سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4- 198

نفيس احمد ناشاد

اديبن ۽ صحافين کي سڏ

جناب سيد غوث علي شاهه

وزيراعلى سنڌ

حيدرآباد ۽ ڪراچي جا تازا واقعا هر لحاظ کان الم انگيز ۽ افسوسناڪ هئا ۽اسان مان شايد ئي ڪو اهڙو هجي، جنهن انهن واقعن جو ڏک ۽ تڪليف محسوس نه ڪئي هجي۽ ان ذهنيت کي ڌڪار جي لائق نه سمجهيو هجي، جا هن قومي الميه جي پس پرده ڪارفرما رهي آهي ۽ جا اسان جي قومي اتحاد کي منتشر ڪرڻ جي پويان رهندي اچي ٿي۽ پنهجي ان مذموم مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه موقعو هٿان وڃائڻ نٿي ڏئي . انهن اندوهناڪ واقعن جي، قومي سطع تي پڻ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ اعلى سطع تي ڳالهين ٻولهين لا متاثرين جي دک درد ۾ شريڪ ٿيڻ خاطر وزيراعظم پاڪستان جناب محمد خان جوڻيجي ڪراچي ۽ حيدرآباد جو دورو ڪيو. ان کان سواءِ، هي فيصلو ڪيو ويوته واقعن جي سنگين نوعيت جي پيش نظرانهن جي تحقيقات ۽ تدارڪ جي قدمن کڻڻ لاءِ هاء ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ هڪ ٽربيونل قائم ڪيو وڃي . اهو ٽربيونل هاڻ قائم ٿي چڪو آهي ۽ پوري توقع ڪري سگهجي ٿي ته انهي جي روشني ۾ مؤثر قدم کنيا ويندا، جيئن آئينده هميشه لاءِ اهڙن الم انگيز واقعن کي ٻنجو ڏئي سگھجي. ليڪن هن سلسلي ۾ هڪ ڳالهه اسان کي ياد رکڻ کپي ته اهڙا افسوسناڪ واقعا اسان جي زندگي ۾ هڪ وڏي خرابي ۽ ڪمزوري جي نشاندهي ڪن ٿا، ۽ ان خرابي کي دور ڪرڻ ۽ ان ڪمزوري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ معاشري جي سمورن فردن کي پنهنجي فرضن کي سمجھڻو ۽ پنهنجين ذميوارين کي پورو ڪرڻو پوندو ۽ معاشرتي شعور کي مثبت انداز ۾ بيدار ڪرڻ ۽ ان جي تحت قوم کي راه عمل ڏيکارڻ جي ذميواري، خاص طرح سان اسان جي اهل علم و دانش ۽ اهلِ قلم ۾ صحافين تي عائد ٿئي ٿي. حقيقت اها آهي ته اهڙا اندوهناڪ واقعا متاثر ته سڀني کي ڪن ٿا، ليڪن ان جو سڀ کان وڌيڪ گهَرو اثر اهلِ علم ۽ اهل قلم تي پوي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهن جا احساسات وڌيڪ سجاڳ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين ۾ انسانيت جو دک درد سميٽي وٺڻ جي وسعت وڌيڪ هوندي آهي.

اگر اسان غور ڪريون ته اندازو ٿيندو ته اهڙن واقعن جو تعلق بنيادي طور تي غلط اندازِ فڪر ۽ محدود مفادن ۽ تعصب جي جذبن سان آهي ۽ اهي انساني سماج جون اهڙيون بيماريون آهن، جن جو علاج عالمن، دانشورن ۽ صحافين جي قلم جي ذريعي ئي ممڪن آهي. علم و دانش ۽ ان جي موثر اظهار جي صلاحيت دراصل انسان جي لاءِ الله جو سڀ کان وڏو عطيو آهي ۽ الله جن کي به اها دولت عطا فرمائي، انهن تي سماج جي طرفان ڪجهه خصوصي ذميواريون ٿين ٿيون ۽ اسين اڄ جنهن ذهني انتشار جي ڪيفيت مان گذري رهيا آهيون، ان کي دور ڪرڻ جي لاءِ انهن ذميوارين جي ڀرپور انداز ۾ ادائگي ضروري آهي. پنهنجي چوڌاري نگاهه ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته اسان جي اجتماعي زندگيءَ ۾ بعض وڏين بُراين پنهنجو گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهي اسان جي قومي خوبين کي ختم ڪرڻ پويان آهن. اسان ۾ برداشت جي قوت تقريباً ختم ٿي ويئي آهي ۽ علائقائي، خانداني ۽ قبائلي عصبيتون پوريءَ طرح پنهنجا اثر ڏيکاري رهيون آهن. اهي ٻوليون، جي انسانن جي وچ ۾ رواداري ۽ ميل محبت واڌائڻ جي لاءِ الله جون نشانيون هونديون آهن. انهن کي انسانن جي وچ ۾ نفرتون ڦهلائڻ ۽ انسانن کي انسانن جو دشمن بنائڻ جو ذريعو بڻايو ويو آهي. عدل واحساس، مساوات، اخوت ۽ صداقت و ديانت جهڙن اعليٰ انساني قدرن جي گرفت، اسان جي اعمال ۽ خيالن تي مضبوط نه رهي آهي. اسان جي وچ ۾ عام طور تي هر اختلاف، ڪنهن نه ڪنهن احتجاج جي صورت اختيار ڪري ٿو وڃي ۽ هر احتجاج، بالاخر قانون شڪنيءَ جو ڪو نه ڪو رستو ٿو وٺي. اهي حقيقتون وڏي تڪليف جو باعث آهن، ليڪن بهرحال حقيقتون آهن، جن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. اهڙين حالتن ۾ اصلاح جي سخت ضرورت آهي ۽ سماج جي اصلاح جي لاءِ قانونن جي نفاذ کان وڌيڪ ايماني ۽ اخلاقي قدرن جي احترام جو جذبو پيدا ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان جي لاءِ اهلِ علم و دانش ۽ صحافي حضرات جي قلم جي توانائي وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان کي اها حقيقت سامهون رکڻ گهرجي ته اسان جو ملڪ، دشمنن سان پڻ گهيريل آهي ۽ خود اسان جي اندر به ملڪ دشمن عناصر جون مذموم ڪارروايون جاري آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته تحريڪ پاڪستان جو زمانو هجي يا قيام ۽ ذهنيتن سان سرگرم عمل پئي رهيون آهن ۽ اسان جي اهلِ علم، اهلِ قلم ۽ صحافين هميشه اهڙن عنصرن جي مذموم ارادن کي پنهنجي قلم جي قوت سان خاڪ ۾ پئي ملايو آهي.

هن وقت اسان هڪ دفعو وري پنهنجي قومي زندگيءَ جي وڏي خطرناڪ دور مان گذري رهيا آهيون. پاڪستان جون مخالف قوتون، پنهنجي پوري قوت سان سرگرم عمل آهن. انهن جي تخريبي مقصدن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ اسان کي هڪ دفعو وري پنهنجي دانشورن، اهل قلم ۽ صحافين کان فڪري رهنمائي جي ضرورت آهي. اسان جي قومي زندگي هڪ دفعو وري مطالبو ڪري رهي آهي ته اسان جا اهل قلم ان نازڪ مرحلي تي وري پوري عزم ۽ پوري ديانت سان پنهنجا فرض ادا ڪن.

پاڪستان هڪ نظرياتي مملڪت آهي ۽ نظرياتي مملڪت ۾ اگر فڪر و خيال جي آزادي به حاصل هجي ته اهڙي صورت ۾ ۽ اهل قلم ۽ صحافين جون ذميواريون ويتر وڌي وڃن ٿيون. اهل علم ۽ اهل قلم قوم جا دل و دماغ هوندا آهن. قوم جي شعور جي علامت هوندا آهن ۽ هن وقت، جڏهن ته اسين اجتماعي لحاظ کان جذبات ۽ تعصب جي سيلاب ۾ وڪوڙجي ويا آهيون، ان سيلاب کي اسان عقل ۽ شعور جي مضبوط ٽَڪرن سان ئي روڪي سگهون ٿا ۽ اهي ٽَڪر اهل علم و دانش جا افڪار ئي فراهم ڪري سگهن ٿا. اسان جي عالمن، دانشورن ۽ صحافين کي يقينا هن حقيقت جي پوريءَ ريت پروڙ هوندي ته اسان جي اجتماعي زندگيءَ ۾ انهن جو هڪ خاص مقام آهي، هڪ خاص احترام آهي ۽ اهي هڪ خاص وقار جا مالڪ آهن ۽ ان احترام، وقار ۽ مقام جي هي تقاضا آهي ته اهي ملڪي ماڻهن جي رهنمائي جون ذميداريون کڻن ۽ انهن کي احسن طريقي سان تڪميل تي پُڄائين.

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيل واقعا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته اسان جي سماجي جسم ۾ جهالت ۽ تعصب جا ناسور موجود آهن ۽ انهن جو موثر علاج حڪمت ۽ تبليغ حسنه جي ذريعي ئي ممڪن آهي. چناچه، اسان جي اهل قلم طبقي تي، موجوده حالتن جو پيش نظر هڪ اهم ۽ هڪ خاص ذميداري عائد ٿئي ٿي ۽ مون کي پوري اميد آهي ته اسان جا دانشور ۽ صحافي حضرات هن ذميواريءَ کي حسن و خوبيءَ سان تڪميل تي پهچائيندا.

دل مان نڪتل آواز اثر رکندو آهي. بالغ نظر مفڪر، دانشور، استاد ۽ تعليم جا ماهر جڏهن به لکن ٿا، ته دل سان لکن ٿا. ضمير جي آزادي ۽ افڪار جي حريت جو مظاهرو انهن جي قلم مان، انهن جي هر هڪ لفظ مان ظاهر هوندو آهي؛ هو پنهنجي قومي اساس، ملي شعور ۽ ديني قدرن کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪندا آهن، هو جڏهن سوچيندا آهن، ته قومي انداز ۾ سوچيندا آهن، هو جڏهن ڪجهه لکندا آهن، ته ملت مسلمه جي غيرت ۾ حميت کي جنجهوڙڻ جي لاءِ قلم کڻن ٿا. هو آواز اٿارين ٿا، ته غربت و جهالت ۾ پسماندگي جي ازالي ۽ خاتمي جي لاءِ هڪ همه گير، قابل عمل ۽ ٺوس لائحه عمل جي طرف عوام ۽ حڪومت جو توجهه ڇڪائڻ لاءِ. هو طبقاتي، لساني ۽ فرقيوارانه ڪشمڪش ڪو نه اڀاريندا آهن ۽ نه ئي ان کي وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهن، بلڪ ڳالهائيندا آهن، ته قومي ۽ ملي مسئلن ۽ ملڪي سالميت ۽ بقا و استحڪام جي خاطر، امنگن سان ڀريل نوجوانن کي سرگرم عمل رکڻ جي لاءِ. انهن کي هن ڳالهه جو احساس آهي ۽ ڏک به آهي ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ هيل تائين تقريبًا چاليهن سالن جي عرصي ۾ منفي، پراگنده ۽ ابتڙ افڪار ۽ خيالن جي ذريعي، اسان جي محب وطن نوجوانن کي مايوسي ۽ محرومين جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، علائقائي، نسلي، لساني ۽ طبقاتي تفريق ۽ امتياز کي هوا ڏيڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن پنهنجي زندگي جو مقصد بنائي ڇڏيو آهي. مگر اسان کي اهڙيون حالتون ڏسي گهٻرائڻ نه کپي. غيور ۽ باشعور اهل قلم، دانشور، صحافي، مفڪر، مدبر ۽ سياستدان، ملي ۽ ديني قدرن جي خلاف ڪم ڪرڻ وارن جي مذموم ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکن ته تشدد ۽ فتني ۽ فساد ڦهلائڻ وارن جي چيلهه خود بخود چٻي ٿي ويندي. عوام کي امن امان کپي. هو سُک جي ننڊ سمهڻ چاهين ٿا. چادر ۽ چار ديواري جي احترام جي آرزو رکن ٿا، محنت ۽ مشقت سان حلال جي روزي کائڻ جا شائق آهن. ته پوءِ اچو! اسان سڀ پنهنجي قلم سان، پنهنجي تحرير سان، پنهنجي خطابت سان، پنهنجي تقرير سان ۽ پنهنجي عمل سان، انهن جي رهنمائي ڪري ثابت ڪري ڏيکاريون ته اسان سڀ پوري طرح دل و زبان سان انهن سان گڏ آهيون.

[ 14 ڊسمبر 1986ع تي ڪراچي ۾ اديبن ۽ صحافين سان تبادله خيالات دوران، وزير اعليٰ سنڌ جي گفتگو جا چند مکيه نقطا]

ائٽمي هٿيار

۽

عالمي شعور

16سيپٽمبر1986ع تي سڄي دنيا ۾ امن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پيريزڊي ڪوئيار ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته انسان ذات کي تباهي کان بچائڻ لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ائٽمي تجربن تي بندش وجھڻ سان گڏ ائٽمي هٿيارن جي خاتمي جو معاهدو ڪيو وڃي . هن اجتمائي سلامتي جي طريقيڪار جو نئين سر جائزو وٺڻ ۽ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ نئين ڪوششن جي ضرورتن تي زور ڏيندي چيوته ان کان سواءِ پائدار امن مستحڪم بنيادن تي قائم نٿو ٿي سگھي. اها حقيقت پسندي نه ٿيندي ته انسان ذات کي جيڪي سنگين مسئلا آڏو آهن تن جي تڪڙي حل لاءِ ڪنهن معجزي جي توقع رکي وڃي. دنيا جي مختلف حصن ۾ اڄ به ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي ، ۽ هٿيارن جي ڊوڙ ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا به نمايان پيش رفت نه ٿي سگھي آهي . اڄ به انسان ذات لاءِ ائٽمي تباهڪاري جو خطرو موجود آهي ۽ نت نون هٿيارن جي تياري جو جنون امن ۽ سلامتي لاءِ خطري کي اڃا به وڌائي رهيو آهي. جيڪڏهن محض ڪنهن حادثي يا ٽيڪنالاجيءَ جي غلطي سان اهو تباهيءَ وارو عمل شروع ٿي ويو ته پوءِ دنيا جا سڀ کان ڏاها قومي اڳواڻ به ان کي روڪي نه سگهندا.

گذريل سال، گڏيل قومن جي اداري طرفان 1986ع کي امن جي عالمي سال “INTERNATIONAL YEAR OF WORLD PEACE” طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، انهيءَ مناسبت سان سال جي شروعات ۾ 20 کان 24 جنوري 1986ع تائين جنيوا ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ 115 غير سرڪاري بين الاقوامي تنظيمن جي 400 نمائندن ۽ 36 ملڪن جي 71 سرڪاري تنظيمن شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس ۾ جيڪي موضوع بحث هيٺ آيا، سي هي آهن: هٿيارن جي خاتمي جو مسئلو، ترقياتي ڪم، سماجي ترقي، انصاف، انساني حق، زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن جي فراهمي ۽ امن لاءِ معاشرن جي تياري، ڪانفرنس جي پڄاڻي تي هيٺين اپيل جاري ڪئي ويئي:-

”اسين دنيا جي سڀني ماڻهن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي امن جي مقصدن لاءِ متحد ٿي وڃن. هن صديءَ جي ختم ٿيڻ ۾ اڃا پندرهن سال باقي آهن. اسان کي يقين آهي ته ماڻهو پنهنجي گڏيل ڪوششن سان نئين صديءَ کي جنگ جي خطري کان محفوظ رکندا. اسان کي پوري طرح يقين آهي ۽ اهو بلڪل ممڪن آهي ته عالمي معاملن ۾ موجوده خطرناڪ لاڙن کي روڪي سگهجي ٿو. امن قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ عوام جي ارادن ۽ قومن جي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهين جي نئين جذبي ۽ سندن کليءَ دل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي انداز ۾ اسان کي اميد جا ڪرڻا نظر اچن ٿا.

اسان کي امن جي رستي ۾ خطرن جي تفصيل بيان ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ائٽمي تباهي جي ڊوڙ پنهنجي رفتار وڌائي رهي آهي: ڄڻ ته زمين ۽ سمنڊ هٿيارن جو ٻوجهه وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهن، انڪري انهن کي خلائن ۾ رکڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن. غير ائٽمي هٿيارن جي استعمال سان روزانو سوين ماڻهو مري وڃن ٿا، هزارين ماڻهو بک جو شڪار ٿين ٿا، لکين ماڻهو بنيادي ضرورتن ۽ انساني حقن کان محروم آهن، لکين اڃا تائين تسلط ۽ استحصال جو شڪار آهن. نسلي متڀيد جاري آهي، جيڪو انصاف جو نفي ڪري ٿو ۽ قومن کي تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

اسين اپيل ٿا ڪريون ته دنيا کي پر امن بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. پر امن دنيا مان مراد فقط اهڙي دنيا ناهي، جتي جنگ نه هجي ۽ جتي انسان جو فقط زنده رهڻ ئي ممڪن هجي، پر انساني وقار برقرار رهي.

اسين تاڪيد سان چئون ٿا ته ائٽمي هٿيار امن جي راهه ۾ سڀ کان وڏو خطرو آهن، ان ڪري ان سلسلي ۾ اسان جي هيءَ اپيل خصوصي ۽ فوري اهميت رکي ٿي... جڏهن اسين اهو عهد ڪري چڪا آهيون ته هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪنداسين ته هاڻي اسين اپيل ڪريون ٿا ته اچو ۽ ائٽمي تجربن کي ختم ڪرڻ ائٽمي تجربن تي بندش جو معاهدو ڪرڻ، خلا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ کي بند ڪرڻ، ڪيميائي هٿيارن ۽ تباهي وارن سڀني هٿيارن جي خاتمي ۽ عام روايتي هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪريون. اسان کي يقين آهي ته ڪو اهڙو باضابطه ۾ معتبر پروگرام جوڙي سگهجي ٿو، جنهن هيٺ هن صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين ائٽمي هٿيارن جو خاتمو ٿي سگهي.

اسين هن ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته امن جو سڀ کان ضروري عنصر انساني حقن جي بحالي ۽ آزادي آهي، جن جي ڀڃڪڙين تي تشدد اڀري ٿو، جيڪو ٽڪراءُ جو هڪ تمام وڏو سبب آهي. اسين اها ڳالهه تسليم ڪريون ٿا ته بنيادي انساني ضرورتن جي فراهمي جهڙوڪ کاڌو، گهر، صحت تعليم، محنت ۽ سٺي ماحول لاءِ امن هڪ لازمي ضرورت آهي. اسين اپيل ڪريون ٿا ته هاڻي اهڙين منظم ۽ گڏيل ڪوششن کان ڪم ورتو وڃي، جيڪي ماڻهن کي بک وگهي مرڻ کان بچائي سگهن. اسين وڌيڪ اپيل ٿا ڪريون ته اهڙيون ڊگهي مدي واريون قومي ۽ بين الاقوامي پاليسيون اختيار ڪيون وڃن، جن سان سڀني ماڻهن لاءِ غذا جي فراهمي يقيني ٿئي.

وسيلن جي موجوده غلط استعمال کي درست ڪرڻ جي خيال سان اسين قومي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا. اسان جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته هر بندوق جيڪا ٺاهي وڃي ٿي، هر جنگي جهاز جيڪو پاڻيءَ ۾ لاٿو وڃي ٿو، هر راڪيٽ جيڪو ڇوڙيو وڃي ٿو، پنهنجي آخري تجزئي ۾ انهن ماڻهن جي حق تلفي ڪري ٿو، جن کي کاڌو ميسر ڪونهي يا جن کي ڪپڙا ميسر ناهن.

معاشرن کي پرامن بنائڻ جي تيارين جي اهميت کي تسليم ڪندي اسين درخواست ڪريون ٿا ته تعليم، سائنس، ڪلچر، ۽ ابلاغ جي ذريعن کي نون بنيادن تي اهڙيءَ ريت قائم ڪيو وڃي، جيئن اهي امن حاصل ڪرڻ جو وسيلو بڻجي سگهن. انهن شعبن لاءِ جيڪي وسيلا موجود آهن، تن کي امن جي مقصدن لاءِ وڌيڪ تعميري انداز ۾ استعمال ڪيو وڃي.

سڀني قومن کي متحد ٿي امن لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اسين هڪ گڏيل روشن مستقبل انهي صورت ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسين موجوده گڏيل بحران جو مقابلو متحد ٿي ڪريون ۽ امن جي عمارت جو بنياد گڏيل تحفظ تي رکون. اسين بين الاقوامي سهڪار جي وسيع تر معاهدي جي اپيل ڪريون ٿا. گڏيل قومن جو ادارو انهي سهڪار جو عالمي وسيلو آهي، تنهن ڪري اسين انهي اداري ۽ ان جي ماتحت ادارن جي حمايت جو عهد ڪريون ٿا.

اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته اسان جي رستي ۾ زبردست مشڪلاتون آهن، اسان کي ڀروسو آهي ته امن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جا عزم ۽ ارادا ضرور ڪامياب ٿيندا.“

صدر مملڪت، جنرل محمد ضياءَ الحق، قومي سيرت ڪانفرنس (24 نومبر 1986ع، اسلام آباد) جي موقعي تي، سنڌ جي مشهور اديب ۽ شاعر الحاج رحيم بخش ”قمر“ کي، سنڌي زبان ۾ حيات طيبه جي موضوع تي سندس لکيل ڪتاب ”سيرت خاتم الانبياءَ“ تي پنج هزار رپيا انعام ۽ سَند ڏيئي رهيو آهي.

گذارش

(ايڊيٽوريل)

ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا..!

 سنڌ جي جڳ مقبول ثقافت جو مرڪز ٿر، مارئي جي حوالي سان وطن جي حُب جي بينظير علامت ٿر، سنڌي زبان جي سدا حيات باڪمال صوفي شاعرن ميين شاھ عنات، حضرت شاھ عبداللطيف ،سچل سرمست ۽ ٻين عارفن جو محبوب دڙن جو ديس ٿر، قهري قحط سبب هن سال انتهائي پيڙا سان دوچار آهي. ڏڪار ته هن صحرا جو صدين کان وٺي مقدر بنيل آهي، پر گذريل ٻن ٽن سالن کان وٺي لاڳيتو وس نه ٿيڻ ڪري، هيل بنهه ويران ۽ ڀڙڀانگ بڻجي چڪو آهي. برساتن کان پوءِ ملير جو هي ماڳ، جيڪو قدرت جي هڪ انوکي دلپذير مورت بنجي ويندو آهي، تنهن ۾ ڏڪار جي راڱن سبب هيل انساني زندگي وڏي ڏوجھري ۽ ڏکن ۾ وڪوڙيل آهي. مارُن جي واحد ميڙي چونڊي چوپايو مال وڏي تعداد ۾ بُک جو بَک بنجي چڪو آهي ۽ ماروئڙا پاڻ ان ڪڻي لاءِ سرگردان آهن. سوڪھڙي سبب کارا کوھ به سُڪي ويا آهن، انسان اشرف المخلوقات پاڻي بوند لاءِ پريشان آهي! زندگيءَ جي اهڙي ڪٺن ۽ ڪرب ناڪ ڪيفيت ۾ مارو پنهنجا ماڳ ڇڏي، نقل مڪاني تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ ناري ۽ ٻين ميداني علائقن ڏانهن پُڄڻ لاءِ راهن ۾ رُلي رهيا آهن! سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي انتهائي عروج واري هن ترقي يافته زماني ۾، مارئي جا هي هم وطن، جنهن ڀيانڪ حالت سان دوچار آهن، ان جا تفصيل ٻڌي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. ٿر جا جھونا چون ٿا ته هن صديءَ جو هي بدترين ڏڪار آهي، جو رڻ مان جنسي رت جي بوءِ اچي رهي آهي.

ٿر ۾ ڏڪار جي اهڙي درد ناڪ حالت جي پيش نظر، وزير اعظم پاڪستان جناب محمد خان جوڻيجي، وزير اعليٰ سنڌ جناب سيد غوث علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ٿر جو دورو ڪري حالتن جو تفصيلي مشاهدو ڪيو ۽ اتي جي تباهه حال رهاڪن لاءِ ٻين اپائن سان گڏ زڪوات فنڊ مان هڪ ڪروڙ ويهه لک رپين جي امداد جو بندوبست ڪيو. ان طرح اقليتن لاءِ الڳ پنجاهه لک رپين جو اعلان ڪيو. هي پهريون ڀيرو آهي، جو ڏڪارين جي سهائتا لاءِ ايڏي پيماني تي مال مدد جو انتظام ٿيو آهي، پر اهو مسئلي جي مستقل حل ناهي. ٿر جو رهواسين کي دائمي خوشحالي ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي، متعدد اپائن جي ضرورت آهي، جن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي بنيادي حيثيت رکي ٿي. ان طرح مختلف ترقياتي اسڪيمن وسيلي ٿر جي مسئلي جو دائمي حل پيدا ڪري سگهجي ٿو. سنڌ سرڪار، خشڪ علائقن جي ترقيءَ واسطي ”ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽي“ قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ ٿر پڻ شامل آهي. اٿارٽي ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي، جيئن ٿر جي سهنج لاءِ دائمي صورت پيدا ٿئي. اسان اٿارٽي کي فعال بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏيون ٿا، جيئن هي ادارو، رسمي قيام کان پوءِ عملي اپاءُ هٿ ۾ کڻي ۽ ساڳئي وقت هڪ خاص نقطي طرف ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون، اهو هي آهي ته ٿر جي جڳ مقبول ثقافت کي زنده رکڻ ۾ فروغ ڏيڻ لاءِ، ٿر جي هنرمندن جي آسائشي رهائش واسطي مختتلف هنڌن تي هنرمندن جون ڪالونيون (Artisan Colonies) پڻ قائم ڪيون وڃن، جيئن ٿر جي ثقافت جا نگهبان ۽ امين افراد سهنج ۽ سولائي حاصل ڪري سگهن.

عرساڻي صاحب جي رحلت

”عرساڻي صاحب گذاري ويو.....!“ ڪيڏي نه پيڙا آهي هنن لفظن ۾. سنڌي ادب جي خدمت جي حوالي سان عرساڻي صاحب فقط هڪ فرد جو نالو نه هو، پر هڪ دور هو ۽ هڪ انجمن هئي. 1 نومبر 1986ع تي، سنڌ وارن مشهور زمانه اديب، جناب محمد اسماعيل عرساڻي جي رحلت جي خبر ڏاڍي ڏک ۽ ملال سان ٻُڌي.

عرساڻي صاحب انهن يگانه ء روزگار اديبن مان هو، جن جي جاءِ ڀرجڻ محال هوندي آهي ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته سنڌ وري ٻيو عرساڻي صاحب پيدا ڪري نه سگهندي. سندس ادبي خدمتون هونءَ ته نهايت وسيع آهن، پر سندس ٻه ڪتاب ”بد نصيب ٿري“ ۽ ”سير ريگستان“ سنڌي ادب ۾ ڪلاسڪ جو درجو حاصل ڪري چڪا آهن.

عرساڻي صاحب سنڌي ادب، زبان، شعر، نثر، تنقيد،ڊرامه، ناول ۽ تعليم جي مثالي خدمت ڪندي اڻ مٽ نشان پيدا ڪيا آهن ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سندس نالو سدائين جرڪندو رهندو. ٻاجهاري ٻولي لکڻ جو ڏانءُ سندسِ خاصو هو ۽ مختلف صنفن ۾، مختلف موضوعن سان پورو نباهه پيدا ڪيائين، ذاتي طرح سان سٻاجهو، مرنجان مرنج، هر دلعزيز ۽ اعليٰ انساني خوبين جو مالڪ هو. هر ڪنهن سان نيڪي ڪرڻ، يار ويسي، تقويٰ ۽ پرهيز گاري سندس خاص خوبيون هيون. سنڌ جي روايتي شرافت ۽ فضيلت جو مجسمو هو.

عرساڻي صاحب 7- سيپٽمبر 1906ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. بي. اي، بي. ٽي. جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1935ع ۾ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر جي حيثيت ۾ تعليم کاتي ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين ۽ سڄي زندگي سنڌ ۾ تعليم جي مثالي خدمت ڪيائين 1966ع ۾ اسٽنٽ ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ سندس نالو نهايت هاڪارو آهي.

سنڌي ادب ۾ تعليم جي خدمت جي سلسلي ۾ عرساڻي صاحب، لاتعداد علمي مضمونن سان 42 ڪتابن جو مصنف هو، جن ۾ بدنصيب ٿري، سير ريگستان، نقش عمل، خيال خاطر، ڊزن ڊائلاگ، سنڌي سٻاجهڙا، چار مقالا، وتايو فقير، نياريون وٿون، سنڌي ڊراما ۽ ناول، دلڪشا، تعليم جي تاريخ، سنڌ جو شڪار مشهور ڪتاب آهن. وفات کان اڳ سندس سوانح عمري ”سکر سي ئي ڏينهن“ به شايع ٿي. سندس ڪتابن جي مقبوليت جو اهو عالم آهي، جو ”بدنصيب ٿري“ ڪتاب جا هيل تائين ويهه ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن.

عرساڻي صاحب کي ٿر سان خاص اُنس هو. ورهين جا ورهيه ٿر ۾ تعليم جي بي نظِر خدمت ڪندي گذاريائين، جا ڳالهه هڪ مثالي حيثيت رکي ٿي. ٿر جي ماڻهن کي به ساڻس اجهل پيار هو ۽ سندس نيڪ نالي کي گهڻو ياد ڪندا آهن.

عرساڻي صاحب گذريل ويهارو سالن کان وٺي اکين جي عارضي ۾ مبتلا رهيو ۽ آخري دور ۾ بينائي کان محرومي سندس صحت کي بنهه جهوري رکيو هو. 80 ساله سنڌ جي مايه ناز اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر سائين عرساڻي صاحب 1- نومبر 1986ع تي رحلت ڪئي. الله پاڪ سندس روح کي مغفرت سان نوازي. هن ڏکوئيندڙ موقعي تي اداره مهراڻ، عرساڻي صاحب جي فرزندن ۽ سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو.

محمد سومار شيخ جي جدائي

سنڌي ادب ۽ ثقافت جي اورچ ۽ بي لوث خدمتگذار محمد سومار شيخ 24- آڪٽوبر 1986ع تي رحلت ڪئي!

مرحوم استاد محمد سومار شيخ کي سنڌي ادب سان عموماً ۽ پنهنجي جنم ڀومي ”لاڙ“ سان خصوصا، عشق جي حد تائين پيار هو ۽ سڄي ڄمار لاڙ جي ادب ۽ ثقافت جي بي مثال خدمت ڪندي بسر ڪئي. هو لاڙ جي تاريخ جي صحيح معنيٰ ۾ ديوانو هو، جنهن جو ثبوت لاڙ ادبي سوسائٽي، لاڙ ميوزيم ۽ لاڙ بابت متعدد تحقيقي ڪتاب آهن.

استاد محمد سومار 1- جنوري 1935ع تي بدين جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ پير ڪرهيل ڀانڊاري ۾ جنم ورتو. سندس والد بزرگوار شيخ الهه بچايو سٺو شاعر هو، جنهن جي ڪليات کي پاڻ 1970ع ۾ شايع ڪيائين. سندس والد جي علمي صحبت استاد محمد سومار ۾ شاعري جو ملڪو پيدا ڪيو. عربي ۽ فارسي تعليم سان گڏ 1952ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو.

استاد محمد سومار 1956ع ۾ ڊاڪٽر نذير حسين خواجه ۽ شمشيرالحيدري جي صحبت ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. اڳتي هلي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير علي شاهه جيلاني، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ محمد عثمان ڏيپلائي سندس ادبي ذوق جي همت افزائي ڪئي. ادبي خدمت دوران پاڻ ارپڻ واري جذبي سان آغاز ڪيائين ۽ آخري دم تائين اورچائي سان ڪم ڪندو رهيو. وڏيءَ محنت ۽ مشقت سان 170 ڪتاب لکيائين، جن مان 50 کن شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ بدين ۾ هڪ پريس به قائم ڪيائين، ان ۾ سڄو ڪم مرحوم پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندو هو. سندس هڪ ڪتاب ”ڪڇين جا قول“ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي سنڌي لوڪ ادب اسڪيم ۾ مرحوم ورهين جا ورهيه مخلصانه حصو ورتو ۽ خاص ڪري لاڙ جو لوڪ ادب هٿ ڪيائين.

هڪ پرائمري استاد ۽ مالي لحاظ کان مسڪين ماڻهو هوندي به استاد شيخ محمد سومار، مقدار جي لحاظ کان جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو يقيناً مثالي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، بدين ثقافتي ميلو 1976ع، بدين، بدين ضلعي جو تعارف، بدين ضلعي جو مطالعو لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا مکيه آهن.

مرحوم لاڙ جي وسريل ورقن کي روشناس ڪرائڻ لاءِ لاڙ ادبي سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو ۽ عمر جي آخري حصي ۾ لاڙ ميوزيم قائم ڪرائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. سنڌ جي عملي ادارن-سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ميوزيم وغيره سان مرحوم کي خاص دلچسپي ۽ انس هو ۽ انهن ادارن سان مخلصانه تعاون ڪندوهو.

ذاتي طرح سان شيخ محمد سومار نهايت ٻاجهارو، مخلص، محنتي ۽ مرنجان مرنج انسان هو. نهٺائي ۽ نماڻائي سندس خاص گڻ هئا ۽ هر ڪنهن سان رس رهاڻ سندس شيوو رهيو.

لاڙ جي ادب، ثقافت، تهذيب، تاريخ، لوڪ ادب ۽ آثار قديمه جي يگاني عاشق صادق استاد محمد سومار شيخ جي جاءِ ڀرجڻ ڏاڍي مشڪل ٿي نظر اچي. رب ڪريم سندس روح کي مغفرت سان نوازي ۽ سندس پوين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com