سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: اسان جي ڌرتي (ٻارن لاءِ معلوماتي شاعري)

باب:

صفحو:1

اسان جي ڌرتي

(ٻارن لاءِ معلوماتي شاعري)

مصنف: غلام محمد غازي

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”اسان جي ڌرتي“ سنڌي ٻاراڻي ادب جي ڀلوڙ ليکڪ ۽ شاعر محترم غلام محمد غازي صاحب جو ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پاڻ ٻارڙن جي وندر ورونهن لاءِ انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي مختصر تعارف سان گڏ معلوماتي نظمَ لکي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ دلچسپ ۽ دلفريب ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي، جنهن لاءِ پاڻ جس لهڻي.

هر قوم جو ٻاراڻو ادب پنهنجي پنهنجي سماج جي اُها پيڙهه ٿئي ٿي، جنهن تان اُن قوم جو نئون نسل نئين اُتساهه، نئين عزم ۽ جديد تعمير جا اعليٰ مقصد کڻي اڳتي وڌي ٿو. جيئن ته ٻارَ مستقبل جا معمار هوندا آهن ۽ سندن ذهن آسپاس جي حالتن کان گهرو اثر وٺي ٿو. جنهن لاءِ ٻارن جي سمجهه ۽ ذهني سطح جي سوچ موجب لکڻو پوي ٿو، جنهن سان انهن جو آئيندو روشن ٿئي ۽ فڪري طرح سان اعليٰ ۽ لائق پيڙهي جنم وٺي.

سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻاراڻي ادب جي واڌاري، ترقي ۽ اشاعت لاءِ نهايت تيزيءَ سان عمل ٿي رهيو آهي ۽ بورڊ پنهنجي روايت کي نڀائيندي، پنهنجي سنڌ ديس جي ٻارڙن جي ترقي، ذهني نشونما، وندر ۽ ورونهن خاطر سنڌ جي مانائتن ليکڪن ۽ شاعرن جا ٻاراڻي ادب جا معياري، معلوماتي ۽ نصيحت ڀَريا ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرڻ ۾ ڪوشان رهيو آهي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جو سندن علمي ادبي خاندان سان تعلق هئڻ ڪري ۽ سندن خاص دلچسپيءَ ۽ هدايتن تحت اداري طرفان نون ڪتابن جي اشاعت سان گڏوگڏ پڙهندڙن طرفان گُھر ٿيندڙ ريپرنٽ ڪتاب به شايع ٿي رهيا آهن. جنهن ڏَس ۾ ٻاراڻي ادب جي هِن معلوماتي ڪتاب ”اسان جي ڌرتي“ کي آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

اميد ٿي ڪجي ته، سنڌ جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايل ٻاراڻي ادب جي هِن معلوماتي ۽ دلچسپ ڪتاب مان سنڌ جا ٻارڙا فائدو حاصل ڪندا ۽ بيحد لطف اندوز ٿيندا.

12- ربيع الثاني 1444هه                                سيد سڪندر علي شاهه

08- نومبر 2022ع                                            سيڪريٽري

 

 

پنهنجي پاران

 

ٻار قوم جو عظيم سرمايو آهي. اُن کي وسارڻ سٺو عمل ناهي. اڄ جو ٻار سڀاڻي جو سرواڻ آهي. اسان تي اهو فرض آهي ته ٻار جي سٺي تربيت سان گڏ اُن جي ذهني تعمير ۽ سوچ لاءِ سٺو علمي، ادبي ۽ دل وندرائيندڙ مواد پڻ موجود ڪري ڏيون ته جيئن هڪ طرف ٻار کي پنهنجي ننڍپڻ واري زماني ۾ ئي ادب سان چاهه پيدا ٿئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي قومي ٻولي ۽ ماڳ مڪانن سان دلچسپي رهي.

آءٌ ٻارڙن جي علمي ادبي گهرج کي محسوس ڪندي، 12 ڪتاب اُنهن جي هٿن تائين پهچائي چڪو آهيان، ۽ اڃا به ڪوشش ڪريان پيو ته ٻارڙن لاءِ گهڻي کان گهڻا ڪتاب لکي انهن تائين پهچايان. ان ڏس ۾ ٻارڙن پاران سٺي موٽ ملي آهي. اميد ٿو ڪريان ته منهنجو هي ڪتاب به ٻارڙن کي پسند ايندو.

آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه جو ٿورائتو آهيان، جنهن ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ ترويج جي سلسلي ۾ هن ڪتاب جي اشاعت کي يقيني بڻايو.

 

غلام محمد ’غازي‘

ڊسمبر 2018ع

 

سنڌ جو سفرنامو

 

 

سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ تمام  گهٽ لکيو ويو آهي، اُن ۾  نظم جا ته ڪجهه وڌيڪ ڪتاب ڇپجن ٿا، پر نثر ۾ تمام گهٽ مواد ٻارن جي هٿن تائين پهچي ٿو. سڌريل ملڪن ۾ ٻاراڻي ادب جي همت افزائي ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ اهو عمل به سُست رفتاريءَ جو شڪار آهي، سرڪاري ادارا ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب ڇپرائي، ڄڻ پنهنجو فرض پورو ٿا ڪن، باقي ٻيا جيڪي به مارڪيٽ ۾ ڪتاب اچن ٿا، اهي ٻاراڻي ادب جا ليکڪ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ٻاراڻي ادب لاءِ ڪتاب ڇپرائي، مارڪيٽ ۾ ڏين ٿا، حقيقت ۾ اسان جڏهن اردوءَ جي ڀيٽ ۾ ڏسون ٿا ته سنڌي ٻاراڻو ادب وڌيڪ مالامال آهي. ٻاراڻيون ڪهاڻيون يا نظم اردو ادب جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب ۾ وڌيڪ سگهارو نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ سنڌي ليکڪن شاعرن پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ليکڪن ۽ شاعرن ۾ غلام محمد غازيءَ جو نالو به اچي وڃي ٿو، جنهن ٻارن لاءِ سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ (12) کن ڪتاب ڏئي ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجو اعليٰ مقام ماڻيو آهي. غلام محمد غازي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري ۾ نوان نوان تجربا ڪري پاڻ مڃايو آهي. غازي نه صرف ٻارن لاءِ وندر، نصيحت ڀريا نظم لکيا آهن، پر هن ٻارن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ نئين دور جي گهُرجائن کي آڏو رکي سائنسي نظمن تي مشتمل ٻه ڪتاب: ”سائنس بخشي سونهن“ ۽ ”سائنس پئي سمجهائي“  ڏنا آهن، جن مان هڪ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو، جنهن جون ڏيهه پرڏيهه ۾ ڪاپيون وڏي ڳاڻاٽي ۾ هليون، ڪتاب ”سائنس بخشي سونهن“ ٽي ڇاپا سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا آهن، چوٿون ڇاپو ڇپجڻ وارو آهي، سندن ڪتاب ”رنگارنگي گيت“ به سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. ٻيو ڪتاب سائنس بخشي سونهن سنڌالاجي ڇپايو آهي. سائنس جهڙي خشڪ مضمون کي نظم جي انداز ۾ پروڙي ٻارن آڏو آڻڻ وڏي قابليت جي ڳالهه آهي. غازي نه صرف سائنسي موضوئن تي ٻارن لاءِ ڪتاب ڏنا، پر هن پرولين جي موضوع تي ”ڀنڀوري“ جي عنوان سان ٻارن لاءِ نظم لکي ٻارن کي پنهنجي لوڪ ڏاهپ کان پڻ روشناس ڪرايو.

ٻارن لاءِ لکڻ، برابر ڏکيو ڪم آهي، ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ وقت ليکڪ کي ٻار جي سطح تي لهي لکڻو پوي ٿو، ٻارن لاءِ عام فهم  سادي سودي ٻولي اختيار ڪرڻي ٿي پوي، جنهن ۾ غلام محمد غازي گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي.

سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جا هڪٻئي تي اثر ضرور پون ٿا، هن ملڪ ۾ رهندڙ قومن ۽ ماڻهن به هڪٻئي تي پوندڙ اثر پئي قبوليا آهن، خاص ڪري اردو ادب کان متاثر ٿي ڪيترن ٻارڙن جي ليکڪن طوطا مينا ٽائيپ ۾ پرين جا قصا سنڌي ادب ۾ مروج ڪيا ۽ ڪيترائي موضوع لکيا، پر غلام محمد غازيءَ وٽ نِج پنهنجا موضوع آهن، ها باقي سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناميارن ليکڪن جو هن ضرور اثر قبوليو. ڪشنچند بيوس، محمد صديق مسافر، هوندراج بلواڻي، نثار بزمي ۽ ادل سومري واري ٽهي جي صفن ۾ ضرور اچي بيٺو آهي ۽ پاڻ مڃايو اٿس. مڃتا طور کيس ڪيترائي انعام به مليا آهن، ٻارڙن جي درسي ڪتابن ۾ سنڌ، بلوچستان سميت هندستان ۾ به سندس نظم شايع ٿيا آهن.

غلام محمد غازي جو هي ڪتاب ”اسان جي ڌرتي“ پڻ ”غازي“ جي نئين موضوع جو ساکي آهي، ان کان اڳ ۾ ٻارڙن لئه لکندڙ ڪنهن به شاعر سنڌ جي ماڳ مڪانن تي نظم لکي ڪتابي صورت ۾ نه آندو آهي، غازيءَ جو هي ڪتاب سنڌي ٻارن لاءِ ماڳ مڪانن جي ڄاڻ بابت انمول خزانو آهي، هي ڪتاب ٻارن لاءِ نظمن جي صورت ۾ سنڌ جو  سفرنامو آهي.

بقول علامه آءِ.آءِ قاضي جي ته ادب ”دب“ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سُرڻ ۽ پٽ تي ريڙهيون پائڻ اهو ننڍڙين ريڙهين ڏيندڙ ٻارن لاءِ به ڪم اچي ٿو، ”ادب“ لفظ معنيٰ آهي، انهيءَ ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ.

ادب سان چاهه رکندڙ ادب جي خدمت ڪندڙ اديب جو ڪم آهي ته پنهنجي قوم کي نئين واٽ تي پنڌ ڪرڻ سيکاري. ساڳيءَ طرح شاعرن کي پوئٽ (Poet) به چيو وڃي ٿو، جيڪو يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ميڪر يا صنعت گر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. انهن ٻنهي معنائن ۾ پنڌ سيکاريندڙ يا صنعت گيري تي اسان جو ”غازي“ پورو لهي ٿو، هن ڪيترن سالن کان قوم جي معمارن گلن جهڙن ٻارڙن لاءِ ڪيترائي ڪتاب ٻاراڻي شاعريءَ جا ڏئي پاڻ ملهايو آهي. غلام محمد غازيءَ، ڪتاب ”اسان جي ڌرتي“ ۾ جيڪي نظم ڏنا آهن، انهن کي جيڪڏهن عنوان جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته آثارِ قديمه/ تاريخي ماڳ، سنڌ جا آبي ماڳ وغيره اچي وڃن ٿا، جن کي غازي نظمن جو روپ ڏئي ٻارن کي وندرائڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هيٺيان نظم پنهنجي دلڪشي ٿا بيان ڪن. جيئن:

هي آهي ڀنڀور ڙي ٻارو،

هي آهي ڀنڀور.

ڌاٻيجي اسٽيشن ويجهو،

سارو شهر ڦٽل ڏسجي ٿو،

اوهان ڪيو سڀ غور،

هي آهي ڀنڀور.

صاف پئي تاريخ ٻُڌائي،

ذري برابر ڪين لڪائي،

دِلو راجا جو دور،

هي آهي ڀنڀور.

يا: سکر شهر ۾ آهي هڪڙي آدم شاهه جي ٽڪري،

       تاريخي آ ماڳ اسان جو هيءَ نه سگهندي وِسري.

غلام محمد ”غازي“ جيئن ته پاڻ استاد آهي کيس ٻارن کي وندرائڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ جي خبر آهي ته ٻارن کي ڪهڙي نموني شاعريءَ ۾ پڙهائجي ۽ وندرائجي غازي پنهنجن گيتن يا نظمن ۾ جيتوڻيڪ سٺي محنت ڪئي، پر پوءِ به سندس نظم ايترا مشهور ناهن ٿيا، جو هر ٻار جي زبان تي هجن، پر وري به جس آهي غازيءَ کي جنهن مختلف عنوانن ۽ موضوعن تي ٻاراڻي شاعريءَ جا ڪتاب آندا آهن. تنهنڪري غلام محمد غازي جو هي ڪتاب وقتائتو ۽ لاڀائتو آهي. غازي هن ڪتاب ۾ ٻارن کي سنڌو، موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو، روپاماڙي، ڀنڀور، رني ڪوٽ، آدم شاهه جي ٽڪري، ڪارونجهر، گنجو ٽڪر، ڪوٽڏجي، سکر بئراج، ڪينجهر، منڇر، هاليجي ڍنڍ، ڪوٽڙي بئراج، منگهو پير، ڪياماڙي بندر، مڪلي، ٿر، پارڪر، ساڌٻيلو، معصوم شاهه جو مينار ۽ سنڌالاجي وغيره جو پنهنجي نظمن ذريعي سير ڪرائي ٿو. اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار اڪثر سير ۽ سفر تي ويندا آهن، پر ڪيترائي رهجي ويندا آهن. انهن کي غلام محمد ”غازي“ نظم ذريعي سير ڪرائي ٿو. نه صرف ايترو پر انهن ماڳن لاءِ تشريحي وضاحتي ٽڪرا نثر ۾ به ڏنا آهن.

غلام محمد غازي هڪ پڪو پختو شاعر آهي، اچو ته سندس شاعريءَ کي پڙهي ڏسون.

هي موهن جو دڙو آهي، ثقافت سنڌ جي آهي،

دڙو بيشڪ ائين چئجي علامت سنڌ جي آهي.

ڍڳو نچڻي ۽ رانديڪا، رکيا محفوظ اڄ آهن،

رڳو ئي وقت جون ٻارو، نشانيون وڃڻ جون ناهن.

هتان جي قوم جهڙي ڪانه هئي ڪٿ قوم ڪا سڌريل،

اها تاريخ ۾ ٻارو اسان کي آهه سُڌ مليل.

سندس ئي هڪ نظم جو ٻيو ٽڪرو، جنهن ۾ وطن سان محبت جو درس ڏنل آهي:

سهڻو سهڻو ويس اسان جو،

سُندر آهي ديس اسان جو.

وڻندڙ آ تهذيب اسان جي،

هوندي هردم عيد اسان جي.

(آزاد بخاري)

 

ٻاراڻي ادب جو قليچ

 

 

غلام محمد غازي جڏهن ”سائنس بخشي سونهن“ ۽ ”سائنس پَئي سمجهائي“
شاعري، سا به ٻارڙن لاءِ نظم جي صورت ۾ لکي ڪتابن جي صورت ۾ آندي هئي، تڏهن مون سميت نظم ۽ نثر جي پارکن اهو محسوس ڪيو ته هي يار جيڪو به ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ڪٿي نه ڪٿي دنگ ڪندو ۽ ڪجهه نه ڪجهه ٻاراڻي ادب ۾ خال ڀريندو. ”غازي“ ڪڏهن به چپ ڪري نه ويٺو آهي، هي مسلسل لکندو رهيو آهي، ٻاراڻي ادب سان وچن پاڙيندي هڪ وک اڳتي وڌائيندي سنڌ جي ماڳ مڪانن کي قلمبند ڪري ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. غازيءَ جو سنڌي ٻارڙن جي ادب سان اٿاهه پيار ڏسي اسان کي غازيءَ سان پيار ٿو اچي. اڄ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ٻاراڻي ادب تي وڏو ڪم ٿي رهيو آهي ۽ باقاعدي ٻاراڻي ادب جون اڪيڊميون، ادارا قائم ڪيا ويا آهن. اُن جي ڀيٽ ۾ هتي سال ۾ به هڪ اڌ مس ٻاراڻو ڪتاب پيو ڇپجي، پر غازي پنهنجي پر ۾ ادارو پيو ٿيندو وڃي. غازيءَ جا هونئن ته 12 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجهه  ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن. خاص ڪري سائنس جي موضوع تي، سنڌ جي هيرن تي، پهاڪن جي حوالي سان ۽ وري هي تاريخي نظمن وارو ڪتاب ”اسان جي ڌرتي“ ته سڀني ڪتابن کان گوءِ کڻي ويو آهي. هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي کان ويندي ڪياماڙي بندر جهڙن ماڳن تي نظم ”ترنم“ جي صورت ۾ آڻي ڇڏيو آهي، انهن نظمن سان گڏ انهن ماڳن کي تاريخي حوالن سان سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ”غازي“ تاريخي، تحقيقي ۽ سائنسي موضوعن کي ٺيڪ ٺيڪ طرح سان نظم جي صورت ۾ لکندو آهي. هن جي محنت رائيگان نه ويندي. سنڌ- هند جا ٻارڙا کيڏندا ڪڏندا رانديون ڪندي غازيءَ جا هي تاريخي نظم ڳائيندا رهندا، اها وڏي ڳالهه آهي ته صديون پڄاڻان تاريخ کي شاعريءَ ۾ سانڍڻ ڪنهن سمنڊ کي ڪوذي ۾ بند ڪرڻ آهي.

اسين سڀ خاص ڪري ٻاراڻي ادب ۾ هن کي اهو اعزاز ٿا ڏيون ته هو ٻاراڻي ادب جو مرزا قليچ بيگ آهي، ۽ هن مان اهائي ٿا توقع رکون ته هي اڃان وڌيڪ تحقيق ڪندو، جيئن نون موضوعن تي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ٿيندو رهندو.

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.

 

گوهر سنڌي

آگسٽ 2018ع

رستم شڪارپور

ٻارڙن جو سونهون شاعر

 

 

سنڌوماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب آهي، اڄ جي ترقي ماڻيل ملڪن جون قومون جنهن وقت غارن ۾ گذارينديون هيون، اُن وقت سنڌوماٿري جي سنڌي قوم جا ماڻهو ميداني علائقن ۾ پڪين سِرن جا گهر ٺاهي رهندا هئا. زمين کي کيڙي اَن اُپائيندا هئا. تَن تي ڪپڙو اوڍندا هئا ۽ ڦيٿي وارين گاڏين ۾ ڍڳا جوٽي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي سفر ڪندا هئا. هنن کي پنهنجي جوڙيل انگن اکرن واري لکت هئي، سِڪو هو. ”موهن جو دڙو“ سنڌ جي ان قديم ترين ۽ شاهوڪار قدامت جو مستند حوالو آهي ۽ غلام محمد غازي انهيءَ سنڌوتهذيب جي عظمت جي اڻ ڳڻين حوالن مان هڪ سگهارو حوالو آهي.

غلام محمد غازي سنڌ جيجل جي عظمت جو اهڙو ساکي آهي، جنهن پنهنجي قلم ذريعي سنڌي نسل جي نونهالن لاءِ نظم ۾ ٻار گلن جا هار، گيت پنهنجي ديس جا، رنگا رنگي گيت، ڀنڀوري، مُرڪون ۽ ڌرتيءَ  تارا،  جهڙا ٻارهن شاهڪار ڪتاب ڏئي. سنڌي ٻاراڻي ادب جي جهول ڀري ڇڏي آهي، پر هن جو جذبو نه جهڪو ٿيو، نه جهيڻو هر ڏينهن اڳتي کان اڳرو.

غازيءَ جو هي ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو نئون ڪتاب آهي ”اسان جي ڌرتي“ جنهن ۾ هن پنهنجي نظمن ۾ ٻارڙن کي تفريحي انداز ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ 33 مشهور تاريخي ماڳن جو سير ڪرايو آهي ۽ انهن ماڳن مڪانن بابت هڪ سونهون (Guide) بڻجي تمام سهڻي انداز ۾ ڄاڻ مهيا ڪئي آهي.

غلام محمد غازي ”اسان جي ڌرتي“ ۾ شامل نظمن ۾ نالي ۾ ڌرتيءَ بابت دعويٰ کي دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته ”سنڌ جي ڌرتي“ اسان جي ڌرتي آهي، ايتريقدر جو هن جي حمديه، نعتيه نظمن ۾ به پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان والهانه عشق جو جذبو نروار آهي.

اسان جي دعا آهي ته اسان جو هي دوست انهيءَ جذبي سان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ لاءِ لکندو رهي.

 

مهدي شاهه

ڳڙهي ياسين

 

ٻاراڻي ادب جو بي لوث خدمتگار

 

دوست غلام محمد غازيءَ جي شاعريءَ کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته وطن پرستي ۽ قومپرستيءَ جو جذبو هن جي روح جي گهراين ۾ ائين سمايل آهي، جيئن لطيف جي سورمي مارئيءَ کي ملير جي سڪ پيوست ٿيل هئي.

هن ڪمون شهيد کان ڪي.ٽي بندر تائين سڄي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن، توڙي سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلچر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سموئي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ بهترين روايت قائم ڪئي آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اهو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جيڪو پڙهندڙن خاص طور تي سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ پنهنجي ديس جي حوالي سان نه فقط هڪ سٺي ڄاڻ مهيا ڪندڙ آهي، بلڪ وطن سان محبت ۽ انسيت واري جذبي کي اُجاگر ڪرڻ جي پڻ هڪ بهترين ۽ شعوري ڪوشش آهي.

جيڪڏهن سڀ شاعر پراڻن ۽ تمام سماجي موضوعن تي شاعري ڪرڻ بجاءِ غلام محمد غازيءَ جي سوچ وانگر پنهنجي شاعري جي موضوعن کي ڌرتي، قوم ۽ انسانيت جي جذبي سان سلهاڙي پنهنجو قلم کڻن ته هوند اسان بحيثيت سنڌي قوم جي دنيا جي آزاد ۽ باشعور قومن جي صف ۾ شمار ٿي سگهون ٿا.

مون کي اُميد آهي ته غلام محمد غازي پنهنجي انهيءَ جذبي کي سدائين ساهه ۾ سانڍي مرڻ گهڙي تائين ائين ئي لکندو رهندو.

ڏات وڏي شيءِ ناهي، پر سچ وڏي شيءِ آهي.

                    جو سچ مچائي مچ، سو  مچ  وڏي شيءِ آهي. (شيخ اياز)

 

22- جون 2017ع                                                       مشتاق تماچاڻي

باگڙجي سکر

 

حمد

 

اهو نظم جنهن ۾ الله تعاليٰ جي ساراهه ڪئي وئي هجي ان کي حَمدُ چئبو آهي، حمد جي معنيٰ آهي تعريف، واکاڻ. هي روحاني موضوع آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو روح ۽ بدن جو خالق آهي ته پوءِ ان سان روحاني ۽ بدن جي سڀ کان رئيس عضوي دل جا جذبا ڇو نه وابستا ٿيندا. رَبّ جي واکاڻ ڪرڻ سان روح کي تازگي ملي ٿي، حقيقت اها آهي ته الله جي تعريف هر اها شيءِ جنهن ۾ ساهه آهي پکي، جيت، جِنّ، وڻ ٽِڻ، گل، ٻوٽا، انسان، ملائڪ سڀ جا سڀ حمد و ثنا جا گيت ڳائي مالڪ کي ريجهائن ٿا. اهو الله جيڪو اسان سان گڏ آهي، خالق مالڪ آهي، پالڻهار آهي پوءِ ڇو نه مالڪ جي واکاڻ ڪجي ان ٻاجهاري جا گيت ڳائجن.

حمد

سڄي سنسار جيان سُندر،

بڻايئه امن جو هي گهر،

اهو احسان آ تنهنجو.

اسان کي سنڌ جي ڌرتي،

ڏنئه سهڻي سڄي ڌرتي،

اهو احسان آ تنهنجو.

اسان لئه نعمتون پيدا،

ڪيئه ڳُڻ ڳايون ٿا ايندا،

اهو احسان آ تنهنجو.

وڻي ٿو پيو هي ڪارونجهر،

ڏنو تو ڪيٽي جو بندر،

اهو احسان آ تنهنجو.

ڪٿي ڪينجهر ڪٿي منڇر،

سجايو سهڻو تو آ ٿر،

اهو احسان آ تنهنجو.

اسان جي ديس ۾ بهتر،

وهائين ٿو سنڌو ساگر،

اهو احسان آ تنهنجو

عجب مهراڻ جون موجون،

ڏٺيون ڇوليون ڪي ڇلندي مون،

اهو احسان آ تنهنجو.

مٺو پاڻي مٺا ماڻهو،

نه اهڙا ڪٿ ڏٺا ماڻهو،

اهو احسان آ تنهجو.

مندون چار ئي هتي آهن،

حياتيون موج ٿيون ماڻن،

اهو احسان آ تنهنجو.

اسين سنڌ ديس ۾ مولا،

گهمون اجرڪ ڪري اولا،

اهو احسان آ تنهنجو.

ڏني تهذيب تو جيڪا،

ڀلي آهي ڀلين کان سا،

اهو احسان آ تنهنجو.

جهڪايون تنهنجي در تي ٿا،

اسين سر پنهنجي کي داتا،

اهو احسان آ تنهنجو.

سنڌي ٻولي وڻي ٿي پئي،

مٺي لولي وڻي ٿي پئي،

اهو احسان آ تنهنجو.

ڏنا تو چار هي عضوا،

پنجون هي نور آ واهه واهه

اهو احسان آ تنهنجو.

رضا تنهنجي الاهي آ،

لکيو هي حَمدُ ”غازيءَ“ آ.

اهو احسان آ تنهنجو.

 

نعت

 

نعت عربي لفظ آهي، هن جو استعمال حضور اڪرم  ﷺ  جن جي تعريف واسطي مخصوص آهي. حضوراڪرم ﷺ جن جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪرڻ جو اعزاز عربي زبان کان پوءِ سنڌي زبان کي آهي. سنڌي ماڻهو پهرين صدي هجريءَ دوران ئي نعت جي فن کان آگاهه ٿي چڪا هئا. اسان وٽ نعت خوانيءَ جا اهڃاڻ پهريون ڀيرو سورهين صدي عيسوي ۾ مشهور سنڌي شاعر مخدوم محمد لکويءَ جي ڪلام ۾ مليا آهن، جيڪو ضلعي شڪارپور تعلقي لکي جو رهواسي هو. نعت جو موضوع ايترو وسيع ۽ اڻ کٽ آهي، جيترو صاحبِ نعت جن جي ذات برڪات. هي وڻ ٽڻ قلم ڪجن ۽ لکڻ ويهجي ته به آقا ﷺ جي تعريف کٽڻ جي ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org