سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :14

گذريل ويهن پنجويهن ورهين کان وٺي، روزمره جي زندگيءَ ۾، منهنجي عياشي آهي ننڊ مان اٿي، هٿ منهن ڌوئي، بيڊ ٽِي (Bed Tea) پيڻ ۽ اخبار پڙهڻ. گهر ۾ هجان، يا سفر ۾، اهو روزمره جي زندگيءَ جو نيم آهي.

”هندستان انٽرنيشنل“ هوٽل ۾، بيرر چاءِ جي ٽري کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو. منجهس بِلُو چائنا (Blue-china) ڪراڪريءَ جو عمدو ٽي سيٽ وڏي سليقي سان رکيل هو. مون به اوڏي ئي سليقي سان چاءِ ٺاهي. پهريون ئي ڍُڪُ ڀريم ته مزو اچي ويو ـــ ــ لپٽن جي ’دارجلنگ ـــ چاءِ‘ ته سچ پچ هندستان ۾ آهي. هت ته اسان صبح سان ”بيڊ ٽي“ (Bed-Tea) جي نالي ۾ حقي جو پاڻي پيندا رهون ٿا.

”هندستان انٽرنيشنل“ وارن چاءِ سان گڏ روزانه Statesman به موڪلي هئي. سندس خبرن جو ڪو معيار هو ـــ ــ ڄڻ ته ماڻهو مئنچيسٽر گارجين (Manchester Gardian) پڙهي رهيو آهي. ايڊيٽوريل واري صفحي تي هڪ ’فيچر آرٽيڪل‘ ڏسي، ڇرڪ نڪري ويو‘ لکندڙ جو نالو هو ملڪ راج آنند.

جڏهن تيرهن ورهين جي عمر ۾، نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي هئم، تڏهن انگريزيءَ زبان پڙهائيندڙَ استاد، مسٽر اظهار ڪاظميءَ کان پهريون دفعو اهو نالو ٻڌو هئم. چيائين ته ”هندستان جو اهو هاڪارو ليکڪ، جنهن جي انگريز به ساراهه ڪندا آهن. سندس هڪ مشهور انگريزي ناول آهي: ’ڪولهي‘. پر، اڻلڀ آهي، گهڻي وقت کان ملي ڪونه ٿو.“

مان هاءِ اسڪول منجهان نڪري، حيدرآباد ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿس. اتان وري ڪراچيءَ آيس، جتي ڏهاڪو سال پوءِ، هڪ وڏي ’بين الاقوامي صنعتي نمائش‘ لڳي. دوستن سان گڏ نمائش گهمڻ ويس. هندستان جي اسٽال تي ڪتابن وٽ وڃي بيٺس. اڃا جو ڏسان، ته سامهون بڪ شيلف تي ’ڪولهي‘ رکيو آهي. اسٽال جي مئنيجر سان وڃي مليس. ڏاڍيون منٿون ڪيونمانس پر چيائين ته، ”وڪري لاءِ ڪونهي.“

دوست اسٽال مان گهمي ڦري آيا، ته مون حفيظ شيخ سان ڳالهه ڪئي. حفيظ ۽ ٻيا دوست هندستاني اسٽال گهمندا رهيا. ٻاهر نڪتا، ته هاسٽل پهتاسين، هرڪو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. دير سان، حفيظ منهنجي ڪمري ۾ آيو. ڪوٽ جي کيسي مان ’ڪولهي‘ ڪڍي مون کي ڏنائين. مون کانئس ڪونه پڇيو ته ”توکي ڪيئن ڏنائين؟“

گهڻا گهڻا سال پوءِ، ”ڪولهي“ مون وٽان ڪير کڻي ويو. ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڇو، اهو هاڻي ياد ڪونهيم. پر، ارمان اڃا اٿم.

1955ع ۾”ون يونٽ“ ٺهيو ته حفيظ لاهور هليو ويو، جتي A.P.P ۾ ملازم ٿيو. سڪندر مرزا ون يونٽ کي ’اسٽيم رولر‘ ڪوٺيو هو. اسٽيم رولر وڏي آفت آهي. هلندو آهي ته ڏاڍوڌڌڪو ٿيندو آهي. جيڪا به شيءِ اڳيان ايندي اٿس، سا ريزه ريزه ٿي ويندي آهي. ون يونٽ ننڍن صوبن جو حال به اهو ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪوٽڙي براج مان جيڪي زمينون نڪتيون، سي ايوب خان پنهنجن چمچن کي ورهائي ڏنيون. پر، کين ڪونه وڻيون، ڇو ته ڪلراٺيون نڪري پيون. سو، هنن روهڙيءَ جي ڀرسان ”دُبَر“ نالي ٻيلو ڪپرائي، اتان زرخيز زمينون ڪڍي، ورهائي کنيون. زمينن جي اصل وارثن سنڌن کي ڪنهن کنگهيو به ڪونه، ڇو ته سنڌي ماڻهو آهن ڪڙٻ جا ڪانا. سو، کين سختيءَ سان چٿڻ لاءِ اسٽيم رولر جي ضرورت اسڪندر مرزا کي ڪڏهن بهڪانه پئي. البت، خانِ قلات، احمد يار خان جي خلاف اسٽيم ـــ رولر، چڱيءَ طرح استعمال ڪيائين. ــــ ـــ غريب جو جُهڳو ئي جَهڻِ ڪيائين.

ون يونٽ جي ڏينهن ۾ سنڌ جا سرڪاري ملازم خاص طرح وڏي آزار ۾ هئا. هر ڪم لاءِ کين لاهور جي آفيسن ۾ ڌڪا کائڻا ٿي پيا. هڪ سال بورڊ جي گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ مان به لاهور ويس. ڊپٽي سيڪريٽريءَ مون کي پورا پندرهن ڏينهن پنهنجيءَ آفيس جي ٻاهران پٽيوالي سان گڏ بيهاريو. توڙي جو مان به بورڊ جو ڊپٽي سيڪريٽري هئس.وري به سندس پٽيوالي کي ڪهڪاءُ آيو، پاڻ اسٽول تان اُٿيو ۽ مون کي ويهڻ لاءِ ڏنائين.

ٻئي سال به وري مون کي بورڊ جي گرانٽ لاءِ لاهور وڃڻو پيو، جتي حفيظ سان ميل ملاقات ٿي.چيائين ته،”اڄ شام ’الحمراء‘ ’آرٽس ڪائونسل‘ ۾ هلنداسين، جو اُتي ليڪچر آهي. ائين به چيائين ته شاهه ايران ۽ سندس ملڪہ لاهور به اچي رهيا آهن، سو، سندن استقبال لاءِ وڏيون تياريون ٿي رهيون آهن. ملڪہ فرح ديبا کي خوش ڪرڻ ڪاڻِ ’الحمرا‘ آرٽس ڪائونسل ۾ ’فينسي ڊريس‘ ۽ ’فوڪ ڪاسٽيومس‘ جي نالي ۾ Beauty Parade ٿي رهي آهي. اُتي به ليئو پائينداسين.

شام جو اسان ٻئي ڄڻا، الحمراء آرٽس ڪائونسل پهتاسين. ڪائونسل جي سڄي عمارت بجليءَ جي رنگارنگي بلبن جي جهرمر ۾ ٻهڪي رهي هئي. منجهس SHOW ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي اڳيان، عين ان مَهَلَ، ’فوڪ فرينڊشپ‘ هوائي جهاز جيڏي ڊگهيءَ موٽرڪار مان هڪ امير گهراڻي جي خاتون اچي لٿي. سندس سونهن متعلق ايترو عرض ڪرڻ ئي ڪافي ٿيندو ته:

وه آئي اور پهر چراغون مين روشني نه رهي

سبز رنگ جي ريشمي ساڙهيءَ ۾ ڪا حُورَ آسمان مان ڌرتيءَ تي لهي آئي هئي. سندس ديدار کان پوءِ Beauty Parade ڏسڻ بي معنيٰ ڳالهه هئي. سو، اسان ’سڌو الحمراءَ‘ جي ليڪچر هال ۾ هليا وياسين، تقريباً ٽي سؤ ماڻهو موجود هئا. سڀ لاهور جي اعليٰ طبقي مان آيا هئا. اسان سندن پاسي سان پريس گئلريءَ ۾ وڃي ويٺاسين، ڇو ته حفيظ. A.P.P جو نمائندو هو. پندرهن ويهن منٽن کان پوءِ اعلان ٿيو ته ’سابق گڏيل هندستان جو ممتاز دانشور، ملڪ راج آنندُ ليڪچر ڏيندو.‘

ملڪ راج آنندُ روسٽرم وٽ آيو. مون کيس وڏيءَ اُڪير سان ڏٺو. خاڪي رنگ جوبند گلي سان ڪوٽ ۽ پينٽ هئس. عمر پنجاهه پنجونجاهه ورهيه مُنهنَ مهانڊي ۽ رنگ روپ جي لحاظ کان خواجه فريد جي ٻوليءَ ۾ ائين چئجي ته: ”ميڏا سانولڙا.“

انگريزيءَ ۾ ليڪچر شروع ڪيائين. اڌ منو ڪلاڪ ڳالهايائين. پر، سندس ڳالهائڻ ۾ ڪو تاثير هو!

مون زندگيءَ ۾ ٻن ماڻهن جون تقريرون ٻڌيون آهن، جي وساري نه سگهندس: هڪ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻيو ملڪ راج آنندُ. سندس تقرير دوران سڄي هال ۾ ‘Pin Drop Silence’ هئي. ماڻهن تي ڄڻ ته جادو ٿي ويو آهي. مون پنهنجن اکين سان پهرينءَ قطار ۾ ويٺل ڪن ماڻهن کي ٿڌا ساهه ڀريندي ڏٺو. ڪن جون ته اکيون آليون ٿي ويون. ملڪ راج آنندَ جي تقرير جو موضوع هو:

”اُهو لاهور، جنهن ۾ مون ۽ اقبال پنهنجو ننڍپڻ گذاريو.“

هن سڪ سان لاهور جي اُنهن گلين ۽ ميدانن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ پاڻ ۽ اقبال ننڍپڻ ۾ رانديون رونديون ڪندا هئا.

هن لاهور جي باغن ۽ بستانن جو ذڪر ڪيو: جن مان ڪو شالامار هو، ته ڪو چمن زار هو، ڪو لاله زار هو، ته ڪو سبزه زار هو: پر، مڙني ۾ گلاب ۽ رابيل جا گل ٽڙندا هئا.

هن اُنهن انسانن جو به ذڪر ڪيو، جيڪي سمورن گلن کان وڌيڪ سهڻا ۽ سرها هئا: سندن هڪڙيءَ ئي مٺيءَ مُرڪ سان ڪيئي چوڏهينءَ جا چنڊ اُڀري ايندا هئا.

ملڪ راج آنند، اقبال جا شعر پڙهيا، ۽ ايڏي ته سوز سان پڙهيا، جو ٻڌندڙن ۽ خود سندس اکين مان ڳوڙها ٽمڻ لڳا. محفل ۾ هيجان برپا ٿي ويو.

جڏهن ڌيرج ۾ آيو، ته عِلم ۽ قلم جي تقدس جو ذڪر ڪيو، لفظَ جي حُرِمَتَ جو ذڪر ڪيو. ڪتابن ۽ ڪتخانن جو ذڪر ڪيو. اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪيو، اخبارن ۽ اخبار نويسن جو ذڪر ڪيو. انسان جي عظمت ۽ تهذيب ۽ تمدن جو ذڪر ڪيو.

هن انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪن جو ذڪر ڪيو، جيڪي لاهور مان اُڀريون هيون ۽ جن ۾ پاڻ به جوانيءَ ۾ بهرو ورتو هئائين. اُهو ذڪر اهڙي ته جذباتي انداز ۾ ڪيائين، جو بُتَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. مون کي ته اياز ياد اچي ويو:

مون ڳاتا گيت بغاوت جا، مون لاٿا زنگ ضميرن جا

جڏهن ڳالهائي بس ڪيائين، ته حالي ته سناٽو ڇانئجي ويو ۽ پوءِ وڏڦڙي وانگر تاڙين جا ڦهڪا هئا. وڏڦڙي جا وسڪارا هئا. مِينهن جي لهرن مٿان لهرون هيون. جڏهن تاڙين جي گونج پوري ٿي، ته سڀ زالون ۽ مرد نهايت احترام سان اُٿي بيٺا، ۽ ملڪ راج آنند کي ادب سان جُهڪي سلام ڪيائون.

هن پس منظر ۾، ورهين کان پوءِ ڪلڪتي جي ”اسٽيٽسمن“ ۾ سندس مضمون ڏٺم، ته گذريل ڏينهن ياد آيا ۽ دل ڀرجي آئي.اکراکر ڪري مضمون پڙهيم. ڪو مضمون هو؟

’موتين جي مالها هئي!‘

* * * *

اخبار پڙهي اُٿيس، ته ڪمري جي ٻاهران کڙڪو ٿيو. دروازو کوليم، ته ٽيهن ٻٽيهن ورهين جو هڪ ”ڪلين ـــ شيو“ نوجوان، هاف سليوز بشرٽ ۽ پينٽ ۾ منهنجي سامهون بيٺو هو. پاڻ ئي مون ڏانهن هٿ وڌائي چيائين ته ”ڪليم الدين“

مون ساڻس هٿ ملائي چيو ته: ”غلام رباني آگرو“

پڇيائين ته، ”اوهان جو ٻيو ساٿي ڪاٿي آهي؟“

مون کيس چيو ته، ”اڄ ’سارڪ سيمينار‘ جو افتتاح آهي. اُن جو پروگرام معلوم ڪرڻ ويو آهي.“

مان ۽ ڪليم الدين ڪرسين تي اچي ويٺاسين، ته بيرر چاءِ جا ٿانوَ کڻڻ آيو. چيائين ته، ”سر، ناشتو آڻيان؟“

مون ازراه اخلاق، مسٽر ڪليم الدين کي چيو ته ”اوهان ناشتي ۾ شريڪ ٿيندا؟“

انگريزيءَ ۾ چيائين ته، ”هائو، خوشيءَ سان.“

بيرو ناشتو کڻي اچي، اُنهيءَ کان اڳ دروازي تي وري کڙڪو ٿيو. مون دروازو کوليو، ته قد جو ڊگهو، بُت جو ٿلهو، رنگ جو ڪارو، مٿي جي وارن مان تيل پيو ڳڙيس ۽ پاڻَ سڄو پگهر ۾ شل، پيرن ۾ رٻڙ جي چپل، بت تي ميري قميص ۽ هيٺ ميري ڌوتي پاتل هڪ بدشڪل شَخِصُ بيٺو هو.

ڪليم الدين جي جيئن ئي مٿس نظر پيئي، ته واڪو ڪري چيائينس ته ”حرامزادا، توکي مٿي اچڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ تنهنجي ڊيوٽي هيٺ هوٽل جي دراوزي وٽ آهي.“

اهو ’خوبصورت خطاب‘ ملڻ کانپوءِ اهو شخص اتان ئي پوئين پيرين واپس وريو.

اِتي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو‘ دل ۾ چيم ته، ”مار، اسان ته شڪي ۽ ڏوهاري ماڻهو آهيون. ڪي ’هسٽري شيٽر‘ آهيون. هِتِ نظربند آهيون! هندستان جي بيدار مغز سرڪار، پنهنجن جاسوسن ۽ پوليس عملدارن کي اسان تي ڪرڙِي اکرکڻ جو حڪم ڏنو آهي. هڪڙو جاسوسُ اسان جي مٿان ڪمري ۾ وهاريو اٿس، ته ٻيو وري هوٽل جي دروازي تي، ته متان دهشت انگيز ڪارروائي ڪري، اوچتو ڀڄي وڃو.

انهيءَ پس منظر ۾ ڪليم الدين جي ڪمري ۾ گهڙڻ شرط پهريون پهريون سوال به سمجهه ۾ اچي ويو ته ”اوهان جو ٻيو ساٿي ڪٿي آهي؟“

ايتري ۾ گورايا صاحب ڪمري ۾ داخل ٿيو. مان کيس ڪجهه چوان ئي چوان، تنهن کان اڳ ڪليم الدين چيس ته، ”اوهان ڪاڏي ويا هئا؟“

گورايا صاحب اطمينان سان جواب ڏنس ته، ”سارڪ ـــ سيمينار جي سلسلي ۾ معلومات وٺڻ ويو هئس.“

ڪليم الدين اسان وٽ ويٺو رهيو، تان جو منجهند جي مانيءَ لاءِ اُٿياسين. ڪليم الدين به ڊائننگ هال ۾ گڏيو هليو ۽ اسان سان گڏجي ماني کاڌائين. اسان ماني کائي ڪمري ۾ موٽياسين ته هو پنهنجيءَ آفيس کي اسان جي اُنهيءَ ڏينهن جي سرگرمين جي رپورٽ ڏيڻ ويو.

* * * *

شام جو ’ڪلا مندر‘ ۾ سيمينار جو افتتاح هو. هندستان جي پرڏيهي معاملن جو اسٽيٽ منسٽر نٽور سنگهه، ’مکيه مهمان‘ هو. سندس وڏي رعب تاب هو. سارڪ ملڪن مان آيل اسان مڙني نمائندن کي به ساڻس گڏ اسٽيج تي وهاريائون.

’ڪلا مندر‘ جو ليڪچر هال، هزار ٻارهن سو ماڻهن لاءِ ٺهيل هو. پر، مون مٿان اسٽيج تان جلسي جا ماڻهو ڳڻيا، ته ڪُلُ هڪ سؤ ڇويهه ٿيا. اهو انگ البت مايوس ڪندڙ هو. پر، اسان هاڻي انهيءَ ڳالهه تي هري ويا هئاسون، ته ڪلڪتي ۾ ڪنهن به ڳالهه جو صحيح بندوبست ڪونهي: بس، نالو وڏو آهي!

ڪجهه دير کان پوءِ، اسٽيج سيڪريٽري اٿيو ۽ مکيه مهمان مسٽر نٽور سنگهه کان اجازت وٺي روسٽرم تي اعلان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو ته امالڪ، بجلي گم ٿي وئي!

گهگه اوندهه ۾ ڪا دير ته هرڪو وائڙن وانگر ويٺو رهيو. تنهن کان پوءِ ماچيس جي تيلي ٻري ۽ ميڻ بتيءَ جو ڪجهه سوجهرو ٿيو. نيٺ، جڏهن بجليءَ جي اميد ڪانه رهي ته اسٽيج سيڪريٽريءَ وڏي واڪي اعلان ڪيو ته ’سارڪ ملڪن جا نمائندا ائين ئي روسٽرم تي اچي ڳالهائين.‘

اسان وڏي واڪي ته ڳالهائي ڪونه ٿي سگهياسون. لاچار، هر ڪنهن ٻه ٽي جملا ڳالهايا. ڪلاڪ کن ۾، ’افتتاحي جلسو‘ ختم ٿي ويو.

ٻاهر نڪتاسين، ۽ اتي وياسين، جتي ميزبانن جي چوڻ موجب، سارڪ ملڪن جي نمائندن جي مسٽر نٽور سنگهه سان ملاقات ڪرڻ ۽ گڏجي چاءِ پيئڻ جو انتظام ٿيل هو. پر، ڪاريءَ وارا ڪک هئا. اهو ڏسي، هرڪو حيران ٿيو، پر، آخر پنهنجي مُنهن روانو ٿيو. اسان به ماٺڙي ڪري، ٽئڪسي ڪري هوٽل ۾ پهتاسين ۽ رات جي ماني کائي سمهي پياسين.

* * * *

صبح جو اُٿياسين، ناشتو ڪيوسون، ته گورايي صاحب چيو ته ”مان سيمينار جي اڄوڪي پروگرام جا تفصيل وٺي اچان ٿو“ ـــ ـــ ايتري ۾ ڪليم الدين اچي ٺڪاءُ ڪيو.

مان ۽ ڪليم الدين خاموشيءَ سان ويٺا رهياسين. جڏهن ويهي ويهي ڏاڍو ڪڪ ٿيس، ته خيال مٽائڻ لاءِ، دريءَ جي شيشي مان آڱر سان اشارو ڪري، ڪليم الدين کي چيم ته، ”اها گنبذ واري عمارت ڪهڙي آهي؟“

چيائين ته، ”وڪٽوريا ميوزيم. ڇو اڳي اوهان ڪلڪتي ڪونه آيا آهيو؟“

مون چيو ته، ”اسان ته اڳي هندستان ئي ڪونه آيا آهيون.“

چيائين ته، ”اوهان جو خيال هجي، ته مان سڀاڻي اوهان کي ميوزيم گهمائي اچان.“

مون سندس شڪريو ادا ڪيو. گورايو صاحب موٽي آيو. اسان ٽنهي وري منجهند جي ماني گڏجي کاڌي. ڪليم الدين موڪلائي، پنهنجي آفيس ڏي ويو. ٻئي ڏينهن، هو مون کي ۽ گورايي صاحب کي ساڻ وٺي، ميوزيم گهمائڻ هليو. جڏهن ميوزيم ڏسي، ڪمري ۾ موٽي آياسين ته گورايي صاحب چيو ته، ”ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته هندستان سرڪار جنهن شخص کي اسان تي چوڪسي رکڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي، سو ئي ڦري هاڻي اسان جو رهبر ٿيو آهي، (بلڪ اڳتي هلي واهرو ٿيو).“

گورائي صاحب چيو ته، ”ڪليم الدين ۽ اسان به ساڳيو انگُ ته فقط هڪڙو ئي آهي: ٽئي ڄڻا مسلمان آهيون، هونئن، هن جي ٻولي، لباس روزمره جو کاڌو خوراڪ، اٿيءَ ويٺيءَ جون ريتيون رسمون، ڄمڻ جو هنڌُ، ۽ وطن ـــ ـــ سَڀُ اسان کان مختلف آهن.“

* * * *

’وڪٽوريا ميوزيم‘ هڪ شاهڪار آهي. غالباً جڏهن ’پرنس آف ويلس‘ برٽش انڊيا ۾ آيو هو، تڏهن اُن جو افتتاح ڪيو هئائين. ميوزيم کي چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ ڏينهن کپن. منجهس لاتعداد ’نواردات‘ رکيل آهن. پر، هڪ ڪٻاٽ تمام غير ـــ معمولي هو. منجهس ٻه خانا هئا. ٻنهي تي واگڻائي رنگ جو ڪيمخابي ڪپڙو وڏيءَ نفاست سان وڇايل هو.

ڪٻاٽ جي هرهڪ خاني ۾ هڪ هڪ تلوار رکيل هئي. مٿئين خاني ۾ميسور جي حڪمران، حيدر عليءَ جي تلوار رکيل هئي: جوهردار ۽ چمڪدار. هيٺئين خاني ۾ وري سندس پٽ، ٽيپو سلطان جي تلوار رکيل هئي: اُها به حيدر عليءَ جي تلوار وانگر جوهردار ۽ چمڪدار هئي. پر، اُنهيءَ کي، ڄاڻي واڻي، اڌ مان ڀڃي، ٻه ٽڪر ڪري رکيو ويو هو.

مان اهو ڏکوئيندڙ منظر ڏسي، آلين اکين سان ٻاهر نڪري آيس.

* * * *

ڪلڪتي ۾ ڏسڻ جون جايون ته گهڻيون ئي هونديون. پر، وڪٽوريا ميوزيم کان پوءِ اسان کي  ٻي ڪابه عمارت ڏسڻ جي سَڌَ ڪانه ٿي.

هاڻي، روزمره جو معمول اِهو ٿي ويو، ته صبح جو گورايا صاحب سيمينار جو پروگرام معلوم ڪرڻ هليو ويندو هو ۽ يارهين بجي ڪليم الدين مون وٽ هوٽل جي ڪمري ۾ پهچي ويندو هو. منجهند جو ماني ٽيئي ڄڻا ڊائننگ هال ۾ گڏجي کائيندا هئاسون.

هڪڙي ڏينهن مانيءَ جي ٽيبل تي ويٺا هئاسون، ته مون ڪليم الدين کي آڱر سان اشارو ڪري چيو ته ”اهو آهي اسان جو ميزبان، جيڪو ڪلڪتي ايئرپورٽ تي اسان کي وٺڻ آيوهو.“

ڪليم الدين اٿيو ۽ وٽس ويو، کيس آڻي، اسان سان گڏ ٽيبل تي وهاريائين ۽ لنچ  ۾ شريڪ ڪيائين.جڏهن ماني کائي بس ڪئيسون، ته کيس وٺي وڃي ڪائونٽر تي بيهاريائين ۽ چيائينس ته، بُل ادا ڪر. ”کانئس بل پياري، وري اسان وٽ وٺي آيو ۽ اسان جي اڳيان چيائينس ته،

”تو هنن مهمانن کي دعوت نامي ۾ لکيو آهي، ته اوهان جي اوٽ موٽ جو خرچ ۽ رهائش جو انتظام اسان تي آهي. پر، هنن ۽ ٻين مهمانن جي رهائش جو تو جيڪو ’حسن انتظام‘ ڪيو آهي. تنهن جي ته توکي سربستي خبر آهي. ريسٽ هائوس ۾ فون ڪانهي، بجلي ڪانهي ۽ پاڻي ڪانهي. ـــ ـــ البت، ساهه کڻڻ لاءِ هوا آهي.“

ميزبان اهڙو ڪڇي جهڙي ڀِتِ!

ڪليم الدين چِڙَ مان چيس ته، ”هت هوٽل ۾ ته هي پنهنجي خرچ تي رهيل آهن. پر، ٻڌاءِ ته جڏهن ڪلڪتي مان موٽي دهليءَ ويندا، ته ڪاٿي رهندا؟“

ميزبان ميسڻو ٿي چيس ته ”سامهون واريءَ ٽيبل تي جيڪا عورت ويٺي آهي، سا هندستان جي پارليامينٽ جي ميمبر آهي. اُها دهليءَ ۾ هنن جي هر طرح پرگهور لهندي.“

ڪليم الدين چيس ته، ”هينئر ئي هل ۽ ساڻس ڳالهه ڪر.“

ٻيئي ڄڻا اُٿي ويا پارليامينٽ جي ميمبر وٽ، جنهن ڳالهه ٻڌي، ميزبان کي ڇڙٻ ڏئي چيو ته، ”اوهان جي معاملن ۾ منهنجو ڇا وڃي؟“

اهو ٻڌي، ڪليم الدين ميزبان کي اسان وٽ وٺي آيو ۽ چيائينس ته ڪَنَ کولي منهنجي ڳالهه ٻُڌُ:

”سڀاڻي شام تائين تو هنن ٻنهي غير ملڪي مهمانن کي واعدي موجب ڪرايي جي ادائگي نه ڪئي، ته مان توتي رپورٽ ڪندس ته تنهنجي سارڪ ملڪن جي سيمينار ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. تو ته انهيءَ بهاني سان هندستان سرڪار کي به ٺڳيو آهي، بلڪ خانگي ڌرين کان به چندي ۾وڏي رقم ورتي آهي. دراصل، تون پروفيشنل پيداگير آهين.“

ڪليم الدين غصي ۾ هو ۽ کيس سخت گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو، جو مان ۽ گورايا صاحب اتان اٿي، خاموشيءَ سان پنهنجي ڪمري ۾ هليا آياسين.

شام جو وري ”ڪلا مندر“ ۾ وياسين، جو مون کي پنهنجو پيپر پڙهڻو هو، سو پڙهيم، ته اچي چيائون ته ”ميزبان اوهان کي پنهنجي ڪمري ۾ ياد ڪري رهيو آهي. چوي ٿو، ته مهرباني ڪري جلد اچو.“

وٽس ويس، ته شرمساريءَ واري انداز ۾ نظام پئليس ۾، پنهنجن”ناقص انتظامن“ جو اعتراف ڪيائين ۽ پوءِ چيائين ته ”ايئرپورٽ تي ملاقات کانپوءِ واري اوهان سان ملي به ڪونه سگهيس. هاڻي به واعدي موجب اوهان کي اوٽ موٽ جو ڪرايو ڊالرن ۾ ته ادا ڪري ڪونه ٿو سگهان. البت، هندستان سڪي ۾ ڏيان ٿو.“

هندستاني سڪي ۾ کانئس ڪرايي جي رقم وٺي،مان ۽ گورايا صاحب هوٽل ۾ موٽي آياسين. ٻئي ڏينهن اسان جي دهليءَ روانگي هئي. جڏهن هوٽل وارن سان حساب ڇڏائڻ وياسين ته هنن به اسان جا ايڊوانس مان بچيل ڊالر واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائون ته:

”رزرو بئنڪ آف انڊيا ۾ جمع ڪيل ڊالر موٽي ڪونه ملندا آهن.“

اسان کي بل جي ايڊوانس مان بچيل رقم هندستاني سڪن ۾ ڏنائون. ماٺڙي ڪري، هوٽل مان سامان کڻي، ايئرپورٽ روانا ٿياسين، جتي ويجهو اوڏو ته ڇا، پري پري تائين ’خدا حافظ‘ چوڻ لاءِ ڪوبه ’بني بشر‘ نظر ڪونه آيو. پر، ان ڳالهه جو ڪوبه ارمان ڪونه ٿيو. بلڪ، سچيءَ دل سان شڪر ڪيوسون، جو ڪلڪتي جهڙي اوپري شهر مان، جتي اسان جو اوهي نڪو واهي، جان بچائي سنئين لڱين موٽي آياسيون. [1]

* * *

دهليءَ ڏانهن ايندڙ هوائي جهاز ۾ مون کي ۽ گورايي صاحب کي الڳ الڳ سيٽون مليون. منهنجي پاسي ۾ جيڪا سيٽ هئي، ان تي هڪ شخص ويٺو هو، جنهن کي سکن واري پڳڙي ٻڌل هئي. تعارف ڪرايائين، ته ’پوليس کاتي ۾ ايس. پي. آهيان‘. هندستان ۾ امن امان جون ڳالهيون نڪتيون، ته ٻڌايائين ته ”اندرا جي قتل کان پوءِ سکن جي جان مسلمانن بچائي هئي، نه ته دهليءَ ۾ وڏو ڪوس ٿئي ها. سو، هاڻي سک، اندروني طرح، مسلمانن سان مليل آهن.“ اسان کي مشورو ڏنائين ته، ”دهليءَ ۾ ’جَنِ پَتِ‘ هوٽل ۾ رهجو. سٺي هوٽل آهي.“

’جن پت‘ هوٽل وارن به اُٿندي ئي شرط وڌو ته ”بل جي ادائگي ڊالرن ۾ ڪرڻي پوندي.“ پر، پاڪستاني سفارتخاني جو مسٽر مَلڪُ وچ تي پيو، سو، اسان کي پنهنجن ڪاغذن ۾ سندس’سرڪاري مهمان‘ ڪري لکيائون ۽ بل ۾ اسان کي هندستاني سڪا ورتائون.

اسان ’جن پت‘ هوٽل ۾ ڏينهن پهر ٽڪياسين، ته پتو پيو ته ’جن پت‘ سٺي هوٽل ڪانهي: ’تمام سٺي هوٽل آهي.‘ ڪمرا ڪشادا، ايئرڪنڊيشنڊ. صاف، سٿرا، کاڌو نهايت لذيذ ۽ سروس شاندار، سهانگي وري اهڙي جو اعتبار ئي ڪونه اچي، ته بل پورو وٺن ٿا، يا حساب ڪتاب ۾ ڀُلَ ٿا ڪن. هڪ ڀيري مانيءَ ۾ رڳو سبزيون گهرايوسون. ــــ ـــ انهن جي رَڌَپچاءَ ۽ ساءَ جي ڪهڙي تعريف ڪجي!

’جن پت‘ هوٽل جي ويجهو ٻي هڪ وڏي عاليشان هوٽل ئي. چيائون ته ”اُتي شراب عام هلندو آهي ۽ روزانو رات جو هندستاني حسينائون، سرِعامُ، اسٽيج تي وڏي ناز ۽ انداز سان، سمورا لٽا لاهي، يوروپي نموني تي، بلڪل عريان رقص ڪنديون آهن.“

هندستان ۾ ”سيڪولرزم“ جي نالي ۾ عام آزادي آهي. آزاديءَ جي نالي ۾ ڇا نٿو ٿي سگهي! پر، عام رواجي عقل جي ڳالهه آهي ته پراون مردن جي اڳيان لٽا لاهي، سرِعامُ، پنهنجيءَ اوگهڙ جي نمائش ڪهڙي عورت ڪندي؟

غربت ئي ماڻهوءَ کان اهي جڏا ڪَمَ ڪرائيندي آهي. سو، اسان ائين ئي سمجهيو، ته اسان جي ملڪ ۾ به غربت آهي. پر، هندستان ۾ عام ماڻهوءَ جي غربت شايد اسان کان به زور آهي.

* * * *

ٻئي ڏينهن اسان پاڪستان جي سفارتخاني ۾ سفير سان ملڻ وياسين. سفير پاڻ ته موڪل تي هو. سندس نائب مليو. اسان مهذب لفظن ۾ ساڻس protest ڪيو ته:

”اوهان ڪلڪتي ۾ سارڪ سيمينار جي منتظم ۽ ڪارڪنن جي ڪابه جاچ جوچ ڪانه ڪئي ته ڪير آهن؟ بس، هُنن سيٽي وڄائي، ته اوهان هڪدم حڪومت پاڪستان کي ٽيليڪس مٿان ٽيليڪس موڪلڻ شروع ڪيا، ته ’وارو ڪيو، دير نه ڪريو، جلدي پنهنجو وفد موڪليو.“

وٽس ڪو جواب ته هئو ئي ڪونه. بس، شرمندو ٿيو.

اسان چيس ته ”اسان کي تاج محل ڏسڻ لاءِ آگري وڃڻو آهي.“

ڦڪو ٿي چيائين ته ”هندستان سرڪار کان اوهان کي گهربل اجازت وٺي ڏئي نٿو سگهان.“

اسان کي حيرت لڳي، ته سڄيءَ دنيا جا ماڻهو تاج محل ڏسڻ وڃن ٿا. پر، هن همراهه کي اها ڳالهه به ڏکي لڳي ٿي. اسان جي سفارتخاني ۾ ڪيڏا نه باصلاحيت ماڻهو ويٺا آهن! خبر ناهي ته هن جهڙا شخص، ڪهڙيءَ ’غيرمعمولي قابليت‘ ڪري سفارتخانن ۾ مقرر ڪيا ويا آهن؟ خبر ناهي ته سنڌين ۽ ٻروچن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو کين سفير جي عهدي جي لائق نٿو سمجهيو وڃي؟ اهي به ته ساڳئي ملڪ جا باشندا آهن. ننڍن صوبن ۾ حق تي ”احساس محرومي“ پيدا ٿيو آهي.

اسان چيس ته، ”دهليءَ جو هڪ اديب ڪنور مهندر سنگهه بيدي نالي آهي. اهو اسان کي خط لکندو آهي، ته ’دهليءَ اچو، ته مون سان ضرور ملو. اوهان جي صلاح ڪهڙي آهي؟“

اِها ڳالهه ٻڌي سندس واڇون ٽڙي پيون. اسان کي منٿون ڪرڻ لڳو ته ”ضرور وڃو، اِهي ڳالهيون هِتِ اسان کي ڏاڍيون ڪم اينديون.“

اِتي اسان کي اندازو ٿيو ته ’مارِ، هي همراههُ ماڳهن پرائي ٻوڙَ تي ماني ٻڌيون ويٺو آهي. مهندر سنگهه بيديءَ سان اسان جي ملاقات کي به پنهنجي ڪنهن ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪندو.‘

اسان احتجاج طور سندس چاءِ پيئن کانسواءِ اُٿي هليا آياسين.

اُهو جمعي جو ڏينهن هو. دهليءَ جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ هليا وياسين. اسان جي پهچڻ کان اڳ امام بخاريءَ جي تقرير جاري هئي. مون گورايي صاحب کي چيو ته ”نماز پڙهي ساڻس ملنداسين.“ گورايي صاحب ۽ مون مسجد جي اڳيان هڪٻئي جون تصويرون ڪڍيون.

شاهجهان جي ٺهرايل هيءَ تاريخي مسجد تمام خوبصورت آهي. هاڻي مرمت طلب ضرور آهي. پر، اڃا ڏاڍي بيٺي آهي. مسجد ڏسي، امام صاحب وٽ سندس چيمبر (حجري) ۾ وياسين.

امام بخاري هندستان جي مسلمانن ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. ڏاڍيءَ سڪ سان مليو. گرميءَ جي مند هئي، سو، دهليءَ جي دستور موجب اول لسي گهرايائين. پوءِ اسان کي پنهنجي گهر رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين.

اسان سندس شڪرادائي ڪئي.

کِلي چيائين ته ”يا ته ماني کائو، يا صاف انڪار ڪيو.“

اسان کي ”هائو“ ڪرڻي پئي.

پاڪستاني سفارتخاني وارن کي ڄاڻ ڪري، رات جو وٽس ماني کائڻ وياسن.

 بخاري صاحب ڏاڍو ٿلهو مڙس آهي. گهر ۾، گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ ائين ليٽيو پيو هو، جو ڄڻ ته ڪو پهلوان آهي. اسان کي ڏسي، قميص پاتائين. هندن جي سخت گلا ۽ سِکن جي تعريف ڪيائين.

چيائين ته:

”سکن جو اڳواڻ مون سان مسجد ۾ ملڻ آيو هو. مون کيس ميوو پيش ڪيو. نارنگيون کاڌائين. پر کلون ادب سان رومال ۾ ويڙهي ٻَڌائين. چيائين ته اُڇلائي، بي ادبي ڪونه ڪندس. پاڻ وٽ سانڍي رکندس، ته هيءَ اوهان جي ڪرم نوازيءَ جي نشاني آهي.“

ڪچهري ڪري، شاندار دعوت کارايائين. دهليءَ ۾ ٻي اهڙي سٺي دعوت فقط پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشيءَ مسٽر ملڪ پنهنجي گهر ۾ کارائي هئي.

اسان بخاري صاحب کان موڪلائي، هوٽل تي آياسين ۽ ٻئي ڏينهن لعل قلعو، ديوان عام، ديوان خاص ۽ موتي مسجد ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيوسون.

 * * *

صبح سان ٽئڪسي ڪري، دهليءَ جون يادگار تاريخي جايون گهمڻ نڪتاسين. پر، پهريائين رستي تي هندستان جي هاڻوڪي دؤر جو هڪ يادگار نظارو ڏٺوسون. وڏو ويڪرو روڊ هو. مٿس چڱيءَ ٽريفڪ هئي. الاهي سائيڪل سوار ۽ ٽئڪسيون هيڏي هوڏي پئي آيون ويون. ڪيئي مرد ۽ زالون پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارين سان پيادل به وڃي رهيا هئا. اسان جي اڳيانڪا عورت (غالباً ڀنگياڻي هئي) ميريءَ ساڙهيءَ۽ رَٻڙ جي پراڻيءَ چپل ۾، کِڙِتِ کِڙِتِ ڪندي وڃي رهي هئي. هڪ سائيڪل سوار، جنهن کي سفيد ڪڙتو، سفيد ڌوتي ٻڌل هئي ۽ مٿي ۾ سفيد گانڌي ڪئپ پاتل هئس، پاسي مان اچي لنگهيس. ڪو ڀڻڪو ڪيائينس جو ٻڌي، ڀنگياڻيءَ هڪدم پادر ۾ هٿ وڌو. سائيڪل سوارَ گهڻئي تڪڙا پيڊل گهمايا. پر، ڀنگياڻيءَ پادر اهڙو ته ڪشي هنيس، جو ميزائيل وانگر سڌو وڃي ڪياڙي ۾ لڳيس.

ڪي راهگير به انهيءَ هل هنگامي ۾ شريڪ ٿي ويا. پر، اسان جي ٽئڪسيءَ وارو ڊرائيور سک هو، سو پنهنجي ٽئڪسي پاسي سان ڪڍي، سڌو لعل قلعي وٽ اچي پهتو.

لعل قلعو هاڻي صفعا سُڃ آهي. ”محل اداسي، گليان ويران!“ جو منظر آهي. قلعي جي ٻاهرين ديوار سرخ رنگ جي آهي ۽ اڃا به ڀڀڪيدار آهي. پر، عظمت جي نشاني فقط اُها ديوار ئي رهجي وئي آهي. اندر وڏو وسيع ميدان آهي. اهو لنگهي’ديوان عام‘ ۾ پهتاسين. وڏا وڏا سنگمرمر جا پيلپاوا ۽ سهڻو تخت، ماضيءَ جي يادگيري ڏياري رهيا آهن. ديوان خاص ڪجهه بهتر حالت ۾ آهي. ٻئي عظيم تاريخي عمارتون آهن. پر، صفائي پوري ساري اٿن. مٿن، مٽيءَ ۽ مَرُ جا تَههَ ڄمي ويا آهن. سو، سندن سنگمرمر جو چمڪ دمڪ ختم به ٿي وئي آهي. اتان ٿي، موتي مسجد ۾ وياسين. ننڍڙي پر ڏاڍي سٻنڌڙي آهي. اُها به سنگمرمر جي ٺهيل آهي. مون ٻه رڪعتون نفل پڙهي، پنهنجي والد بزرگوار جي سنت ادا ڪئي. انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ دهلي گهمڻ آيو هو. ڳوٺ موٽي آيو ته اسان سان موتي مسجد جي تعريف ڪئي هئائين. ـــ ـــ غالباً ان جو سبب اهو هو ته انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ تاريخي جاين جي حفاظت سٺي هوندي هئي.

هاڻي، هندستان آزاد آهي. منجهس پنجاهه ورهين کان ’جمهوريت‘ آهي. سو، هر ڪو آزاد آهي. تنهنڪري تاريخي جاين جي تباهيءَ لاءِ ڪنهن کي به ڏوهه ڏئي نٿو سگهجي. دنيا ۾ هر ملڪ جي جمهوريت جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي. ٽيئنءَ دنيا جي ملڪن جي به پنهنجي پنهنجي جمهوريت آهي.

* * *

ٻئي ڏينهن صبح سان قطب مينار ۽ همايون جو مقبرو گهمڻ وياسين. ساڳيو قلعي وارو ويرانو. ڌوڙ پئي اڏاڻي. ٿڪائيندڙ نظارو هو.اڪيلي سِرِ، قطب مينار چڙهڻ تي، اسان جي دل ڪانه ٿي. بس، پري کان ڏٺوسون. سکر ۾، معصوم شاهه وارو منارو سراسر ٻُسو آهي. ليڪن، هن تي قرآن ڪريم جون آيتون پٿر ۾ اُڪريل آهن. پاسي ۾ تاريخي ’مسجد شوڪت اسلام‘ بيٺي آهي. پر، منجهس نفل پڙهڻ لاءِ ڪو معمولي تڏو به ڪونه هو.

همايون جو مقبرو البت، ’پر شڪوه‘ عمارت آهي. اُتي ملڪي ۽ غير ملڪي سياح جام هئا. هڪ خوبصورت يوروپي خاتونءَ سان ملاقات ٿي، جا فنِ تعمير جي ماهر هئي. ٻڌايائين ته:

فن تعمير جي ارتقائي تسلسل ۾ ’تاج محل‘ ’همايون جي مقبري‘ کان فقط هڪ دفعو مٿي آهي.

ليڪن، هيءُ تاريخي شاهڪارُ به هاڻي زبون ٿي رهيون آهن. پوري مرامت ڪانه ٿي ٿئيس. اسان کي اُهو ڪمرو به ڏيکاريائون، جنهن مان انگريزن 1857ع جي بلوي کي دٻائڻ کان پوءِ، آخرين مغل تاجدار جي ٻن پٽن کي گرفتار ڪيو هو ۽ کين لعل قلعي ۾ آڻي، پوڙهي پيءُ جي اکين اڳيان پستول جون گوليون هڻي ماريو هو.

همايون جي مقبري ۾ اهو ڪمرو ڏسي موٽياسين، ته مون کي ائين لڳو ته هندستان ۾ دهلي شهر تاريخ جا جيڪي لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن، سي ٻئي ڪنهن شهر شايد مشڪل ڏٺا هجن. ’اندر پرست‘ کان وٺي ’دهلي‘ ٿيڻ تائين، هن شهر الائي ته ڪيتريون صديون سفر ڪيو آهي. ڪڏهن گلن جي پنکڙين سان ڪنوار وانگر سينگاريو ويو آهي، ته ڪڏهن انساني رت سان وهنجاريو ويو آهي.

جڏهن نادر شاهه ماڻهن جي عام ڪوس جو حڪم ڏنو هو، تڏهن دهليءَ جي وسندڙ ٽماڙ ۽ چار ـــ ماڙ گهرن مان انساني رت جا نيسارا گهٽين ۾ وهڻ لڳا هئا. محمد شاهه مغل بادشاهه جي وزير کي عقل آيو، سو ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي، نادر شاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ ٽمندڙ اکين سان هڪ فارسي شعر پڙهيائين، جنهن جو مطلب هي هو ته:

هاڻي ته هن شهر ۾ قتل لاءِ به ڪير ڪونه بچيو آهي،

سواءِ هن جي ته قتل ٿيلن کي جيئرو ڪرين ۽ وري ڪهائين.

اهو ٻڌي، نادر پنهنجي اگهاڙي ترار مياڻ ۾ وڌي، تڏهن وڃي دهليءَ ۾ معصوم انسانن جو ڪوس بند ٿيو. ـــ ـــ دهلي اڄ تائين نادر شآهه جي ڪوس کي وساري ڪانه سگهي آهي!

روهيلن هن ئي شهر ۾ مغل تاجدار جون اکيون ڪڍي، اونڌو ڪري، کيس تخت تي وهاريو هو.

محي الدين، اورنگزيب عالمگيرُ، جنهن لاءِ هڪ تاريخنويس لکيو آهي ته ’ڪابه تهجد جي نماز قضا ڪانه ڪيائين ۽ ڪوبه ڀاءُ جيئرو ڪونه ڇڏيائين‘ تنهن هن ئي شهر ۾، سرمد کي قتل ڪرايو هو. ابوالڪلام آزاد سرمد تي ڏاڍو سٺو ڪتاب لکيو آهي. پڙهڻ وٽان آهي. سرمد ياد آيو، ته سندس هڪ فارسي رباعي منهنجن چپن تي آئي:

”صبح جو سوير جڏهن ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم ڪار سان ويندا آهن،

تڏهن محبت جا ماريل پنهنجي يارَ جي گليءَ جو رخ ڪندا آهن.“

گورايي صاحب پڇيو ته ”ڪنهن جي رباعي آهي؟“

مون چيو ته ”سرمد جي!“

ايتري کيس به خبر هئي، ته سرمد دهليءَ ۾ شهيد ٿيو هو. سو، چيائين ته ”سندس مرقد تي حاضري ڏيون.“

مون کيس چيو ته ”پوءِ سڀاڻڪو سڄو ڏينهن اهڙين زيارتن لاءِ وقف ڪريون ٿا.“

ٻئي ڏينهن، اسان زيارتن لاءِ تيار ٿي، نڪتاسين. سرمد جي مزار جامع مسجد جي سيڙهين وٽ آهي. احاطي ۾ بند آهي. ماڻهن جو چڱو هجوم اڳيئي گڏ ٿي ويو هو. سڄي مزار گلاب جي پنکڙين سان ڍڪيل هئي. اسان به مٿس گلن جي ورکا ڪئي۽ فاتحه پڙهي.

اتان ٿي، مولانا ابوالڪلام آزاد جي مزار تي وياسين. جامع مسجد اڳيان، وڏي سبزه زار جي وچ ۾، سنگ مرمر جي هڪ سهڻي چبوتري هيٺان آهي. سبزه زار کي چوڌاري وڏو لوهي ڪٽهڙو آهي، جنهن جي دروازي کي قلف لڳل هو. سو، اسان ٻاهران ڪٽهڙي وٽ بيهي، فاتحه پڙهي.

اتان ٿي نظام الدين اولياءَ جي مزار شريف تي حاضري ڏيڻ وياسين. نظام الدين اولياءُ هندستان جي وڏي هستي هو. سندس برگزيده شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج ڪانهي. تاهم، جنهن کي سندس حياتيءَ جو احوال معلوم ڪرڻو هجي، سو، خواجه حسن نظاميءَ جو ڪتاب ”نظامي بئنسري“ پڙهي ڏسي. پر، جيڪڏهن حسن سجزيءَ جو ڪتاب ”فواد الفواد“ پڙهندو، ته روحاني طرح مخمور ٿي ويندو.

امير خسرو چوندو هو ته ”حسن سجزي منهنجا سڀ ڪتاب وٺي، رڳو مون کي ’فوادالفواد‘ ڏئي.“

ايراني باشندا هندستان جي فارسي شاعرن ۾ فقط ٻن ڄڻن کي مڃن ٿا: هڪ امير خسروءَ کي ۽ ٻيو اقبال کي. امير خسروءَ جي مزار به خواجه نظام الدين اولياء جي احاطي ۾ آهي. امير خسرو تمام وڏو شاعر ۽ اوڏو ئي وڏو موسيقار هو. ۽ خواجه نظام الدين اولياء جو ازحد عقيدتمند هو. سندس مزار تي به حاضري ڏنيسون ۽ فاتح پڙهيسون.

گورايا صاحب چيو ته ”اڳو پوءِ غالب جي مزار تي به حاضري ڏئي اچون.“ انهيءَ زيارت ۾ ڪجهه مشڪل هئي، پر، سفارتخاني جي پريس اتاشيءِ، مسٽر ملڪ مدد ڪئي، سو، اسان کي عالب جي آخرين آرامگاه تي حاضري ڏيڻ جو موقعو مليو.

شاهه ڀٽائيءَ جي روضي جو جيڪو شان آهي ۽ جيڪي خلق جا جيڪي هجوم آهن، سي هرڪو ڄاڻي ٿو. پر مرزا غالب جي مزار غريباڻي ڪمري ۾ آهي. هونئن، انهيءَ ڪمري کي چوڌاري وڏي چوديواري ڏنل آهي. ڪجهه عرصو اڳ غالباً برسات پئي هئي، سو، اخبارن جا ڦاٽل ڪاغذ اڏامي، اندر احاطي ۾ وڃي ڪريا هئا ۽ برسات جي پاڻيءَ ۾ ڳري اندرئي پَٽَ تي ڄمي ويا هئا. تنهن مان صاف ظاهر هو،ته مهيني ماسي ۾ ڪنهن ٻهاري ئي ڪانه ڏني آهي. اسان کانسواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو مزار يا احاطي جي آسپاس موجود ڪونه هو. مجاور ڪوٺڙيءَ جو قلف کوليو. اندر داخل ٿياسين. فاته پڙهيسون. سخت ڪسمپرسيءَ جو ماحول ۽ منظر هو. اهو ڏسي، غالب جو هڪ شعر بيساخته منهنجن چپن تي آيو:

هستي کي فريب مين مت آجائيو اسد

عالم تمام حلقهِ دام خيال هي

غالب جي ابدي آرامگاهه جي ڪسمپرسيءَ مون کي اهڙو ته ڏکويو، جو ٻئي ڪنهن به هنڌ وڃڻ تي دل ڪانه ٿي. موٽي هوٽل ۾ آياسين، رات جي ماني سويرو کائي، ٻئي ڄڻا پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسين. [2]

صبح جو گورايي صاحب چيو ته، ”پرينهنءَ پنهنجي فلائيٽ آهي. باقي وچ تي هڪڙو ڏينهن بچيو آهي. ڪو سونهون ساڻ هجي، ته سٺو. نه ته ائين ته دهليءَ جي گهٽين ۾ هلندي، هلندي، وقت گذري ويندو.“


[1] . ڪراچي ۾ مسٽر منگهن نالي منهنجو ڀائرن جهڙو هڪ دوست آهي: سنڌ جي عام هندن وانگر صوفي مزاج جو آهي ۽ ساڳئي مزاج واري آهي سندس گهر واري، گنگا، جيڪا روزانو رات جو، اسر مهل، ننڊ مان اٿي، ڌڻيءَ جي مٺي نالي جو ذڪر ڪندي آهي. سندس مسلمان مرشد سنڌ جي هڪ وڏيءَ درگاهه جو سجاده نشين آهي. مان وري ڀيڻ گنگا جو مريد آهيان، جو هوءَ هندو ته آهي. پر مون کان وڌيڪ مسلمان آهي.

هڪ دفعي منگهن کان پڇيم ته ”تون هندستان ڪونه وئين؟“

چيائين ته ”ادا، مان ڪنهن به انسان سان به نفرت ڪونه ڪندو آهيان. انسان ته وڏي ڳالهه آهي، هر ساهواري جيت جيڻي جو به احترام ڪندو آهيان. پر، پنهنجي تجربي جي آڌار تي، ائين چوڻ لاءِ مجبور آهيان، ته ’مان پنجابي مسلمان سان ته گڏ رهڻ لاءِ تيار آهيان. پر، هندستان جي هندوءَ سان گڏ رهي ڪونه سگهندس.‘

ڪلڪتي مان دهليءَ واپس پهچڻ تي مون کي سندس قول جي صداقت جو ثبوت مليو. برابر، سنڌ جي هندوءَ ۽ هند جي هندوءَ جو سڀاءُ ساڳيو ڪونه آهي.

[2] . غالب جي موجوده مزار ۽ ان سان گڏ ڪتبخانو غالب جي آثارن جو مرڪزُ، سابق صدر هندستان ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي ڪوششن سان ٺهيو آهي. ڊاڪٽر ذاڪر حسين علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو وڏو عقيدتمند هو. مون علامه صاحب وٽ سندس هڪ محبت ڀريو خط پڙهيو هو. تازو، جهنڊي شريف جي پير سائين وهب الله شاهه راشديءَ ٻڌايم ته ”مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو به ڊاڪٽر ذاڪر حسين سان وڏو قرب جو رستو هو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com