سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ 1981ع

باب: --

صفحو :2

جڏهن ماکيءَ جي مک ا۾ هليو وڃي ٿو جنهن کي ماکيءَ جي ٿيلهي چوندا آهن ۽ اها ٿيلهي قدرت هن جي جسم ۾ خاص انهيءَ مقصد لاءِ بنائي آهي. اهو عرق انهيءَ ٿيلهيءَ ۾ انهي وقت تائين جمعي رهندو آهي جيستائين مکي انهيءَ کي ماناري ۾ وڃي گڏ نٿي ڪري. گڏوگڏ مک جي جسم ۾ ٿوري گهڻي تبديلي به جاري رهندي آهي. انهيءَ جي غدودن مان نڪرڻ وارا ڪجھ عرق به انهيءَ مٺي عرق ۾ شآمل ٿيندا رهندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح گلوڪوز بنجيو وڃي. يعني معمولي کنڊ ماکيءَ جي مک جي جسم ۾ پهچي ماکي بنجي وڃي ٿي. بس اهو ياد رکڻ گهرجي ته گلن ۾ ماکي موجود ڪانه هوندي آهي پر هڪ قسم جو عرق موجود هوندو آهي جنهن کي مک پنهنجي جسم اندر ماکيءَ ۾ تبديل ڪري ٿي.

مک جا ٻه پيٽ ٿيندا آهن. هڪ ته ماکيءَ جي ٿيلهي ۽ ٻيو هن جو اصلي پيٽ. جنهن ۾ غذا وڃي ٿي. ماکي جي ٿيلهي ته هڪ قسم جو گدام هوندي آهي. جنهن ۾ مٺو عرق گڏ ٿيل هوندو آهي. بعد ۾ انهيءَ ۾ ڪجھ ڪيميائي تبديليون پيدا ٿي وڃن ٿيون. ٻنهي پيٽن وچ ۾ هڪ سنهڙي نالي هوندي آهي جنهن جي هڪ منهن سورخ (والو) لڳل هوندو آهي. ماکي جي مک جڏهن چاهي انهيءَ کي کولي سگهي ٿي ۽ جڏهن چاهي بند ڪري سگهي ٿي. يعني قدرت اهو انتظام رکيو آهي ته جڏهن کيس بک لڳي ته مک خود به ٿورو عرق يا ماکي استعمال ڪري سگهي ٿي.

اسين ماکيءَ جا چمچا ڀري کائيندا آهيون ليڪن جيڪڏهن اسين سوچون ته اها ڳالهه عجب لڳندي آهي ته ويچاري مک کي ايترو ماکي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪافي جفاڪشي ڪرڻي پوندي آهي.

ماکيءَ جي مک جو سڀ کان ڏکيو ۽ مشڪل ڪم آهي سو عرق گڏ ڪرڻ. باقي ڪم ته هن جي جسم ۾ پاڻيهي ٿيندو رهي ٿو. انهيءَ لاءِ مک کي محنت نٿي ڪرڻي پوي بلڪ انهيءَ کي اها خبر به نٿي پوي ته هن جي جسم ۾ ماکي بنائڻ جي مشين هلي رهي آهي.

هاڻي ته ماکيءَ جون مکيون پالڻ هڪ ڪاروبار بنجي ويو آهي. انهيءَ مقصد لاءِ خاص طرز جا دٻا ٺهرايا ويندا آهن. مکين کي مٺو عرق ويجهڙائيءَ ۾ ملي وڃي ٿو ۽ اها تيزيءَ سان انهيءَ کي ماناري ۾ گڏ ڪندي آهي. جتان اسان کي ماکي حاصل ٿئي ٿي. جيڪڏهن محنت ۽ ڪم جو سبق سکڻو هجي ته ماکيءَ جي مک کان سکو.

پتاشن جو مينهن

ڪهاڻي پبليڪيشن، دينوءَ جو پڙ حيدرآباد پاران سنڌي زبان ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ وندرائيندڙ ۽ مزيدار يا تصوير ڪهاڻين جي سلسلي جو ڪتاب پتاشن جو مينهن

قيمت ڏيڍ رپيو

اڄ ئي ويجهي بوڪ اسٽال تان خريد ڪريو. يا ڏيڍ رپئي جون ٽڪليون مٿين ائڊريس تي موڪلي ڪتاب گهرايو.

ٻارن لاءِ آکاڻيون

سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻارن لاءِ مختلف ملڪن جي دلچسپ ڪهاڻين جو مجموعو ”ٻارن لاءِ آکاڻيون“ جي نالي سان ڇپايو ويو آهي. قيمت چار روپيا.

اڄ ئي ويجهي بوڪ اسٽال يا سنڌي ادبي بورڊ اسٽال، ڄامشورو کان چئن روپين ۾ خريد ڪريو.

ننڍڙا اديب

دلاسو

منهنجا ننڍڙا، پيارا ڀاءُ.

روئين ڇو ٿو، اوري آءُ

تنهنجو پيءُ، الله ڏي ويو آ،

حج تي وئي آ، تنهنجي ماءُ.

حق گهرڻ جي، عظيم ڏوهه ۾،

جيل رهي ٿو، تنهنجو ڀاءُ.

ڀيڻ جو الڪو، ڪين ڪر مٺڙا،

وڏيرو ڇڏيس ٿو، مٿس ساهه.

تنهنجو ساٿي، ’مختيار‘ آهي،

هي وٺ پئسا، شيءِ وڃي کاءُ.

_ مختيار مڱڻهار

ٻه سبق

قاسم هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو، هن کي ٻه پٽ هئا. وڏي جو نالو نديم ۽ ننڍي جو امين هو. نديم پرائمري پا ڪري آواره گردي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو پر امين مڊل پاس ڪري پنهنجي مائٽن جي خدمت ڪرڻ ۾ لڳي ويو! قاسم نديم کي گهڻو ئي سمجھايو ته پٽ وقت اجايو نه وڃاءِ پنهنجي قيمتي وقت کي ڪنهن چڱي ڪم ۾ صرف ڪر. ڇو ته ويل وقت ڪڏهن به واپس نه ايندو آهي. منهنجي زندگي جا آخري ڏينهن آهن اجايو منهنجي دل کي نه ڏکوءِ.

پر نديم پيءُ جا اهي لفظ هڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو.

اوچتو هڪ ڏينهن قاسم ڏاڍو بيمار ٿي پيو. گهڻائي علاج ٿيا پر فائدو نه ٿيڻو هو سو نه ٿيو.

هوڏانهن نديم هو جو لوفرن سان ڌڪن ٿاٻن کائڻ ۾ پورو هو، رات جو الائي ڪيڏي مهل رُلي رُلي گهر اچي ڪرندو هو ۽ کيس پنهنجي پيءُ جي بيماري جو ڪو خيال ۽ نه ڪا سنڀال لڌائين. پر امين ۽ سندس ماءُ آخري وقت تائين گڏ رهيا.

نيٺ اهو وقت به آيو جڏهن قاسم هن فاني جهان مان وفات ڪري ويو.

قاسم جي وفات کي اڃا هفتو مس گذريو ته نديم پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ بيوه ماءُ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪجھ روپيا جيڪي قاسم پنهنجي زندگي ۾ هٿ ڪيا هئا سي به پنهنجو حق سمجھي ماءُ ۽ ڀاءُ کان کسي ورتا.

امين پنهنجي ماءُ سان روئندي شهر جو رستو ورتو ۽ اتي هڪ ننڍي جاءِ وٺي ان ۾ رهڻ لڳا.

امين کي ماءُ ڇٻيون ٺاهي ڏيندي هئي. جيڪي هو بازار ۾ وڪڻي ايندو هو، تنهن مان پنهنجو گذر سفر ڪرڻ لڳا. ڪجھ سالن کان پوءِ امين پاڻ ۾ همت ساري ڪاليج ۾ داخلا ورتي. تعليم سان گڏوگڏ هي هلڪي نوڪري ڪرڻ لڳو. نوڪري ۾ هن جنهن قابليت جا جوهر ڏيکاريا، تنهن کان هن جو مئنيجر ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ مٿس مهربان ٿي پيو. ٿوري عرصي کان پوءِ جڏهن مئنيجر سيرو سفر خاطر آمريڪا ويو ته امين ان جي جاءِ تي عارضي مئنيجر مقرر ٿيو، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هيءَ خبر ٻڌڻ ۾ آئي ته مئنيجر آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو. ان جي جاءِ تي هن کي مئنيجر مقرر ڪيائون. ٿوري ئي عرصي ۾ هن جي ايمانداري ۽ قابليت جي هاڪ هنڌين ماڳهين پکڙجي وئي. جڏهن نديم هي هاڪ ٻڌي. سو دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪٿي اهو منهنجو ڀاءُ ته نه آهي. سو ڊوڙندو ڊوڙندو اچي آفيس پهتو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو رعب تاب ڏسي روئي سندن قدمن تي ڪري پيو ۽ کائنس معافي ورتائين ۽ آئينده اهو وعدو ڪيائين ته ڪڏهن به ڪنهن سان اهڙو برو سلوڪ اختيار نه ڪندس ڇو ته بري سلوڪ اختيار ڪرڻ وارو ۽ پنهنجن عزيزن کي ستائڻ وارو سک نٿو سمهي. هن مان اسان کي ٻيو هي به سبق ملي ٿو ته تعليم جي هر جاءِ عزت آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته امين به ايڏي وڏي عهدي تي ڪڏهن به فائز نه ٿئي ها. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته خوب علم سکون ۽ دل لاهي پڙهون. انهيءَ ۾ اسان جي ئي نيڪي آهي.

_ مير قيصر خان ڪولاچي باڊهه.

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

احمد نالي هڪ شهر ۾ واپاري رهندو هو. احمد ڏاڍو شريف ۽ ايماندار هو. هن کي روشن نالي پٽ هو، جيڪو پيءُ وانگر هو. هي بزرگن ۽ ماءُ پيءُ جو چيو مڃيندو هو.

هڪ ڏينهن سندس پٽ واپار جي ارادي سان ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏي رواني ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ اچي پيءُ کان اجازت گهريائين. احمد پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي، ڪجھ هدايتون ڏنيون ته ”جيڪڏهن انهن هدايتن تي عمل ڪيئي ته خطا نه کائيندين“ ۽ پڻ اهو به وڌيڪt knde, k چيائينس ته ”پٽ فلاڻي ڳوٺ جو هڪ شخص مون کان قرض وٺي ويو اهي، ۽ اهو به وڃي وصول ڪر، پر رات ان شخص وٽ نه ٽڪجانءِ.“

پوءِ احمد جو پٽ مسافريءَ تي روانو ٿيو. هلندي هلندي هڪ رڻ پٽ ۾ پهتو، جتي هڪ مٺي شفاف پاڻيءَ جو چشمو وهي رهيو هو، جنهن جي ڪناري تي هڪ وڻ جي هيٺان هڪ بزرگ شخص ويٺو هو. اتي روشن کي خيال ٿيو ته پاڻي پي، وڻ جي هيٺان ٿوري سهي پٽيان، پر کيس يڪدم پنهنجي پيءُ جي نصيحت ياد اچي ويئي ۽ اڳتي وڌڻ لڳو. هن کي ويندي ڏسي، ان بزرگ کيس آرام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو: ”پٽ هن تيز اس ۾ وڻ جي هيٺان اچي ويهه ۽ ٿڌو پاڻي پي ڪجھ آٿت وٺ. ان تي احمد جي پٽ وراڻيو ته اِن چشمي لاءِ بابي منع ڪئي آهي. تنهن تي ان درويش کيس خدا جو قسم وجهي چيو ته، ڪجھ آرام ڪر. روشن کي اها ڳالهه ياد اچي ويئي ته بزرگن جي چوڻ کي نه موٽائجي. پوءِ انهيءَ بزرگ جي چوڻ تي چشمي مان پاڻي پيتائين ۽ ٿورو وقت آرام به ڪيائين. جڏهن روشن مسافريءَ تي روانو ٿيو ته ان بزرگ چيس ته مان به تو سان گڏ هلندس. پوءِ ٻئي گڏجي ان ڳوٺ ۾ آيا، جتي احمد جي پٽ کي پنهنجي پيءُ جو قرض وٺڻو هو. آخرڪار احمد جو پٽ قرض واري شخص وٽ آيو، ۽ پنهنجي پيءُ جو قرض گهريائين، تنهن تي هن شخص چيس: ابا تون اسان جي دوست ۽ ڀاءُ جو اولاد آهين، اڄ رات اسان جي مهماني قبول ڪر. سڀاڻي توکي ضرور تنهنجي پيءُ جا پئسا ڏينداسين. اهو ٻڌي احمد جي پٽ جواب ڏنو ته مون کي پنهنجي والد صاحب جي بلڪل منع آهي، نه ته اچوڪي رات توهان جي مهماني ضرور کاوان ها. تنهن تي ان گڏ آيل بزرگ چيس ته ”ابا فڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي پاڻ اڄ رات هن شخص جي ضرور ماني کائينداسين. تون سڀاڻي قرض وٺجانءِ.“

احمد جو پٽ ان بزرگ جو چيو موٽائي نه سگهيو ۽ اها رات ان شخص وٽ رهڻ قبول ڪيائين.

هن شخص ٻنهي کي اهڙي مڪان ۾ رهايو، جيڪو درياءَ جي ڪناري تي، اهڙي نموني ٺهيل هيو، جو جيڪو به رات جو ان جي هيٺين طبقي ۾ آرام ڪندو هو ته ٻڏي ويندو هو. جڏهين رات ٿي ته ٻئي ڄڻا ماني ٽڪي کائي فارغ ٿيا ته ميزبان شخص کين ان جڳهه ۾ ڇڏي روانو ٿي ويو. احمد جو پٽ سمهي پيو، پر بزرگ ننڊ نه ڪئي ۽ جاڳندو رهيو.

اوچتو اڌ رات پاڻيءَ جي ڇولين جوش کاڌو ۽ مٿي چڙهڻ لڳو، تان جو پاڻي تيزيءَ سان جڳهه ۾ اندر گهڙي آيو. ان بزرگ پاڻيءَ کي ايندو ڏسي احمد جي پٽ کي جاڳائي ميزبان شخص جي دغابازيءَ کان واقف ڪيو. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي جڳهه جي مٿين طبقي ۾ آيا. جتي ان دغاباز جو پٽ سمهيو پيو هو. احمد جي پٽ ۽ بزرگ ان ڇوڪري کي کڻي هيٺين طبقي ۾ آيا ۽ اُتي سمهاري ڇڏيائون ۽ خود ٻئي ڄڻا مٿين طبقي ۾ اچي ستا.

جڏهن صبح ٿيو ته اهو دغاباز شخص موٽي ان جڳهه تي آيو ۽ اهڙو منظر ڏٺو، جنهن هن جون وايون ولڙيون ڪري ڇڏيون. هن ڏٺو ته احمد جو پٽ ۽ بزرگ ٻئي جيئرا مٿين طبقي ۾ موجود هئا، پر سندس پٽ هيٺين طبقي ۾ ٻڏي مري ويو هو. تڏهين هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته، افسوس مون ته هنن کي مارڻ لاءِ فريب ڪيو، اٽلو منهنجو ئي پٽ منهنجي ڌوڪي جي ڪري ٻڏي مري ويو. تنهن تي ان بزرگ چيس ٻڌو ڪونه اٿيئي ته ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي“ ۽ ”جهڙي نيت تهڙي مراد.“

سنڌيڪار: مظهر علي

ظلم جي سزا

نعمت الله سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر هوندو هو. جيترومنجهس اخلاق هيو. اوترو ئي پڙهڻ ۾ هوشيار هوندو هو. انهي ڪري استاد ۽ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو هن جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. پر وڏيري کي اها ڳالهه صفا ڪانه وڻندي هئي ته ڪو هن جي نوڪر جو پٽ ايترو هوشيار هجي. نعمت الله جو پيءُ الهه بخش وڏيري يعقوب وٽ نوڪر هوندو هو. انهيءَ ڪري وڏيرو الله بخش کي چوندو هو ته ڇوري کي ڇاڪاڻ ٿو پڙهائين. ڇڏينس ته منهنجون ٻڪريون چاري جيڪو سو بار هلڪو ٿي پوندءِ. پر الله بخش سدائين ها چئي ٽاري ڇڏيندو هو. وقت گذرندو رهيو. تان جو نعمت الله اچي مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. غريب پيءَ لاءِ ڄڻ ته عيد ٿي وئي. سڀڪو مبارڪون ڏئي رهيو هيس، ۽ اڄ الهه بخش سوچيو ته پٽ کي ڊاڪٽر ڪندس. نعمت الله کي پيار مان پڻس نعملو چوندو هيو اها خبر جڏهن وڏيري جي ڪن تي پئي ته تپي ڳاڙهو لعل ٿي ويو ۽ ڀر واري ڳوٺ جي وڏيري جي حالت ياد اچڻ لڳس. ڇو ته اتي به هڪ هاري جو پٽ پڙهيو هيو ۽ ان ظالم وڏيري لاءِ مصيبت ڪري ڇڏي هئي. هارين کي حق وٺي ڏنائين ۽ وڏيري جو ڇيڙون بند ڪرايائين. سائين هي مٺائي وٺو، الله بخش چيو، ۽ وڏيرو خيالن جي دنيا مان آجو ٿيو ۽ پڇيائين ڇا جي؟

الهه بخش چيس ته سائين اوهان کي خبر نه آهي ته نعملو سنڌ ۾، پهريون نمبر آيو آهي. ها، ها، خبر آهي ته پوءِ ڇا ٿي پيو. سائين خوشي جهڙي ڳالهه آهي. اها هي مٺائي وٺو. وڏيري ڏڪندڙ هٿن سان مٺائي ورتي ۽ چالاڪي سان ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. رات جو وڏيري الهه بخش کي اوطاق جي خاص ڪمري ۾ گهرايو، ۽ چيائين الهه بخش تون منهنجو وفادار نوڪر رهيو آهين. ٻيو ڪنهن تي اعتبار ڪونه اٿم ته تو واري ڇوڪري کي پاڻ وٽ منشي رکان. پگهار به سٺي ڏيندوسانس ۽ عزت به هونديس. سوچيان ٿو ته اوهان جهڙو وفادار ماڻهو مون کي وري ڪونه ملندو. سائين اهو ته ٺيڪ آهي، پر نعملي جو ضد آهي ته بابا آءٌ ڊاڪٽري پڙهندس ۽ مون به هن سان وعدو ڪيو آهي، سو آءٌ مجبور آهيان باقي آءٌ اوهان جو خدمتگار آهيان ۽ رهندس. اهو ٻڌي وڏيرو باهه ٿي ويو ۽ هن پنهنجو مستقبل اونداهو ٿيندو ڏٺو ۽ سهي ڪين سگهيو ۽ هن هڪ زوردار چماٽ الهه بخش جي ڳل تي ٺڪاءَ ڪرائي ۽ الهه بخش منجي تان هيٺ ڪري پيو، وڏيرو اٿيو ۽ نوڪرن کي رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ انهن کي چيائين ته هن کي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو ۽ الهه بخش کي حڪم ڪيائين ته اڄ جو اڄ ڳوٺ ڇڏي وڃ. وڏيرو جڏهن به ڪنهن تي ڪاوڙبو هيو ته ڳوٺ مان نيڪالي ان جو مقدر هوندو هو، ۽ الله بخش مستقبل کي روشن ڏسي ڳوٺ مان لڏي وڃي شهر ويٺو، اڄ ڳوٺان نڪتي الهه بخش کي ٻارنهن سال ٿي ويا هيا. انهيءَ وچ ۾ هن تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون هيون. پر اڄ هو ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ سمهندو هيو ۽ ڪار ۾ سفر ڪندو هو. اوچتو نعمت الله جي بدلي ڳوٺ جي ڀر واري شهر ۾ ٿي، ۽ نعمت الله هاڻ ان سرڪاري بنگلي ۾ رهڻ لڳو، ته ڳوٺ ۾ اها خبر عام ٿي وئي ته الهه بخش جو پٽ ڊاڪٽر ٿي آيو آهي، اها خبر جڏهن وڏيري کي پئي ته هن کي جو دورو ٿي ويو. نوڪر ڀڄندا نعمت الله وٽ آيا ته وڏيري جي حالت تمام خراب آهي ۽ اوهان هلي ڏسوس ۽ نعمت الله اڳيون ڳالهيون وساري ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، پر جيسين نعمت الله پهچي تيسين وڏيرو ختم ٿي چڪو هيو. وڏيري اهو ئي سوچيو هوندو ته هينئر ڪهڙيون نظرون کڻي کيس ڏسندم، ۽ وڏيري جيڪو ظلم ڪيو هيو انهي جي کيس سزا ملي چڪي هئي.

رجب علي ابڙو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com