سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1988ع

باب: --

صفحو :4

شهزادي پنهنجي دل ۾ خيال ڪيو ته مان مرڻ لاءِ ته اڳئي تيار آهيان، تنهن ڪري ڇو نه اها ڪوشش به ڪري ڏسان، نه ته موت ته ائين ئي ملندو.“ اهو ويچار ڪري، هو انهيءَ جبل ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو بزرگ ڏيکاريو هوس. شهزادو نهايت خبرداريءَ سان جبل تي چڙهندو وڃي چوٽيءَ تي پهتو، جتي پوڙهي جهرڪيءَ کي کنيو ويٺي هئي. خوش قسمتيءَ سان ڪراڙي جو منهن ان وقت ٻئي طرف هيو، تنهن ڪري شهزادي جي اچڻ جي خبر ئي نه پيس. شهزادو اڳتي وڌي يڪدم پوڙهي جي وارن کي پڪڙيو. وارن جي جهلڻ ڪري پوڙهي ايترو زور دار رڙ ڪئي جو جبل لڏڻ لڳو، پر شهزادي وارن کي نه ڇڏيو ۽ ساڳي نموني نهايت مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو رهيو. آخر مجبور ٿي پوڙهي پڇيس ته، ”آخر تون مون کان  ڇا ٿو گهرڻ چاهين؟“ شهزادي وراڻيو ته، ”پهريائين هيءَ جهرڪي منهنجي حوالي ڪر، ان کان پوءِ هي انسان جن کي تو پٿر بڻائي ڇڏيو آهي، اصلي صورت ۾ آڻ.“

پوڙهيءَ ڪو منتر پڙهيو، جنهن تي اهي پٿر جا بت انسان ٿي پيا ۽ جهرڪي شهزادي جي حوالي ڪيائين. شهزادي جهرڪي هٿ ۾ کڻي ان تي ڪجهه شوڪاريو ته اها جهرڪي يڪدم شهزادي بڻجي ويئي. اهو منظر پسي شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان کي وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. هو جڏهن پنهنجي شهر ۾ پهتو ته سندس سڀ گهر جا ڀاتي ڏاڍا خوش ٿيا. نهايت ڌام ڌوم سان شهزادي جي شادي ٿي. شهزادو ۽ راڻي حياتيءَ جا ڏينهن خوش گذارڻ لڳا.

قربان جعفري

گِرم برادرز

ڪنهن به پڙهيل ڪڙهيل سمجهو ماڻهوءَ کان سوال پڇو ته ”رائٽ برادرز“ ڪير هئا؟ ٺهه پهه جواب ملندو ته هوائي جهاز جا ايجاد ڪندڙ...... وري کانئس اڳيون سوال ڪيو ته گرم برادرز ڪير هئا؟ ته امڪان هي آهي ته هو هڪو ٻڪو ٿي اوهان جي منهن ۾ چتائيندو رهجي ويندو....

هي گِرم برادرز (ڀائر) ڪير هئا، جن جون لکيل ستر ڪهاڻيون ”سنڊريلا“ ۽ ”منو وائيٽ“ وغيره اڄ ڏينهن تائين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهن؟

اِهي ڪهاڻيون مون به پڙهيون آهن ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته انسان ذات جون ايندڙ نسلون به انهن کي پڙهنديون ۽ ساڳيءَ ريت لطف ماڻينديون، جيئن اسان توڙي اسان کان اڳ جي نسل ۽ اسان جي اڳيان اسان جي هلندڙ پيڙهي، انهن مان لطف ماڻي رهي آهي، انهن توڙي اهڙي ڪيترين ٻين جڳ مشهور لوڪ ڪهاڻين جا ليکڪ ”گِرم“ جي خانداني نالي سان ٻه جرمن ڀائر ٿي گذريا آهن.

وڏو ڀاءُ جيڪب گِرم، سن 1785ع ۾ ڄائو هئو ۽ سندس ڀاءُ ولهيم گِرم، کانئس هڪ سال پوءِ سن 1786ع ۾ ڄائو هو. جيڪب گرم نالي وڏي ڀاءُ سن 1863ع ۾ وفات ڪئي، جڏهن ته ننڍو ڀاءُ ولهيم کانئس ڇهه سال اڳ سن 1857ع ۾ گذر ڪري ويو هئو.

سندن ولادت جرمنيءَ ۾ هنوءَ نالي هڪڙي قصبي ۾ ٿي ۽ تعليم ماربرگ يونيورسٽيءَ ۾ مڪمل ڪيائون. ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي پٺيان گوئٽيجن يونيورسٽي ۾ استاد ٿي رهيا ۽ پوءِ برلن ۾ رهائش اختيار ڪيائون.

ٻنهي ڀائرن نو عمريءَ ۾ ئي پنهنجي ملڪ جي لوڪ ڪهاڻين بابت کوجنا شروع ڪري ڏني، جيڪو سندن حياتيءَ جو سرمايو ثابت ٿيو. سندن طريقو ڪار، هي هئو ته هو هارين جي جهوپڙين، ڳوٺن جي سرائن ۽ ڏوراهن علائقن جي رهواسي هارين وٽ وڃي کانئن ڪهاڻيون ٻڌندا ۽ لکندا هئا. هنن انهن قديم قلمي نسخن جي به کوجنا ڪئي. جيڪي ملڪ جي لائبررين ۽ عجائب گهرن ۾ محفوظ هئا. وڏي جاکوڙ ۽ ڀيٽ کان پوءِ هنن اصلوڪي لوڪ ڪهاڻين جو مجموعو مرتب ڪيو، جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي ۽ دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ سندس ترجمو موجود آهي.

سنڌيءَ ۾ برادر گرم جي لوڪ ڪهاڻين جو مجموعو ”گرم جون آکاڻيون“ جي نالي سان ”سنڌي ادبي بورڊ“؛ ڇپرايو آهي. جيتوڻيڪ اهو مڪمل ڪين آهي، پر هڪڙو اختصار ۽ انتخاب آهي، تنهنجي هوندي به هڪ حد تائين پورائي ڪري ٿو ۽ سنڌي ادبي بورڊ انهيءَ لاءِ کيريون لهڻيون. وڏو ڀاءُ جيڪب گِرم ٻنهي ڀائرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سگهارو هئو. پر ولهيم ويچارو اڪثر بيمار رهندو هئو. هو پاڻ ۾ سڳا ڀائر ئي نه پر پيارا دوست به هئا ۽ تاحياتي هڪ ٻئي کان ڌار ڪين ٿيا. جڏهن ننڍي ڀاءُ ولهيم شادي ڪئي ته جيڪب ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان گڏجي رهڻ لڳو. ٻئي يڪ جان دو قالب مثل هئا ۽ ٻئي دنيا جا مڃيل عالم ٿي گذريا آهن.

امتياز منگي

هاٿي

پيارا ٻارو! اوهان ”چڙيا گهر“ يا سرڪس ۾ هاٿي ضرور ڏٺو هوندو ۽ ڪيترن ان تي سواري به ڪئي هوندي. اڄ مان توهان کي هاٿيءَ بابت وڌيڪ معلومات ڏيان ٿو.

هاٿي خشڪيءَ جو سڀ کان وڏو جانور آهي ۽ ان جو قد، ڪاٺ، شڪل صورت تمام عجيب آهي. سندس غير معمولي طاقت جي ڪري جهنگل جو بادشاهه شينهن به هن کان لنوائيندو آهي. ڇو ته اڪثر ڪري هاٿي پنهنجي شڪار کي طاقتور سونڍ ۾ ڦاسائي آسمان ڏانهن اڇلائيندو آهي ۽ پوءِ زمين تي سٽي چيڀاٽي ماريندو آهي.

آفريڪي هاٿيءَ جو قد، تيرهن فوٽ ۽ وزن ڇهه ٽن هوندو آهي. ان جي مقابلي ۾ ايشيائي هاٿي جو قد نَوَ فوٽ ۽ وزن چار ٽن هوندو آهي ۽ سندس عمر اٽڪل اَسي سال ٿي سگهي ٿي. ايشيائي هاٿي، سماٽرا، برما، ملايا، انڊو چائنا، سري لنڪا، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ لڌا وڃن ٿا ۽ اهي هاٿي، آفريڪي هاٿيءَ کان وڌيڪ ذهين هوندا آهن.

هاٿيءَ جو سڀ کان نمايان ۽ عجيب عضوو سندس سونڊ آهي. جيڪا ٻئي ڪنهن به جانور ۾ ڪانه ٿي ٿئي. سونڊ ۾ ٻه ڊگها سوراخ ٿيندا آهن، جنهن وسيلي هو ساهه کڻندو آهي ۽ سِنگهي سگهندو آهي. هو سونڊ سان پاڻي پيئندو آهي، تنهن کان سواءِ جسم تي ساڳيو پاڻي هاري وهنجي سگهندو آهي. هو زمين تان جُهڪي خوراڪ کڻي نه ٿو سگهي، ان لاءِ ان جي سونڊ، هٿ جو ڪم ڏيندي آهي.

سال جي ڪن مهينن ۾ نَرُ هاٿي تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. ان جي اکين جي ڀرسان غدودن مان هڪ رطوبت خارج ٿيندي آهي. هو غصي ۾ اچي ويندو آهي ۽ بي قابو ٿي ويندو آهي. اهي مست هاٿي تمام خطرناڪ ٿيندا آهن. ان ڪري انهن کان هر صورت ۾ پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سامهون اچڻ تي هي حملو ڪندا آهن. پر خوش قسمتيءَ سان مست هاٿي، ان حالت ۾ تمام سست رفتار ٿي ويندو آهي.

خطري جي وقت، تندرست هاٿي پنجويهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهندو آهي. هاٿي صبح جو سوير درياءَ تي وهنجڻ کان پوءِ چَرڻ هليو ويندو آهي ۽ منجهند تائين چرندو رهندو آهي. هاٿي منجهند جو ڪنهن ڇانوري هيٺان آرام ڪندو آهي ۽ شام جو ٻيهر ڪنهن نديءَ يا واهه تان پاڻي پيئندو آهي. رات جو سمهڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ليٽي پوندو آهي، پر اڪثر ننڊ بيٺي بيٺي پوري ڪندو آهي.

هاٿيءَ جو وڏي ۾ وڏو دشمن، انسان آهي. موجوده صديءَ جي شروعات ۾ ايشيا کنڊ ۾ هاٿين جو تعداد ڏهه لک هو، جيڪو هاڻي وڃي چاليهه هزارن تي بيٺو آهي. سترهن هزار ڀارت ۾ آهن، پنڌيهن هزار برما ۽ بنگلاديش ۾ صرف پنج سئو هاٿي وڃي بچيا آهن. ڀارت، ٿائيلينڊ ۽ برما ۾ هاٿين جو ڪجهه بچاءُ صرف ان ڪري ٿيو آهي جو هِندن ۾ هاٿي هڪ مقدس جانور سمجهيو ويندو آهي ۽ هندن جي مذهبي تقريبن، ميڙن، اجتماعن، تهوارن ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي اهميت رکندو آهي.

هاٿيءَ جي جان کي سڀ کان گهڻو خطرو شڪارين کان آهي، جيڪي ان جو گوشت نه پر ڏند چاهيندا آهن. اڄڪلهه بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ هاٿيءَ جي ڏندن جي وڪري جي قيمت پندرهن سئو رپيا في ڪلو آهي.

انڊونيشيا، جتي هاٿين جي آبادي اٽڪل پنج هزار آهي، اتي به زرعي منصوبن سبب سماٽرا جا جهنگل صاف ڪيا پيا وڃن. اتي هاٿي صدين کان پُرامن زندگي بسر ڪري رهيا آهن. ٿائيلينڊ ۾ ڪنهن وقت هاٿي وڏي ڪثرت سان پايا ويندا هئا، پر هاڻي اتي صرف 4500 هاٿي وڃي بچيا آهن.

ڀوٽان، ڀارت جي سرحد جي ڀرسان نوان ڳوٺ آباد ڪري رهيو آهي ۽ هي علائقو دراصل هڪ گهاٽو ۽ سٺو جهنگل آهي ۽ ان جي صاف ٿيڻ سان اتي صدين کان رهندڙ هاٿي ڪاڏي ويندا؟ اهو ڀوٽان جي حڪومت سوچي ئي نه ٿي. ائين اهو نسل به آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي.

مقصود گل

لاڙڪاڻو شگر مل جو سير

پيارا ٻارو! اچو ته اڄ  آئون اوهان کي لاڙڪاڻي شگر مل جو سير ڪرائڻ وٺي هلان. هي شگر مل لاڙڪاڻي ضلع جي رتيديري تعلقي ۾ نئون ديرو شهر جي اولهه طرف تقريباً اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي اڏيل آهي. لاڙڪاڻي کان اچبو ته هيءَ مل لاڙڪاڻي جي اوڀر طرف لاڙڪاڻي کان سکر وايا نئون ديرو ويندڙ روڊ جي اتر ۽ ريلوي لائين جي ڏکڻ طرف 18 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نظر ايندي.

هن کنڊ جي ڪارخاني جو بنيادي پٿر 30 جنوري 1974ع تي ان وقت جي وزيراعظم پنهنجي هٿن سان رکيو. 75-1974ع جي آزمائشي سيزن 21 جنوري 1975ع تي شروع ٿي ۽ هن ڪارخاني ڪمند پيڙڻ شروع ڪيو.

ڪارخاني جو افتتاح وزيراعظم صاحب 14 مارچ 1975ع تي پنهنجي هٿن سان ڪيو ۽ هن شروعاتي آزمائشي سيزن ۾ لاڙڪاڻو شگر مل 1921.96 ميٽرڪ ٽن کنڊ تيار ڪئي.

پيارا ٻارو! اسان جي بس شگر مل جي مکيه دروازي تي پهتي آهي. هو ڏسو پري کان مل جي چمنيءَ مان نڪرندڙ دونهون ڪيئن فضا  ۾ اوچي مناري جو ڏيک پيش ڪري ٿو. ها! اجهو هو گگهوءَ (سائرن) جو آواز گونجي، ڪيڏو گونجارو پيدا ڪري رهيو آهي. شايد مزدورن جي هڪ شفٽ جو ٽائيم پورو ٿيو.

ها ٻارو! هو ڏسو ڪيئن مزدورقطار ڪري مکيه دروازي تي بيٺل چوڪيدار وٽ پنهنجي جهڙتي ڪرائيندا، ٻاهر نڪرندا وڃن. هاڻي وري ٻيا مزدور ڪم سنڀالي پنهنجي شفٽ ۾ ڪم شروع ڪندا.

ٿورو ترسو اسان جو ساٿي، مل انتظاميه کان مل گهمڻ جي اجازت وٺڻ ويو آهي. او اجهو، هو ساٿي پري کان سڏي پيو. شايد اجازت ملي وئي آهي. ها ٻارو! آرام سان قطار ۾ مل ۾ داخل ٿجو ۽ اندر ڪابه شرارت نه ڪجو. هي سيڪورٽيءَ جو گارڊ اسان سان گڏ هلندو ۽ مل گهمڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو.

ٻارو! هي ڪانٽو آهي، جنهن کي ”وي برج“ به چون. هوءَ ڪمند جي ٽرڪن جي قطار ڏسو ٿا. هڪ هڪ ٽرڪ واري سان اچي هن لوهه جي وڏي پليٽ فارم تي بيهندي آهي ۽ اندر ڪمري ۾ رکيل ڪمپيوٽر ۾ ڪارڊ تي ٽرڪ جو وزن لکجي ويندو آهي. ساڳي ٽرڪ ڪمند لاهي خالي ٿي، وري اچي پليٽ فارم تي بيهندي، خالي ٽرڪ جو وزن وري ڪارڊ تي لکجي ويندو ۽ پهريائين واري نوٽ ٿيل سموري وزن مان، جڏهن ٽرڪ جو وزن ڪٽجي ويندو، تڏهن ڪمپيوٽر ڪمند جي صافي تور ڪارڊ تي نوٽڪري ڇڏيندو، اهڙي طرح ڪيتريون ئي ٽرڪون، ٽاليون، ڏاند گاڏيون ۽ اٺ گاڏا ڪمپيوٽر جي ذريعي جلدي جلدي تورجيو وڃن.

ٻارو! هاڻي اڳتي هلو، هي جيڪا وڏي نالي ڏسو ٿا. انهيءَ ۾ موٽرن جي ذريعي هڪ چين گهمندي رهي ٿي. هن ناليءَ کي ”ڪين ڪئريئر“ چئبو آهي. هيءَ چين، جنهن جي مٿان ڪمند اڇلايو وڃي ٿو. سا ڪمند کي گهليندي مل طرف کڻي وڃي ٿي. رستي تي ٻن هنڌن تي ”ڪين ڪٽر“ لڳل آهن، جيڪي موٽرن جي مدد سان تيز ڦرندا رهن ٿا. جڏهن ڪمند اتان گذري ٿو ته ننڍن ٽڪرن ۾ ڪپجي وڃي ٿو. ٻارو آرام سان هيءَ ڏاڪڻ چڙهي مٿي هلو. هي مل هائوس آهي. چين جي ذريعي ڪمند، مل جي جنهن حصي ۾ پهچي ٿو. انهيءَ کي مل هائوس چئجي ٿو. هتي ڪمند مختلف رولرن (چيچڙن) ۾ پيڙجي ٿو. اهڙي طرح ڪمند جي رس نپوڙجي جدا ٿئي ٿي ۽ ڪمند جي کل ٻُوري جي شڪل اختيار ڪري، هڪ ٻي چين جي ذريعي گهلجي، مل جي اوڀر طرف مل کان ٻاهر وڃي نڪري ٿي. ٻارو! دريءَ کان ڏسو. پريان جيڪي ڍير نظر اچن ٿا. اهي ڪمند جي ڪل جي آخري شڪل اٿو. هو پريان بوائلر هائوس آهي جتي ٻاڦ ٺهي ٿي.

ٻارو! هتان رس مل جي ٻئي حصي ۾ موڪلي وڃي ٿي. هن حصي کي، فلٽر پريس چئجي ٿو. هتي رس گرم ڪري، هڪ خاص قسم جي ڪپڙي ”فلٽر ڪلاٿ“ ۾ مشينن ذريعي ڇاڻي صفا ڪئي وڃي ٿي. صاف ٿيل رس وري ”بائلنگ هائوس“ نالي مل جي حصي ۾ آندي وڃي ٿي. جتي وڏن هيٽرن ذريعي رس کي ڪاڙهي ڳوڙهو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهي ۾ ڪجهه دوائون ”ڪيميڪلس“ ملايون وڃن ٿيون، جيڪي کنڊ جو داڻو ٻڌڻ ۽ رنگ صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.

ٻارو! هاڻي اها ڳوڙهي ۽ گهاٽي کنڊ، مل جي هڪ خاص حصي ۾ اچي، انهيءَ حصي کي سينٽيفيگل چئبو آهي. هي جيڪي وڏيون وڏيون ٽانڪيون ڏسو ٿا. انهن ۾ ڪمند جي رس کي ڪرسٽل جي صورت ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ جو مطلب ته هتي رس، داڻو ٻڌي، کنڊ جي شڪل اختيار ڪري ٿي. هي جيڪي کليل ٽانڪيون جيڪي مستطيل شڪل جون ٺهيل آهن. انهيءَ ۾ جيڪو ڀريل ڳوڙهو مصالحو آهي. انهيءَ ۾ کنڊ شامل آهي. انهن ٽانڪين ۾ هوريان هوريان گرمٽ جي شڪيل جهڙا پائيپ مشينريءَ جي زور تي گهمندا رهن ٿا ته جيئن مصالحو ڄمي نه وڃي.

ٻارو! هاڻي هيءَ ڏاڪڻ لهي هيٺين حصي ۾ هلو، پر هوريان هوريان خبرداريءَ سان لهجو. هيءُ جيڪي جنڊ وانگر ڦرندڙ گول اکريون ڏسو ٿا، انهن کي سيٽريفيگل چوندا آهن. انهن ۾ مٿي تيار ٿيل مصالحو صاف ٿيندو آهي. بيڪار شيءِ ڌار ٿي پاڻي سان گڏجي پائيپن رستي مل کان ٻاهر اتر طرف ٺهيل تلائن ۾ وڃي گڏ ٿيندي، جنهن کي عام لفظن ۾ سيرو (مولاسز)

چون ٿا. باقي انهن اکرين ۾ صاف کير جهڙي، سفيد کنڊ وڃي رهندي. جنهن کي ٻاڦ (اسٽيم) ذريعي خشڪ ڪيو ويندو آهي. ڏسو هاڻي هوءَ اکري بيهاري کولي اٿن. ڏسو ڪهڙي نه سهڻي کنڊ تيار ٿي وئي. هي هٿ ۾ کڻي ڏسو ڪيڏي نه گرم آهي. هاڻي هيٺ هلو. هي ڏسو، مٿي اکرين ۾ تيار ٿيل کنڊ هن وڏيءَ ڇاڻيءَ ۾ گڏ ٿي آهي. جيڪا هوريان هوريان لڏندي لهي ٿي. هاڻي اها ساڳي کنڊ هن رٻڙ جي پٽي تي ڪري ٿي. جيڪا پاڻ هرتو گهمندو رهندو آهي ۽ اها کنڊ مل کان ٻاهر جدا ٺهيل هائوس ۾ ايندي.

ٻارو! اسان هاڻي ”بئگنگ هائوس“ ۾ آيا آهيون. پٽي جي ذريعي هيءَ کنڊ هنن ڇاڻين ۾ پهچي ويئي آهي. هنن ڇاڻين ۾ ڇڻي صاف ٿي کنڊ هيٺان ٺهيل اکرين ۾ جمع ٿئي ٿي. هي ڏسو اکرين ۾ ٻوري جو منهن کولي، ٻوري ڀري ويئي. ڏسو ته ڀريل ٻوريون ڪيئن پاڻ هرتو هلنديون ٿيون وڃن. هاڻي هن ڪانٽي تي ٻورين جي تور چيڪ ڪري پوري ڪئي وڃي ٿي ۽ ڀرسان فٽ ٿيل سلائيءَ جي مشين تي ٽوپو ڏيئي ٻوري بند ڪئي وئي. هاڻي کنڊ ٻورين ۾ بند ٿي ويئي ۽ هڪ ٻوري 100 ڪلوگرام جي آهي. ٻارو ٻوريون ڏسو ڪيئن وڏي پٽي تي پاڻ ئي اڳتي گودام ڏي هلنديون ٿيون وڃن. هو گودام ۾ بيٺل مزدور ڏسو ٻوريون لاهيندا وڏا ٿڙا هڻندا ٿا وڃن.

ٻارو! اسان مل هائوس کان وٺي بئگنگ هائوس تائين پنهنجو ڦيرو پورو ڪيو ۽ ڪمند مان کنڊ ٺهڻ جا مختلف مرحلا ڏٺاسون. پر انهن هائوسن ۽ حسن کان سواءِ ٻيا به ڪجهه حصا آهن، جيڪي ڪارخاني هلڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هو مل هائوس جي پريان ”بوائلر هائوس“ آهي. هتي ڪاٺيون ۽ ڪمند جي کل (ڇلڪي) کي ٻاري ان جي گرمي کي ٻاڦ (اسٽيم) ۾ تبديل ڪجي ٿو. اها ٻاڦ رس کي ڪاڙهڻ ۾ ڪم اچي ٿي ۽ اها اسٽيم مل جي مختلف مرحلن ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿي.

مل هائوس جي ڏکڻ طرف، هو ڏسو جيڪا عمارت نظر اچي ٿي. جنهن جي ڀت جي مٿان لڳل پائيپ مان سوساٽ جي آواز سان تيز دونهون نڪري رهيو آهي. اهو ”پاور هائوس“ آهي. جتي خودڪار ٽربائينن جي ذريعي بجلي تيار ٿئي ٿي، جيڪا ڪارخانو هلائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

هو وري ڏسو، ”شگر هائوس“ جي اتر ۾ جيڪا عمارت آهي، جنهن جي مٿان مناري وانگر ٺهيل، سيمنٽ جي چمني ڏسو ٿا. انهيءَ حصي کي چونا بٺي يا ”لائيم ڪلن“ چئبو آهي. هن حصي ۾ چوني پٿر ۽ سخت ڪوئلي تي ڪيميائي عمل ذريعي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺاهي ويندي آهي، جيڪا پڻ ڪارخاني جي ڪجهه مرحلن ۾ ڪم ايندي آهي.

ٻارو! هاڻي اوهان سرسري طور کنڊ ٺهڻ جا مرحلا ۽ طريقا ڏسي چڪا آهيو. مان سمجهان ٿو اوهان جي ذهن ۾ ڪافي نيون ۽ سٺيون ڳالهيون ويٺيون هونديون.

ٻارو! هاڻي وري آرام سان قطار ۾ هلي بس ۾ ويهو ته پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيون. اڄوڪو ڏينهن تفريح سان گڏ معلومات ۾ اضافي جو ڏينهن به ثابت ٿيو.

اسان جا اديب

انٽرويو وٺندڙ: صلاح الدين عباسي

نجم عباسي

 

محترم نجم عباسي جو نالو ادب جي دنيا ۾ نئون نه آهي. نجم عباسيءَ جي ادبي صلاحيتن کان ڪير واقف ناهي. سندس صلاحيتن جو ثبوت اهي ناول ۽ ڪهاڻين جا اهي ڪتاب آهن، جي اڄ تائين هو تخليق ڪري چڪو آهي. اچو ته کانئن ورتل ڳالهه ٻولهه پڙهون.

صلاح الدين: اوهان پنهنجي ابتدائي ادبي زندگي بابت ٻڌائيندا ۽ ان وقت جي سنڌي ادب جي پوزيشن پڻ واضح ڪندا؟

نجم عباسي: مون پنهنجي ساهتي جيون جي شروعات، شاعريءَ سان ڪئي. پوءِ ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکڻ لڳس. ان وقت سنڌي شاعريءَ جي جوڙجڪ ۾ پارسي ۽ اردو شاعريءَ جو نقل ڪيو ويندو هو ۽ علم عروض جو خاص خيال رکيو ويندو هو. مواد جي خيال کان شعرن ۾ گل ۽ بلبل ۽ پيار عشق جون روايتي ڳالهيون هونديون هيون، جي پڻ پارسي شاعريءَ تان ورتيون ويون هيون. ڪهاڻين جي مواد جو حال به ساڳيو هو، پر رڳو ائين به نه هو. ڪيترائي ترقي پسند شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پئدا ٿي رهيا هئا، جن جي شعرن ۽ ڪهاڻين جا موضوع سماجي هوندا هئا ۽ پڙهندڙن جو سنجيده طبقو اهڙي قسم جون لکڻيون وڌيڪ پسند ڪندو هو. سنڌي هندو ساهتڪار ان مامري ۾ وڌيڪ سرگرم هئا ۽ هنن طرفان ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب شايع ٿيندا هئا. مان پهرين پنهنجون ڪهاڻيون پڙهندو آهيان ته ڏسندو آهيان ته اهي سماجي ذميواريءَ سان لکيل آهن.

صلاح الدين: اوهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو ۽ ان وقت اوهان جو مقصد ڇا هيو؟

نجم عباسي: مان لکڻ ته ٻاراڻي درجي ۾ سکيو هو. پر باقاعده 1942ع ۾ لکڻ شروع ڪيم، جڏهن مان ٽيون درجو انگريزي (ان وقت جو) پڙهندو هوس. ادب لکڻ ۾ هڪڙو شوق ته اهو به هو ته پنهنجا خيال ٻين کي ٻڌايان ۽ ٻين تائين پهچايان، ڇو ته ذهن ۾ ڏاڍا نوان نوان ۽ سٺا سٺا خيال پئدا ٿيندا هئا. پر ان شوق کان به وڌيڪ شوق اهو هوندو هو ته اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجو نالو ڇپيل ڏسان ۽ منهنجا مائٽ ۽ واقفڪار به ڏسن. پوءِ مان پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي سماجي، سياسي ۽ قومي ادب تخليق ڪرڻ لڳس.

صلاح الدين: اوهان هيل تائين ٻارن لاءِ ڪجهه به لکيو ناهي. سبب؟

نجم عباسي: مون ٻارن لاءِ ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون آهن، جي ڇپيون به آهن. اصل ۾ شروع کان وٺي اهو منهنجو موضوع ڪونه رهيو آهي. اهو احساس اٿم ته مون کي ٻارن لاءِ لکڻ کپي. سوچيان ٿو ته وري به ڪوشش ڪندس.

صلاح الدين: اڄڪلهه ٻاراڻي ادب کي نڌڻڪو ۽ بيواهو ٿو چيو وڃي. اوهان ان بابت ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟

نجم عباسي: ٻارن جو ادب لکڻ وارا به آهن ۽ اهو شوق سان پڙهڻ وارا پڻ آهن، پوءِ اهو نڌڻڪو ڪيئن ٿيو؟

صلاح الدين: اڄڪلهه جا وڏا اديب ٻاراڻي ادب تي ڪوبه ڌيان نه ٿا ڏين. ڇا سنڌي ٻاراڻو ادب ان لائق ناهي يا ٻارن لاءِ لکڻ مشڪل آهي؟

نجم عباسي: ائين نه آهي. سنڌ جا جهونا اديب به نوجوان اديبن سان گڏ ٻاراڻو ادب لکندا رهن ٿا. ان جو ثبوت اهو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ٻارن لاءِ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا شايع ٿيندا رهن ٿا. البت اها ڳالهه آهي ته ٻارن لاءِ وڌيڪ لکيو وڃي ۽ انهن لاب وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا ڇپجڻ کپن. هر اديب جو پنهنجو موضوع ٿيندو آهي ۽ لکڻ جي پنهنجي صنف ٿيندي آهي، ڪو شاعري ڪندو آهي، ڪو ناول قلمبند ڪندو آهي ۽ ڪو ٻاراڻو ادب تخليق ڪندو آهي ۽ جن اديبن جو ٻاراڻو ادب موضوع هوندو آهي، تن کي اهو لکڻ ۾ ڪا مشڪل محسوس نه ٿيندي آهي.

صلاح الدين: اڄڪلهه جي سنڌي ادب ۽ توهان جي ننڍپڻ جي سنڌي ادب ۾ بنيادي تفاوت ڪهڙو آهي؟

نجم عباسي: منهنجي ٻالڪپڻ واري زماني جو سنڌي ادب زياده تر روايتي، رسمي، خيالي، تفريحي ۽ نقلي هو ان ۾ صحتمند عنصر تمام گهٽ هو. هينئر جيڪو سنڌ ادب لکجي رهيو آهي، سو زياده تر حقيقت پسندي تي منحصر آهي.

صلاح الدين: ننڍپڻ ۾ ان وقت اوهان جا احساسات ڇا هوندا هئا، جڏهن توهان کي پنهنجي ڪنهن ڪهاڻي جي ناقابل اشاعت ٿيڻجو علم ٿيندو هو؟

نجم عباسي: ڏاڍي مايوسي ٿيندي هئي، پر دل نه ٽٽندي هئي. ان ڪري وري بهتر لکڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. هاڻي دنيا جي وڏن اديبن جون حياتيون پڙهڻ سان پتو پيو اٿم ته اهڙي قسم جون مايوسيون هنن جي نصيب ۾ به آيون هيون، پر هنن همت نه هاري ۽ اورچ رهيا. ائين جهونن ۽ مڃيل اديبن جون لکڻيون به بعضي بعضي نه ڇپيون وينديون آهن. ڇو ته اهي ايڊيٽر يا پبلشر جي پاليسيءَ مطابق نه هونديون آهن يا ايڊيٽر ۽ پبلشر جو انهن لکڻين سان اختلاف هوندو آهي.

صلاح الدين: ٻارن لاءِ ڪو پيغام؟

نجم عباسي: مان ٻارن کي صلاح ڏيندس ته هو صحتمند سنڌي ادب پوري غور سان ۽ سوچ سان پڙهن.

منظور احمد شاهاڻي                   سلسلو نمبر 44

                                           مضمون- 1

پرائمري پاس ڪري هاءِ اسڪول پهچڻ...

هر اهو شاگرد، جيڪو پرائمري پاس ڪندو آهي، ان جا تاثرات به عجيب قسم جا هوندا آهن. جڏهن هو هاءِ اسڪول ۾ پهچندو آهي ته پاڻ کي هڪ کليل ماحول ۾ سمجهندو آهي. ان ماحول ۾ شاگرد جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿيندا آهن. جڏهن پرائمري جو شاگرد هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويندو آهي، ته ڪلاس ۾ ٻين شاگردن سان گڏ ويهندو آهي، ان کي ٿورو گهڻو استاد کان ڊپ ٿيندو آهي. ڇو ته سمجهندو آهي، ته انگريزي جا استاد آهن. متان ڪو مون کي مار ڏئي.

جڏهن سڀ ڊپ ڊاءَ ختم ٿي ويندا آهن، ته شاگرد دل لڳائي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهيءَ ساڳي اسڪول ۾ ڪي ٻار غريب به هوندا آهن، ته ڪي ٻار امير به هوندا آهن. پرائمري کان هاءِ اسڪول ۾ پهچڻ شرط، هنن جون سوچون وڌي وينديون آهن. علم ۽ ڄاڻ ۾ به ڪافي واڌارو ايندو آهي ۽ ساڳئي وقت هو لائبرري ۾ ڪي تعليمي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهي پنهنجي ذهن ۾ واڌارو آڻيندا آهن ۽ هر ٻار اهو سوچيندو آهي ته مان پڙهي محنت ڪري هڪ انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيندس. پوءِ انهيءَ جون اهي سوچون وڌي وڃن ٿيون ۽ هوشيار ٿيڻ لڳندا آهن ۽ ڪي ٻار جيڪي حرڪتن ڪرڻ وارا هوندا آهن، اهي پاڻ ۾ چوندا آهن ته اچو ته هلون ٿا گهمڻ ۽ اڄ اسڪول ڪونه ٿا وڃون، پوءِ ڪي شاگرد ڪڏهن به پنهنجي اسڪول کان پير ٻاهر نه ڪڍندا آهن ۽ ڪاميابي انهن جي نصيب ۾ هوندي آهي، جيڪي محنت ڪري پنهنجي پڙهائي ۾ ڌيان ڏيندا آهن ۽ رول ٻارن جي سنگت ۾ نه ايندا آهن. اهي شاگرد ڪڏهن به ڪو دوکو نه کائي سگهندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com