سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻار اکين جا ٺار (ٻارن لاءِ شاعري)

باب:

صفحو:2 

بابو

 آخر   بابو  آهي،

بابو قبلو ڪعبو آهي.

پيءُ کي جيڪو يار رنجائي،

پنهنجو ان کان پاڻ پِٽائي،

تنهن تي شامت ڪڙڪي پئي ٿي،

ڇڏي اڳو تر پنهنجي ڊاهي،

بابو آخر بابو آهي.

چوڻ ابي جو جو نه وٺي ٿو،

رُلندو ساري عمر وتي ٿو،

جنهن به وڏي جون وتيون دعائون،

تيئن ٿئي ٿو، جيئن ٿو چاهي،

بابو آخر بابو آهي.
 

ريڙهو: ميون وارو آيو

 

ريڙهي کي محلي ۾ ڪاهي،

ميوَنِ وارو آيو آهي.

 

آندائين نارنگيون، ڪيلا،

انهن سان گڏ صوف رَسِيلا.

 

تارن ۾ انگور ٽنگيائين،

ريڙهو ميوَن ساڻ رڱيائين.

 

ڏني جو خرچي ماما لالُو،

ان مان ورتا مان زردالو.

 

سرڪار جو پڙهو

(تعليم لاءِ جاڳرتا مهم)

 

گهُمائي ٿي سرڪار، هر هنڌ ”پڙهو“،

”پڙهو ٻارڙؤ! بس پڙهو ئي پڙهو“.

 

ڄَمڻ کان مرڻ تائين وٺجي علم،

عِلم جنهن طرفِ، تنهن طرف ئي لڙو.

 

علم سان مِلي مَرتبو، روشني،

انڌيرن کي روڪي هڻي ٿو ڪڙو.

 

”پِرايو عِلمُ، دَؤرُ دل سان ڪيو“

چيو جيئن ڀٽائي ”قلب سين ڪڙهو“.
 

کري ۽ کوٽي جي پرک

 

کَري ۽ کوٽي کي ڄاڻِ،

ڀائو! جڳ ۾ موجون ماڻِ.

 

ميٺ محبت من ۾ پالج،

ڪينو، بُغض نه اندرِ آڻِ.

 

سچ وارن جو رب آ ساڻِي،

ڪڍڻي ناهي ڪچ جي ڪاڻِ.

 

حق جو رستو مور نه ڇڏجي،

ڀُلي وري ڀي اچجي ڀاڻِ.

 

سنڌ وطن جو شان

سنڌ وطن جو اعليٰ شانُ،

جڳ سڄي ۾ جنهن جو مانُ.

 

هِتڙي شاهه، سچل ۽ سامي،

جن جي در تي دنيا سلامي.

 

مُوهن(1)، ساڌو(2)   واري  ڌرتي،

ڏيساور ۾ شُهرت ورتي.

 

هوشو، هيمونء جهڙا جَوڌا،

سِر ڏئي ويا دولهه دودا.

 

ڪوٽ، قلعا اروڙ به هِتڙي،

سنڌوء جو گجگوڙ به هتڙي.

 

سنڌ سان ساٿ نڀائي وڃبو،

’پريل!‘ پاڻ ملهائي وڃبو.

 

وقت جو قدر

 

قدر وقت جو جو ڪري ٿو پيو،

خوشين سان سو جهوليون ڀري ٿو پَيو.

 

سياڻو ۽ سَمجهُو اهو آدمي،

سڄو ڌيان ڪم تي ڌري ٿو پَيو.

 

وِڃايو جنهين وقت واندو وِهي،

سو ڄڻ ته جيئري مري ٿو پيو.

 

’پريل!‘ ڳالهه اها چريو ڪو ڪندو،

”وَيَلُ وقت واپس وري ٿو پيو!“

بابو  

 
 

ٻاراڻي شاعريءَ جا موضوع نصيحت آميز ٿين ٿا، پريل دايو به ان پيچري جو پانڌيئڙو آهي، هو ڪٿي پنهنجي مخاطب ٻار کي پيءُ يا ماءُ جي اهميت ٻڌائي ٿو ته ڪٿي توحيد جو سبق ڏئي ٿو ۽ ڪٿي وري سندس موضوع درگاهون ۽ درسگاهون آهن، ٻارڙن کي کوڙاسيکارڻ جو انداز به دلچسپ اٿس:

ايڪِ ڏُون ڏُون،

مان ڀيڻ تُنهنجي،

ڀاءُ تُون تُون.

اسان جو سماج جدت ۽ نواڻ کان پاسيرو رهي نه ٿو سگهي، پر روڊن رستن تان آهستي آهستي گم ٿيندڙ ٽانگو به پريل جي نظر کان لهي نه سگهيو آهي، هو ٽانگي مان نڪرندڙ آواز کي ٽِڪي جي کوڙي سان تشبيهه ڏئي ٿو ته هڪدم پڙهندڙ دل ۾ ٽِڪي جو کوڙو دهرائڻ لڳي ٿو.

ايئن ٻُجهن آوازَ سُبن جا،

ڪورس ۾ جيئن ٽِڪي جو کوڙو.

اسان جي هن بدلجندڙ سماج ۾ جتي ٻار توڙي وڏا مشيني اوزارن (Gadgets) کان محفو نه رهيا آهن، ان ماحول ۾ پريل جي ٻارن لاءِ لکيل گيتن ۾ مون کي اهائي خوشبو اچي ٿي، جا مغرب ۽ خاص طرح انگلستان ۾ مشيني انقلاب (Industrial revolution) خلاف رومانوي تحريڪ (Romantic movement) جي شاعري پڙهڻ ۾ ايندي آهي جنهن جو بهترين مثال وليم بليڪ جا “Songs of innocence and song of experience” آهن.

1- آگسٽ 2013ع                                                    بدر سميجو

بيڪ ٽائيٽل


(1)  موهن: موهن جو دڙو

(2)  ساڌو: ساڌ ٻيلو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org