سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ  1989ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل آگسٽ 1989ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارؤ!

توهان اونهاري جون موڪلون ماڻي، هاڻ اسڪولن ۾ پهچي ويا آهيو ۽ پنهنجين دوستن ۽ استادن کي پيا وئڪيشن جا احوال ٻڌايو ۽ جن ٻارن وئڪيشن جو مليل گهرو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي، سي ته خوش آهن، پر جن نه ڪيو آهي، سو ڏسو ڪيترا نه پريشان آهن: سياڻن تڏهن ته چيو آهي” اڄ جو ڪم سڀاڻ تي نه ڇڏجي.“

ٻارؤ اسان سوچيو هو ته، هاڻ هر پهرين تاريخ تي پرچو اوهان جي هٿن ۾ هوندو، پر وري حيدرآباد جي ڏکوئيندڙ حالتن ڪري پرچو دير سان اوهان کي ملي رهيو آهي. اميد ته اسان جي مجبوري اوهان سمجهي ويا هوندا. هن ڀيري ڌرتي تي سانوڻ ساٺ ڪيو آهي ۽ جهر جهنگ ۾ ساوڪ ئي ساوڪ آهي، ٿر ۽ ڪاڇي جا مالوند ماڻهو خوش ٿيا آهن، پر وري شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بارش نقصان به ڪيو آهي ان لاءِ ڌڻي کان اهائي دعا ٿا گهرون ته ”مينهن به خير جو هجي ۽ اتي ئي وسي جتي ضرور هجي.“

چڱو ٻارو ساٿ سلامت

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

لطيفي لات

جُهڙُ ڦُڙُ مٿي مارئين، جت چيها چِلڙ چِڪ

اندر ٿو اڃ مري، ساهه اُنين جي سِڪ

پيهَون شال پِهيون ڀري، ٿئان ڏيئي تِڪ

وَرُ پريان سين پڪ، ٻيا ڀاڻ ڀريائي گهوريا.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي سر مارئي جي داستان نائين جو، ٻيو نمبر بيت آهي.

سجهاڻي:

مارن مٿان جت برسات وسي آهي ۽ اتي هاڻ گاهه، گپ ۽ چڪ آهي، اهڙي ماحول جو تصور ڪري، مارئي چئي ٿي ته، منهنجي دل ان پاڻي جي لاءِ تڙپي ٿي ۽ منهنجي جان انهن جي سڪ لاءِ ججهي ۽ جُهري ٿي. شال اتي مينهن جو پاڻي وٽيون ڀري ڳيتيون ڏئي پيُون. پرين سان گڏ پاڻي جي هڪ سُرڪي پيئڻ به غنيمت آهي، ۽ ٻيا ڀريل پيالا ان تان گهور وجهجن!

 

معنيٰ:

چيها = گاهه جو قسم- چِلُڙ = گپ- پيهون = پيئون- پهيون = وٽيون پياليون- تئان = تتان- تِڪَ = ڳيت- وَرُ = نعمت- پڪ = هڪ سرڪي- ڀاڻ = پيالا، وٽا.

مقصود گل

سينگار وطن جا

 

گل ڦل هي گلزار وطن جا، ٻار اَٿَوَ سينگار وطن جا.

گڏجي سڀ اسڪول وڃن ٿا، سهڻا سڀ کي واهه وڻن ٿا.

رنگ برنگي پوپٽڙا ڄڻ، سرهاڻين سان رانديون ڪن ٿا،

ننڍڙا نيڻن ٺار وطن جا،

ٻارؤ اٿوَ سينگار وطن جا.

مستقبل جا وارث والي، بيشڪ بڻبا مرد مثالي،

علم پرائي، خلق وڌائي، ٿيندا ڌرتي جا رکوالي.

آهن سي آڌار وطن جا،

ٻار اٿوَ سينگار وطن جا.

ڪي ته ”فزيشن“ سرجن بڻجي، ٿيندا واهر مسڪينن جي،

ڪي ته ”پروفيسر“ ڪي ليڊر، ڪي ته پڙهي ۽ انجنيئر ٿي.

بڻبا سي معمار وطن جا،

ٻار اٿوَ سينگار وطن جا.

هٿُ هٿَ ۾ ڏئي هڪ ٿي ويندا، ”چيني ڀت“ کان پختا ٿيندا،

دشمن تي اک تن جي هوندي، ويرين کي سي وِيرَ وڍيندا،

ماريندا پرمار وطن جا،

ٻار اٿوَ سينگار وطن جا.

ننڍڙا ادڙا، ننڍڙيون ادڙيون، هو گوريلا، هي گوريليون،

سرحد تي گل پهرا ڏيندا، گولين سان پرتن جون جهوليون.

سڏبا سي بمبار وطن جا، ٻار اٿوَ سينگار وطن جا.

 

سنڌيڪار: عبدالغني شيخ

ڏاهپ جا نڪتا

1.      وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ شانائتو آهي. (انجيل)

2.     نيڪي مذهب جي تڪميل به آهي ته سينگار به. (ايڊيسن)

3.     اها نيڪي نه چئبي جنهن ۾ ڏيکاءُ شامل هجي. (هٽن)

4.     ڏاهپ ۽ چالاڪي گڏ نٿا رهي سگهن. (يورِ پڊيز)

5.     ڪَنُ تِکو، ڄِڀَ مُڏي، ڪاوڙ ڍَري. (انجيل)

6.     پنهنجي فتح تي خوشي، خونريزي تي خوشي ملهائڻ آهي. (لاوزي)

7.     پنهنجو پاڻ تي قابو رکڻ ئي سڀ کان وڏي فتح آهي. (افلا طون)

8.     ٽاڪُئين کان مُڙندڙ ڀلو. (اسڪاٽش پهاڪو)

9.     مون کي غريب مريض وڌيڪ پيارا آهن جو سندن في الله ڀري ڏيندو آهي. (بورهاو)

10. خبرداري ڏاهپ جو پهريون ڏاڪو آهي. (وڪٽر هيوگو)

11.  آڌر ڀاءُ دال کي به دعوت بنايو ڇڏي. (هربرٽ)

12. جيڪو شڪايتون ڪندو، سو ٻڌندو به سهي. (ميٿيو هينري)

13. ڇِتا لفظ ڪمزور دليل جي نشاني آهن. (وڪٽر هيوگو)

علي حسن عباسي

لقمان حڪيم

پيارو ٻارؤ اوهان  ٻڌو هوندو ته جڏهن ڪو ماڻهو وهم ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته ماڻهو ان کي چوندا آهن.

”وهم جو علاج لقمان حڪيم وٽ به ڪونه هو.“

لقمان حڪيم ڪير هو؟

لقمان حڪيم نبض ڏسي دوا ڏيڻ وارو حڪيم ڪونه هو- بلڪ الله تعاليٰ ان کي عقل ۽ شعور عطا فرمايو هو. ان عقل ۽ شعور جي ڪري، هو ماڻهن کي سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، انهن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيندو هو ۽ انهن کي سڌي ۽ سچ واري راهه ڏيکاريندو هو. سڀئي ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي ايندا هئا ۽ ان سان مشعورو ڪندا هئا ۽ ان جي ٻڌايل ڳالهين تي عمل ڪري فائيدو حاصل ڪندا هئا. ان جي اهڙين عقل وارن ڳالهين جي ڪري ان کي ماڻهو لقمان حڪيم چوڻ لڳا.

چيو وڃي ٿو ته لقمان حڪيم شهر نوبه جو رهڻ وارو هو، ۽ خانداني لحاظ کان هڪ حبشي غلام هو. ان جو رنگ بلڪل ڪارو، نڪ بينو ۽ چپ ٿلها هئا. هو نوبه جي هڪ امير جو غلام هو ۽ ان جون ٻڪريون چاريندو هو- ليڪن سندس عادتون تمام سٺيون هيون ۽ هو تمام اعليٰ اخلاق جو مالڪ هو. هن پنهنجي زندگيءَ جا ڪجهه اهڙا اصول مقرر ڪري رکيا هئا. جيڪي الله تعاليٰ کي پسند اچي ويا ۽ ان انعام طور هن کي حڪمت يعني عقل ۽ سمجهه سان نوازي ڇڏيو.

جيئن ته لقمان تمام سمجهدار هو، تنهنڪري هن تمام گهڻو سوچي سمجهي جواب ڏنو.

جڏهن الله تعاليٰ لقمان کي حڪمت عطا ڪئي ته هو اڃان به وڌيڪ عقلمند ۽ حڪمت ڀريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، ۽ ان جي حڪيماڻان ۽ مدبرانه ڳالهين ۾ ايتري ته شهرت حاصل ڪئي جو ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ هن وٽ اچڻ لڳا. هاڻي هو باقاعدي محفلون ۽ مجلسون مچائڻ لڳو ۽ ماڻهن کي سٺين سٺين ڳالهين جي نصيحت ڪرڻ لڳو.

هڪ ڏينهن ساڳي نموني ڪافي ماڻهو ويٺا هئا ۽ لقمان حڪيم انهن کي تمام سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو ۽ ماڻهو ڏاڍي غور سان ان جون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا، اوچتو اوچتو ڪٿان سندس مالڪ اچي اتي نڪتو. هن جو هيترو هجوم ڏٺو ته صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ ان طرف آيو. جڏهن هن اڳتي وڌي ڏٺو ته لقمان ماڻهن کي خطاب ڪري رهيو آهي ۽ انهن کي دانائيءَ جون ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي ۽ ماڻهو نهايت خاموشيءَ سان اهي ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. هو ڏاڍو حيران ٿيو. هن لقمان کي سڃاڻي ورتو، پر پوءِ هن کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نٿي آيو ته اهو هن جو حبشي غلام ئي آهي. نيٺ هن پنهنجي شڪ ختم ڪرڻ لاءِ ان کان پڇي ورتو.

”ڇا تون اهو ئي حبشي غلام آهين جيڪو منهنجون ٻڪريون چاريندو آهين؟

لقمان اقرار ڪندي جواب ڏنو.

”بيشڪ آئون اهوئي آهيان“

ته پوءِ تون ايترو معزز ڪيئن ٿي وئين جو ايترا ماڻهو تنهنجون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ڪٺا ٿيا آهن ۽ توکي ايتري ڌيان ۽ خاموشيءَ سان ٻڌي رهيا آهن.

مالڪ حيرت مان لقمان ڏانهن ڏسندي پڇيو.

مون کي الله تعاليٰ حڪمت عطا ڪئي آهي!

لقمان نوڙت ۽ عاجزيءَ سان جواب ڏنو.

ڀلا مون کي به ته خبر پئي ته تنهنجو اهو ڪهڙو عمل آهي جنهن ڪري خدا توکي ايترو عزت وارو ڪيو آهي؟

مالڪ ساڳي حيرت وچان لقمان حڪيم کان ٻيو سوال ڪيو.

”منهنجي زندگيءَ جا ڪجهه اصول آهن، جن جي ڪري خدا مون کي هيءَ عزت بخشي آهي.“

پهريون هي ته مان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.

ٻيو ته مان ڪڏهن فضول ڳالهيون نه ڪيون آهن.

ٽيون هي ته مان ڪڏهن به امانت ۾ خيانت ڪونه ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به مون وٽ ڪابه شيءِ رکي ته مان ان جي دل و جان سان حفاظت ڪئي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪا راز جي ڳالهه ٻڌائي ته اها پنهنجي دل ۾ رکي ۽ ڪنهن به ٻئي کي نه ٻڌائي.“

لقمان تمام سادگيءَ سان پنهنجا سونهري اصول پنهنجي مالڪ کي ٻڌائيا.

مالڪ لقمان جي انهن سونهري اصولن مان ايترو ته متاثر ٿيو جو هو به هن جي محفل ۾ شامل ٿي ويو.

ٻارو- لقمان کي هڪ پٽ هو، ان جو نالو باران هو. هونئن ته لقمان سڀني ماڻهن کي نيڪي ۽ شرافت سان زندگيءَ گذارڻ جي نصيحت ڪندو هو، ليڪن مرڻ وقت، ان پنهنجي پٽ باران کي جيڪي نصيحتون ڪيون. اهي مذهبي اعتبار کان تمام قيمتي ۽ عمل ڪرڻ واريون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com