سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :12

“ ڪنهن به فني تخليق جو اصل صداقت جي ڇنڊ ڇاڻ، سچائيءَ کي پيش ڪرڻ، آهي.

”صداقت ۽ نيڪيءَ کي پيش ڪرڻ؛ اصليت کي پڌرو ڪرڻ؛ حقيقت کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ؛ بهتر زندگي گذارن لاءِ امنگ پيدا ڪرڻ، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جا وسيلا ويچارڻ؛ سماجي بڇڙاين کي ڌڪارڻ؛ ظلم ۽ ڏاڍائيءَ جي مقابلي لاءِ تياري ڪرڻ،؛ زندگيءَ کي حسين ۽ وڻندڙ بنائڻ؛ ۽ انهن مڙني مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، حسن جي تخليق ڪرڻ، زندگيءَ جا پسنديءَ جهڙا پاسا ڏيکارڻ، ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، هي سڀ ڪجهه صداقت، حسن ۽ نيڪيءَ جي تخليق آهي.

”پر صداقت ۽ نيڪي؛ حقيقت ۽ اصليت؛ اعليٰ زندگيءَ لاءِ امنگ ۽ بڇڙائين لاءِ ڌڪار؛ حسن، خير ۽ خوشي، وغيره_ مڙيئي چيزون پنهنجي سر پاڻ ڪن ازلي ۽ مطلق صفتن جون حامل نه آهن. بلڪه اهي سمورا مقصد، ”انساني لڳ لاڳاپي“  سان بنجن ۽ مقرر ٿين ٿا: ۽ اهي انسان لڳ لاڳاپا، ماحول ۽ ماحول جي مڙني جزن ۽ عنصرن ۽ شعور جي عمل ۽ در عمل مان ئي جڙن ٿا.

”جڏهن اسين عقل ۽ دليل سان ماحول جو تجزيو ڪريون ٿا، تڏهن زندگيءَ جي بنيادي مسئلن بابت پنهنجي ڪا راءِ قائم ڪرڻ ئي مقصد هوندو اٿئون... فني دنيا ۾ جيڪي نظريا (رايا) قائم ڪيا وڃن ٿا، اهي حقيقت ۾ زندگيءَ جي عام نظريي جا ئي پر توا هوندا آهن.“

_سعيد احمد رفيق

_ڏک ۽ ارهائي، سک ۽ سرهائي_ اهي ٻئي اهڙيون لازم ۽ ملزوم حقيقتون آهن، جيڪي انساني دل ۽ دماغ تي ازل کان ڇانيل آهن ۽ ابد تائين ڇانيل رهنديون، پر ان هوندي به، انهيءَ حقيقت  کپان اک_ٻوٽ ڪرڻ ناممڪن آهي ته اسان جو شعور جئن جئن ترقي ڪندو ويندو، اسين خود پنهنجي حقيقت کان جئن جئن وڌيڪ باخبر ٿيندا وينداسين،  اسان تي پاڻ پنهنجيون  رمزون ۽ راز جيتري قدر وڌيڪ کندا ويندا،  اسين اوتري قدر ڏک ۽ سک، رنج ۽ راحت، جي اصليت کان واقف ٿيندا وينداسين..... تان جو هڪ ڏينهن اهڙو اچي ويندو، جڏهن اسين انهيءَ هنڌ تي پڄي وينداسين، جو انهن ٻنهي ڪيفيتن_ ڏک ۽ خوشيءَ _مان، اسين ڪنهن هڪڙيءَ کي به پنهنجو پاڻ تي غالب پوڻ جي اجازت نه ڏينداسون: بر خلاف ان جي، خود مٿن ايتري قدر اسين پاڻ غالب اچي وينداسين، جو ٻين عام شين جيان، اهي ٻئکي ڪيفيتون به خود اسان جي اشارن تي ناچ نچڻ لڳنديون!....... سو، درجي بدرجي پاڻ کي انهيءَ هنڌ پڄائڻ لاءِ، انسان پنهنجي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي.“

_”آرٽ آف لونگ“  ڪتاب تان ورتل اقتباس

 

مڪلي نامه

”مڪلي نامه“  ۾ جن بزرگن، مشاهيرن، مسجدن ۽ مقابرن جو ذڪر آيو آهي، انهن تي ايندڙ صفحن اندر اسان وضاحتي نوٽ (حواشي) پيش ڪري رهيا آهيون. ”مڪلي نامه“ جي متن ۾ تشريح طلب جاين تي اسان نمبر ڏنا آهن_ انهن ئي نمبرن کي حاشيه جي عنوان سان هتي ڏنو ويو آهي، تاڪه پڙهندڙ نمبرن جي ذريعي آسانيءَ سان مطلوبه حاشيو ڏسي سگهن.

ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته متن اندر ذڪر ڪيل بزرگن ۽ مشاهيرن جو مڪمل احوال، جيترو ملي سگهي، سو يڪجا ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾گهڻو ڪري نئين معلومات مهيا ڪئي وئي آهي_ خاص طرح ڄام نظام الدين، پير مراد شيرازي، خسرو چرڪس ۽ مرزا عيسيٰ ثانيءَ متعلق زياده تر نئون مواد پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو. مواد ۽ معلومات جي فراهميءَ لاءِ جن ڪتابن کي اسان ڏٺو آهي، انهن جا نالا ضروري ضفحجھن سميت فٽ نوٽن ۾ ڏئي ڇڏيا اٿئون، جيئن آئنده تحقيق ڪندڙ دوست انهن مان وڌيڪ مدد وٺي سگهن.

مصروفيت سبب، مڪليءَ جي قبرستان کي، گهرج آهر، اسان ڏسي نه سگهيا آهيون، جنهن ڪري ”مڪلي نامه“ ۾ آيل ڪن تشريح طلب مقامن لاءِ حاشيا لکڻ کان رهجي ويا آهن_ خاص طرح چشمهء پير آسات، تالاب شيخ جيو، پل پير جيو، شاهه پريان، چشمهء ناران سر، تالاب ڀراسر، معبد هندوان، تالاب کير سر، ارض پاڪ مصليٰ، حوض و چاه مير محمد يوسف رضوي تالاب سهسه لنگ، زمين ميرا، چشمهء کنڊسر، غار هاي جبل متصل چشمه کنڊسر، پير غيب، موضع مهين، تالاب اکهور، ملادائود درس، وغيره،  انهن پلن، حوضن ۽ چشمن مان ڪيترا ته اڄ موجود نه هوندا،  تاهم اسان ڪوشش ڪنداسين ته ”مڪلي نامه“  جي ايندڙ ڪتابي ايڊيشن ۾ تحقيق ڪري انهن تي وضاحتي نوٽ لکون ۽ جيڪا هن ايڊيشن ۾ ڪمي رهجي وئي آهي، اها پوري ڪيون. ”مڪلي نامه“ ۾ ذڪر ڪيل سڀني مقابرن جا فوٽا به ڏئي نه سگهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ ايڊيشن ۾ سڀئي فوٽا پڻ مهيا ڪري ڏنا ويندا.

سيد حسام الدين راشدي

حواشي مڪلي نامه

1.     مڪلي

2.    پير مراد شيرازي

3.    سيد محمد جلال بن سيد علي اول

4.    شيخ عيسيٰ لنگوٽي بند

5.    ساموئي

6.    شيخ حماد جمالي

7.    جامع مسجد مڪلي

8.    قاضي عبدالله

9.    ڄام نظام الدين

10.                       شيخ جيئو

11.پير آسات

12.                       ميرزا خسرو چرڪس

13.                       ميرزا عيسيٰ ترخان

14.                       سيد محمد يوسف رضوي بکري

15.                        جلوه گاه امامين

16.                       پير عالي

17.                       طغرل آباد

 

1.مڪلي:

مڪليءَ جي ٽڪريءَ جو ذڪر ڪندي، ميو علي شير (قانع) لکي ٿو ته

” کوچک ترين شعبه جبال هاره و پٻ....... وغيره. منشعب و موصل جبل

مڪران، و محيط کناره عمان است. اگرچه آخرين جبال و فرود ترين

شعباتست، اما بروح و سرور برهمه تفوق دارد.“

(”حفته الڪرام“ جلد 3، ص184)

_ يعني  مڪلي، هاڙهي جبل ۽ پٺ ٽڪر جي هڪ ننڍي شاخ آهي! انهيءَ دور ۾ نه نقشا هئا ۽ نه پيمائش جا طريقا موجود هئا؛ مير علي شير اگرچه ذهين ۽ جغرافيه سان دلچسپي رکندڙ مصنف هو، ليڪن عدم و سائل ۽ قلت معلومات جي بناءَ تي، جيڪي ڪجهه زبان زد عام هو، ان کي هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو. هن وقت جڏهن ته سڄي دنيا جهان جي پيمائش ٿي چڪي آهي،  انچ انچ جو نقشو ۽ جغرافيو موجود آهي. ان وقت حقيقت حال جو پتو پوي ٿو ته مڪلي هاڙهي جبل ۽ پٻ ٽڪر جي شاخ نه آهي، بلڪه کير ٿر جبل جيهڪ دور افتاده ٽڪريءَ جو ٽڪرو آهي.

هالار جبل جي هڪ شاخ، جنهن جي ٽڪرن جا هيٺ تي ايندي، مختلف نالا ٿيندا وڃن ٿا، يعني ڪرو، ۽ ان جي شاخ ڏاڙهيارو ۽ ان جي شاخ کير ٿر جتي اچي کٽي ٿي، اتي مچي جي صورت اختيار ڪري ٿي؛ دادو ضلعي ۾ تونگ وٽ انهيءَ مچي مان مختلف ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ڦٽي، مختلف  سمتن ڏانهن رخ رکن ٿيون_ ڪانبورينج، سور جاڻو، همليگ، دينار، ڪوهستان، رينج، ۽ لڪي رينج، وغيره وغيره، انهن ڦٽي نڪتل شاخن جا نالا آهن. انهن شاخن مان ڪي مڪران طرف وڃن ٿيون ۽ ڪن جو رخ سنڌ ۾ ڏکڻ ۽ اولهه طرف ٿئي ٿو. لڪي رينج جو اختتام ۽ ڪوهستان رينج جي پڄاڻي اوڀر اتر وٽان اچي لڪيءَ جي سامهون ٿئي ٿو، نقشي مان معلوم ٿئي ٿو ته مڪلي، کير ٿر جبل جي هڪ بلڪل دور افتاده شاخ آهي، جيڪا اتر کان ساموئيءَ وٽان شروع ٿي ڏکڻ طرف ٻارهن ميل هلي، ڪلان ڪوٽ وٽان ٿيندي، پير پٺي تي ختم ٿئي ٿي.

هالار جون جيڪي شاخون سنڌ ڇڏي بلوچستان طرف وڃن ٿيون، انهن مان هاڙهو، پٻ ۽ هنگور وغيره آهن، جن جو سنڌ سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي، ۽ نه وري جيئن مير علي شير جو خيال آهي، مڪلي انهن جي شاخ ئي ٿي سگهي ٿي.

ٺٽي وٽان مڪليءَ جي پهاڙيءَ کي ڪراچيءَ وارو رستو ڪٽي ٻه اڌ ڪري ٿو. ڏاکڻي اڌ ۾ عيد گاهه، مخدوم محمد هاشم، مخدوم ابوالقاسم نقشبدي، مخدوم آدو، پير عالي، سيد محمد يوسف بکري ۽ جلوه گاهه امامين وغيره آهن، ۽ ان جي ڇيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ عمارتن جا ڦٽل آثار موجود آهن: اتر ئين حصي ۾ ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ هديرا آهن، ۽ سر اتر جي ڇيڙي تي سمن سلطانن جا روضا، جامع مڪلي، پير مراد ۽ شڪر الاهي ساداتن جا قبرستان آهن_ شيخ جيئو، حماد جمالي، عيسيٰ لنگوٽي وغيره به انهيءَ حصي ۾ آهن. ٽڪريءَ جي اختتام تي اتر طرف نشيب ۾ ساموئِيءَ جي سرزمين آهي.

روايت مشهور آهي، ته انهيءَ ٽڪريءَ تي سوا لک اولياءَ الله ۽ بزرگزيده ٻانها رب جا مدفون آهن، ۽ وڏي خير برڪت ۽ انوار الاهيءَ جو مظهر اها پهاڙي آهي، نه فقط اهو، بلڪ سنڌ جي ڇهن سون ورهين جي تاريخ به انهيءَ ٽڪريءَ ۾ مدفون آهي؛ بادشاهه، حاڪم، وزير، امير، شاعر، عالم، اديب، مصنف، ملڪي خواه غير ملڪي_ انهن مقابرن، رانڪن، روضن، هديرن ۽ قبرن ۾ محو خواب آهن، جن جو سلسلو اسان کي ٻارهن ميل اتر کان ڏکڻ تائين مسلسل نظر اچي ٿو. مقابرن جي عجيب و غريب ساخت، پٿرن تي خطاطيءَ ۽ گلڪاريءَ جي نادر نمونن، ۽ رانڪن خواه قبرن جي مختلف نمونن ۽ فني ڪمال سبب، اهڙي مدفن گاه جو مثال سموريءَ دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. ازان سواءِ ڀلن سان گڏ برا، بادشاهن سان گڏ غريب، اميرن سان گڏ مسڪين، ظالمن سان گڏ مظلوم، راعيءَ سان گڏ رعيت، ۽ راجا سان گڏ پرجا، انهيءَ پهاڙ تي روز جزا جي انتظار ۾ ستل آهي.

مڪليءَ جو نالو انهيءَ ٽڪريءَ تي ڪيئن پيو، ان جي صحيح ۽ اطمينان بخش تحقيق ڪانه آهي. ”تحفته الڪرام“ جي روايت مطابق، هڪ بزرگ حج تي ويندي اچي انهيءَ ٽڪريءَ تي مقيم ٿيو؛ رات جو ڪو خواب ڏٺائين، ۽ ان مان ڇرڪ ڀري جڏهن اٿيو، ته سندس زبان تي” هذا مکته لي“ جو فقرو جاري هو. يعني ”هي منهنجو مڪو آهي! هي منهنجو مڪو آهي!“ انهيءَ بزرگ جو اهو فقرو ايتري قدر مشهور ٿي ويو، جو زبان زد عام ٿي، آخر ”مڪلي“ جي تخفيف شده صورت اختيار ڪري چڪو.

ٻيءَ هڪ روايت موجب هڪ پاڪباز، ۽ زاهده عابده مائي، فوت ٿيڻ بعد، انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ٿي، جنهن جي مزار سان متصل شيخ حماد ”مڪته لي“ رکيو، ۽ اهو مشهور ٿي ”مڪلي“ ٿي ويو. مسجد جامع جي عين محراب سان متصل انهيءَ مائيءَ جي زبون ٿيل مزار موجود آهي، (تحفته الڪرام“، ص ص 180،184)

مير علي شير آخر ۾ فرمائي ٿو:

”بهر حال جاي ديدن است، علي الخصوص در موسم برشگال که تالا بهاي

مملو آب شيرين دارد، سبزه خود رو هر کنار نشان قدرت الاهي است، و

وقف سائر وزائر“ (ص 180)

ٺٽي جي شهر لاءِ، اها ٽڪري نه فقط دفن گاهه ۽ عبرت گاهه هئي، بلڪ سندس رهواسين لاءِ تفريح گاهه جو به ڪم ڏيندي هئي. مزارن تي روزانو ميلا ملاکڙا لڳندا هئا: عورتون، مرد، خوش باش نوجوان، عالم ۽ اديب، شاعر ۽ سخن فهم، گرجي هجي يا سردي، بهار هجي يا سرءُ، اس هجي يا لڪ، بارش هجي خشڪي_روزانو ٽڪريءَ تي ايندا هئا؛ سڄو ڏينهن سير تفريح، ميلن ملاخڙن مجلس  ۽ صحبتن ۾ گذاري، راڳ رنگ جون محفلون ۽ مجلس ڪري، شام جو گهرين تڙين هليا ويندا هئا؛ ڪن بزرگن جي درگاهن تي ته سڄي رات سماع جون محفلون هلنديون هيون، چانڊوڪين راتين ۽ ڏکڻ جي هوائن سبب راتين جون راتيون ماڻهو مقابرن ۽ مزارن تي ورد وظيفا ڪندا هئا ۽ ساز سرود، سماع ۽ وجد جون مجلسون ماڻيندا رهندا هئا. ”مڪلي نامه“ مان انهيءَ  سلسلي جي وافر معلومات ملي ٿي. ” تاريخ طاهريءَ“ جو مصنف مڪليءَ جو بيان ڪندي لکي ٿو ته

”درهر ماه چند عيد دازند، اول جمع که در ماه نو مي آيد و آن را بزبان

سندي، ايشان ماه سپهره جمع (سڦرو جمعو يا ماه پهريون جمعو) مي نامند.

در آن روز کوه مڪلي چنان انبوه و اڙدهام از مرد و زن ميگردد، که

جاي پاي ماندن نمي ماند،...........تمام روز تفرج و طواف قبور ميدا رند،

.........هم روز بکامراني تا نماز شام آنجا بسر مي برند، باز بخانه

خويش مي آيند....... بر بالاي کوه مڪلي، تالابي ست که آن را کير (سر)

مي مامند، يعني تالاب شيرين، درين مدت تا آب باران در تالاب هست،

مرد وزن اصناف چه هندو و چه مسلمان صف درصف هر روز تا شب در آنجا

طعام مي پزند، و جشن ميدارند، بنوعي جميعت يکجا مي گردد، که کدام

عيد و چه طوي برابر آن باشد، هر که آنجا رميده و تفريج نموده، او ميداند

و انصاف خواهد داد، اما اين قرار داد ازهمان وقت تا حال بحال ماند ست،

وچون قديم باز عرف گرديده، تک نمي دارند، (ص 86،87)

ٺٽي جي خوش باش ۽ خوشدل ماڻهن لاءِ، جن جو مشغلو انهيءَ قسم جا ميلا ٺيلا، ۽ رنگ راڳ هو_مصنف لکي ٿو ته

”بدين خوشدلي و خرمي که اگر يکروز کسب ميکنند، هفته فراغت نمايند

و کسب نمي کنند، حرص کم و فراغت بيشمار بهمين ها ميسر گشت.“

ٻئي هنڌ ٺٽي جي باشندن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو؛

”هر گز ساکنان و متو طنان آن، غمگين و حزين کسي نيافته، برکم و بيش

قناعت داشته، بعيش و طرب کام و کامراني ميدا رند، تا حال خوشدلي و

خرمي، که درين خلق ست، جاي ديگر نيست و نخواهد بود.“  (84)

انهيءَ مصنف جو ٻيو معاسر ٺٽي جي خوشحاليءَ ۽ ماڻهن جي خوشدليءَ جو ذڪر هيٺئين طرح ڪري ٿو:

تته را بحسب آب و هوا و ميوه و  ترشحات باران بهشت روي زمين ميتوان

گفت، و عورات جميله سبز رنگ، مثل حوران بهشتي پيدا مي شوند، و در

هر خانه بهتي سراب و آواز دهولکي است،.... و پوشاک دختر باکره

و زال فرتوت صد سالا، از رخت رنگين گل معصفر که پوشاک عروسانه است،

و بانهين دندان فيل هر کدامي دردست دارد، و مردم آنجا بکو چهء غم

نگذشته اند، عيش و نشاط بر آنها غالب است، ظهور اولياءِ الله، و

فضلا و شعرا هم در آنجا زياده از تعداد ند_ و فسق فجورهم بسيار نشان

ميدهد، گويند روز عيد بناي اين شهر شده. اگرچه حالا ان رونق و

طراوت نمانده، بهرحال از ديار ديگر امتياز دارد. و علم نحو و صرف و

فقهه و نظم دران شهر بسيار است، و مي توان گفت که عراق ثاني است.

(”ذخيرته  الخوانين،“ ص ص  167،166)

مٿيان ٻئي مورخ مير علي شير کان تقريبن هڪ سئو ورهه اڳ جا آهن، جن پنهنجي دور جو اهو اکين ڏٺو حال لکيو آهي. هڪ صديءَ کان پوءِ، مير علي شير جي دور ۾ به ٺٽي شهر جي رونق ۽ ٺٽي جي شهرين جي مشاغلن جو اهو ئي حال هو. ”مڪلي نامه“ جي مقفيٰ عبارت آرائي ۽ حسن بيان، خود ٺٽي جي رنگين زندگيءَ ۽ شهر جي ذهني ماحول جو نتيجو آهجي. اهو شهر جڏهن کان وٺي ٺهيو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي، رنگ محل رهندو آيو آهي. حسن ۽عشق جون ڪانيون ڪرامتون، شعر و سخن جون مجلوسون ۽ محفلون، خوش باشمي ۽ خرمي انهيءَ شهر جون خاص وصفون هيون. سرمد شاعر انهيءَ ئي شهر ۾ ابيچند جي ور چڙهيو“ سڄو ايران ڦريڳو، سمورو هندستان ڏٺائين، ڪٿي دل نه اٽڪيس؛ نشاني تي تير آخر حضرت ننگر ٺٽي ۾پيو.

”زخيرته الخوانين“ جي مصنف ٺٽي جي فسق فجور، ۽ عورتن جي رنگين لباسن، عاج جي ٻانهين، شراب جي بٺين، طنبورن ۽ ڍوڪلن طرف جيڪو اشارو ڪيو آهي، سو ٺٽي جي ماڻهن جي عيش و نشاط ۽ تمدني ڪيفيت ۽ روزمره جي خرمي ۽ خوش باشيءَ وارن مشاغلن تي روشني وجهي ٿو: ان مان اسان بخوبي اندازو ڪري سگهون ٿا ته ٺٽي جي رهاڪن ۽ انهن جي معاشري جي ڪهڙي ڪيفيت هئي، ڪنهن شاعر چيو آهي:

کسي را تمناي تته بود،                     که پس کوچهء عالمش جا بود

ٻئي هڪ ظريف شاعر جو شعر آهي:

شڪ نيست که....... مرده خيزد              از غمزهء لوليان تته

ٺٽي جي انهن خوش باش باشندن جي سير و تفريح جو مرڪز مڪليءَ جو پهاڙ هوندو هو، جهڙيءَ طرح ”طاهري“ جي مصنف يا مير علي شير جا بجا ”مڪلي نامه“ ۾ لکيو آهي. مڪليءَ جي منظرن، مقابرن، مجلس ۽ روح ريجهائيندڙ ميلن ملاخڙن جو مذڪور ڪيترن فارسي گو شاعرن به ڪيو آهي. ٺٽي جي ”رونق“ شاعر هڪ طويل قصيدو مڪليءَ جي شان ۾ چيو آهي، جنهن جا چند شعر هي آهن:

بهار کوه مڪلي طرفه سير است            تماشائي بداند خرم آباد

بهر گوشه خرامان سروقدي                        اگرچه نيست در وي سرو آزاد

هواي روح آفزائش همه وقت                       هواي جنت الماويٰ دهد ياد

بلي! انجا مزار سيدي هست                         که اکثر نامرادان را کند شاد

پوئين شعر ۾ پير مراد شيرازيءَ جي مزار ڏانهن اشارو آهي.

شاعرن جي مجلس آرائيءَ جو وڏو اڏو به مڪلي هو، ٺٽي مان ڪهي اچي مڪليءَ جا لقاءَ لٽيندا هئا. جمالياتي جلوا به کين اتي ئي افراط سان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ٺٽي ۾ ته هرڪو پيو هوندو هو، ديوارين اندر بند: نظربازيءَ جا مواقع محض مڪليءَ تي پيرن فقيرن جي مزارن درگاهن ۽ زيارتگاهن تي کين نصيب ٿيندا هئا: ”مڪلي نامه“ جي هر نظم ۽ عبارت جو هر فقرو انهيءَ روئداد لاءِ گواه آهي.

جيئن ٺٽي جو شهر اڄ نابود ۽ زبون آهي، تئين مڪليءَ جو اهو اوج ۽ اقبال به زوال پذير آهي. مقابر ڊهي ويا آهن، رانڪون زمين دوز ٿي چڪيون آهن، ۽ درگاهن جا دروازا بند ٿيا پيا آهن، خود ٺٽي جي ماڻهن ۾ به اها خوشي ۽ خرمي ڪانه رهي آهي. هرڪو وسوڙهل ۽ موڙهل نظر اچي ٿو: اڳ هڪ ڏينهن ڪمائيندا هئا ته هفتو برابر عيش و عشرت ڪندا رهندا هئا: ليڪن اڄ اها حالت ڪانه آهي_ شايد اڄ سڄي هفتي ڪمائڻ کان پوءِ به کين پل جي خوشي نصيب ڪانه ٿي ٿئي. زماني جا ڦير ۽ ڏينهن جا ڏڦيڙ آهن. ڪالهه ۽ اڄ ۾ ڪيڏو فرق آهي!

2.

پير مراد شيرازي:

نالو محمد حسين، عرف پير مراد. سندس تولد 831هه ۾ٿيو. سندس والد جو نالو سيد احمد هو، جيڪو 707هه ۾ شيراز منجهه ڄائو، ۽ پنهنجي والد سيد محمد سان  گڏ 787ع ۾ شراز مان هلي سنڌ ۾ آيو. ( تحفته الڪرام ۾ آمد جو سال 786هه ڏنو ويو آهي. جيڪو ”بسم الله الرحمان الرحيم“، مان نڪري ٿو) سيد صاحب جو شجرو ”معارف الانوار“

(تصنيف محمد صالح ولد ملا ذڪريا ٺٽوي  1140هه) ۾ هن طرح لکيل آهي:

سيد محمد حسين (تولد 831هه)، بن سيد احمد (تولد شيراز 707هه_وفات 840هه)، بن سيد محمد الحسيني شرازي ثم سندي (وفات 10 محرم، 800هه) بن سيد محمود (وفات 756هه_مدفن شيراز_عمر 40)، بن سيد محمد (وفات 714هه_ مدفن شيراز_عمر40)، بن شاهه محمود (وفات 694هه_مدفن شيراز_ عمر 56)، بن سيد ابراهيم (وفات 640هه_مدفن شيراز _عمر55)، بن سيد قاسم(وفات 620هه_مدفن شيراز _عمر 36)، بن سيد زيد (1) (وفات 609هه_مدفن مڪه_ عمر 34)، بن سيد جعفر.

(1)  سيد زيد مڪي جي شرفا مان شادي ڪئي. بيبيءَ جو رنگ سياهي مائل هو، جڏهن سيد صاحب کي شاه قاسم ڄائو، تڏهن کيس خيال ٿيو ته مٿان ڇوڪري جو رنگ به والده تي هجي، سو دائيءَ کان پڇيائين، جنهن چيو ته ”پسر انجي“ _يعني در“ مرواريد آهي. انهيءَ سبب ڪري سيد قاسم جو لقب ”انجو“ پئجي ويو. سيد قاسم جڏهن مڪي مان لڏي شيراز 641 هه ۾ آيو، ته جنهن محلي ۾ رهيو، ان جو نالو ئي ”محله  سادات انجو“ پئجي ويو، ۽ اولاد به ”انجوي“ سادات جي نسبت سان مشهور ٿي ويو، ”انجي“ لفظ لاف جي زير سان ترڪي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سفيد موتي.

(وفات 595هه_مدفن مڪه_عمر 21)، بن شاه حمزه (وفات 549هه_مدفن ڪربلا_ عمر 42)،  بن شاهه هارون (وفات 532 هه_مدفن ڪربلا_ عمر 42)، بن سيد عقيل ثاني (وفات 512هه_ مدفن ڪربلا _عمر 40)، بن سيد جعفر برهان الله (وفات 493هه_ مدفن سامره_عمر 60)، بن سيد اسماعيل (وفات 439_مدفن سامره_عمر 79).

پير محمد حسين شيرازي جو ڏاڏو سيد محمد، سلطان مبار زالدين (1) بن مظفر الدين جي زماني (765هه،713هه) ۾ شيراز کان سنڌ طرف روانو ٿيو، سيد صاحب گڏ حضرت حافظ شيرازي به گڏجي قنڌار تائين آيو، ليڪن، اتان سيد صاحب کيس واپس واري ڇڏيو. سيد صاحب قنڌار کان سيوهڻ آيو. حضرت قلندر شهباز جي زيارت ڪري، سيدپور، (مراد اوٺي) ۾ آيو، ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچي بن ڄام انڙ، انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو حاڪم هو. شيخ ريحان جهنگليءَ جي پٽ شيخ محمد، سيد صاحب جي زيارت ڪئي. سيد پور مان ساموئيءَ ۾ آيو. ان وقت شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ جو مدرسو متل هو؛ قاضي نعمت الله ۽ سندس فرزند به اتي موجود هئا. جن سان سيد صاحب رهاڻيون ڪيون. قاضي نعمت الله پنهنجي نياڻيءَ جو سنڱ سيد صاحب جي پٽ سيد احمد کي ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com