سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1979ع

باب: --

صفحو :2

گُل ڦُل ڊسمبر 1979ع

ايڊيٽر: انور هالائي

مقصودگل

ٻارن جو سال

 

ڪارا ڪارا گپ ۾ وهتل،

ڪينجهر ڪپ تي ڪارا ٻار،

ککيءَ هاڻا لڱ جني جا،

واريءَ هاڻا تن جا وار،

پاڻيءَ ۾ تڙڳن ويٺا،

سرديءَ ۾ پڻ ٿڙڪن ويٺا،

ڇا هي سال انهن جو ڀي آ؟

جيڪو سال ملهايون ٿا پيا!

فوٽ پاٿن تي ٻانهن ڊگهيري،

پيٽ بُکئي جي ڪاڻ پِنن ٿا،

هڪڙي ڏهه پئسيءَ  جي خاطر،

ننڍڙا ٻالڪ ڏاڍو رڙن ٿا.

اُس ۾ روز سڙن ٿا ويٺا،

ڪاڙهي منجهه ڪڙهن ٿا ويٺا.

ڇا هي سال انهن جو ڀي آ؟

جيڪو سال ملهايو ٿا پيا!

چؤواٽي تي ننڍڙا  ٻالڪ،

هر هڪ گاڏيءَ ڏي ڊوڙن ٿا،

هر ڪنهن موٽر جا هو شيشا،

پنهنجي ڪپڙن ساڻ اُگهن ٿا،

ڪوئي صاحب خرچي ڏي ٿو،

ڪوئي تن کي ڇڙٻي ڏي ٿو،

ڇا هي سال انهن جي ڀي آ؟

جيڪو سال ملهايو ٿا پيا!
 

امين ٿيٻو

رابيل نه پٽ

 

ڇا لاءِ ڏين ٿو هن کي گهاءُ،

رابيل نه پَٽ، منهنجا ڀاءُ.

 

صورت ڪهڙي نه پياري آ،

هي ته امن جو پرچاري آ،

ڇو نه ڪرين ٿو ڪو ڪهڪاءُ.

 

سڀ کان پهرين صبح سويلو،

ماڪ ڪري ٿي هن سان ميلو،

منهن ڌُئاري ائين جئن ماءُ.

 

توکي هن جي خوشبو گهرجي،

پر ڇو هن کان جيوت ڦرجي،

ڪنهن سان کيڏين ويٺو داءُ.

 

ايڏي تون ڪر دل امين،

جيڏي پکڙيل آهي زمين،

ٻانهون امبر جو ڦهلاءُ،

رابيل نه پَٽ، منهنجا ڀاءُ.

طاهر سنڌي

موکي مت

 

ٻارن جوعزم ڇا گهٽائيندين،

موکي پنهنجي مَت وڃائيندين.

 

ٻارن کي ته چور ڳهيلا،

زوريءَ پاڻ کي پٽائيندين.

 

آئندي جي معمارن کي،

ڪيسين پيو ٺُڪرائيندين.

 

نازڪ گلن کي ڇنڻ خاطر،

ڪَنڊن سان پلاند اٽڪائيندين.

 

جا جوت طوفان ۾ ٻرندي رهي،

ڪيئن ڦوڪن سان اُجهائيندين.

 

تنهنجو وس به ڪين هلندو،

ڪيڏا سهسين سانگ رچائيندين.

 

 ٻين لاءِ جا کڏ کوٽي ٿئي،

پاڻ کي اُن ۾ اُڇلائيندين.

 

طاهر نيٺ ماڳ رسندو،

ڇا ٿيندو جي رڻ رُلائيندين.

غلام محمد مسڪين

وائي

 

اچي خوشيءَ مان مٺِڙا پُٽڙا، پيءُ کير کنڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

جلدي جلدي منزل ڏي، هاڻي ڪر تون پنڌ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

ڪاري ڪاري ٻاٽ اندر ۾، بنجي ڀؤ تون چنڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

گلن جيان هر جاءِ رساءِ پنهنجي سڳنڌ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

محنت سببان مانجهي بنجي، سچ جي ڪت تون تند،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

پنهنجي ديس جي مارن مٿان، رت جو ونڊ تون ونڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

ملڪ جي ويرين  چورن ڊاڪن جو، ڪپي وجهه تون ڪنڌ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

اچي خوشيءَ مان مٺڙا پٽڙا، پيءُ کير کنڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

مهتاب کوکر فهيم

سرهاڻ

مستقبل آ ٻارن ساڻ،

ٻار چمن جي آ سرهاڻ،

دل آ ٻارن جي هيرن کاڻ.

ڪين رکن ٿا دل ۾ ڪينو،

نور جيان ٿو جرڪين سينو،

سڀ خوشين جي دولت ساڻ.

سهڻا  سهڻا پيارا پيارا،

ديس دلارا روشن تارا،

سي هن ڌرتيءَ جي چانڊاڻ.

ڀينر تن تي رشڪ ڪرن ٿيون،

مائون پاڻ مٿن گهورن ٿيون،

سي هن ڌرتيءَ جي سرهاڻ.

ڪوٽ ڪوڙن جا ساڙيندا،

سينڌ سنڌو جي سينگاريندا

آهن ڌرتي جا سرواڻ.

ٻارن جي تون عادت ڌار،

جن سان روشن هي سنسار،

مهتاب اها تون دولت ماڻ.

عزيز گوپانگ

امنگ

جڳ جڳ جيءُ،

منهنجا مٺڙا پيءُ.

ڪڪر جي تون ڇانَ،

سلامت اسان جو هانوَ،

دامن ۾ تون لڪاءِ،

مون کي لڳي ٿو سيءُ،

منهنجا مٺڙا پيءُ.

تنهنجو مون تي قرض،

لاهڻ منهنجو فرض،

سڏ ڪرين جي هر هر،

پوءِ به منهنجي جيءَ،

منهنجا مٺڙا پيءُ.

ماڻهو تنهنجا ويري،

وقت تنهنجو پيري،

ڏونگر وانگر ارڏو آن،

حيران آ دنيا هيءَ،

منهنجا مٺڙا پيءُ،

جڳ جڳ جيءُ.


 

شمس الدين سومرو

گُڏي

 

وڏيري سومار جي ڳوٺ ۾،  سندس بنگلي جي سامهون هڪ تمام وڏو ميدان هو. ميدان جي اڀرندي پاسي مسجد هئي. مسجد جي در وٽ هڪ ڪئبن ، ۽ هڪ ٻه دڪان هئا. ميدان جي اتر پاسي ڳوٺ  جي ٻارن لاءِ هڪ پرائمري اسڪول هئو، جيڪو وڏيري سومار پاڻ ٺهرايو هئو. ميدان جي ڏکڻ طرف اتي رهندڙ ماڻهن جا ڪَچا گهر، بس اسٽاپ  ۽پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪ کوهه هئو، ۽ الهندي پاسي وڏيري سومار جو بنگلو ۽ ان جي ٻنهي پاسي وڏا رستا  هئا.

وڏيري سومار جي بنگلي جي اترين پاسي واري گهٽيءَ ۾ سندس هڪ ڪمدار نالي هاشم، جيڪو ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان اتي رهندو هو، ان جو پڻ ڪَچو گهر ٺهيل هئو، هاشم کي وڏيري وٽ ڪم ڪندي ڪي ورهيه ٿي ويا هئا. اها جاءِ به وڏيري هن کي ڏني هئي. هاشم پنهنجي وڏي پٽ احمد کي اسڪول ۾ داخل  ڪرايو هو، سندس ڌيءَ ڀوري، ماسي ملوڪان جي گهر قرآن شريف پڙهڻ ويندي هئي ۽ پنهنجي ماءُ کي گهر جو ڪم ڪار ڪرائيندي هئي. باقي ننڍڙو پٽ سانوڻ اڃا ننڍڙو هجڻ ڪري ڪڏهن اسڪول ۾ ويندو هئو ته ڪڏهن  سڄو ڏينهن گهرکان ٻاهر پاڙي ۾ ٻارن سان راند ڪندي گذاريندو هو.

سانوڻ جو پيءُ ڏهاڙي صبح جو ڪم تي وڃڻ کان اڳ، احمد ۽ ڀوريءَ کي اٺ- اٺ آنا  خرچي ڏيئي پوءِ ڪم تي ويندو هو. سانوڻ کي پڻس کان خرچي وٺڻ جي اڃا پوري ساڃهه ڪانه هئي. ٽنهي ٻارن جو پاڻ ۾ ڏڍو پيار هو. احمد اٺ آنا وٺي ٿيلهو کڻي اسڪول ويندو هو ته ڀوري پنهنجي ماءُ کي ڪم ڪار پورو  ڪرائي پوءِ قرآن پڙهڻ ويندي هئي. ڪيڏي مهل سانوڻ کي به وٺي  ويندي هئي. اتي شيون کارائيندي هيس. شين جي لالچ ۾ هو اتي ويٺو هوندو هو.

شام جو جڏهن هاشم  گهر موٽندو هئو ته پنهنجي ٻارن جي کائڻ لاءِ ڪا نه ڪا شيءِ وٺيو ايندو هئو ۽اها شيءِ ٻارن کي کارائي، سانوڻ کي هٿ کان وٺي، پڙ جي چونڪ وٽ، مسجد جي سامهون پيل پٿر تي اچي ويهندو هئو. انهيءَ  هنڌ تي گهڻو ڪري ٻارن ۽ ماڻهن جي رش  هوندي هئي، جو پاڙي جا ماڻهو ڪمن تان اچڻ کان پوءِ پنهنجن پنهنجن ٻارن کي وٺي اچي انهن پٿرن تي ويهندا هئا. پوءِ وڏا پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا هئا، پنڌ ڪرڻ وارا ٻار، مسجد جي چوڌاري ڊوڙون پائي، پيا هڪ ٻئي کي جهليندا هئا، ته صفا ننڍڙا ٻار جيڪي مائٽن جي هنجن ۾ هوندا هئا سي ڪنڌ لوڏي تارا ڦاڙي هٿ مٿي کڻي پيا ماڻهن کي ڏسندا هئا. ڪي ٻار مائٽن کان پئسا وٺي مسجد جي ڀر ۾ پيل چاچا خانوءَ جي ڪئبن تان بسڪوٽ، کٽمٺڙا، ڀڳڙا ۽ ڀوڙينڊا وٺي کائيندا هئا.

سانوڻ به پنهنجي پيءُ جو هٿ ڇڏائي ٻين ٻارن: عبدالله ، لونگ، جانو ۽ همير، جيڪي سندس هم عمر هئا، انهن سان راند ڪندو هئو. انهيءَ چونڪ وٽ بس اسٽئنڊ ۽ اسڪول ويجهو هجڻ ڪري، ٻيا به شين وارا ويهندا هئا. ڪن وٽ ڪَچالون، ڪن وٽ کيرڻي ته ڪن وٽ ڪلفيون ۽ ڳنڍا هوندا هئا. چاچا خانوءَ جي ڪئبن جي پاسي ۾ هڪ سيڌي جو دڪان چاچا عمر جو هئو، ان وٽ تيل، گيهه، اٽي لوڻ، کنڊ کانسواءِ ٻارن لاءِ کٽمٺڙا چاڪليٽ ۽ ٻيون به شيون هونديون هيون. پرگهڻو ڪري سڀني ٻارن جو لاڙو چاچا خانوءَ  جي ڪئبن ڏانهن رهندو هئو، جو چاچا خانو پاڙي جو بزرگ هئڻ ڪري سڀني ٻارن کي سڃاڻندو به هئو ته سهڻي نموني ۽ پيار سان ٻارن سان پيش به ايندو هو. چاچا خانوءَ جو اهو قاعدو هوندو  هو ته ڪنهن به ٻار کي هٿين خالي واپس ڪونه ڪندو هو، ڪوبه ٻار پئسو ٽڪو گهٽ کڻي ايندو هو يا ڪجهه به نه کڻي ايندو هو ته به ان کي  بسڪوٽ يا کٽمٺڙو ضرور ڏيندو هئو. ڪنهن ٻار جي گهڻين شين لاءِ ضد  ڪرڻ تي ان کي اُهي شيون ڏيئي، هڪ ڪاغذ جي بنديءَ  تي اُن جي پيءُ جي نالي تي اهي پئسا لکي ڇڏيندو هو. چاچا خانو جمعي ڏينهن بندي کڻي پيو حساب ڪندو هئو: بادل ساڍا ٻارهن آنا،  ممون هڪ رپيو ٻه آنا، رمضان 9 آنا امام علي يارهن آنا ته قادر ڇٽاڻي اٺ آنا.

چاچا عمر ٻارن کان ورچندو هئو ۽ اوڌر به ڪونه رکندو هئو، ان ڪري تمام ٿورا ٻار چاچا عمر کان شيون وٺندا هئا. باقي پاڙي سڀ ماڻهو چاچا عمر کان سيڌو سامان وٺندا هئا.

اڳي جڏهن هاشم پنهنجي وڏي پٽ ۽ ڌيءَ کي اٺ- اٺ آنا ڏيندو هئو ته سندس وڏو ڀاءَ ته اوڏيءَ مهل ئي ڳچيءَ ۾ ٿيلو وجهي اسڪول ويندو هئو ۽ سندس وڏي ڀيڻ، مانيون پچائي، سندس ماءُ کي ٿانوَ ڌُئاري، ڪيڏيءَ مهل پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ سانوڻ کي ساڻ ڪري يا اڪيلي پاڙي ۾ وڃي، شيون وٺي، پئسا ختم ڪندي هئي، پر جڏهن کان وٺي وڏيري علوءَ جي ڌيءَ شهزاديءَ لاءِ، وڏيري وڏي شهر مان پنجاهه رپين ۾ هڪ خوبصورت گُڏي آندي هئي، ۽ اها گُڏي سانوڻ، ڀوري ۽ ٻيا ٻار شهزاديءَ جي گهر ڏسڻ ويا هئا ته اوڏيءَ مهل شهزاديءَ ان گڏيءَ کي زريءَ جو ڀريل چولو، سٿڻ ۽ رئو ڍڪايو هئو ته ڀوريءَ کي اُها گُڏي ڏاڍي وڻي هئي ۽ دل ۾ خيال ڪيو هئائين ته شام جو مان به با با کي اهڙي گُڏي وٺي ڏيڻ لاءِ چونديس. پوءِ هوءَ شام ٿيڻ ۽ پيءُ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي.

شام جو سندس پيءُ گهر ۾ پير ئي مس رکيو ته ڀوري وڃي ٽَگن ۾ چنبڙي پيس، ويهڻ ۽ ساهه پٽڻ به ڪونه ڏنائينس.

”بابا، مون کي به وڏي گُڏي وٺي ڏيو ته مان به ان کي زريءَ وارا ڪپڙا پارايان.“

سانوڻ جي پيءُ، جو ڀوريءَ سان ڏاڍو پيار هئو، سو کيس ٻنهي ٻانهن کان جهلي مٿي کڻي، پنهنجي ٻانهن تي ويهاري، پيار ڪري چيائين:

”پٽ! اهڙيون ڏهه گُڏيون توکي وٺي ڏيان، تون هڪ گُڏيءَ جي ڳالهه ٿي ڪرين!“

سانوڻ جي پيءُ جو ايترو چوڻ، بس پوءِ ته اهڙو وٺي ضد ڪيائين، جو چئي ته ” ويهڻ ڪونه ڏينديس، پهرين مون کي گُڏي وٺي ڏيو.“

پيءُ گهڻو ئي سمجهايس ته ”پٽ! ويهڻ ته ڏي ماني کان’ ته پوءِ ٿا بازار هلون.“ پر هوءَ ڪانه مُڙي، وري لالچ ڏنائينس ته ”ڀوري، توکي شهزاديءَ جي گُڏيءَ کان به سُٺي گُڏي ٿو وٺي ڏيان.“ تڏهن به ڪونه مڃيائين. پوءِ سندس پيءُ اهو چئي پنهنجي جان ڇڏائي ته ”جيسين مون کي پئسا ملن، تو جيڪي پئسا گڏ ڪيا هجن، اهي مون کي ڏي ته هينئر ئي هلي گُڏي وٺي اچون .“

اها ڳالهه ڀوريءَ جي ذهن ۾ ويهي ويئي ۽ پنهنجي پيءَ کي ڀاڪر پائي ضد ختم ڪيائين. ”چڱو بابا! توهان مون کي جيڪا خرچي ڏيندا آهيو نه، هاڻي اها مان گڏ ڪري رکنديس. پوءِ الاهي پئسا گڏ ٿين ته توهان مون کي وڏي شهر مان شهزادي جهڙي گُڏي وٺي ڏجو.“

هاڻي ڀوري ويچاري گڏي وٺڻ جي شوق ۾ هڪ پئسو به خرچ ڪانه ڪندي هئي. پنهنجين جيڏين سرتين کي شيون کائيندي ڏسي، ماٺڙي ڪري گهر اچي، پنهنجي جمع ڪيل پئسن کي ڏسندي هئي ۽ گڏي وٺڻ جي شوق ۾ سڀ شيون وسري وينديون هيس. احمد کي ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. ”ادا! مان به شهزاديءَ جهڙي وڏي گڏي وٺنديس. اُن سٺا سٺا ڪپڙا پارائيندس، ۽ ان کي ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏينديس.“ ته احمد وري چوندو هوس ته ”ادي، پوءِ مان وري هڪ وڏو گڏو وٺندس. پوءِ انهن جي شادي ڪرائينداسين.“ ته ڀوري يڪدم جواب ڏيندي هيس ته ”نه ادا نه، مان پنهنجي گڏيءَ جي شادي ڪانه ڪرائينديس. پوءِ تون وري منهنجي گڏي کڻي ويندين.“

ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل ڀوري اچي ماڻس جو مٿو کائندي هئي: ”امان، منهنجا الاهي پئسا ڪڏهن جمع ٿيندا؟ ڪيترن پئسن ۾ گڏي ملندي؟ امان، منهنجيءَ گڏيءَ لاءِ ڪپڙا ٺاهي ڏيندينءَ نه؟“ ماڻس جڏهن بيزار ٿيندي هئي ته چوندي هيس:  ”پهرين تون پئسا ته جمع ڪر.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com