڳولا ۾ آهي ۽ کيس تباهه ڪرڻ جو ڪارنامو سندس ڀاڳ ۾ لکيل هو. هن پنهنجي قوم وارن کي انهيءَ بلا کان بچائي ورتو هو. هڪ ڀيرو وري به سندس ڳاٽ فخر کان کڄي ويو. اوچتو هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو. سڄو ٻيلو ٻُري اُٿيو، زمين ڌُٻڻ لڳي ۽ هوا ۾ رڙيون اُڀرڻ لڳيون، ايئن لڳو ڄڻ جبلن ۾ ڏار پئجي ويا هجن. ڪمريءَ پنهنجو مٿو جهلي ورتو. سندس نظر آسمان طرف کڄي ويئي. ٻيلي جي مٿان فضا ۾ باهه جا اُلا رقص ڪندا نظر اچي رهيا هئا ۽ هوا سخت گرم ٿي ويئي. ڪمري ڊپ سبب رڙيون ڪرڻ لڳو. ٻُڍڙين جون ٻڌايل آکاڻيون سندس ذهن ۾ اُڀري آيون ته جڏهن زمين جي مخلوق تباهه ٿي هئي ته پهرين آسمان ۾ سرخ اُلا اڀريا هئا. ”دنيا تي وري ڪا ٻي مصيبت اچڻ واري آهي.“ هو ڀڻڪيو. اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو ۽ هي غش کائي پٽ تي ڪري پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org