سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4/ 1997ع

باب: --

صفحو :4

ماءُ، صمد جي ڳالهه ٻڌي، ڏاڍي خوش ٿي ۽ کين عيد نماز پڙهڻ کان سواءِ، پنج وقت نماز پڙهڻ لاءِ هدايت ڪيائين! ۽ چيائين، ”پٽ واقعي رزق الله جي هٿ ۾ آهي.“ انسان جي هٿ ۾ هجي، ته ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏين. واقعي ٻچا الله سائين،ڪنهن نه ڪنهن وسيلي سان انسان ذات کي رزق رسائي ٿو.

علي اڪبر اسير قريشي

 

نصيحت

صبح سويري ٿيءُ سجاڳ،

جاڳ جوان لڳئي ڪو ڀاڳ

اول ڪر ساراهه خدا جي،

آرام ڇڏي ڪر اهڙو راڳ

ڪُوڙ کان پاسو ڪر تون هميشه،

سچ چوڻ سان لهندين ماڳ،

ڪوڙي دنيا ڪوڙ ڪمائي،

ڪُوڙ ڏئي ٿو سڀ کان ڏهاڳ،

سچ تي پنهنجا پير ڄمائي،

سچ سان لهندين سُک سهاڳ،

شام، صبح ڏينهن رات، سدائين،

آرس ڇڏ ۽ سُستي اَڀاڳ،

غافل، غفلت ۾ نه پئو تون،

نوجوان ڇڏ تون ننڊ نڀاڳ،

هرڪو جيءَ ۾ جايون ڏيندءِ،

سچ سان ٿيندين پارِ اجهاڳ

”اڪبر“ جي نصيحت دل سان لاءِ،

جاڳ جوان لڳئي ڪو ڀاڳ.

آڪاش انصاري

غزل

سنڌڙيءَ جو سينگار بڻجان!

ٻالڪ تون شهڪار بڻجان!

توتي معيارون قوم سڄيءَ جون!

فرد سچو وفادار بڻجان!

تعليم سان رکجان چاهه هميشهه!

ماءُ، پيءُ جو مددگار بڻجان!

استاد جو احترام ادب ڪرڻ فرض؟

واندي ويهڻ سان ڪجهه ڪين ورندو!

محنت جو طلبگار بڻجان!

اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو، شان اسان جو!

مستقبل جو معمار بڻجان،

”آڪاش“ ڌرتيءَ تان جان به قربان!

سنڌي پڪو پڳدار بڻجا

سنڌيڪار: اعجاز اسد پليجو

چٻرو (OWL)

ڏسو! آئون ڪيئن وڏو ٿيان ٿو؟

آني کان جوان ٿيڻ تائين، چٻري جي آکاڻي سندس زباني.

دوستو! اڄوڪي هن مصمون ۾، چٻري (Owl) جو هڪ ٻچو (Chick) اوهان کي پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌائيندو ته، ڪيئن نه اهو بي يار مددگار هوندي به آنو ڀڃي/ ٽوڙي ٻاهر اچي، وڌي ۽ وڏو ٿي هڪ شڪاري چٻرو ٿيو پوي:

آئون هينئر آني مان ڦٽو آهيان:

آئون بارن چٻري (Owl Barm)، شڪاري چٻري جو هڪ قسم، جنهن جا مٿيان پر هئيڊا ۽ هيٺيان اڇا ٿين) جو هڪ ٻچو آهيان ۽ تازو آني جي کوپي (Egg Shell) کي ڌڪي ٽوڙي هن دنيا ۾، ٻاهر آيو آهيان، پاڻ کي ڪوسو / گرم ڪرڻ لاءِ گسڪي – گسڪي اچي پنهنجي ماءُ جي نرم ۽ گرم پرن (FEATHERS) ۾ اچي ويهندس.

منهنجو ڀاءُ:

هاڻ، آئون هڪ هفتي جو ٿي ويو آهيان، منهنجو ننڍو ڀاءُ به مون سان گڏ آهي، جيڪو تازو آني مان ڦُٽو آهي، امان، اسان جي سار سنڀال ۽ بچاءُ ڪري ٿي. جڏهن اها خطرو محسوس ڪندي آهي ته اها سي – سي – سي – جا آواز ڪڍي ڦوڪون هڻي ٿي ۽ اسان ڊوڙي اچي هن جي پرن هيٺان لڪندا آهيون، جڏهن اسان ٿڪجي پئون ٿا ته آرام به ڪندا آهيون.

کائڻ جو وقت:

اڄ، آئون ڄمار ۾ ٽن هفتن (21 ڏينهن) جو ٿي ويو آهيان، ۽ هاڻ ڏسي به سگهان ٿو، منهنجون ٽنگون ايتريون سگهاريون ٿي چڪيون آهن، جو آئون ٽپي ۽ هلي سگهان ٿو، مان منهنجو ڀاءُ بکايل آهيون.

بابا (پيءُ) اسان جي رات جي کاڌي لاءِ شڪار تي ويل آهي، بابا اسان جي کاڌي لاءِ ڏاڍيون سٺيون شيون آڻيندو آهي.

ٻُر/ بُجُ کان کنڀن تائين:

آئون ڇهن هفتن (هڪ مهينو ٻارنهن ڏينهن) جو ٿي چڪو آهيان، منهنجي اڇن ۽ سنهن کنڀن (جنهن کي ٻُر يا بُج (Fluff) چون ٿا) منجهان پک / کنڀ ڦٽڻ شروع ٿي ويا آهن. هاڻ آئون پنهنجي پيءُ جهڙو سهڻو لڳان پيو.

آکيري کان ٻاهر:

آئون اٺن هفتن (اٽڪل ٻن مهينن) جو ٿي ويو آهيان. منهنجا پک ۽ پر به لاڳيتو وڌي رهيا آهن. هاڻ آئون آکيري کان ٻاهر نڪري به سگهان ٿو. آئون پنهنجي چوڌاري جڏهن اڻڄاتل آواز ٻڌندو آهيان ته پنهنجي سسيءَ (مٿي) کي ورائيندو ۽ ڦيرائيندو آهيان، منهنجا پک ڏينهون ڏينهن سگهارا ۽ ڏاڍا ٿيندا پيا وڃن. ۽ آئون هڪ ٽاريءَ کان ٻي ٽاري تائين اڏامڻ جي مشق ڪندو آهيان.

اوچي اُڏام:

آئون ڄمار ۾ ڏهن هفتن (ٻه مهينا ڏهه ڏينهن) جو ٿي چڪو آهيان، هاڻ آئون پنهنجو نئون ٺڪاڻو/ هنڌ ڳولي ۽ شڪار لاءِ جاکوڙ ڪري سگهان ٿو.

آئون هر روز مٿي کان مٿي ۽ اوچي اڏام ڪندو آهيان ۽ جڏهن پنهنجي منزل يا ماڳ تي پهچان ٿو ته سنڀال سان لهيو پوان.

پنهنجن پکن تي:

هاڻ آئون ڄمار ۾ يارهن هفتن (اٽڪل ٽي مهينا) جو ٿي ويو آهيان، ۽ اٽڪل پورو سامائجي جوان ٿي چڪو آهيان، هاڻ آئون پنهنجي کاڌي (ڪوئا، سها ۽ سيهڙ وغيره) جي لاءِ پاڻ شڪار ڪريان ٿو.

آئون پنهنجي وڏن پکن (پرن) جي آڌار تي هوا ۾ بنا آواز (ماٺ ۾) اڏامندو آهيان، هاڻ آئون هڪ جوان چٻرو ٿي چڪو آهيان.

 

دليپ ڪمار ڪوٺاري

ٻار

ٻار سنسار جي سونهن آهن،

ٻار وِندر ۽ وَروُنهن آهن.

 

ٻارن سان جڳ جرڪي ٿو،

ٻار رنگ ۽ روشنيون آهن.

 

من وجهن ٿا موهي سَڀنَ جو،

ٻارن ۾ ايڏيون ڪَشِشون آهن.

 

جيون جي سارن لمحَن ۾،

ٻارن سان قائم رونقون آهن.

 

اسانجن سمورن خوابن جون،

ٻارئي ته تعبيرون آهن.

 

گل ٽکڙائي

نظم

اميدن جو گلشن سجائي هلو،

قدم ئي قدم سان ملائي هلو،

ڪرڻ ڪوڙ کان پاسو ڀلو،

سچائيءَ کي سيني لڳائي هلو،

برائيءَ جا بنياد ٽوڙي هتي،

ڀلا ڀال هردم ڀلائي هلو،

اوهين آئيندي جا ٿي وارث اٿو،

چمن چاهتن جا بنائي هلو،

انڌيرن کي هاڻي ڀڄائي ڪڍو،

ڏيئا روشنيءَ جا جلائي هلو،

ڪدورت ڪڍي دل مان ٻاهر رڳو،

پنا پرت وارا ورائي هلو،

جبل، جهنگ، دريا جي راهن اچن،

بلند حوصلي سان جهڪائي هلو،

هي حيرت اوهان کان زمانو وٺي،

سدا رنگ پنهنجا رچائي هلو،

جي ويران دليون مٿان تن هتي،

ٿي بادل ڪو مينهڙو وسائي هلو،

قلعا ڪوٽ آڏو اوهان جي هجن،

هڪل حيدريءَ سان ڪيرائي هلو،

ختم دشمني کي پيارا ڪري،

هتي چنگ چارڻ وڄائي هلو،

سدا جوش جذبو جوانو هجي،

سو ويتر اهوئي وڌائي هلو.

ڪري ”گل“ اوهان کي هي ويٺو دعا،

رڳو گيت خوشين جا ڳائي هلو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com