سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

 

صفحو :12

 

مير عبدالرسول ”مير“

 

بيت

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، اُٿي اکڙيون کول،

ٻولَ اُهي ئي ٻولِ، هوشوءَ وارا هيجَ مان.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، اُٿي ڪر اعلانُ،

ته متان ڪو مَروان، سينو ساهي سنڌ سان.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، اُٿي اي انسان،

ڪر عليٰ الاعلان، ته سوڀيا آهي سَچَ جي.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، ٻولي ٻي وسار،

توکي ساري سنڌڙي، سنڌڙيءَ کي تون سارِ،

ٻيهر وائي وار، دولهه دريا خان جي.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، ڏوري ڏس ڏونگر،

اوچو کڻي ڪَر، ڪاهه، ته رَسين ڪيچَ کي.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، وجهه تون اهڙي وِکَ،

”مير“ ڏهوڻي ڏاڍ کي، ڏوران ڏسجي ڏِکَ،

تابَ سندءِ جي تِکَ، ڏڪڻي ڏاڍن ۾ وجهي!

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، سورهيه! ٿيءُ سُڌيرُ،

تون ئي مانجهي ”ميرُ“، تون ئي دولهه ديس جو.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، سورهيه! ٿيءُ سجاڳ،

نيٺ ته ملندو ماڳُ، سوڀيا ٿيندي سَچَ جي.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، پاءِ پروڙي پيرُ،

تون ئي مرد مٿير، تون ئي سوڀيا سنڌ جي.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، اوري هلي اَچُ،

ٻيو سڀ ڪورو ڪَچُ، سَچَ سوا سنسار ۾.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، وکن کي وداءِ،

وڌندي ئي ورناءِ، سڏڙا سُڻي سنڌ جا.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، اُٿي اوري آءُ،

مَرڪي توکي ماءُ، جايون ڏئي جيءَ ۾.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، ڇڏ تون ٻي ٻولي،

جيجل جي جهولي، جايون جوڙئي جيءَ ۾.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، سوڀون ماڻي آءُ،

مَرڪي، مُرڪي ماءُ، اُٿي ڪري آجيان.

 

ساڃهه رکي سَچَ جي، اوري اَچي ٿيءُ،

جيجل چوي ”جيءُ“، ٻولي توکي ٻاجهه مان.

·

 

سونهن به ساڳي سومرا، پونم جهڙا پارَ،

ڀانيان ڳٽ ڳچيءَ جا، هيرن سندا هارَ،

 

سونهان ٿي سنسار ۾، سوا ڪنهن سينگارَ،

مون ۾ مهڪ ملير جي، مون ۾ مينگهه ملهارَ،

 

منهنجي ”مير“ سرير ۾، برسي بوند بهارَ،

پَلُ پَلُ منهنجو پارسا، جهڙا لال ليارَ،

 

جهانگيئڙن جا جيءَ ۾، جوڙيا مون جنسار،

اِهي ئي اسرارَ، آهن منهنجي سونهن جا.

 

سونهن به ساڳي سومرا، مون مَنِ ساڳيو ديس،

ويڙهيچن جو ويسُ، لڱئون مور نه لاهيان.

 

سونهن به ساڳي سومرا، مون من ساڳيو ڏيهه،

سهڻو جئن ساڻيهه، مون ائن جرڪي جندڙي.

 

سونهن به ساڳي سومرا، اُجري جئن ڪا باکَ،

سانگيئڙن جي ساک، جهڙي آيس، آهيان.

 

سونهن به ساڳي سومرا، جيئن ڪا برکا رُت،

جهڙي هيس هُتِ، هِتِ به اهڙي آهيان.

 

سونهن به ساڳي سومرا، ساڳي آهيان آءُ،

نڪا مَٽي مارئي، نڪي مٽيو نانءٌ،

توڙي هيڻو هانءٌ، توڙي جهوري جيءَ ۾.

 

سونهن به ساڳي سومرا، پوترَ پاڻي جيئن،

آنءٌ پڻ آهيان ائين، پلُ پلُ منهنجو پارسا.

 

سونهن به ساڳي سومرا، ميرو ناهي مُنهن،

سانگيئڙن جو سُنهن، جهڙي آيس، آهيان.

 

سونهن به ساڳي سومرا، ووءِ! مٽيان ڇو ويس،

دوري، سنديءَ ديس، اڳ کان ڪيو اُجرو.

 

سونهن به ساڳي سومرا، ناهي مَٽيو نانءُ،

جهڙي آيس آنءُ، اهڙي اُجري آهيان.

 

سونهن به ساڳي سومرا، مشڪ کٿوري کوءِ،

جهڙي منهنجي لوءِ، آنءُ پڻ اهڙي آهيان.

 

سونهن به ساڳي سومرا، مرڪي ڪنديس موٽَ،

ڀلي مٿان ڀونءِ جي، اوچا ڪر تون ڪوٽَ،

آنءُ اڃا اِن اوٽ، سرس لڳان پئي سونهن ۾.

 

سونهن به ساڳي سومرا، توڙي جُسو جهور،

سونهان سرس سماج ۾، ڪيم ڪونه قصور،

وينديس ”مير“ ضرور، لَڄَ بچائي لوءِ جي.

 

·

 

مارن ڌاران مارئي، ٿَرُ بنا برسات،

ياڪا ”مير“ حيات، پوري ڪنهن جي پيار کان.

 

مارن ڌاران مارئي، مَڇي جَرَ بن جيئن،

يا هوءَ آهي ائين، ڪونج وڳر بن ڪوهه ۾.

 

مارن ڌاران مارئي، آهي عُمَر! اِيءَ،

جيئن ڪا ڄاول ڌيءَ، ڇٺيءَ مَهَندان ڇورڙي،

 

پُڄان مان پيادي، ڇانگون ڇيلن جون جتي،

اَلا! آزادي، نِڌر شالَ نصيب ٿئي.

 

سانوڻ ساري جيئن سَرچايو ساڻيهه کي،

اَديون! مون پڻ ائين، سانگيئڙن کي ساريو.

 

مور نه سڏبي مارئي، جنهن جي مَنَ ۾ مير،

ڀانءِ نه جنهن ۾ ڀيرُ، سائي سڏبي مارئي.

 

ڀوري ”مير“ ڀَرم جُسو جي جَرڪائيان،

هُتي منجهه مَرَمَ، مارو سڀ مَري وڃن!

 

·

 

مينڍا مَرُ موڙائيا، ڏتَ نه مون کي ڏانءُ،

توڙي هينئڙو هول ۾، توڙي هيڪل هانءُ،

پوءِ به آهيان آنءُ، اَڄ به اُهائي مارئي.

 

مُڪو ماروئڙن، سنيهو ساڻيهه مان،

ڏنو نياپو نينهن جو، هلي هوائن،

ولهيءَ ٿيندا واهرو، توڙي ڪونڌ ڪُسن،

جُسو جنجيرن، ڪڏهن رهندو ڪينڪي.

 

حبيب الله صديقي

 

غزل

 

مانجهي مُڙس تري اوڀارو،

باقي لوڪ لڙهي لهوارو.

 

دُولهه دريا خان علامت،

جنرل هوشو ساکارو.

 

ديسن ۾ هي ديس اسان جو،

لوڪان لوڪ رهيو هاڪارو.

 

وستي بَستي ساک ڀري ٿي،

هِت ڪو رهندو هو پاڳارو.

 

وقت ڦرڻ سان راڄ ڦِريو آ،

پنهنجن جو آ پنهنجو مارو.

 

پيرن هيٺان ڌرتي سُرڪي،

سِرڙَن تي سِرڻين لامارو.

 

ماروئڙن وٽ سَوڙَ نه سُئيٽر،

ٻاهر پوههُ، پوي ٿو پارو.

 

ڀاڳ اُنهن جو ڪڏهن ته ورندو،

جوڳي هڻ ڪو هٿ جو ڍارو.

 

ڀوتارن جي در تي گاڏيون،

لانڍ لڳل لانسر پيجارو.

 

هر ڪو وڄائي ويندو، يارو،

پنهنجو پنهنجو وارو وارو!

 

رنبجي فصل ’حبيب‘ ته ٻيهر،

ڦٽندو نهور ٿي ٻيجارو.

 

غزل

 

وحد ڪجي، وجدان ڪجي، حيرت کي حيرانُ ڪجي،

ليکو چوکو تَرڪ ڪري، مسڪيني گذارنُ ڪجي.

 

ياري باشي ساٿُ مگر، يار به ڪو اِنسانُ ڪجي،

ميڙي چونڊي بارُ مٿان، دانُ ڪجي جيدانُ ڪجي.

 

پهچڻ جي نه ڪا جاءِ جتي، گوءِ ڪجي ميدانُ ڪجي،

مسجد ٺاهي مندر ٺاهي، ميخانو ويرانُ ڪجي.

 

ڌَن دولت گهپي ڪِلڪلِ، گوڙ ڪجي گهمسان ڪجي،

هي ڇا جو دل وارن تي جاري ڪو فرمان ڪجي.

 

بوتي کي بيجان ڪري، وصل سندو سامان ڪجي،

سڀ ويڄ ’حبيب‘ اجايا، عشق ڪجي درمان ڪجي!

 

بيدل مسرور

 

غزل

 

اوهان جا ته آهن ڀلا ڀاڳ پيارا،

تڏهن ڀي ٿا گهرجن اوهان کي سهارا.

 

انهن ڏي نهاريو، جنين وٽ نه آهن،

نه گاڏي نه نوڪر نه گهر جا گذارا.

 

اوهان کي خدا خاص ڏنيون ٻه ڪارون،

انهن کي ڏسو جي هلن پنڌ پيارا.

 

اوهان جا هي بنگلا، هي نوڪر ۽ چاڪر،

اوهان کي ئي نيبهه هجن – پر، خدارا.

 

اوهان جون ڏهي آڱريون گيهه ۾ هن،

گهڻن جي ته اولاد وٽ هن ٻُهارا.

 

ڪروڙن جا بنگلا رکو ٿا تڏهن ڀي،

پلاٽن جي پويان ڊڪو ٿا اي پيارا!

 

عوامي ڀلائي جا انعام ورتوَ،

مگر پوءِ به ماڻهن کان آهن ڪنارا!

 

نظم

 

غلط سلط لفظن آڌار،

منهنجي شاعريءَ جي ڀرمار.

 

مان راتين جون راتيون سوچيان،

توڙي ڏينهن سمورو لوچيان،

پوءِ به نه پايان-

پنهنجي سوچن جو سنسار.

 

۽ تون ڪجهه به لکڻ جي چاهين،

ڏات ڏانءَ سان لفظ سجائين،

پل ۾ پائين،

پنهنجي جذبن جو اظهار.

 

جڏهن شاعري تنهنجي ڇپبي،

پڙهندڙ، تڏهين اٿندو ڇرڪي،

پوندو جرڪي،

ادبي کيتر جو جنسار.

 

چاهت ڪَرَ جا تو ۾ موڙي،

ساڀيا ماڻي، سپنا جوڙي،

مون کي موڙي،

ڪري تو حاصل ورتو پيار.

 

مايا راهي

 

ڏينهن

 

·  صبح جو

هنڌ ڇڏڻ کان وٺي

شام جو

هنڌ ۾ پاڻ سَٽڻ تائين

جو ڏينهن هوندو آهي

سو ڏينهن کان

ڪافي وڏو هوندو آهي!

·  رات جو

هنڌ ۾ ڊهڻ کان وٺي

صبح جو اُٿڻ تائين

جا رات هوندي آهي

سا رات کان

ڪافي ننڍي هوندي آهي!

·  اهڙي طرح

وڌندڙ ڏينهن جي هڻ پَٽ

۽

گهٽجندڙ رات جي آرام

زندگيءَ کي

وقت کان اڳ

ختم ڪرڻ جي سٽ سِٽي آهي.

·  صبح جو اُٿڻ وقت

مان پاڻ کي

سُمهڻ جي وقت کان

وڌيڪ ۽ وڌيڪ

ٿڪل محسوس ڪندي آهيان

۽

ڏينهن جي ترشول تي

منهنجو جسم لٽڪي

رات تائين

رت ڳاڙيندو رهندو آهي!

 

ڪرشن راهي

غزل

 

رنگ چهري تان ائين لهندو ويو،

آئيني مان عڪس ڀي کڻندو ويو.

گهر نئون منهنجو ته هو ٺهندو ويو،

پر پراڻو گهر به هو ڊهندو ويو.

مان بِهي رستي تي سوچيان پيو اَڃا،

رستو مون کي طيءَ ڪري هلندو ويو!

موسمون وَر وَر ڪري آيون ويون،

جهاڙ پَن پَن ٿي مگر جَهڙندو ويو.

ڪنهن کي قسمت هو نشاني تي رکيو،

جنهن کي پٿر هو اُهو هڻندو ويو.

ننڊ ۾ ڪو جسم هو جَرڪڻ لڳو،

خواب ڪوئي کيس هو ڇُهندو ويو.

گفتگو تنهنجي ۽ منهنجي ٿي نه ڪا،

پر اکين سان آهه ڪو ٻُڌندو ويو.

 

غزل

 

ڪوئي اڳيان نه هو، نه پٺيان ئي هو ڪو رهيو،

رستو ئي هو جو مون سان فقط گڏجي پئي هليو.

پنهنجو وجود پاڻ کي ئي پئي لڳو ائين،

جاڳي به جئن ڪو ننڊ مان پئي ننڊ ۾ گهميو.

اوندهه ۾ ڀي جو پير کڄيو پئي سنئون سڌو،

ڪوئي چراغ هو جو اکين ۾ ئي پئي ٻريو.

چهري تي هو جو داغ، چٽو صاف پئي ڏٺو،

ميرو ئي سمجهي مون ٿي مگر آئينو اُگهيو!

مون وٽ ته هو جواب مگر جو سوال هو،

آڻي زبان تي به ڪڏهن تو نه هو پڇيو!

ڪو ڳوٺ ڪو شهر، ڪو وطن منهنجو ڀي هئو،

منهنجو ئي هوندي هاڻ جو منهنجو نه آرهيو.

منهنجي ادب جو حال جي مون کان پڇين ته ٻُڌ،

هر ڪنهن لکيو ٿي خوب مگر ڪنهن نه ٿي پڙهيو!

 

سوز هالائي

نظم

(لاپته ماڻهن جو ليک)

بادلو! او بادلو!

بادلو! او بادلو! ڪو ڏس ڏيو،

شهرِ جانان جو مون کي ڪو ڏس ڏيو،

مون ته ماڻهن کان گهڻو ئي آ پڇيو،

سو اوهان کان ئي پُڇڻ آهيان لڳو،

ڏس پتو گهرجيم ٿو ”ڪملا“ سندو،

يا وري اُن جي مها بابا سندو،

نانءُ ويرومل هيس، کتري هيو،

سنڌ جي هالا پراڻا شهر جي،

هُو کيماڻين جي گهٽيءَ ۾ ٿي رهيو،

نامور تعليمدان، اُستاد هو،

هن جي شخصيت جا حوالا ها گهڻا،

’ماسٽر‘ اُن جي سڃاڻپ ٿي ويو.

ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڻ هو ماستر،

مون ”ٽيون چوٿون“ اُتي ئي هوپڙهيو،

هم ڪلاسي مان به ”ڪملا“ جو ٿيس،

۽ اُتي جو ”مانيٽر“ پڻ ٿي رهيس،

اوچتو ڪي هجر جا گهوڙا اچي ويا،

جي کنڀي اُن کي کڻي ويا،

هُو به ڪنهن ”شرنارٿي“ جان ويو هليو،

دور ٻئي ڪنهن ديس ڏي، پرديس ڏي.

 

ستونجاهون سال ڀي گذري ويو،

پر اُن جو ڏس پَتو ڪوئي مليو،

اي هوائون پوربي! منهنجي مڃو،

 

نظم هي ڪنهن لاپته جو ليک آ،

ڪنهن ڊرامي جو ڏکارو ڏيک آ،

هٿ تريءَ تي ڀاڳ واري ريک آ،

عرض آ ”مهراڻ“ جي سرواڻ کي،

”سوجهرو“ واري کي آهي التجا،

۽ ”اَمرتا“ کي گذارش،

”ڪونج-ايڊيٽر“ کي آهي وينتي،

ليک هي جيئن آهه تيئن ڇاپي ڇڏن،

”آل انڊيا ريڊيو“ کي آ صدا،

”دور درشن“ کي به ساڳي وينتي،

ياد جي خوشبوءَ ڦهلائي ڇڏين،

عرض ”ڪي-ٽي-اين“ جي ”ماهين“ کي،

نظم هي ”شعرِ ستارا“ ۾ پڙهي،

’سوجهري‘، ’مهراڻ‘ جا،

’امرتا‘، ’ڪونج‘ جا

مانوارا او پيارا پاٺڪو!

”آل انڊيا ريڊيو“ جا لِسنرو!

”دور درشن“ جا سڀئي درشنورو!

(سنڌ) ڪي- ٽي – اين جا او دوستو!

جي اوهان کي آهه ڪوئي ڏس پتو،

”سوز“ کي ”هالين پراڻين“ موڪليو

هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو!

 

”مقصود“ گل

غزل

 

اندر ۾ ڪو عڪس اُتاري، جيئندي آ،

دلڙي منهنجي پيار پَناري، جيئندي آ.

 

نيڻ وسن ٿا، توکان ڌار ٿيان ٿو جي،

آب اکين مان هر هر هاري، جيئندي آ.

 

تاريخن ۾ جيڪي جيڪي عڪس مليا،

تن مان اُجرا عڪس اُجاري، جيئندي آ.

 

ڪنهن به ڏنو آ، جنهن به ڏنو آ، جيڪو سو،

دلڙي سڀ ڪو درد سنڀاري، جيئندي آ.

 

ارغوني اولاد اڃا ٿو اُلري پيو،

همٿ پوءِ به هانءُ نه هاري، جيندي آ.

 

ڀٽَ ڌڻيءَ کي اڄ به ملي ٿو زهر پيو،

پوءِ به سارا وهم وساري، جيئندي آ.

 

سنڌوءَ جي درياهه ۾ رڻ پٽ جاڳي پيو،

ڌڙڪي دلڙي سُڏڪا ساري، جيئندي آ.

 

ڦوڪن سان جو سج وِسائڻ چاهي ٿو

ٻهڪي اُن تي لعنت ٻاري، جيئندي آ.

 

سچل! تُنهنجي سوچ برابر سُرهي آ،

سُرها سُرها ساهه اُٿاري، جيئندي آ.

 

’گل‘ جي خوشبو آهه گهڙي کن جي لئه پر،

پوءِ به ڪيئي ساهه سنواري، جيئندي آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com