سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1983ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جنوري 1983ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارؤ،

جنوري 1983ع جو پرچو اوهان جي آڏو آهي، گل ڦل جو ايڊيٽر مسٽر انور هالائي ڪافي وقت کان بيمار رهيو آهي، ان ڪري رسالو دير سان نڪرندو رهيو. هاڻي هالائي صاحب ڪجهه مهينن لاءِ موڪل تي ويو آهي ۽ گل ڦل جي اشاعت جوڪم مون کي سونپيو ويو آهي.

مون سان هن ڪم ۾ سائين غلام رباني آگرو، سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، جيڪو اڳ ۾ گل ڦل جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. مددگار آهي. اميد ته اسان رسالو توهان جي ڏانءُ وٽان ڪڍندايس. اوهان کي جيڪي رايا ۽ مشورا ڏيڻا هجن سي موڪلي ڏيو. هن پرچي ۾ ڪئلينڊر 1983 جو شامل آهي، جنهن جي ڪا قيمت ڪانهي اميد ته اوهان کي پسند ايندو.

هن پرچي ۾ ٿورڙيون تبديليون ۽ نوان سلسلا شروع ڪيا ويا آهن، جي اميد ته اوهان کي پسند ايندا آخر ۾ گل ڦل جي طرفان اوهان سڀني کي نئون سال مبارڪ هجي. ڌڻي در دعا آهي ته نئون سال اسان لاءِ خوشيون آڻي. سائين انور هالائي اوهان سڀني لاءِ سڪ ڀريا سلام موڪليا آهن.

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

لطيفي لات

لَهرن لک لباس پائي پسڻ هيڪڙو

اونهي تنهن عَميقَ جي واري ڇڏ و ماس

جِت ناهِه نهايت نينهن جي. کوءِ ات پنهنجي کاس

تڙن جي تلاس، لاهه ته لالن لڳ ٿئين.

(شاهه)

هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ سر سهڻي جي داستان ٽئين جو ٻيو بيت آهي

سمجهاڻي:

لَهرن کي لکين روپ ۽ ويس آهي پر اتي پاڻي ڏسڻ ۾ هڪ جهڙو آهي، انهيءَ اونهي سمنڊ جي باري ۾ سوچ ئي نه ڇو ته جتي محبت جي ڪا حد ئي ڪانهي. تتي تون پنهنجي سموري خواهش نابود ڪري ڇڏ سلامتيءَ وارن هنڌن جي تلاش ڇڏي ڏي ته محبوب جي ويجهو ٿين.

معنيٰ:

لباس= ويس روپ. عميق= اونهو سمنڊ. واري = دل لان لاهي ڇڏ. وماس= خيال ويچار. کاس= خواهش. لڳ = پرين جي ويجهو. تلاس* تلاش.

ابن لائق سومرو

ديس جا ٻار

منهنجي ديس جا مٺڙا ٻار

مٺڙا ٻار ۽ سهڻا ٻار.

ٻاتائي هو ٻول ٻولن ٿا،

مکڙين وانگر هو مرڪن ٿا،

آهن سنڌڙي جا سينگار،

منهنجي ديس جا مٺڙا ٻار.

جتي نينهن لائين نڀاهي به ڄاڻن،

ڌارين آڏو سر هي جهڪائي نه ڄاڻن،

آهي اهو سڀني جو قول قرار،

منهنجي ديس جا مٺڙا ٻار.

علامي جا زنجير ٽوڙي ڇڏيندا،

دشمن هو رُخ جو موڙي ڇڏيندا،

بيهندا ٿي ڄڻ هو شيهي جي ديوار،

منهنجي ديس جا مٺڙا ٻار.

جهالت جا دروازا ڇڏينداسين ٽوڙي،

علم جا شمعدان ڇڏيندا سي کوڙي،

آهين سي ئي مانجهي ۽ مڻيادار،

منهنجي ديس جا مٺاڙا ٻار.

ماستر حبيب اللہ حبيب

نظم

ٻارو! پاڻ ۾ گڏجي رهجو،

ڪينو ڪپت سڀ دل مان ڪڍجو

ڪين اڪيلو ڪنهن کي ڇڏجو،

سڀڪنهن سور کي گڏجي سهجو.

ڳالهه وڏن جي هر ڪا مڃجو،

تن جي ادب ۾ هر دم رهجو.

ڪنهن جو عيب نه ڳولي ڪڍجو،

ڪڏهن خراب نه ڪنهن کي چئجو.

ڏاهپ ڏاڍي قابو جهلجو،

وات مان بڇڙو لفظ نه ڪڍجو.

پاڻ ۾ مٺ محبت سان رهجو،

ڪاوڙجو ته به جلدي ٺهجو.

اسڪول ڏي ڏاڍيءَ حب مان هلجو،

گڏجي وڃجو، گڏجي اچجو.

ڏاڍي شوق سان لکجو پڙهجو،

جيئن جڳ ۾ وڏا ماڻهو سڏجو.

ماستر جي ڳالهه ڏئي ڪن ٻڌجو،

اهڙي طرح سان اڳتي وڌجو.

هوندراج بلواڻي

اسڪول ٿو وڃان

امان وڃان ٿو مان اسڪول،

پڙهڻ وڃان ٿو مان اسڪول.

ٻار سٺو مان آهيان سڀ کان،

تکو پڙهڻ ۾ آهيان سڀ کان.

ڪونه گسايان مان اسڪول- امان،

ڏاهو آهيان لکان پڙهان ٿو.

هڪ جيڏن سان گهمڻ وڃان ٿو،

روز وڃان ٿو مان اسڪول- امان،

جلدي ڪري ڏي پائلي ڏي،

مون کي خرچي پائلي ڏي.

شيءِ کائيندس مان اسڪول- امان،

چاچو مون کي خوب پڙهائي.

بابا مون کي ڏاڍو چاهي،

ڇو ته وڃان ٿو مان اسڪول، امان.

مان دنيا کي پيار ڪريان ٿو،

پڙهائي ۾ چاهه رکان ٿو.

گهر ٿو ڀانيان مان اسڪول امان.

 

عبدالستار عابد

لولي

لولي ڏيان پنهنجي لعل کي

جنهن جي جيءَ ۾ جوڀن

لعل ته منهنجو لکان جو مٽ

ڪونه ڀانئيان ڪنهن کان جو گهٽ

آهي سوڀو سهڻن ۾ سهڻو

جنهن جي ٻولن ۾ ماڻڪ من

لولي ڏيان پنهنجي لعل کي

جنهن جي جيءَ ۾ جوڀن

دودو دلاور آهي منهنجو لعل

جنهن جو چهرو سانول آهي سهڻو

من ڇڪيندڙ ۽ دل موهيندڙ

لعل منهنجي ۾ لڄ عزت آهي شرم

لولي ڏيان پنهنجي لعل کي

جنهن جي جيءَ ۾ جوڀن

ننڍڙن هڪ جيڏن سان تون ڪر پيار

نيڻ نماڻا تنهنجا آهين پٽڙا

سڀ ٿا چاهن توکي ننڍڙا پٽڙا

ڪنهن سان نه ڪر تڪرار

لولي ڏيان پنهنجي لعل کي

جنهن جي جيءَ ۾ جوڀن

مختيار گهمرو

سنڌو ڪناري

انگ اگهاڙا ميرا سيرا

ڪڪڙن اڻڀن وارن وارا.

ڪينجهر ڪپ تي منڇر ڍنڍ تي،

سنڌو ڪناري ٻالڪ پيارا.

ٿڙڪي سرديءَ منجهه گذران،

گوڏ گنجيءَ ۾ سخت سيارو.

گرميءَ ۾ ٿا ٽڙڪن ويٺا،

ڄڻ ٿا اڀ ۾ چمڪن تارا.

بک ٿي بر ۾ ويلا ٽارن،

ڌڻي سهاري رهن ويچارا.

ڪي ٿا زر سان رانديون کيڏن،

زردارن جا ٻار سگهارا.

ڇا هي ديس جا وارث ناهن؟

آهن جيجل جا هي تارا.
 

امين ٿيٻو

موٽر سائيڪل

 

چاچا شهر مان آندو نيارو،

موٽر سائيڪل منهنجو پيارو.

 

هن ۾ ناهي پوندو تيل،

۽ نه وري ڪو برقي سيل.

 

چاٻي ڏيڻ سان ڊوڙي ٿو،

وهه وا ڏاڍو تيز ڀڄي ٿو.

 

هاڻ نه آءٌ بيهاريندس،

توکي مور نه ويهاريندس.

 

تون به چئو، پنهنجي چاچا کي،

ته’موٽر سائيڪل آڻي ڏي.‘

 

محمد يعقوب محمد يوسف

پاڻ سڳورن جوننڍپڻ

محبوب خدا محمد مصطفيٰ صلعم جن 12 ربيع الاول 571ع تي سومر ڏينهن عربستان جي مشهور شهر مڪه معظمه ۾ ڄاوا هئا. سندن والد بزرگوار جونالو عبداللہ والده محترمه جو نالو بيبي آمنه هو، پاڻ يتيم پيدا ٿيا هئا. ۽ سندن چاچي ابوطالب پرورش ڪئي هئي. جنهن جو ساڻن ڏاڍو پيار هوندو هو. ابوطالب طرفان پاڻ سڳورن جي آسائش ۽ آرام تي پڻ هميشہ خاص ڌيان ڏيڻ ۾ ايندو هو.

حضور جن جو چاچو ابوطالب سوداگر هو. جنهنڪري پنهنجي ڪاروباري جي سلسلي ۾ ان کي ٻين ملڪن ڏانهن پڻ وڃڻو پوندو هو، پاڻ سڳورن کي به اهڙي مسافري تي وٺي ويو هو. پر ان وقت تجارتي ڪمن سان دلچسپي نه هئڻ سبب پاڻ سڳورا اڌ واٽ تان موٽي آيا هئا.

ننڍپڻ ۾ پاڻ سڳورا پنهنجي ملڪي رواج موجب ٻڪرين جو ڌڻ وٺي جهنگ ۾ ويندا هئا. ان زماني ۾ عربستان ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪو عام رواج ڪو نه هوندو هو. ان ڪري پاڻ سڳورا پڻ ننڍي وهي ۾ ڪٿي ڪونه پڙهيا. ان وقت عربستان جي ماڻهن ۾ گهرو لڙائي، ڏاڍي هوندي هئي. ننڍين ننڍين ڳالهين تان قبيلن جا قبيلا پاڻ ۾ وڙهندا هئا ۽ پاڻ سڳورن کي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي ماڻهن جو هي حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. ۽ هميشہ هن خيالن ۽ فڪر ۾ هوندا هئا ته ڪهڙي طريقي سان هنن ماڻهن مان ههڙي قسم جا خيال ختم ڪيا وڃن ۽ انهن ۾ جي عرصي کان خراب عادتون گهر ڪري ويون آهن. تن کي تڙي ٻاهر ڪڍجي هڪ دفعي پاڻ سڳورن کي پڻ هڪ اهڙي قسم جي گهرو لڙائي ۾ شامل ٿيڻ جو اتفاق ٿيو هو. جنهن ۾ سندن ڪٽنب جا سڀئي ڀاتي شريڪ هئا. پر پاڻ سڳورن پنهنجي رحمدليءَ سبب ڪنهن تي به هٿ نه کنيو هو.

گهرو زندگي:

پاڻ سڳورن پنهنجي سموري زندگي نهايت سادگي سان گذاري ۽ عيش آرام کان پرهيز ڪندا هئا سندن گذر نهايت تنگيءَ سان ٿيندو هو ايتري قدر جو ڪيترائي ڏينهن سندن گهر ۾ باهه ڪانه ٻرندي هئي. پاڻ سڳورن کي انهيءَ غريبي تي فخر هوندو هو.

جڏهن سارو عربستان اسلام جي نور سان روشن ٿي ويو ۽ اسلامي حڪومت جو بنياد پيو. ۽ ان جي بيت المال ۾ پئسا اناج ۽ ٻيو ضروريات زندگيءَ جون بي شمار چيزون اچي گڏ ٿيون، تڏهن به پاڻ سڳورن کي مٿان پائڻ يا کٽ تي وڇائڻ لاءِ ڪا چادر ڪانه هوندي هئي ۽ هميشہ پاڻ تڏي تي سمهندا هئا. حضرت عائشه صديقه فرمائي ٿي ته: پاڻ سڳورن مدينه منوره جي زندگيءَ ۾ به ڪنهن ڏينهن به وقت تي ڍءُ ڪري ماني ڪانه کاڌي، پاڻ سڳورن جي لاڏلي ڌي حضرت بيبي فاطمہ جن جي به اهائي حالت هوندي هئي، هڪ دفعي پاڻ سڳورا ڪيترن ڏينهن جا بکايل هئا ۽ جيئن گهر کان ٻاهر تشريف وٺي آيا ته ساڻن حضرت ابوبڪر صديق ملي وين، جيڪي پڻ ڪيترن ڏينهن کان بک تي هئا. پاڻ سڳورن حضرت ابوبڪر کي ساڻ ڪري پنهنجي اصحابي حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر آيا. جنهن کاڌو تيار ڪرائي آڻي سندن اڳيان حاضر ڪيو. جنهن تي پاڻ سڳورن گيس فرمايو ته ڪجهه حضرت بيبي فاطمه جي گھر به موڪليو جنهن کي به ڪيترن ڏينهن کان کاڌو نصيب ڪونه ٿيو آهي. هيءَ هئي سندن زندگي. سندن ڪپڙن کي چتيون لڳل هونديون هيون ۽ پنهنجو ڪم پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا، ڪيترائي اصرابي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ چوندا هئا، پر پاڻ سڳورن ڪنهن کي به تڪليف ڏيڻ پسند نه ڪئي .

پاڻ سڳورن جا اخلاق:

قرآن شريف ۾ خداوند ڪريم پاڻ سڳورن جي اخلاق جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. رحمدلي ته سندس خاص گڻ هوندو هو. ڪڏهن نه ڪنهن تي سختي ڪيائون ۽ نه ڪڏهن ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايائون. پاڻ سڳورا هميشہ پاڪ ۽ صاف رهندا هئا. مصيبت جي وقت ۾ صبر سان گذريندا هئا ۽ پاڻ سڳورا وڏن جي عزت ڪندا هئا ۽ ننڍن سان شفقت سان پيش ايندا هئا ۽ محتاجن جي سار لهندا هئا، پنهنجن اصحابن کي به چوندا هئا ته محتاجن جي مدد ڪريو ته خدا اوهان تي راضي رهندو.

سچائي ۽ ايمانداري:

پاڻ سڳورا سچ چوندا هئا ۽ سچ ڳالهائيندا هئا. جنهن سبب عربستان جا ماڻهو کين نبوت ملڻ کان اڳيئي، (صديق) ۽ امين جي لقب سان ياد ڪندا هئا. پاڻ سڳورا هميشہ فرمائيندا هئا ته: ”سچ چئو پوءِ کڻي.“ اوهان جي خلاف ڇو نه هجي.“ ان سان گڏ هيئن به فرمايو اٿن ته ”هميشہ سچ چوندا رهو، پوءِ ڇو نه اهو ٻين کي خراب لڳي پر سچ چوندا رهو، ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڏينهن حضور صلعم جن وٽ هڪ شخص آيو، جنهن اچي عرض ڪيو ته ”سائين، مون کي اسلام ۾ اچڻ جو ڏاڍو شوق آهي. پر مون ۾ گهڻيون خراب عادتون آهن جي آئون ڇڏي نٿو سگهان“ پاڻ ڪريم جن فرمايو ته ”توکي انهن سڀني ڳالهين جي اجازت آهي. پر هڪڙي ڳالهه کان پاسو ڪجانءِ اها آهي ته ڪوڙ مور نه ڳالهائجان ۽ هميشہ سچ ڳالهائيندو رهجانءِ. باقي جيڪو وڻيئي سو ڪجانءِ.“ ان شخص اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ گهر هليو آيو. رات جو جنهن به برائي لاءِ سوچيائين ٿي ته ذهن ۾ اها ڳالهه ٿي آيس ته ڪنهن پڇيو ته سچ ٻڌائيندس ان ڪري ڦاسي پوندس سڄي رات سوچيندو رهيو ۽ پوءِ سڀني براين کان توبهه ڪيائين.

پيارا ٻارؤ، حضور صلعم جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪريو ۽ هميشہ سچ ڳالهائيندا رهو!

ايم سي ڄامڙو

شادي

گُڏي گُڏي جي شاديءَ جو اهتمام ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڪيو ويو هو. چؤطرف بانسرين جا گيت گونجي رهيا هئا مهمان هيٺ گلم تي ويٺل هئا.

حميده ۽ اختر جي خوشيءَ جي حد ڪانه هئي، هنن جو گُڏو هو ۽ نعيم ۽ سلميٰ جي گُڏي هئي. شاديءَ جي رسم شروع ٿيڻ کان اڳ مهمانن ۾ (گهوٽيتن جي طرفان) شربت ورهايو ويو. نقل ۽ ريوڙيون ورهائڻ لاءِ رکيو هيون. نعيم ڪجهه مايوس هو، سوچي پيو ته هن جا 32 رپيه پاڻي ۾..“

نعيم ان موقعي تي گُڏي جي هڪ جنگهه ڀڃي وڌي ۽ چيائين ته هيءَ شادي نه ٿيندي اسان لال ڪنوار هن منڊي کي نه ڏينداسون. حميده هن جي اها حرڪت چڱيءَ دير کان ڏني هئي ۽ حميده کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ سلميٰ کان گُڏي کسي ڄنگهون ٻانهون مروڙي ڀڃي ڇڏيون.

نعيم ڏنو ته هن جي گُڏي ٽُنڊي منڊي ٿي وئي آهي. تنهنڪري نعيم حميده کان گُڏو کسي مُنڊي کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو وڏو هنگامو اچي بربا ٿيو. ڪجهه مهمان اٿي ڀڳا ته ڪي وري جهيڙي ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ اٿيا. اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ هڪ ڳالهه تي صلح ٿيو ته ”اسان جو فيصلو عدالت ڪندي.“

ٻئي ڏينهن حميده اختر (8 سالن جو وڪيل) ۽ نعيم  فيصلي لاءِ ”ماڊرن ٻاراڻي- سپريم ڪورٽ“ ۾ گڏ ٿيا.

جج (جنهن جي عمر 12 سال هئي) هڪ گول وڏي ميز جي ڀرسان هڪ ڪرسي ٿي ويٺو هو.

سموري عدالت جو نظام صاف سٿرو هو گول ميز جي هڪ پاسي هڪ ٽيم هئي ۽ ٻئي طرف ٻي ٽيم... جج صاحب پهريائين ٻنهي وڪيلن جي حقيقت معلوم ڪئي، حميده ۽ اختر کان پڇا ڪرائڻ لاءِ هن کي اشارو ڪيو ته حميده هڪدم وڄ وانگر چمڪي چيو ته ”جناب جج صاحب اسان کي ملزم نه ڪوٺيو وڃي اسان مظلوم آهيون، هنن اسان جي گُڏيءَ جي ڄنگهه ۽ سر ڀڳو آهي، اسان ان جو انصاف اوهان کان گهرون ٿا.“ جج صاحب ڪنڌ ڌوڻيو، سلميٰ نعيم کي سواليه نگاهه سان ڏسندي چيو ته ”اوهان پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه ..“ اڃا جج صاحب سوال پوروئي مس ڪيو ته سلميٰ چيو ته اسان مڃيون ٿا ته اسان پهرين هنن جي گڏي جون ڄنگهون ٻانهون ٽوڙي ڇڏيون ۽..“ جناب جج صاحب سلميٰ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي ٿي هنن اختر ۽حميده جي گڏي جي نه فقط ڄنگهه پر سِر ”مٿو“ به ڀڃي ڇڏيو آهي.“ نعيم ۽ سلمي ڪنڌ ڌوڻيو. چؤ طرف واهه واهه ٿي وئي.

جج صاحب ”آرڊر آرڊر“ جو آواز ڏيڻ سان گڏو گڏ ميز تي هٿوڙي جو آواز پئي ڪڍيو.

سموري ڪورٽ ۾ موت جهڙي خاموشي ٿي وئي.

جج: حميده- اختر ڏانهن منهن ڪري چيو ته اڃا ڪجهه توهان کي چوڻو آهي، جواب نه ملڻ تي هن نعيم ۽ سلميٰ ڏانهن اشارو ڪري چيو ته اوهان کي ڪجهه ..“ جج پوءِ ٻنهي وڪلين کان گُڏو گُڏي (ڀڳل) ورتا. هن گڏي جا ٽڪرا ڳڻيا 9 ٽڪرا ٿيا، ور هن گُڏيءَ جا ٽڪرا ڳڻيا ته 21 ٽڪرا هئا. هن انهن جو تعداد هڪ پني تي لکيو ۽ ٻنهي وڪلين کي مخاطب ٿي چيو ”ته تنهن ڪري ٻنهي ٽيمن کي جرمانو ڏيڻو پوندو.“

جيئن ته گُڏي جا 21 ٽڪرا آهن تنهن ڪري حميده ۽ اختره  کي 21 رپيا ڏيڻا پوندا ۽ گُڏي جا 9 ٽڪرا آهن تنهن ڪري نعيم ۽ سلميٰ جن کي 9 رپيا ڏيڻا پوندا. ٻنهي ٽيمن جرمانو جج کي ادا ڪيو.

جج اهي پئسا وٺي هڪ شخص کي ڏنا ۽ ڪجهه چيو، هو هليو ويو، ٿوري دير بعد هن جي هٿ ۾ 15-15 رپين وارا- گُڏي گُڏو هئا. عدالت ٻنهي جي شادي ڪرائي ۽ گهر موٽي اچي هڪ دفعو ٻيهر مهمان ڪٺا ٿيا ۽ ڌام ڌوم سان گڏي جي رخستي ڪئي وئي.

غلط کي غلط

علامه اقبال هڪ ڀيري صورتخطي لکندي غلط کي غلت ڪري لکيو، ط جي جاءِ ت لکيائين.

استاد چيس ”غلط هميشہ ط سان لکجي، علامه ٺهه پهه چيو. استاد سائين غلط کي غلط ئي لکجي ته سٺو.

الهڏتو امر وگهيو

ٻاراڻي حرڪت

منهنجو اياز جڏهن روئندو آهي. ته کيس چوندو آهيا. ”چپ ڪر بابلا! هو ڏس ٻلي ٿي اچئي، کائي ويندئي!“ ٻليءَ جو نالو ٻڌي يڪدم کڻي اکيون هٿن سان پوريندو آهي، روئڻ ته اتي ئي وسري ويندو اٿس.

پر هونئين به اياز ڪڏهن روئيندو ڪونهي هميشہ پيو کلندو ڪڏندو آهي، اصل اهڙو شيطان آهي جو ڪنهن جي ڳالهه مڃيندوئي ڪونهي تمام ضدي آهي، ماءُ کان به ڪونه ڊڄي، البت مون کان ٿورو ڊڄندو آهي. باقي ماءُ کي ليکي ئي ڪونه!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com