سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر ۽ نومبر 1978ع

باب: --

صفحو :7

وئا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،

تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهي.

پسندا سيئي، امل اکڙين سين.

(شاهه)

 

گُجر کي گجميل جيون، تارن ۾ تبرون،

هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون،

ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جيون.

(شاهه)

 

ڀٽ شاهه تي رکيل شاهه جي قلمي رسالي

”گنج“ جو پهريون ورق

 

 

برٽش ميوزم لنڊن واري قلمي نسخي جو پهريون صفحو

 

 

آرنسٽ ٽرمپ جي 1866ع واري ڇاپي جو سرورق

 

بممئي ڇاپو 1283هه جو پهريون ورق

ڪريم بخش خالد

ڀٽائيءَ جي ڀر ۾

 

ڀٽ شاهه جي هڪ طرف حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي والد جي ڀر ۾ آرامي آهي ته ٻئي طرف، سندس روضي جي ٻاهران هڪ قبرستان آهي، جتي ”اگهائي سگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن“ جي مصداق ٻارهن سؤ هجريءَ کان رنگ روپ جي امتياز کان سواءِ؛ بيشمار شيداين کي پرينءَ جو حضور حاصل آهي.

سال 1973ع ۾، يوم لطيف جي موقعي تي، مان عاجز گنهگار ڀٽ شاهه تي وڃي سڪ جو سلام ڪيو ۽ ”اسان عبادت، نظر ناز پرين جو“ روح پرور نظارو ڏٺو- جنگن سندي جاءِ تي راتڙي رهي، صبح جو شهر خموشان ۾ وڃڻ ٿيو ڇو ته اتي منهنجو محسن شمس العماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو آرامي آهي.

مقام جي خسته حالت ڏسي جيءُ جهري پيو. اهل ممانيءَ کي ان جي ته ڪا پرواهه ڪونهي ڇو ته هنن جو اڻ ڪتيوئي صرافن وٽ اگهاميو هو. پر اتي اهڙن سيدن، شهزادن، خليفن، پيرن، فقيرن ۽ عالمن جا آرامگاهه آهن. جن پنهنجي پنهنجي زماني ۾ ۽ پنهنجي حيثيت ۽ استعداد آهر، عوام جي خدمت ڪئي، اسان جي معاشرتي زندگيءَ جي رهنمائي ڪئي ۽ اسان جي ادب جي آبياري ڪئي هئي.

بهرحال مان اضطرابي ڪيفيت ۾ اها اٺيتاليهه خوش نصيب ماڻهن جا نالا لکي سگهيس، جن ٻيا در حرام سمجهي، انهيءَ در جي ابدي سلامي قبول ڪئي.

تاريخ وفات حسرت آيات، مرحوم مغفور هزهائينس مير عبدالحسين خان ٽالپور ابن سرڪار شوڪت مدار مير عباس علي خان ٽالپور ابن سرڪار فيض آثار مرحوم مسرور خالد قرار امير ڪبير شان مير نصير خان شهداداڻي ٽالپور والي مملڪت سنڌ طالب الله نراه و نور الله مرتدهه، بتاريخ 8 ذيقعدالحرام سنه 1342هه مطابق 12- جون 1924ع.

تاريخ وفات مرحوم مغفور جنت مڪان فقير خليفو ميان حسين ڀٽائي بتاريخ 3 ماه محرم سن 1324هه روز مريخ وقت شمس رحلت کرده.

جنت مڪان وصال مرحوم مغفور ميان سيد جڙيل شاهه ولد ميان قبول محمد شاهه ڀٽائي. بتاريخ 27 ماه جمادي الثاني سنه 1336هه.

تاريخ وفات مغفور سيد مقبول شاهه. دواز دهم ماهه ربيع الثاني ازين دار فاني رحلت ڪرده سنه 1311.

وفات وصال مرحوم و مغفور ميان سيد حاجن شاهه ولد ميان مقبول شاهه. تاريخ 14 ماه رمضان روز اڱارو سنه 1333هه.

مرحوم محمد شاهه ولد احمد شاهه تاريخ وفات 25 جمادي الااول ڏينهن خميس 1387هه.

وصال مرحوم مغفور جنت مقصور ميان احمد خان خلف مرحوم رئيس ميان ولي محمد خان نظاماڻي تاريخ 14 ماه محرم الحرام سن 1357هه روز خميس.

وصال مرحوم مغفور ميان جان محمد شاهه ولد احمد شاهه تاريخ 27 مهينو رمضان شريف سنه 1356هه روز خميس.

مرحوم قبول محمد شاهه ولد حاجن شاهه تاريخ وفات 20 شعبان بروز خميس عمر 48 ورهيه 1374هه.

وفات مرحوم مغفور ميان سيد شاهه محمد شاهه ولد احمد شاهه تاريخ 8 ماهه صفر عمر 75 ورهيه سنه 1342هه.

مرحوم سيد ٻڍل شاهه وفات تاريخ 5 ماه صفر سنه 1265هه ڏينهن ڇنڇر عمر 65 ورهيه.

وفات مرحوم سيد ملوڪ شاهه تاريخ... ماه رمضان سنه 1360هه.

مرحوم مغفور جنت نشين خلد برين جناب سيد بلاول شاهه عمر 75 ورهيه بتاريخ 27 بروز جمعو ماه رمضان سنه 1315هه.

وصال مرحوم و مغفور ميان خدا ڏنو شاهه ولد جان محمد شاهه تاريخ 28 ماهه جمادي الثاني سنه 1366هه.

مرحوم مغفور سيد مڱيل شاهه ولد سيد محمد بخش شاهه ڀٽائي 26 ربيع الاول سنه 1365هه رات آچر وقت 9 بجه عمر 6 ورهيه.

تاريخ وصال مرحوم مغفور جنت مڪان پير پير محمد شاهه عليه رحمة تاريخ 23 جمادي الاول وقت پيشين ڏينهن سومار سنه 1300 هه.

تاريخ وفات مرحوم مغفور جنت مڪان خلد ايوان جناب شاهه صاحب پير سيد ميان يار محمد شاهه بتاريخ 10 ماهه محرم سنه 1320هه رحلت فرمود،

وصال مرحوم مغفوم جنت مڪان ميان پير قادر جوڙيو شاهه ولد پير شير محمد شاهه تاريخ 22 ماهه محرم بروز خميس 1322 هه عمر 5 ورهيه.

وصال مرحوم مغفور ميان خليفو ڪريم ڏنو ولد رحيم ڏنو ذات راهو بتاريخ 20 ماهه ذوالقعد 1353هه عمر 33 ورهيه.

مزار مبارڪ ميان ولي محمد صاحب وفات 1212هه.

مزار مبارڪ جناب تمر فقير.

مرحوم محمد رحيم خان ولد دلاور خان عرف مسڪين ملن قلندري قوم افغان ملڪ ڪابل 6 ربيع الاول 1358 ڏينهن اربع.

وصال مرحوم مغفور شير فقير ولد جادم خان ذات ٻگهيو ماهه محرم بتاريخ 12 روز سومار عمر 60 ورهيه 1336هه.

وصال مرحوم مغفور ميان رحيمون ولد دينو خان ذات راهوما 6 عرس بتاريخ 24 روز اڱارو عمر 50 ورهيه سنه 1336هه.

حاجي حسفي خان ولد ٻڌل خان ذات جلالاڻي تاريخ 22 ماهه صفر سنه 1332هه.

مزار مبارڪ جناب فقير ميان محمد اسماعيل صاحب خليفه سوم حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي وفات سنه 1372هه.

ميان نور الله ورايو 10 شوال سنه 1374هه.

ميان ڇٽو فقير ولد آبل فقير ولد آبل فقير 4 ربيع الاول سنه 1367هه.

پير ميرمحمد شاهه صاحب ولد سيد غلام شاهه ڀٽائي 1386هه 1 جمادي الثاني ميان خدا ڏنه شاهه ولد گهوٽ ساءِ 15 صفر 1344هه.

جنت مڪان ميون محمد ولد الهڏنو فقير، 17 ذوالقعد 1334هه.

مراد فقير، 16 صفر 1304هه.

ميان نيڪ محمد فقير ولد جيئو فقير سهتو، 15 صفر 1300 هه.

خليفو طالب فقير، وفات 6 ربيع الاول...

مسڪين بختار فقير 5 صفر 1370هه.

حاجي لشڪر علي خان ولد قائم خان لسڪاڻي، جمع 29 ذوالقعد 1373هه 30 جولاءِ 1954ع.

ميان الهه بچايو ولد مير خان، 12 ذوالحج 1353هه.

سيد مصري شاهه ولد سيد احمد شاهه 22 رمضان 1342هه

ميان رحيمڏنو فقير ولد سومار راهو، 29 محرم 1342 هه.

ميان تاجو فقير ولد اوڀائي جو، 12 رجب 1352هه.

ميان گلاب فقير ولد طالب فقير، 1 محرم 1365هه.

ميان ڪيهر فقير، ولد دودو فقير، 1 محرم 1338هه.

خليفو هارون ولد خليفو جان محمد 25 ذوالقعد.

سيد حبيب شاهه، وفات سنه 1152هه.

خالد ايوان جناب شاهه سيد پير ميان قبول محمد شاهه ڀٽائي 3 ذوالقعد 1323هه.

پير شير محمد شاهه ولد غلام حيدر شاهه ڀٽائي، 12 شعبان بروز شنبه 1362هه.

پير سيد ولي محمد شاهه مولائي ولد مغفور سيد مير محمد شاهه ڀٽائي، 14 جمادي الاخر اربع 1366هه.

شمس العلماء الد کتور عمر بن محمد دائود پوٽه ولد يوم الاربعا تاريخ 9 شوال سنه 1313هه. المطابق 25 مارس 1896 و ترقي يوم الست تاريخ 10 من جمادي الاول 1378هه المطابق 22 من نومبر 1958ع.

سال رحلت چيو هاتف ته ”غريق رحث“،

ڪيم فڪر  تاريخ  رحلت  ”خليل“ اڄ،

ته هاتف چيو مون کي لک مدح مغفور. (1378هه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com