سيڪشن؛ ٻاراڻوادب

ڪتاب: ٻارڙن جو شاهه

 

صفحو : 6

 

لـَـڙُ(1) مَ لاڙائو(2) ٿيو، هلي ڪر همت،
سـِـجُ سامهون منهن ۾، متان ڪرئين ڪٿ
(3)،
سـُـپيريان
(4) جي سٿ(5)، ڳاڙهي سج(6) ڳالهه مڙين.
                                     (سر حُسيني داستان 1- بيت 2)

 
سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح چوي ٿو ته متان چئين ته سج ٿو لهي، پر همت ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪر، سج مـُـنهن سامهون بيٺو اٿئي، متان هلڻ ۾ ڪا ڳڻ ڳوت ڪرين. تـُـون سج لهڻ وقت ان محبوب جي ٽولي سان هلي مل.

 

سـُـورٺ مـُـئي سـُـک ٿيو، خيما(1) کنيا کنگهار،
ٿيو راڳ روپ سو، لڳي تـَـندُ تنوارَ،
سو ڍٽين
(2) پٽين(3) پچار(4)، راجا رات راضي ٿيو.
                                      (سر سورٺ داستان 5- بيت 19)

 
سمجهاڻي:

        سورٺ مري وئي، راءِ ڏياچ جي مري وڃڻ کان پوءِ چکيا (باهه) تي چڙهي ته صلح ۽ آرام ٿي ويو. (ڇو جو سورٺ جي ٻي معنيٰ نفس جي نڪري ٿي. نفس مري ويو ته دل لاءِ آرام ٿيو) راءِ ڏياچ پنهنجا تنبو کنيا (لاڏاڻو ڪري وڃي عرش ۾ اڏيا)، روحاني دنيا ۾ راڳ روپ ٿيو ۽ سازن جي تنوار ٿي (هتي ”سورٺ“ لفظ جي معنيٰ اهو راڳ روپ، جيڪو غيبي دنيا ۾ ملائڪ ٿا ڳائين) اهو راڳ هنڌين ماڳين ۽ چئني طرفن ۾ پيو ٻـُـڌجي، جن کي ڪن آهن، سي سـُـڻن ٿا. ڏسو ته راءِ ڏياچ هينئر فرحت ۾ عرش تي ويٺو آهي، جيڪو طالب، مرشد کي سر ڏئي راضي ٿو ڪري، سو پاڻ عرش تي هميشه لاءِ راضي ٿو رهي.

 

سون برابر سڳڙا(1)، لـُـون لـُـون برابر لک،
رُپو
(2) جنهن رد ڪيو، ڪوڙ(3) تنهين کي ڪک،
مـُـون مارُو جو مک
(4)، تيل نه لائيان(5) تنهنجو.
                             (سر مارئي داستان 3-بيت 4)


سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي ٿو ته مارئي، عمر سومري کي چوي ٿي: ”مون لاءِ اهي ڌاڳا، سون سمان آهن. لوئيءَ جي تند تند لک جي ملهه برابر آهي ۽ جنهن چانديءَ کي ترڪ ڪيو، تنهن لاءِ ڪروڙها رپيا به ڪک مثل آهن ۽ مڱڻي وقت، جيڪو مارن مون کي تيل هنيو هو، ان جو مک اڃا مون کي لڳل آهي. تنهن ڪري تنهنجو تيل هرگز وارن ۾ نه وجهنديس.“

        هن مان ظاهر آهي ته مارئي پنهنجي مارن جي هر شيءِ کي عمر بادشاهه جي شين کان اُتم ڀانيو ٿي.

 

 

ڪالهه ڪلاچي ويا، ڇتيون کڻي ڇڳير(1)،
ڀائرن ڀيرو
(2) نه ڪيو، ادن(3) ڪي(4) اوير(5)،
اهڙي خاصي کير
(6)، ڪـُـن ورائي جهلي.
                                              (سر گهاتو داستان 1- بيت 4)

سمجهاڻي:

        ڀٽ ڌڻيرح فرمائي ٿو ته پڳون پهريل ملاح، وڏا ڀالا کڻي ڪلاچيءَ جي ڪـُـن ڏانهن هليا ويا. ڀائرن (مورڙي جي ڀائرن)، موٽ نه کاڌي. ادن دير لاتي آهي، اهڙي موچاري ٽولي، جنهن کي ڪـُـن ڦيرو کائي روڪي ڇڏيو آهي.

        هيءُ بيت سرگهاتو جو آهي، جنهن ۾ مورڙي جي ستن ڀائرن ۽ مانگر مڇ جو ذڪر آهي. (ايڊيٽر)
 

سـُـڪا مـُـنهن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا(1)،
سا
(2) جـُـوءِ(3) ڏوري(4) آئيا، سونهان(5) جت مـُـنجهن(6)،
ڳـُـجها ڳـُـجهيون ڪن، تهان
(7) پرانهين(8) پنڌ جون.
                                   (سر کاهوڙي داستان 2-بيت 16)

 
سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي ٿو ته ”کاهوڙين جا منهن سـُـڪل آهن، ۽ پيرن ۾ پراڻا ۽ ڦاٽل جوتا (بوٽ) پيا اٿن. هـُـو اها منزل جهاڳي آيا آهن، جتي سونهان (رهبر) به مـُـنجهيو پون. هي ڳجها فقير انهيءَ کان به ڏورانهين منزل جون ڳُجهيون وارتائون پيا بيان ڪن ۽ پاڻ ۾ حقيقي محبوب جي ملاقات جي سـُـسُ پـُـس پيا ڪن.“

 

طالب(1) ڪثر، سـُـونهن سر، روميءَ(2) چيو آهي،
تاڙي
(3) جي لاهي، ته مـُـنجهئين(4) مـُـشاهدو(5) ٿئي.
                                   (سر يمن ڪلياڻ داستان 5-بيت 12)

 

سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي ٿو ته: ”هيءَ سڄي ڪائنات سندس (خدا) ڳولائو آهي ۽ ان جو راز سندس سونهن آهي. روميءَ چيو آهي. جي دل تان پردو لاهجي، ته اندر ۾ ئي ان جو (خدا جو) ديدار حاصل ٿي وڃي ٿو.“

 

هـِـڪي(1) ٻانهي چـِـت(2) ۾، ٻي جا ڪري الله،
پاڻـَـهين وجهي ڪـُـن ۾، پاڻهين اُڪاري
(3) اوڙاهه(4)،
تنهن واحد
(5) کي واهه(6)، جو ستڙ(7) سڀيئي ڪري.
                                    (سر سريراڳ داستان 1- بيت 17)
 

سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي ٿو ته ”بندي جي من ۾ هڪڙي سوچ هوندي آهي ته ٻي الله تعاليٰ پاڻ جوڙي ٿو. هـُـو پاڻ ئي ڪنهن کي ڪـُـن ۾ هـَـڻي ٿو ۽ پاڻ ئي ان کي اوڙاهه (مصيبت) مان ڪڍي ٿو وٺي. اها پـُـڄندي طاقت الله کي ئي آهي، جو مڙني کي سڻائي تڙ (راهه) تي لڳائي ٿو. يعني هر ڳالهه الله تعاليٰ جي وس آهي. زندگي، موت، عزت، ذلت ۽ مصيبت، پروردگار جي هٿ ۾ آهي. بندو ڇا به ڪري پر جيڪي رب چاهيندو سو ئي ٿيندو.“

 

وريتيون!(1) ورو، آئون نه ورندي وَرَ(2) ريءَ(3)،
جاڏَي
(4) هن جبل جو، تانگهـِـيندِيـَـسِ(5) ترو(6)،
جـَـتـَـنِ ساڻ ذرو، نـِـينهن
(7) نبيرڻ(8) نه ٿئي.
                    (سر سسئي آبري داستان 4-بيت 7)

 
سمجهاڻي:

        ڀٽ ڌڻيرح هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته سسئي، پنهنجين هڪجيڏين کي چوي ٿي ته: ”اي سهاڳڻيون! (ورن واريون) اوهين پـُـٺتي پنهنجن مڙسن ڏي موٽي وڃو، آءٌ پنهنجي مڙس (پنهون) کان سواءِ واپس نه ورنديس هن اڙانگي جبل جو (ترو) به ڳولينديس. جتن سان تر جيترو به نينهن ڇنڻ مون کان نه ٿو پـُـڄي.“

        هن بيت ۾ شاهه صاحب سسئيءَ جي دل ۾ پنهونءَ لاءِ موجود محبت جي ترجماني ڪئي آهي.

 

 

جهڙي آيس جيئن، جي تهڙي وڃان تن ڏي،
ته لالائي
(1) جا لطيف چئي، ڪر مندن(2) اُٺا(3) مينهن،
ماڙي لڳم مهڻو
(4)، سڀ ڄماندر سيئن(5)،
ٿيس ڪاڻياري
(6) ڪانڌ جي، هـِـتي اچي هيئن،
ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، مـُـنهن
(7) ماروئڙن جي.
                                               (سر مارئي داستان 6- بيت 1)

 

سمجهاڻي:

        ڀٽ ڌڻيرح مارئيءَ جي روپ ۾ فرمائي ٿو ”جهڙي ملير مان پاڪ دامن آئي آهيان، تهڙي ئي مارن ڏي موٽي وڃان ته اتي هوند لالاڻ (مـُـنهن ۾ خوشيءَ جي مرڪ) جا مـُـندائتا مينهن وسي وڃن (شل مارو شاد ۽ آباد ٿين) مون کي ساري عـُـمـِـرِ، عـُـمـَـرَ جي محلات جي ماڙيءَ جو مهڻو لڳو آهي. هتي اچي ڀتار جي نظر ۾ قصوروار ٿي آهيان. ماروئڙن جي پکن ۾ ڪيئن مـُـنهن مٿي کڻي سگهنديس.“

 

وڍي جن وَڍياس(1)، وري ويڄ(2) سي ئي ٿيا،
ترت
(3) ٻڌائون پٽيون، روز(4) ڪيائون راس(5)،
هينئڙا
(6) تنين(7) پاس(8)، گهار(9) ته گهايل(10) نه ٿئين.
                                    (سر يمن ڪلياڻ داستان 2-بيت 12)

سمجهاڻي:

        ڀٽ ڌڻيرح فرمائي ٿو ته ”جن محبت وارن من وڍي وڌو هو، اهي ئي اچي وري طبيب بڻيا آهن. جلد ئي ملم پٽي ڪيائون ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڇـُـٽائي چاق ڪيائون. اي دل! انهن وٽ گذار ته وري ڪو گهاءُ نه رسيئي.“ هن بيت ۾ روحاني طبيبن ڏانهن اشارو آيل آهي.

 

پسي(1) ڏونگر(2) ڏاهه(3)، جم(4) هلڻ ۾ هيڻي(5) وهين،
لانچي
(6) لڪ(7) لطيف چئي، پٺيءَ(8) ڪيچين ڪاهه،
پـُـڇي پـُـورج
(9) سسئي! بلوچاڻي(10) باهه،
اِن وڙائتي
(11) ور جي، آسر(12) هڏ(13) م لاهه،
جو اکنئون
(14) اوڏو(15) آهه، سو پرين پرانهون(16) م چئو.
                                    (سر سسئي آبري داستان 2- بيت 1)

سمجهاڻي:

        ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته ”اي ٻانهي (سسئي)! تون جبل ڏسي متان پنڌ ۾ پوئتي پوين. لڪ ۽ جبل لنگهي ڪيچين پُٺيان هلندي وڃ. اي سسئي! پنهونءَ جي عشق جي باهه مان واقف ٿيءُ ان کان پوءِ اڳتي پنڌ ڪجانءِ، اهڙي گُڻائتي ور جو آسرو اصل نه لاهج، جيڪو پرين اکين کان به ويجهو آهي، تنهن کي پري ڪري نه سمجهجانءِ.“

 

سرتيون(1) سڄي سـُـڃ(2)، متان ڪا مون سين(3) هلي،
پاڻي ناهه پنڌ گهڻو، اڳيان رائو
(4) رُڃ(5)،
متان مري اُڃ، ڪا ڏي پاراتو
(6) پرينءَ کي.
                                     (سر حسيني داستان 1-بيت 8)


سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح سسئي جي زباني چوي ٿو ته ”اي سرتيون! اوهان مان ڪا به مون سان گڏ نه هلي، ڇو جو اڳيان رُڳي رُڃ ۽ سـُـڃ پئي واڪا ڪري. اوهان مان متان ڪا اُڃ ۾ بي حال ٿي مري پوي ۽ منهنجي پرينءَ (پنهونءَ) کي ڪا بددعا (پاراتو) ڏئي.“

 

جوڙي جـَـوڙَ جـَـهان(1) جي، جـَـڏهن جوڙيائين(2)،
خاوندُ
(3) خاص خلقي(4)، مـُـحــمدُ مـُـڪائين(5)،
ڪلمو تنهن ڪـَـرِيمَ
(6) تي، چٽو(7) چايائين،
اَنا مولاڪ وَ اَنتَ مـَـحبوبي(8)، اِئين اُتائين(9)،
ڏِکـِـي
(10) ڏنائين، ٻئي سرائون(11) سـَـيـَـدُ چئي.
                                (سر ڪلياڻ داستان 1- بيت 2)

سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ ڀٽڪيل انسانن کي رب تعاليٰ جي ڪائنات جوڙڻ جو مقصد بيان ڪندي فرمائي ٿو ته “جڏهن رب پاڪ جهان کي جوڙي تيار ڪيو ته انهيءَ مالڪ خاص طور محمد ڪريم ﷺ جن کي خلقي دنيا ۾ موڪليو، جن دنيا ۾ اچي لا الله الا الله جو ڪلمو ايمان وارن کان صاف ۽ چٽو چوايو ۽ پنهنجي محمد ﷺ جن کي چيائين ته آءٌ تنهنجو مالڪ آهيان ۽ تون منهنجو محبوب آهين.“ اهڙي طرح کـُـليو کـُـلايو دنيا وٽ ثابت ڪيائين، ته مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه الله نه آهي. محمد ﷺ الله جا موڪليل رسول آهن. يعني اُن رسول جي اطاعت ڪريو، جيڪي الله جا پيارا محبوب آهن. نبي ڪريم ﷺ جن کي الله پاڪ ٻنهي جهانن جو مالڪ ڪري موڪليو آهي.

 

  

سـَـر(1) لوهيڙا(2)، ڳڀيا(3)، ڪـُـسر(4) نـِـسريا(5)،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا
(6) ڏينهن اچڻ جا.
                                (سر سامونڊي داستان 1- بيت 28)

 

سمجهاڻي:

        ڀٽ ڌڻي هن بيت ۾ پنهنجي پياري (محبوب) دل گهرئي سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته ”اي دوست! سر ۽ لوهيڙا تيار ٿي رهيا آهن ۽ ڪوڙا سر به نسري ويا، هاڻي تون موٽي اچ، توکان ملاقات جا اهي ڏينهن ڪيئن وسري ويا آهن.“

        هن بيت ۾ سڪايل وڻجاري جي وني وڻج واپار سانگي ويل پنهنجي مڙس کي هميشه وانگر موٽي اچڻ جي موسم ياد ڏياريندي آهي ته سر لوهيڙن جي ڳڀجڻ ۽ ڪوڙي سر جي نسرڻ واري مند ۾ هميشه موٽندو آهين، هن ڀيري تو انهيءَ رُت ۾ ورڻ جا ڏينهن ڇو وساري ڇڏيا آهن؟

 

 

پتنگن پهه(1) ڪيو، مڙئا(2) مٿي مچ(3)،
پسي لهس
(4) نه لـِـچئا(5)، سڙئا مٿي سـَـچَ،
سندا ڳچين ڳچ
(6)، ويچارن وڃائيا.
                                    (سر يمن ڪلياڻ داستان 3- بيت 9)

 

سمجهاڻي:

          شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح پتنگن جو مثال ڏئي حق جو اظهار ڪندي انسان کي سمجهائي ٿو ته ”پتنگن پڪو ارادو ڪري گڏ ٿي باهه تي ڪاهي آيا ۽ هو باهه جي تپش ۽ ڄريءَ کان به نه ڊنا ۽ سڙي سرها ٿيا.“

        حق ۽ سچ تي سر ڏيندڙ حق جي خاطر پتنگن وانگر پاڻ کي هر تڪليف ۽ مُشڪلات ۾ جلائي ڇڏين ٿا، پر حق کان پاسو نه ٿا ڪن، جيڪي حق کان نه مڙندا آهن سي يقيناً منزل حاصل ڪندا آهن ۽ اها نجات ئي انهن جي ابدي زندگي آهي. اُهي ويچارا حق جي خاطر سر ۽ ساهه به صدقو ڪري ٿا ڇڏين.

 

پتنگ چائين(1) پاڻَ کي، ته اچي آڳ(2) اُجهاءِ(3)،
پـَـچـَـڻَ
(4) گهڻا پـَـچائـِـيا، تون پـَـچـَـڻ کي پـَـچاءِ،
واقف
(5) ٿـِـي وساءِ، آڳ نه ڏجي عامَ(6) کي.
                                    (سر يمن ڪلياڻ داستان 3-بيت 12)

 

سمجهاڻي:

        ڀٽ ڌڻي هن بيت جو باطني مطلب سمجهائيندي چوي ٿو ته الله تعاليٰ جي عبادت ۾ پاڻ کي غرق ڪرڻو آهي، ان جو مثال پتنگ جي پچڻ سان ڏنو آهي ته جهڙي طرح پتنگ پاڻ کي باهه ۾ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي ٿو، بلڪل اهڙيءَ طرح اهو راز حاصل ڪر، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍ. الله تعاليٰ جي راهه ۾ پنهنجو وجود ختم ڪري ڇڏيندين ته گهڻائي راز ملي ويندءِ.

        يعني اي بندا! نفس ۽ نفساني خواهشن گهڻن کي غافل ڪري ڇڏيو پر سچو سالڪ تڏهن سڏبين، جڏهن نفس تي ضابطو ڪندي ته عرفان حاصل ڪندين. ٻيو مطلب اهو به آهي ته سچو تڏهن سڏبين جڏهن ظلم جي ٻرندڙ باهه ۾ سڙڻ بجاءِ ان ظلم کي معاشري مان ختم ڪندين. وقت ڪيئي سچار، ساڙي ڇڏيا، پر تون خبرداري ۽ رازداريءَ سان انهيءَ ظلم کي ختم ڪر ته تون هـِـن جهان ۾ سڀني جي آڏو ۽ هن جهان ۾ الله تعاليٰ جي آڏو سرخرو ٿئين.“

 

عاشـِـقَ زَهـَـرَ پياڪ(1)، وِههُ(2) پـَـسئو(3) وَهـِـسـَـنِ(4) گهڻو،
ڪـَـڙي ۽ قاتـِـلَ
(5) جا، هميشه هيراڪَ(6)،
لڳين لنؤ
(7) لطيفُ چئي، فنا(8) ڪيا فـِـراقَ(9)،
توڻي
(10) چـِـڪَـنَ(11) چاڪَ، ته به آههَ(12) نه سـَـلـِـنِ(13) عامَ سـِـين.
                                  (سر ڪلياڻ داستان 2- بيت 23)

 

سمجهاڻي:

        شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح هن بيت ۾ انهن سچن عاشقن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي خدا جي قرب ۾ مست ۽ مخمور آهن. هو سدائين زهر پيئڻ (ڏکن سهڻ) جا عادي آهن ۽ ان تڪليف ۽ ڏک ۾ کلي ڪـُـڏي اڳتي وڌن ٿا. هنن کي ٻي ڪنهن برائي يا خرابيءَ جي خبر (سمجهه) ڪانه ٿي پوي. ڇاڪاڻ ته کين الله سان ملاقات جي تانگهه لڳل آهي، جو ان جي جدائيءَ ۾ فنا ٿي پيا آهن. يعني پاڻ کي عشق الاهيءَ ۾ غرق ڪري ڇڏيو اٿن.


(1) لـُـڙُ = سستي، گوٿ ناٿ. گوڙ، هـُـل، شور (2) لاڙائو = گهٽ ٿيڻ وارو- سج لهڻ وارو آهي (3) ڪٿ = ڳڻ ڳوت، سوچ ويچار (4) سـُـپيريان = پرينءَ، پيار واري، دل واري (5) سٿ = ٽولي، ڪچهري (6) ڳاڙهي سج = سج لهڻ کان اڳ

(1) خيما = تنبو (2) ڍٽين = ٿر ۾ (3)  پٽين = پٽيءَ تي- چئني پاسي (4) پچار = غوغاءُ، ڳالهه

(1)  سڳڙا = مڱڻي جا ڌاڳا (2)  رُپو = چاندي (3) ڪوڙ = ڪروڙ (4)  مک = تيل جو مک (5) لائيان = مکيان، وارن ۾ وجهان

(1) ڇڳير = ملاح (2) ڀيرو = موٽي اچڻ (3) ادن = ڀائر (4) ڪي = ڪئي، لاقي (5) اوير = دير (6) کير = ٽولي

(1) کيٿڙا = پراڻا ڦاٽل (بوٽ) (2) سا = اها (3) جـُـوءِ = هنڌ، ماڳ، منزل (4) ڏوري = پنڌ ڪري (5) سونهان = واقفڪار، رهبر (6) مـُـنجهن = وائڙا ٿين (7) تهان = ان کان به، تنهن کان اڳتي جون (8) پرانهين = پري، ڏور

(1) طالب = ڳولائو، ضرورتمند (2) روميءَ = فارسي ٻوليءَ جو مشهور شاعر (3) تاڙي = ڍڪ، پردو (4) مـُـنجهئين = اندر مان- پنهنجي اندران (5) مـُـشاهدو = خبر پوي

(1) هڪي = هڪڙي (2) چـَـت = اندر ۾، من ۾ (3) اُڪاري = پار ڪري (4) اوڙاهه = اونهو ساگر (5) واحد = ڌڻي تعاليٰ، مالڪ (6) واهه = تعريف- واکاڻ (7) ستڙ = سڻائي ڪرڻ- سٺي ۽ سولي تڙ تي پهچائڻ سئين واٽ ڏيندڙ.

(1) وريتيون = ورن واريون- مڙس واريون (2) وَر = مڙس، خاوند (3) ريءَ = کان سوا{ (4) جاڏي = ڏکئي (5) تانگهينديس = ڳولينديس (6) ترو = ڇيڙو (7) نينهن = محبت، پريت (8) نبيرڻ = فيصلو ڪرڻ، ملاقات ڪرڻ

(1) لالا ئي = ڳاڙهاڻ، سرخي، خوشي (2) مندن = موسمن (3) اُٺا = وڍا، وسيا آهن (4) مهڻو = طعنو، ميار (5) سيئن = تائين (6) ڪاڻياري = شرمندي (7) منهن = سامهون، اڳيان، آڏو

(1) وڍياس = وڍي ڇڏيو، زخمي ڪري ڇڏيو (2) ويڄ = حڪيم، طبيب (3) ترت = جلد، هڪدم (4) روز = ڏهاڙي، روزانو (5) راس = پورو، مڪمل (6) هينئڙا = اندر، دل (7) تنين = انهن (8) پاس = وٽ (9) گهار = گذار، رهي پـَـئه (10) گهايل = زخمي، ڦٽيل

(1) پسي = ڏسي، خيال ڪري (2) ڏونگر = جبل، پهاڙ (3) ڏاهه = پنڌ، سختي (4) جم = متان (5) هيڻي = ڪمزور (6) لانچي = ڳولي (7) لڪ = گس، لنگهه، واٽ (8) پٺي = پويان، پٺيان (9) پورج = پنڌ ڪجانءِ (10) بلوچاڻي = بلوچن جي (11) وڙائتي = گڻن واري، ارمانن وارو (12) آسر = آسرو، اُميد (13) هڏ = ڪڏهن به، اصل (14) اکنئون = اکين، نظرن کي (15) اوڏو = ويجهو، ڀرسان (16) پرانهون = پري، ڏورانهون

(1) سرتيون = هڪجيڏيون (2) سـُـڃ = پوٺو، خالي ميدان (3) سين = ساڻ، گڏ (4) رائو = سکڻو، خالي (5) رڃُ = پوٺو، ميدان (6) پاراتو = بددعا، پـِـٽَ

(1) جـَـهان = دنيا، سنسار، ڪائنات (2) جوڙيائين = ٺاهي تيار ڪيائين (3) خاوند = مالڪ، ڌڻي (4) خلقي = پيدا ڪري (5) مـُـڪائين = موڪليائين (6) ڪـَـريم = ڪرم ڪندڙ، ٻاجهه ڪندڙ (7) چٽو = صاف، کليءَ طرح (8) اَنا مولاڪ وَ اَنت محبوبي = مان تنهنجو مولا آهيان ۽ تون منهنجو محبوب آهين (9) اتائين = چيائين، ٻڌايائين (10) ڏِکـِـي = سينگاري (11) سرائون = ٻئي جهان، جڳ

(1) سـَـر = گاهه جو هڪ قسم (2) لوهيڙا = جابلو وڻ (3) ڳڀيا = سـُـرڻ کان اڳ جو عمل ڳڀجڻ (4) ڪـُـسو = ڪوڙا سر (5) نـِـسريا = سڱ سـُـري اچڻ (6) ڍوليا = پرين، پيارو سڄڻ

(1) پهه = ارادو، خيال، نيت (2) مڙئا = گڏ ٿيا، ڪٺا ٿيا، جمع ٿيا (3) مچ = باهه، آڙاهه (4) لهس = تاءُ، گرمي (5)لـِـچڻا = پوئتي هٽيا (6) ڳچ = گهڻائي- اڪثريت

(1) چائين = سڏائين، چوائين(2) آڳ = باهه (3) اُجهاءِ = وِساءِ، ختم ڪر (4) پڇڻ = باهه- تـَـوَ (5) واقف = سمجهي، ڄاڻ وٺي (6) عام = سڀني کي، سڄي ملڪ کي

(1) پياڪ = پيئندڙ (2) وهه = زهر (3) پـَـسئو = سمجهيو، ڏسيو (4) وَهـِـسـَـنِ = خوش ٿيڻ، سرها ٿين (5) قاتـِـلَ = ماريندڙ (6) هيراڪ = هريل، عادي (7) لنؤ = تانگهه، اُڪير، سـِـڪ (8) فنا = ماري، ختم ڪري (9) فراق = وڇوڙي، جدائيءَ (10) توڻي = جيتوڻيڪ، حلانڪ (11) چـِـڪـَـنَ = ڏکن، تڪليف ڏين (12) آهه = دانهن (13) سـَـلـِـن = ٻڌائين، ظاهر ڪن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com