سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1993ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل اپريل 1993ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڪلام الله

بِسمِ اللهِ الرَّحمٰن الرَّحِيمِ

(شروع ڪرين ٿو الله جي نالي سان جو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي)

تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گُهرون ٿا. اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. جا انهن جي واٽ آهي جن تي فضل ڪيو اٿيئي نه انهن جي (واٽ) جن تي تنهنجو ڏمر ٿيل آهي ۽ ڀليلن جي (واٽ)

(الفاتحه-4 کان7)

حضور ﷺ فرمايو

رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته: خَيرُالنَّاس مَن يَّنفَعُ النَّاس

انسانن ۾ ڀلو اُهو آهي جيڪو ٻين انسانن سان نيڪي ڪري.

لطيف سائين فرمايو آهي ته:

روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم،

اُهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسين پرينءَ کي.

مطلب ته الله تعاليٰ انسان ذات سان ڀلائي ڪندڙن تي راضي ٿئي ٿو ۽ کيس ان جي بدلي وڌيڪ نيڪين ڪرڻ جي هن کي طاقت ۽ توفيق ڏيئي کيس پنهنجي، ويجهو درجو ڏيئي خوش ٿو رکي.

گل ڦل

ٻار: اسان جو آئيندو

ساٿيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ اسان جي دنيا کي گهڻو بدلائي ڇڏيو آهي. اها تبديلي بجلي، ريڊيو، ٽي. وي، وي. سي. آر ۽ ٻين مشينن جهڙوڪ ٽرئڪٽر، ٿريشر، ٽيوب ويل وغيره وسيلي پهچي چڪي آهي. انهيءَ تبديليءَ جو ڦَل صحيح معنيٰ ۾ اسان کي تڏهن ملندو، جڏهن صحيح ۽ جديد تعليم سان اسين پاڻ کي سينگارينداسين

اڄ جڏهن سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر ڪلاس شروع ٿي ويا آهن ۽ اتي خانگي تعليمي ادارن جي به گهڻائي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ننڍن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو ٿو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي هڪ ڀيرو وري مخدوم غلام حيدر، مير غلام محمد ٽالپر، سيد الهندو شاهه، نور محمد وڪيل ۽ حسن علي آفنديءَ جهڙن انسانن جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ استادن ۽ مائٽن جو به فرض آهي، ته هن چٽا ڀيٽيءَ جي دور ۾ پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏين؛ ڇو ته ٻار ئي اسان جو آئيندو آهن.- ادارو.

لطيفي لات

اڇو پاڻي لُڙُ ٿيو، ڪالُوريو ڪَنگَن،

ايندي لَڄَ مَرَنِ، تَنهين سَرَ مَٿي هَنجڙا.

(سر ڪارايل)

سمجهاڻي:

صاف پاڻي ميرو ٿيو، ڇو ته اُن کي ڪنگن اچي خراب ڪيو. (جيئن ڪوڙن اچي روحاني مجلسن تي پنهنجو سڪو ڄمايو آهي) اُنهي چشمي تي ويچارا هنج ايندئي پنهنجي شرم ۾ پيا مرن.

ڏکين لفطن جي معنيٰ:

ڪالُوريو = لڙاٽيو. سَرَ = چشمو پاڻي جو

غلام محمّد بُلو

سپنو ٿي ويو سچ

(حضرت يوسف عليه السلام جي ننڍي هوندي جو خواب، جيڪو اڳتي هلي سچو ثابت ٿيو)

حضرت يعقوب عليه السلام شام ملڪ جي ڪنعان شهر جي آسپاس واري علا-ئقي جو نبي ۽ پيغمبر هيو. کيس ڏهه پُٽ  هڪ بيبيءَ مان ۽ ٻه پٽ ٻي بيبيءَ منجهان هئا. ننڍي بيبي صاحبه جو وڏو پٽ نالي يوسف ايترو ته سهڻو هيو جو سندس مٽ ان زماني يا بعد ۾ ڪو به ڪو نه ٿيو. سندس لڇڻ به سهڻا هئا، جنهن ڪري سندس والد محترم کيس هڪ پل به پاڻ کان جدا ٿيڻ نه ڏيندو هيو. قدرت الاهي جو سندس والده صاحبه وفات ڪري وئي ۽ سندس فاتحه واسطي سندس پُڦي صاحبه ٻئي شهر کان سفر ڪري آئي ۽ يوسف کي کڻي سيني سان لڳايائين ۽ پنهنجي محترم ڀاءُ حضرت يعقوب عليه السلام کي نيزاري ڪري کانئس يوسف جي موڪل ورتائين ته ڪجهه ڏهاڙا مان پنهنجي سڪ لاهيان ۽ کيس پاڻ سان گڏ رهايان.

ڀيڻ جي ڳالهه مچي حضرت يعقوب عليه السلام لاچار ٿي ڪجهه ڏينهن لاءِ يوسف کي ساڻس گڏ موڪليو. پٺيان پياري يوسف جي سار سبب حضرت يعقوب پريشان ٿيو ۽ سواري ڀيڻ جي ڳوٺ موڪليائين ته يوسف کي واپس وٺي اچي. پر مائي صاحبه اٽڪل ڪري ڪا ننڍڙي شيءِ يوسف جي پهراڻ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏي ۽ دانهو ڪرڻ لڳي ته هاءِ گهوڙا منهنجي گهر مان چوري ٿي وئي آهي. ڳولا ڪندي اها شيءَ يوسف جي چولي مان لڌي وئي. پوءِ ته مائي صاحبه سواري ڀاءُ ڏانهن پنهنجي نياپي سان واپس موڪلي ڏني، ته مان توهان جي چور پُٽ کي پاڻ وٽ چوري جي بدلي قيد ڪري رکان ٿي ڇو ته ان وقت جي شرعي قانون موجب ائين ڪيو ويندو هو. نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ حضرت يعقوب پاڻ وڃي حضرت يوسف کي ڀيڻ وٽان آزاد ڪرائي وٺي آيو.

هڪ رات جو ننڍڙي يوسف خواب ڏٺو ۽ ان جو ذڪر پنهنجي والد محترم سان ڪيائين ته مونکي سج، چنڊ ۽ يارهن تارا سجدو پيا ڪن.“ جيئن ته حضرت يعقوب عليه السلام، الله تعاليٰ جو پيغمبر هو ۽ خوابن جو تعبير ڄاڻندو هو تنهن يوسف کي چيو ته ”اهو راز خواب جو پنهنجي ڀائرن کي نه ٻڌائج نه ته ساڙ وچان توکي نقصان رسائيندا“ حضرت يعقوب عليه السلام جو پيار حضرت يوسف جي مٿان ان خواب ٻڌڻ کان پوءِ هيڪاري وڌيڪ ٿيو ۽ کيس هڪ پل به پاڻ کان جدا ٿيڻ پسند نه ڪندو هو. اها حالت ڏسي ويتر سندس ماٽيجا ڏهه ڀائر، يوسف جي خلاف سازشون ڪرڻ لڳا ته کيس ختم ڪجي ته جيئن بابي سائينءَ کي اسين ويجها ٿيون. هڪ ڏينهن مُنهن ڪونئرا ڪري، والد محترم کي عرض ڪيائون ته، ”ادي يوسف کي هڪ پهر ڏينهن جا ٽي پهر اسان سان گڏ ڇڏيو، ته جهنگ جو سير ۽ شڪار ڪري اچون ۽ يوسف به راند روند ڪري وندري اچي ته جيئن منجهيس ڦُڙتي اچي.

حضرت يعقوب عليه السلام گهڻو ئي نٽايو، پر سندس پُٽ ضد ڪري بيهي رهيا ۽ ضمانت طور وڏا وڏا سُنهن قسم کنيائون، ته يوسف جو وار ونگو ٿيڻ به نه ڏينداسون. آخر سندس والد محترم مجبور ٿي حضرت يوسف کي ڇڏيو ۽ ڀائرن سان گڏ روانو ڪيائينس.

ماٽيجن ڀائرن جهنگ ۾ وڃي طرح طرح جون سِٽون سٽيون يوسف کي ختم ڪرڻ جون، پر سڀني کان وڏي چين ته اوهان بابي سائينءَ سان قسم کڻي يوسف جي صحيح سلامت موٽائڻ جي ضمانت ڏيئي آيا آهيو، تنهنڪري کيس خون نه ڪريو. آخر ايها صلاح ڪيائون ته جهنگ ۾ جيڪو ڦٽل کوهه آهي، تنهن ۾ ڦٽو ڪيونس ته ڪونه ڪو واٽهڙو ڪڍي کڻي ويندس. نيٺ پنهنجي رِٿ تي عمل ڪندي حضرت يوسف کي رسي ۾ ٻڌي کڻي کوهه ۾ ڦِٽو ڪيائون. چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪري چکي. حضرت يوسف وٽ الله تعاليٰ جو هڪ فرشتو آيو، جنهن کيس پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ کان بچائي کوهه جي ڪنڊ ۾ ٺهيل سرن جي هڪ دڪيءَ تي ويهاري ڇڏيو ۽ کيس دلاسو ڏنائين، ته تون هتان ستت ئي خير سلامتيءَ سان ڪڍيو ويندين. ٿوري ئي دير ۾ هڪ قافلو اتان لانگهائون ٿيو، تن کي پاڻيءَ جي لوڙ ٿي جنهن لاءِ کوهه ۾ پاڻي جو ٻوڪو وڌايون، جنهن ۾ ٽپ ڏيئي حضرت يوسف ويهي رهيو. قافلي وارا حضرت يوسف جي سُونهن ڏسي حيران به ٿيا ۽ خوش به ٿيا ۽ چيائون ته هن شهزادي کي مصر ملڪ جي شهر ۾ وڃي وڪڻنداسين ۽ جام پيسا ڪمائينداسين.

ٿورو پرڀرو بيٺي حضرت يوسف جي ڀائرن ايهو تماشو ڏٺو سي سرڪي اتي پهچي ويا ۽ ڌانڌلي طور قافلي وارن کي ڌمڪائڻ لڳا، ته اهو ٻار اسان جو گم ٿيل آهي، سو اسان کي موٽائي ڏيو. نيٺ ٻه چار ڏوڪڙ وصول ڪري واپس گهر وريا ۽ وڃي والد محترم جي اڳيان حضرت يوسف جو پهراڻ ڪجهه چيريل ڦاڙيل ۽ رت لڳل پيش ڪري چوڻ لڳا، ته، بابا سائين يوسف کي بگهڙ کائي کڻي ويا! ان مهل جو، هو اسان جي سامان جي سنڀال پيو ڪري ۽ اسان راند ۾ رُڌل هئاسين. حضرت يعقوب عليه السلام الله تعاليٰ جي رضا تي صبر ڪري مالڪ کي ٻاڏايو، ته هي ڇورا مون کي بيوقوف پيا بڻائين، پر حقيقت حال کان تون ئي واقف آهين، سو يوسف جو نگهبان ٿجانءِ ۽ مون کي صبر جي توفيق ڏجانءِ.

حضرت يوسف کي قافلي وارن مصر ۾ وڃي ويچيو ۽ خوب پيسا ڪمايائون. سندس خريدار ان ملڪ جي ناڻي جي وزير جي بيگم هئي، جنهن کي اولاد ڪونه هو. ان مائي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ مان يوسف جي پالنا ڪئي ۽ کيس سٺي تعليم ۽ تربيت ڏياريائين. الله تعاليٰ جي قدرت جا رنگ عجيب آهن، جو يوسف عليه السلام شهر جي عورتن جي نظرن ۾ اچي ويو، جن مٿس الزام لڳايو، ته هو پنهنجي خريدار بيگم جي پيار جي چڪر ۾ ڦاٿل آهي. اها خبر جڏهن يوسف ٻڌي تڏهن بادشاهه کي درخواست ڪيائين، ته مون کي هن بديءَ جي ڄار مان ڪڍي جيل ۾ بند ڪريو. بادشاهه جي زجازت سان حضرت يوسف جيل ۾ واڙيو ويو، جتي بادشاهه جا ٻه نوڪر ڪنهن ڏوهه جي الزام هيٺ قيد ٿيل هئا. انهن خواب ڏٺا هئا جن جو تعبير يا مطلب حضرت يوسف کان پڇيائون. تنهن جيڪي ٻڌاين سو سچ نڪتو ۽ هڪ نوڪر ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو ۽ ٻئي کي آزاد ڪيو ويو. آزاد ٿيل نوڪر کي معلوم ٿيو ته بادشاهه هڪ ڀوائتو خواب ڏٺو آهي، جنهن جو تعبير ڪوبه ڪونه ٿو ٻڌائيس. هن بادشاهه کي ٻڌايو ته حضرت يوسف جيڪو ڪيترن سالن کان قيدخاني ۾ پيو آهي تنهن کي سڏايو ته اهو اوهان کي تعبير ٻڌائيندو. بادشاهه جڏهن جاچ ڪئي ته ڪهڙي ڏوهه ۾ يوسف قيد ۾ واڙيل آهي تڏهن سچ ظاهر ٿيو ۽ شهر جي زالن چيو ته يوسف بي ڏوهي ۽ معصوم آهي. پوءِ حضرت يوسف بادشاهه کي سندس خواب جو تعبير ٻڌايو ۽ بادشاهه کيس ناڻي جو وزير مقرر ڪيو جو سندس سرپرست ناڻي جو وزير گذاري ويو هو، ڪجهه وقت کانپوءِ بادشاهه به مري ويو ۽ رعيت حضرت يوسف کي بادشاهي تخت تي ويهاريو ڇو ته هو ديندار ايماندار، انصاف پسند ۽ ملڪ جي رعيت جو خير خواهه هو.

هوڏانهن شام جي ملڪ ۾ ڏڪار پيو جنهن سبب حضرت يوسف جا ڀائر مصر جي بادشاهه جي سخاوت جي هاڪ ٻڌي اوڏانهن ويا. جتي حضرت يوسف ته کين سڃاتو پر هنن کيس ڪونه سڃاتو. هنن جي سٺي مهمان نوازي ڪئي وئي ۽ کين اناج پڻ ڏنوويو، جنهن جي قيمت واپس حضرت يوسف سندن اناج وارين ٻورين ۾ رکائي ڇڏي ۽ کين صلاح ڏنائين، ته پنهنجي سڀني ڪٽنب جي ڀاتين کي ڪنعان مان لڏائي مصر ڏي وٺي اچو.

پٺيان حضرت يعقوب عليه السلام، يوسف عليه السلام جي وڇوڙي ۾ رروئندي روئندي اکين کان ويهجي ويو هو. حضرت يوسف عليه السلام پنهنجو پهراڻ والد محترم ڏانهن ڏياري موڪليو، جنهن ان کي پنهنجي اکين تي گهمايو ته سندس نظر موٽي آئي. پوءِ سمورو خاندان حضرت يعقوب عليه السلام جو، حضرت يوسف عليه السلام ڏانهن مصر ويو، جتي کيس سڀني سڃاتو ته بادشاهي تخت تي ويٺل هو.

سري خاندان جن ۾ سج طور سندس والد محترم، چنڊ طور سندس ماٽيجي والده ۽ يارهن ستارن طور ڏهن ماٽيجن ڀائرن ۽ هڪ سڳي ڀاءُ حضرت يوسف عليه السلام کي تعظيمي سجدو ڪيو، سندس احسانمندي طور جو کين ڏڪار ۾ اناج مفت ڏياريايئن وري کين ڏڪار واري علائقي مان گهرائي پاڻ وٽ رهايائين وغيره ۽ ان ريت سندس ننڍپڻ ۾ ڏٺل خواب الله تعاليٰ سچو ڪري ڏيکاريو، عليهم الصلوات والسلام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com