وڌيڪ اسٽوڊنٽ، پرڪاش، نيازمانه، سجاڳي، فتح، آواز حق، ڍنڍورو،
ائٽم بم، هنٽر، گروگهنٽال، ٽالپر،ڊيلي سنڌ نيوز
حيدرآباد مان؛ حزب الله، سفينه عرب بدين مان؛ دعوت
اسلام، شمشير، انقلاب سکر مان؛ ناظم، تنظيم
شڪارپور مان؛ ٿرگزيٽ، الفقراءَ، همدرد ميرپور خاص
مان؛ الحيدر ٺٽي مان؛ دادو گزيٽ دادوءَ مان؛
لاڙڪاڻو گزيٽ لاڙڪاڻي مان؛ لاڙگزيٽ ٽنڊي باگي مان؛
آزاد، مجاهد جيڪب آباد مان ۽ سنڌ مسلم، آواز سنڌ،
الحق ۽ آئينون نوابشاهه مان ٿي نڪتيون.
ٽندي الهيار جون اخبارون
رهبر زميندار |
هفتيوار |
ٽنڊوالهيار |
1936ع |
مراد علي ”مراد“ صوفي |
رهبر |
” |
” |
1938ع |
” |
خوبصورت دنيا (رسالو) |
ماهوار |
” |
1945ع |
ڀڳوانداس راگهاڻي |
ٽنڊوالهيار گزيٽ |
هفتيوار |
” |
1945ع |
” |
تاج پاڪستان |
” |
” |
1948ع |
عبدالڪريم سعدي ۽ محمد عمر بلوچ |
الهلال |
” |
” |
1950ع |
حاجي محمد صادق ۽ عبدالڪريم سعدي |
صوفي گزيٽ |
” |
بڪيرا |
1951ع |
گل محمد ”آزاد“ صوفي |
انجيڪشن |
” |
ٽنڊوالهيار |
1952ع |
حڪيم محمد عرس صوفي |
اليڪشن |
” |
” |
1952ع |
ولي محمد طاهر زاده |
العزت |
” |
” |
1952ع |
عزت خان بلوچ |
رند |
” |
” |
1952ع |
حاجي خان رند |
آزاد وطن |
” |
” |
1952ع |
محمد عثمان ميمڻ |
اعلان |
” |
” |
1952ع |
حاجي نورمحمد بچاڻي |
شاهين (اردو) |
” |
” |
1952ع |
حڪيم عبدالغني |
شرافت |
” |
” |
1953ع |
حاجي خان رند |
زمانه |
” |
” |
1955ع |
حڪيم محمد عرس صوفي |
اسٽوڊنٽ وائيس |
” |
” |
1958ع |
بادل مينگهواڙ (شاگرد) |
مظهر (هلندڙ) |
ماهوار |
” |
1963ع |
حڪيم محمد عرس صوفي |
|