سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري 1991ع

باب: --

صفحو :4

سفيد سهي پهريائين بگل وڄايو. پوءِ هڪ بدمعاش کي اٿي بيهاريائين. جنهن تي چوريءَ جو الزام هو. گواهي ڏيڻ لاءِ سهي ٽوپين فروش جو نالو پڪاريو. ٽوپين فروش درٻار ۾ ويٺو چانهه پي رهيو هو. هن چيو ته ”مان پهريائين چانهه پيئندس، ان بعد گواهي ڏيندس“.

انهيءَ جي بدتميزي تي ملڪ حڪم ڏنو ته ”ٽوپين فروش جو سر قلم ڪيو وڃي“. مگر ٽوپين فروش پهريائين ڀڄي چڪو هو. ٻي گواهي بورچياڻي جي هئي، جيڪا عدالت ۾ ديڳڙيءَ سميت آئي هئي.

”مٺا سموسا ڪهڙي شيءَ مان تيار ٿيندا آهن؟“ بادشاهه بورچياڻيءَ کان پڇير.

”ڪارن مرچن مان، بادشاهه سلامت“! بورچياڻي جواب ڏنو.

ڪوئي آهستي چيو: ”نه بادشاهه ڪارن مرچن مان نه بلڪه مٺائيءَ مان“.

ملڪ هن جو آواز ٻڌو ته حڪم ڪيائين ته ”هن بدبخت ڪُوئي کي گرفتار ڪيو وڃي. هن جون مڇون لاهي هن جي سر وڍيو وڃي.

ٽين گواهي ڏيڻ لاءِ سهي، ايلس جو نالو پڪاريو، کيسي ۾ پيل ڪيڪ ٽڪر کائڻ کان سان هوءَ ڊگهي ٿي وئي هئي.

جڏهن هوءَ اٿي ته هن جي فراڪ جي ڪنڊ ڪرسين جي قطار ۾ اٽڪي پئي ۽ ڪرسين تي ويٺل معزز مهمان هيٺ ڪري پيا.

”مٺا سموسا ڪنهن چورايا آهن؟“ بادشاه پڇيو.

ايلس انڪار ڪيو. بادشاهه کي غصو آيو ۽ چيائين ته ”هڪ ميل جيترا ڊگها ماڻهو درٻار مان نڪري وڃن“.

”مگر منهنجو قد ته هڪ ميل جيترو ڊگهو نه اهي“. ايلس وراڻيو.

ملڪ غصي وچان چيو: ”هن گستاخ ڇوڪريءَ جو سر ڪٽيو وڃي“.

ايلس کي پنهنجي گردن تي ڪا شيءِ حرڪت ڪندي محسوس ٿي، ته هن جي اک کلي وئي. جتي هِيءَ وڻن جي پنن جي ڍير تي ڪري هئي. هن ڏنو ته سندس وڏي ڀيڻ چهري تان وڻن جا پن هٽائي رهي هئي.

اسير اسحاق چنا

نئون سال

سال نئون آ آيو ساٿي.

گيت خوشي جا ڳايو ساٿي.

 

سال نئين ۾ سکڙا ايندا،

ڏور ڀڄي سڀ ڏکڙا ويندا،

ڪين اميدون لاهيون، ساٿي.

 

گذريل ڳالهيون سڀ وساريو،

پيار محبت هاڻ وڌايو،

رُٺلن کي پرچايو ساٿي.

 

سال نئين ۾ ٿينديون بهاريون،

هر، جا ٿي وينديون گلزاريون،

گڏجي جهومر پايو ساٿي.

 

سال نئون آ سڀ کان مبارڪ،

وڏا هجن يا ننڍڙا ٻالڪ،

سڀ کي ڳلهي لڳايو ساٿي.

نثار بزمي

دعا

مٺڙا ۽ مصوم هِي ٻارڙا

مُائرن جي من جي آهن

مدعا

پيئرن جي پيار جا مرڪز

هي آهن پِتڪِڙا

ڀينرن جي آس جا آهن

ڏيئا

ڪيئن ٿا پائن لِيئڙا

ننڍڙا ننڍڙا جِيئڙا

ٻاتِڙيون ٻوليون ڪري ٿا روح ريجهائي وٺن

قوم جي آهن امانت

ٻارڙا

هي هارڙا

دودا، دُولهه بڻجي پنهنجي

قوم جي خدمت ڪندا

شل جواني پنهنجي ماڻن

چنڊ جيان چمڪي پون

منهنجي دل مان ٿي دُعا نڪري وڃي

ڪيرالا جي لوڪ ڪهاڻي                    (قسط 1)

مترجم: رب نواز – ازاد سمون

سياڻي زال

ڪيرالا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ هندو پوڄاري رهندو هئو. جنهنجو نالو وشنوٽي هئو. (ڪيرالا هندستان جي هڪ سرسبز ۽ شاداب صوبو آهي) وشنو صبح ٿيڻ سان ئي مندر ڏانهن هليو ويندو هئو. هي سڄو ڏينهن اتي پوڄارين جي خدمت ڪندو هئو“ شام جو ٿڪل ٽٽل گهر موٽندو هئو.

وشنو وڏو مهمان نواز هيو، هو هر روز ڪنهن نه ڪنهن کي زبردستي پنهنجي گهر وٺي ايندو هيو ۽ ان کي پنهنجو پاڻ سان کاڌي ۾ شريڪ ڪندو هئو. وشنوءَ جي زال لڪشمي“ تمام محنتي ۽ اطاعت گذار هئي. اها پنهنجي مڙس جي مهمانن جي خوب خاطرداري ڪندي هئي. وشنو به پنهنجي زال سان تمام گهڻو خوش هوندو هئو.

هوڏانهن هن ويچاري ”لڪشمي“ جو اهو حال هيو ته هو اڪثر بک تي سمهڻو پوندو هو. ان هوندي به هن ڪڏهن به پنهنجي مڙس سان اها شڪايت ڪين ڪئي. وشنوءَ جي آمدني تمام گهٽ هئي. ايتري جو ان مان صرف زال ۽ مڙس جو پيٽ ڀرجي سگهيو ٿي. روزانو ٻن ٻا ٽن مهمانن جي خاطرداري انهن جي وس کان ٻاهر هئي. ان هوندي به وشنو پنهنجي کاڌي ۾ مهمانن کي شريڪ ڪرڻ فرض سمجهندو هئو. لڪشميِءَ  کي پنهنجي مڙس سان ڏاڍي محبت هئي، ان ڪري هوءَ خاموش رهندي هئي. اها پاڙيسرين کان وٺي مهمانن جي خاطرداري جاري رکندي هئي. پر آخر ڪيستائين، هڪ وقت اهڙو آيو جو پاڙيسرين ان کي اوڌر ڏيڻ صاف انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کي يقين نه ايندو هئو ته ڪا ”لڪشمي“ هڪ غريب عورت آهي، ڇو ته اهي هر شام جو مهمانن کي ان جي گهر ايندو ڏسندا هئا.

جڏهن بکون ڪٽي ڪٽي ”لڪشميءَ“ جي حالت خراب ٿي وئي ته ان آخر هڪ ڏينهن پنهنجي مڙس سان ان ڳالهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ رات جڏهن وشنو مهمانن کي رخصت ڪري کٽ تي سمهڻ لاءِ ليٽي پيو ته لڪشمي ان وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي: ”مان توهان کي ڪجهه، چوڻ چاهيان ٿي“ اهو ٻڌي هو بت بڻجي ويهي رهيو ۽ حيرت مان لڪشمي کي ڏسڻ لڳو ڇو ته ان هن سان اڄ تائين ڪابه اهڙي ڳالهه ڪونه ڪئي هئي.

لڪشمي روئڻ لڳي، هڏڪيءَ جي ڪري ان جي نڙي بند ٿي وئي. وشنو اهو ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو. آخرڪار لڪشميءَ پنهنجي ساڙهيءَ جي پَلَو سان پنهنجا ڳوڙهيا اگهيا ۽ چوڻ لڳي:

”اسان وٽ روز مهمان ٿا اچن، ٻين کي پاڻ سان کاڌي ۾ شريڪ ڪرڻ ته سٺي ڳالهه آهي، پر توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان وٽ ايترو ڪاٿي آهي جو اسان ٻين جي خدمت ڪري سگهون. اسان غريب ماڻهو آهيون. مان مهمانن لاءِ کاڌو ڪٿان آڻيان. توهان جا مهمان اڪثر منهنجي حصي جو کاڌو کائي وڃن ٿا ۽ مونکي فاقو ڪٽڻو پوي ٿو. مون کان هاڻ اهو برداشت ٿي نه ٿو سگهي – منهنجا سرتاج! مونتي رحم ڪيو-مهمانن کي گهر وٺي اچڻ جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو.“

”لڪشميءَ“ جون اهي ڳالهيون ٻڌي وشنو باهه ٿي ويو. زال کي ايتري همٿ ڪيئن ٿي جو مهمانن کي گهر وٺي اچڻ کان روڪي رهي آهي. پوءِ هو سوچڻ لڳو، ڇا ڳالهه آهي؟، ڇا لڪشميءَ کي مون سان محبت نه رهي آهي؟“ يا ٿي سگهي ٿو ته اهي سڀ ڳالهيون هن بيوقوفيءَ ۾ چيون هجن. جنهن جو هن کي خود احساس ٿي ويندو.

منير احمد جتوئي

رُوبوٽ هَٿُ

هيءَ دنيا انسان جي لاءِ هڪ سٺو تجربيگاهه آهي ۽ هن دنيا ۾ خدا طرفان عطا ڪيل هر شيءَ انسان جي لاءِ هڪ تجرباتي مواد پيش ڪري ٿي. انسان کي پنهنجي. زندگيءَ ۾ تقريبا روزانو انهن قدرتي شين سان واسطو رهي ٿو، پوءِ جيڪڏهن، انسان پنهنجي اندر جي اک ذريعي انهن کي غور سان ڏسي ته ضرور ڪي نيون نيون شيون به ايجاد ڪري سگهي ٿو.

هونئن به انسان قدرتي شين کي ڏسي گهڻو ڪجهه سکي چڪو آهي ۽ اڃا به وڌيڪ سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

اڄ ڪلهه ته دنيا جا ماهر سائنسدان قدرت جي بڻايل شين جي هُوبَهُو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هنن قدرت جو نقل ڪندي مصنوعي اک ناهي يعني اليڪٽرانڪ اک، مصنوعي نڪ ٺاهيو يعني گيس ڊٽيڪٽر، مصنوعي دل ٺاهي ۽ سڀ حيرت انگيز ۽ دلچسپ شيءَ يعني منصوعي دماغ ٺاهيو جنهن کي سائنسي نالي ڪمپيوٽر سڏيو وڃي ٿو.

وڏي ڳالهه ته هنن مصنوعي انسان يعني ڪمپيوٽر روبوٽ ٺاهي هن صنعتي دنيا ۾ وڏو انقلاب آندو آهي.

اهو روبوٽ (مشيني ماڻهو) بلڪل انسان وانگر ته نه اهي ۽ نه ئي وري ان وانگر پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق سوچي ۽ ڪم ڪري ٿو پر هُو صرف اهو ئي سوچيندو ۽ ڪم ڪندو آهي، جيڪو هن جي دماغ ۾ فٽ يا جمع ڪيل هوندو آهي ۽ انهن ئي هدايتن هيٺ هُو مخصوص قسم جو ڪم ڪري ٿو.

اڄ ڪلهه دنيا جا ماهر سائنسدان انهيءَ روبوٽ جي دماغ ۾ هٿن کي حقيقي انسان وانگر خود مختيار ۽ حساس بنائڻ لاءِ نوان نوان تجربا ڪري رهيا آهن ته جيئن روبوٽ به عام انسان وانگر پنهنجي مرضيءَ مطابق سوچي ۽ هر هڪ ڪم سر انجام ڏئي سگهي.

انهي سلسلي ۾ برطانيه جي سائوٿ هيمٽن يونيورسٽيءَ جي سائنسدانن هڪ روبوٽ هٿ ٺاهيو آهي، هن روبوٽ جي هٿ ۾ هڪ آڱر ۽ هڪ آڱوٺو ٺاهيو ويو اهي ته جيئن هُو شين کي پڪڙي سگهي، مگر ماهرن جي لاءِ گهڻي عرصي تائين اها مشڪل هئي ته روبوٽ جي هٿ جي پَڪَڙ کي ڪيترو سخت يا مضبوط ڪيو وڃي ان جي زور سان سندس پڪڙيل شيءَ نه ئي ٽٽي ۽ نه وري ترڪي ڪري پوي.

ان نئي هٿ جو اڱرين ۾ اهڙا سينسر لڳايا ويا آهن، جيڪي ان ڳالهه کي ڪنٽرول ڪن ٿا ته شيءَ (چيز) جي لحاظ کان هٿ جي پڪڙ (جهلڻ) کي ڪيترو سخت يا مظبوط ڪيو وڃي.

روبوٽ ۾ لڳل ڪمپيوٽر اهو ڪم انجام ڏئي ٿو ته هو سينسر جا پيغام وصول ڪري روبوٽ کي حڪم ڏيندو آهي ته هو ڪهڙي نموني يا ڪيتري زور سان شين کي پنهنجي ۾ جهلي (پڪڙي) سگهي ٿو.

اگر ڪابه شيءَ روبوٽ جي هٿ مان ترڪي ڪري پوي ٿو يا گهڻي زور سان ٽٽي پوي ٿي ته آڱر ۾ لڳل هڪ ننڍڙو مائڪروفون جلد ان شيءَ جي ترڪڻ يا ٽٽڻ جو آواز جو سگنل ڪمپيوٽر تائين موڪلي ٿو ۽ پوءِ ڪمپيوٽر هٿ جي پڪڙ کي ان شيءَ جي مطابق ڍلو يا مضبوط ڪندو آهي.

اهو سڄو نظام ايترو ته حساس آهي جو روبوٽ پنهنجي هٿ جي آڱر ۾ آڱوٺي جي مدد سان آني جي نازڪ ڇلڪي کي به بغير ٽٽڻ جي بلڪل آسانيءَ سان کڻي سگهي ٿو.

هڪ ٻئي روبوٽ جو هٿ اهڙي طرح تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي باقائده چئبو آهي، جنهن جي پنجن ئي آڱرين ۾ طاقت پڻ آهي جيڪي هر قسم جو سامان کڻي سگهن ٿيون. هن خودڪار هٿ جي تيار ڪرڻ جو خاص مقصد اهو آهي ته انسان هن کي پنهنجي هٿ تي هڪ خاص جورابي جي ذريعي لڳائي زهريلن، تابڪارن مادن ۽ مختلف قسم جي خطرناڪ ڪيميڪلز کي به کڻي سگهي ٿو، هونهن ۾ به ڪمپيوٽر سسٽم نصب ٿيل آهي جيڪو صرف ڇَڏِ، کڻ ۽ رَکُ جو حڪم ڏئي ٿو.

انهيءَ حڪم کانپوءِ ڪمپيوٽر هيءَ فيصلو ڪندو آهي ته ڪنهن به شيءَ کي کڻڻ، سنڀالڻ ۽ اڇلائڻ  ۾ هٿ کي ڪيتري لچڪ درڪار ٿيندي ۽ اهو به ته هٿ جي هر آڱر ۽ آڱوٺي کي ڪيتري طاقت جي ضرورت پوندي.

اهڙي طرح هٿ تيار ڪرڻ لاءِ سائوٿ هيمٽن يونيورسٽي جي سائنسدانن تمام ننڍا ننڍا بيرنگ، موٽرون، اسپرنگ ۽ گيئر بلڪسون روبوٽ جي اڱرين ۾ فٽ ڪيون آهن. ماهرن جو خيال آهي ته هن ڪامياب تجربي کانپوءِ انهن سمورن ڪمن لاءِ روبوٽ هٿ تيار ڪري سگھجن ٿا، جن ڪمن ۾ انسان جي جان کي خطرو هوندو آهي.

حميد ناز سومرو

ٻار

آيو آيو ننڍڙو ٻار،

جنهن سان آهي سڀ جو پيار.

هو ڏس ننڍڙو ٻار کِلي ٿو،

ڄڻ پنهنجي ڌن ۾ مور ٽلي ٿو،

ڪيڏو نه پيارو لڳي ٿو يار،

آيو آيو..............

هو ڏس مٺڙو ٻَولي ٻولي،

سبق پڙهي ٿو سج کي ڳولي،

ٻولي سان آهي هن جو پيار،

آيو آيو............

صَفائي ڪري اسڪول وڃي ٿو،

نماز قرآن به خوب پڙهي ٿو،

وطن جو آهي ناما چار،

آيو آيو............

ڪنهن سان جيڪو ڪين اُچائي،

پيچ پريت جي سوٿو پائي،

ڪندو ان سان هرڪو پيار،

آيو آيو............

عبدالله آريجو

خلا ۾ هوٽل اڏبو

اڄ کان اٽڪل ٽي سال اڳ ۾ جڏهن ”هاڻ چنڊ تي ڀاڄيون پوکبيون“ جي عنوان سان مضمون لکيو هيم ۽ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيو هئو تڏهن ڪيترن دوست جن مان خاص ڪري اهي دوست جن جو سائنس سان واسطو نه هئو کلون ڪيون هئائون. ڪجهه دوست ۽ پڙهندڙ ڀائرن خطن ذريعي وضاحت گهري هئي جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل ڪجهه هفتا پوءِ ”خلا ۾ انساني آباديءَ لاءِ رٿ“ جي عنوان سان ٻيو مضمون لکيو هئم جنهن تي پڻ تنقيد سان گڏ حيرت جو اظهار به ڪيو ويو هئو.

دراصل سائنس مسلسل کوجنا جي ذريعي سچائي تلاش ڪرڻ ۽ خيالن کي حقيقت جو وجود وٺي ڏيڻ جو نالو اهي. ڪڏهن ته ماڻهو اهو تصور به نه ڪري سگهندا هئا ته ڪو انسان چنڊ تي به وڃي سگهي ٿو. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته جڏهن اسان ڳوٺ جي ماڻهن خاص ڪري پوڙهن سان چنڊ جي مسئلي تي بحث ڪندا هئاسين ته موٽ ۾ هو کلندا هئا. پر حقيقتون ۽ سچايون سج جي روسنيءَ جيان چٽيون ۽ نمايان هونديون آهن.

انسان صدين کان سائنس جي ميدان ۾ بي پناهه تحقيق ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ نه فقط زمين تي انقلاب برپا ڪندڙ ايجادون ٿيون آهن پر خلا ۽ ان ۾ وسندڙ جسم به ڪي اوپرا نه رهيا آهن. اها ڳالهه اڄ کان ويهارو سال پراڻي آهي ته هڪ آمريڪي سائنسدان نيل آرم اسٽرانگ چنڊ جي خوبصورت چهري تي انسان پنهنجو وجودي نشان ڇپايو.

نيل آرم اسٽرانگ جي چنڊ تي ڪامياب لهڻ کانپوءِ وڌيڪ تحقيق جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ روسي سائنسدانن چنڊ جهڙي ماحول جون زمين تي لئبارٽريون ٺاهي ان ۾ ڀاڄيون پوکڻ جي ڪامياب تجربو ڪيو ۽ اها دعويٰ ڪئي ته هاڻي چنڊ تي ڀاڄيون پوک سگهبيون. تنهن کان پوءِ چنڊ تي انساني آباديءَ لاءِ رٿابنديءَ جي ڳالهه ٿيڻ لڳي جنهن جو هڪڙو سبب اهو وڌندڙ احساس آهي ته زمين تي انساني آبادي ناقابل برداشت حد تائين وڌي چڪي آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڌرتيءَ لاءِ خود پنهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿيندا ڇو ته انساني استعمال ۾ ايندڙ معدني ۽ ٻيون قدرتي شيون زمين مان ختم ٿي وينديون جنهن ڪري انسان کي يا ته معدني ذريعا چنڊ تان حاصل ڪرڻا پوندا يا ته چنڊ تي آباد ٿيڻو پوندو.

نازا اطلاع هي آهن ته جاپان جي هڪ اڏاوتي ڪمپني جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي اڏاوتي ڪمپني آهي ۽ شمي زوجينالي سان سڃاتي وڃي ٿي خلا ۾ هوٽااڏڻ لاءِ پلان تيار ڪري چڪي آهي ۽ ان لاءِ گهربل رقم جو بندوبست به ڪيو ويو آهي. هوٽل جو نقشو تيار ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪانفرنسن ۾ ان جي نمائش پڻ ڪئي ويئي آهي.

سال 1987ع کان هن ڪمپنيءَ جا 25 انجنيئر هن هوٽل جي چنڊ تي اڏاوت جو جائزو وٺي رهيا آهن. هن جي خيال موجب هوٽل جي اڏاوت ۾ چنڊ وٽان 7،500 ٽن ڪچو مال حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سان هي هوٽل سولائيءَ سان اڏي سگهجي ٿو.

هن هوٽل جي ساخت هڪ گول ڦيٿي جيان هوندي جنهن ۾ هوٽل جا ڪمرا 140 ميٽر چورس تي پکڙيل هوندا.

هي ڦيٿو ڌرتيءَ جي ڇڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ منٽ ۾ ٽي گهمرا پنهنجو چڪر پورو ڪندو. هن هوٽل جي اڏاوت تي اٽڪل 28 بلين رپيا خرچ ٿيندا.

چنڊ تي اڏيل هن هوٽل جي هر هڪ ڪمري ۾ صوفا، بيڊ، غسل خانا، ليٽرن، ۽ پاڻياٺ جهڙي ٽي وي اسڪرين پڻ هوندي. هر هڪ ڪمري کي هڪ دري پڻ هوندي جنهن جي شيشن مان انهن ڪمرن ۾ رهندڙ ٻين سيارن ڏانهن دلچسپيءَ وچان ڏسندا رهندا.

هوٽل ته جلد يا دير سان ٺهي راس ٿيندو پر هن دلچسپ ڳالهه جو هڪ ڳنڀير پاسو هي آهي ته ان هوٽل ۾ دنيا جا ڪيترا ماڻهو پنهنجن هفتن جون موڪلون گذاري سگهندا.

هڪ محتاط اندازي موجب هر ماڻهوءَ وٽ جيڪڏهن 45،000 ڊالر هڪ ڏينهن ۾ خرچ ڪرڻ جي سگهه هجي ته پوءِ هوهن هوٽل ۾ سير ڪري سگهي ٿو.

نتيجو ڏاهپ جا نڪتا

علم رڳو صحيح کي صحيح نه، پر غلظ کي غلط به چوي ٿو (چارلس ڪيلب ڪولٽن)

هن نڪتي کي نون ٻارن پسند ڪيو آهي جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

1- منظور احمد ساهڙ 2- اشوڪ ڪمار وارهه 3- جميل احمد کٽي بدين 4- محمد عتيق سومرو لاڙڪاڻو 5- شفيع محمد تنيو 6- شيخ شازيا سنڌو ڊرٻ مهرشاهه 7- لجپت راءِ متلاڻي عمر ڪوٽ 8- علي نواز ٻرڙو حيدرآباد 9- عابده پروين جوهي.

مختلف نڪتن کي ٻين هيٺين ٻارن پسند ڪيو آهي.

10- محبوب علي بروهي فقير جو ڳوٺ 11- قادر بخش سومرو وارهه 12- اختر علي منگي سڪرنڊ 13- غلام سومرو ڳوٺ خليفو هاشم 14- عبدالمالڪ چنو ميان جو ڳوٺ 15- ايم اسلم ڪنڀر کورواهه 16- محمد قاسم مهراڻ پوٽو لواري شريف 17- ڪاشف علي سندراڻي دڙي 18- عبدالسميع نظاماڻي ٽنڊو سومرو 19- علي اڪبر ميمڻ لاڙڪاڻو 20- غلام محمد ڀٽي باڊهه 21- صفوره مريم ابڙو هالا نوان 22- مظهر الدين ڪنڀر باڊهه 23- محمد نور گاڏهي ميهڙ.

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: ڪمال ڄامڙو

حيدرآباد بورڊ مان پوزيشن هولڊر غلام مصطفيٰ حيدر ڄامڙو سان ملاقات

ٻارو انسان سڀئي هڪ جهڙا آهن. پر هر ڪنهن جا خيال ۽ سوچون مختلف ٿين ٿيون. ۽ هر ڪنهن جا عمل به الڳ آهن. جيئن توهان مان ڪي ٻار سست، ڪمچور ۽ ٽوٽي ٿين ٿا. ته ڪي وري ڏاڍا چست ۽ همت وارا ٿين ٿا ۽ همت جي آڏو جبل به جهڪي پون ٿا. ۽ اهڙا سدورا شاگرد هر هنڌ مان ۽ عزت ماڻيندا آهن. اڄ مان اوهان کي هڪ اهڙي باهمت ساٿيءَ سان ملايان ٿو. جيڪو هڪ سٺو اسڪائوٽ، سماجي ڪارڪن، اسٽيج ڪمپيئر ۽ هر درجي ۾ نمايان حيثيت رکندڙ آهي. سندس نالو آهي غلام مصطفيٰ حيدر پٽ غلام حيدر ڄامڙو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو (راڻي پور) تعلقو ڪوٽڏيجي ضلعو خيرپور. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۽ باقي تعليم هاءِ اسڪول نمبر 1 ٽنڊوڄام فارم مان جنهن ۾ ڏهين جماعت ۾ سڄي حيدرآباد بورڊ مان ٽيون نمبر (752) مارڪون کڻي ماڻيو آهن جڏهن ته ٻئي نمبر واري 753 ۽ پهرين واري 756 مارڪون کنيون آهن. ساڻس جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سا هيٺ ڏجي ٿي.

ڪمال: موجوده تعليم معيار بابت توهان جي راءِ ڪهڙي آهي؟

ڪمال: هي معيار انتهائي گهٽ آهي. جنهن جو وڏو ۽ اهم سبب هن معاشري جون اوڻايون جهڙوڪ: وي-سي-آر-وڊيو راند وغيره وغيره ٻيون ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ سائنسي سامان جي اڻاٺ ۽ اڻ تربيت وارن استادن جو هجڻ ۽ نصاب گهڻو ۽ غير معياري هجڻ وغيره

ڪمال: ادا امتحاني سرشتو ڪيئن هجڻ کپي؟

مصطفيٰ: اسان وٽ هاڻي امتحان ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ امتحان سائنسي طريقي موجب ورتا وڃن ۽ وڌ ۾ وڌ ٽيڪنيڪل تعليم ڏني وڃي.

ڪمال: غير نصابي سرگرمين جو هجڻ ڪيتري قدر لازمي آهي؟

مصطفيٰ: ڀاءُ ان حقيقت کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ته نصابي تعليم سان گڏ نصابي سرگرميون به ضروري آهن. انهن کي تعليم کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. مان سڀني استاد صاحبان کي عرض ڪندس ته شاگردن کي غير نصابي سرگرمين ۾ ضرور حصو ڏيارين.

ڪمال: سياست شاگرد کي بگاڙي ٿي يا سنواري ٿي.

مصطفيٰ: ادا سياست شاگردن ۾ شعوري سگهه پيدا ڪري ٿي ۽ سياست کي غير نصابي سرگرمي ڪوٺجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. صحيح سياست جو اثر هروڀرو تعليم تي نه پوندو. پر شرط اهو آهي ته سياست وقت سياست، تعليم وقت تعليم ۽ راند وقت راند ڪجي.

ڪمال: توهان جو پسنديده شخصيت، استاد ۽ ڪتاب ڪهڙو آهي؟

مصطفيٰ منهنجي پسند جي شخصيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه استاد محترم سائين منظور احمد ميمڻ صاحب ۽ ڪتاب قرآن مجيد ۽ شاهه جو رسالو آهي.

ڪمال: ڪو سنيهو پنهنجي هڪجيڏن لاءِ؟

مصطفيٰ: دوستن کي گذارش ته وڌ ۾ محنت ڪن. جيڪو ڪم ڪن ان سان سچائي رکن. پاڻ ۾ ميٺ محبت ۽ ايڪو پيدا ڪن. اسان کي ڇڙو امتحان ۾ پاس ٿيڻ واري سوچ ڪڍي سٺي ۽ اعليٰ گريڊ ۾ پاس ٿيڻ جي جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.

شيخ رياض ”سورج“ ڪرم آباد

هڪ ڏينهن جي ڳالهه نمبر 1

 موڪل جو گِهنڊ وڳو سڀ ڇوڪرا پنهنجا ڪتاب سنڀالي ڪلاس کان ٻاهر نڪري ڪُڏندا، ٽپا ڏيندا اسڪول جو گيٽ ٽپي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا، آءٌ به گيٽ ٽپي ٻاهر بس جي انتظار ۾ بيٺس، ته اوچتو منهنجي نظر هڪ معصوم چهري تي پئي. ان ڇوڪري جي عمر اٽڪل يارهن، ٻارهن سال کن مس هئي. هن جا ڪپڙا تمام ميرا هئا. هو هر هڪ ڇوڪري ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسي رهيو هو. ايتري ۾ بس آئي سڀ ڇوڪرا بس ۾ سوار ٿيا. آءُ به ڊوڙندو بس وٽ پهتس، پوءِ اچي گهر پهتس، ڪجهه وقت آءُ ان معصوم چهري بابت سوچيندو رهيس پر جلدي اها ڳالهه دماغ مان ائين نڪري وئي جيئن ڦوڪڻي مان هوا.

صبح سوير اٿي هٿ منهن ڌوئي نيرن ڪري آءُ اسڪول ڏانهن روانو ٿيس، اسڪول ۾ خوب پڙهائي ٿي، موڪل ملي اڳلي ڏينهن وانگر ڇوڪرا اسڪول کان ٻاهر نڪتا آءُ به انهن سان گڏ نڪتس ته ساڳيون چهرو ساڳي حالت ۾ بيٺو هو. مونکي عجب لڳو، اڄ جلدي بس آئي، آءُ به بس ۾ جلدي چڙهيس، گهر اچي دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته سڀاڻي ان ڇوڪري سان ضرور ڳالهه ٻولهه ڪندس.

ٽيون ڏينهن ٿيو، جيئن موڪل جي گهنٽي ڪنن تي پئي مان، ڪتاب سنڀالي تڪڙو تڪڙو اسڪول کان ٻاهر آيس. ساڳي ڇوڪري سان منهنجون نظرون مليون، آءٌ ان جي ويجهو ويس، ته هو گهٻرائجي ويو.

مون هن کي چيو ڀاءُ گهٻراءِ نه، آءٌ به تنهنجو ڀاءُ آهيان. مون هن کان سندس نالو پڇيو ۽ چيم ته تون ڪير آهين هت ڇا ڪندو آهين؟.....

مون هن کان سڀ سوال هڪدم ڪيا، ته هي تمام گهڻو ڊنو ۽ هي روئڻهارڪو ٿي ويو، مون وري هن کي خاطري ڏياري ته آءُ توکي ڪجهه نه چوندس، منهنجو ايترو چوڻ ته هن پنهنجي آتم ڪهاڻي شروع ڪئي.

مم منهنجو نالو رکيل آهي.

مان ننڍڙو هوس ته منهنجي ماءُ گذاري وئي، منهنجي پيءُ لالچي آهي ۽ هو، هو چئي ماٺ ٿي ويو. مون هن کي چيو ڇا ڪندو آهي تنهنجو پيءُ، هن وراڻيو منهنجي پيءُ پنندو آهي، منهنجو هڪ وڏو ڀاءُ به آهي. اهو به ساڳيو ڪم ڪندو آهي پر بابا مونکي به ساڳيو ڪم لاءِ چيو، ته مون انڪار ڪيو، پر بابي هڪ به نه ٻڌي مونکي مار ڏنائين. ان ڏينهن کان وٺي مونکي پاڻ سان گڏ پنائيندو آهي، پر مونکي ان ڪم کان ڏاڍي نفرت آهي، پر مجبور آهيان مونکي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي دل چوندي آهي، جيڪر آءُ به سٺا ڪپڙا پانيان، منهنجي هٿ ۾ به ڪتاب هجن، مان به هنن ڇوڪرن جيان ٽپا ڏيندو رهان.

اڃان هن جي ڳالهه جاري هئي ته هڪ صحت مند همراهه آيو جنهن کي به ميرا ڪپڙا پاتل هئا ۽ هٿ ۾ پنڻ وارو ڪشتو هوس اچڻ سان رکيل کي مار ڏنائين، مون کان رهي نه سگهيو مون وڃي چيومانس، تنهنجو هن معصوم ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هن کي ڇو ٿو مارين ليڪن منهنجي هن هڪ به نه ٻڌي، پر معصوم جون رڙيون منهنجي اندر ۾ گهرا گهاءَ ڪري وڌا ۽ مونکان ڪجهه گرم ڳوڙها وهه لڳا.

پيارا ٻارو اسان ڪيڏا نه بدنصيب آهيون ٿوري لالچ جي ڪري پنهنجي معصوم ٻارن جون زندگيون برباد ڪري ٿا ڇڏيون.

محمد نور گاڏهي ميهڙ

هڪ ڏينهن جي ڳالهه نمبر 2

منهنجي ڀائر اوهانکي مان تقريبن اٺن يا نون ڏينهن جو واقعو ٻڌايان ٿو، جيڪو شايد ڪنهن ڪنهن ماڻهن جي آڏو ٿيو به هجي، مگر غور ڪنهن به نه ڪيو آهي مان انهيءَ ڪري پنهنجو ۽ اوهان جو وقت وڃائي هي واقعو بيان ڪيان ٿو. اسان جي صوبي ۾ اهڙا سرمائيدار ماڻهو رهندا آهن جنهن وٽ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه هوندي آهي. مگر سندن سڪون برباد هوندي آهي. جي سچ سمجهن ته سڪون به ملي سگهي ٿو. هلندڙ راهه تي هڪ مظلوم تي نظر پيم، جيڪو بوٽ پالش ڪري رهيو هو، هن جي عمر بوٽ پالش جي نه پر پڙهڻ جي هئي، پيار ڀريل نظرن سان هن کان پڇيم ته ”تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو آهن“، تنهن تي چيائين ته ”سائين مان هينئر هڪ ڊاڪٽر جي بوٽ پالش ڪئي آهي. جنهن مون کي لپاٽ هڻي چيو ته 300 روپين جي بوٽ پالش کي تو سادي پالش هڻي وڃائي ڇڏيو،“ مگر تون ائين ڇو ٿو ڪرين. مون چيو ۽ هُن وراڻيو ته ”سائين ڇا ڪيان پيءُ فوت ٿي ويو آهي. امڙ ڪراڙي سلائي ڪري ٿي. مگر هن مهانگائي جي دور ۾ پوري نه آهي توهان ڏسو ته بصر ئي 12 روپيه ڪلو آهن ته ٻي، شيءَ ڪهڙي سستي هوندي. اهي دڙڪا ۽ لپاٽون اسان غريبن کي سهڻيون آهن. شايد اسان انهيءَ لاءِ پيدا ٿيان آهيون.

مان هُن کي دلداري ڏيندو پنهنجي دوڪان تي وٺي آيس ۽ ڪتاب وغيره ڏيڻ لاءِ سمورو ذمون کڻي گهر روانو ڪيو مانس ۽ چيو مانس شام جو روزگار ڪر صبح جو پڙهه، هو اهو ٻڌي خوش ٿي گهر ويو ۽ مون کي ڏاڍو دلي سڪون آيو.

کل ته سهي

·  هڪ ڏينهن شيخ چلي، تلاءَ تي وهنجي رهيو هو، سندس ڪپڙا تلاءَ جي ڪپ تي رکيا هئا. هڪڙي حرڪتي هن جي قميص تي ڪوئلي سان گڏهه جي تصوير ٺاهي ڇڏي هو جڏهن وهنجي ٻاهر نڪتو ۽ ڪپڙا پائڻ لڳو ته هن قميص تي گڏهه جي تصوير ڏٺي. ان وقت تلاءِ جي ڪپ تي ڪيترائي ماڻهو بيٺا هئا. شيخ چلي زور سان چيو ته ڪهڙي گڏهه منهنجي قمص سان منهن اگهيو آهي، اهو ٻڌي سڀ ماڻهو کلڻ لڳا.

گل حسن سومرو نصيرآباد

·     مهمان (ٻار کي) توهان جو پيءَ ڇا پيو ڪري؟

ٻار: اوهان جي وڃڻ جو انتظار پيو ڪري.

·  هڪ هاري جو پٽ، نوڪري سان ڪنهن وڏي شهر ۾ ويو، اتي جاءِ ورتائين، گهر وارن کي ٽيلي گرام موڪليائين ته منهنجي فيملي موڪلي ڏيو، ان ڳوٺ ۾ ڪو به پڙهيل ڪونه هو، ان لاءِ هڪ اڻ پڙهيل ميل ويو، جنهن تار پڙهي چيو ته تار ۾ لکيل آهي ته منهنجي سوڙ موڪليو پيءَ: خط لکرائي موڪليس ته ابا اها ته ڪئا کائي ويا تون شهر مان نئين وٺ.

عطاالله شهباز ميمڻ هالا نوان

·          مڙس (زال کي) توکي ته پارليامنٽ جو ميمبر ٿيڻ گهرجي؟

زال (خوش ٿيندي) اهو ڀلا ڪيئن

مڙس: انهيءَ لاءِ ته تون بل پيش ڪرڻ ۾ ماهر آهين

جيوترام ڊي لوهيا.

·     ڊاڪٽر (مريض کي) توهان کي مبارڪ هجي توهان جي ڪن آپريشن ڪامياب ٿي ويو آهي.

مريض: سائين ڏاڍي ڳالهايو. ڇا ٿا چئو!

ممتاز علي ميمڻ ٻيلو شهر

·     استاد: هڪ ڇوڪر کان پڇيو تنهنجو نالو ڇا آهي

ڇوڪر: چوڻ لڳو لالو.

استاد: (پيءَ جو نالو)

ڇوڪر: ڪالو.

استاد ڏاڏي جو نالو؟

ڇوڪر: ڪچالو.

غلام محمد سومرو ٽنڊو آغا

·     زال (مڙس کي) ماني کائي وڃ.

مڙس: موٽي کائيندس.

زال: چانهه پي وڃ

مڙس: موٽي پيندس.

زال: بوٽ ته پائي وڃ.

مڙس (تڪڙ ۾) موٽي کائيندس.

نويد احمد مبشر نئون ڪوٽ.

·     هڪ گنجي استاد، شاگرد کي چيو ته اکين جو قدر انڌي کان پڇو.

اهڙو ٻيو جملو ٺاهه.

شاگرد: وارن جو قدر ڪنهن گنجي کان پڇجي؟

ممتاز عباسي ڳوٺ حاجي مولودي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com