سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: پنهنجي ٻولي- پياري ٻولي

باب:

صفحو:2 

منهنجا ڀاءُ

منهنجا ڀاءُ

موٽي آءُ

تو ۾ منهنجو

آهي ساهه

اَبي امڙ جي

اک جو تارو

تون ئي آهين

ڀاڳن وارو

تنهنجي دم سان

روشن پاڙو

شال سدائين

رهه آباد

زندهه آباد

ڏيان ٿي توکي لولي- وو

منهنجا مٺڙا شال جيئين تون

وڏڙي جواني ماڻين سدائين

توتان گهور وڃان مان صدقي

ڏيان ٿي توکي لولي- وو

ڪين تون ڪنهن جي دل رنجائين

چهري تي ٿو مُرڪ سجائين

ڳوڙها اک مان ڪين وهائين

مٺڙي تنهنجي ٻولي- وو

ڏيان ٿي توکي لولي- وو

تو ۾ منهنجو ساهه پيو آ

اک ۾ تنهنجو خواب سجيو آ

ڌرتيءَ جو ميٺاس آ تو ۾

ماءُ جي مٺڙي جهولي- وو

ڏيان ٿي توکي لولي- وو

پنهنجي ماءُ جي لڄ تون رکجانءِ

ديس جو نالو روشن ڪجانءِ

توکي روز دعائون ڏئي ٿي

جيجل تنهنجي گولي- وو

ڏيان ٿي توکي لولي- وو

 

امان هارياڻي

 

امان هارياڻي

اَبو هاري

 

پنهنجي ملڪيت

ٻنو ٻاري

ڪم ڪيون ٿا

واري واري

گهرون رب کان

دعا هي پياري

رهي سلامت

دنيا ساري

تون به خوش

۽

مان به خوش

مَس ۾ هٿ

مَس ۾ هٿ

هٿ ۾ مس

هارجي وئي

ٻاهر آهي

ڏاڍي اُس

ڪاپي مون کان

نه تون کس

هاڻ ڪئي

مون آ بس

هٿ ۾ مس.

مس ۾ هٿ.

 

ڀائو پُسي ويو

 

توتي آءُ ته

پاڻي هاريان

تنهنجا ڪپڙا

هاڻ پسايان

پوءِ ٿو مان

تاڙيون وڄايان

ڀائو پُسي ويو

آلو ٿي ويو

ها ها ها ها

ها ها ها.

 

منهنجي ٻُڪ ۾

 

 

منهنجي ٻُڪ ۾

آهي ڇا؟

کول ته توکي

ٻڌايان مان

پيار- محبت

۽ دعا آ

دنيا ۾ سا

بي بها آ

آءُ ته هاڻ

ورهايان مان

منهنجي ٻڪ ۾

آهي جا.

 

ٿــــورا

 

 

امان او امان

 

مون کي ڏي تون پيئسا

جيئن گهورڙي کان

وٺي مان ملائي

مزي سان کاوان

تنهنجا ٿورا ڳايان

ابا او ابا

مونکي ڏي تون پيئسا

جيئن بازار مان

وٺي نوان ڪپڙا

پراڻا مان لاهيان

تنهنجا ٿورا ڳايان

ادا او ادا

توکان وٺي پيئسا

ڀر واري هٽ تان

وٺي ڪي رانديڪا

کيڏيو مان آهيان

تنهنجا ٿورا ڳايان.

 

کيل تماشو

 

 

ڪوئو بين ۽ سيهڙ مرلي

ٻلڙي دهل وڄائي

ڪڪڙو ڪو- ڪري ٿو ڪڪڙ

ڀولو جهمريون پائي

کيل تماشو آهي.

 

گوڙي گدڙ جي شاديءَ تي

ڪُتا ٿيا هن ڄاڃي

باز ڪبوتر جي ياري آ

جهرڪي ڪانوَ جي ناني

طوطو به ٿو ڳائي

کيل تماشو آهي

 

ٻڪريءَ جي هت سالگره تي

رڍون ڪيڪ ٿيون ڪاٽن

گيت خوشيءَ جا ڳائي بگهڙ

شينهن ٿا شيءِ ورهائن

هاٿي سونڊ لڏائي

کيل تماشو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org