سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :11

ملائيشيا مان انگريزي، ملئي، چيني، تامل، مليالم ۽ پنجابي ٻولين ۾ اخبارون نڪرنديون آهن، ملئي توڙي چيني ماڻهو ٻار ڄمڻ تي هڪدم ڪنهن ميوي جو وڻ پنهنجي گهر اڳيان پوکيندا آهن، ملائيشيا ۾ ناريل لاهڻ جو ڪم ڀولڙاڪندا آهن.

چينين جو نئون سال چنڊ مطابق جنوري ۽ فيبروري جي وچ ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ هر سال ٻارهن مختلف جانورن مان هڪ جي نالي سان سڏجي ٿو.چيني پنهنجو نئون سال وڏي ڌام ڌوم سان ملهائين، ڪٿي ڪٿي ته ڪرسمس، عيد يا ڏياريءَ جي ڏينهن کان به گوءِ کڻيو وڃن.

ملائيشيا جو جيتوڻيڪ مذهب اسلام آهي، پر سندس  ذري گهٽ اڌ آدمشماري چيني ماڻهن جي آهي،  چينين جو شايد شينهن وارو سال سٺ سالن ۾ هڪ دفعو ڇوڪرين لاءِ نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي، ان سال ۾ ڄايل ڌيئون ڪيترائي چيني پاڻ وٽ نه رکن ۽ بدبختيءَ کان بچڻ لاءِ پهرين ئي هفتي کين گهر کان ٻاهر ڪڍيو ڇڏين، پوءِ کانئن ملئي مسلمان اهي نياڻيون وٺي نپائين ۽ اهي قانوني طرح پڻ مسلمانن جو اولاد سڏجن، سندن نالو مذهب ۽ پيءَ جي ملڪيت ۾ اوترو ئي حصو رهي، جيترو اسلامي طرح رکيو ويو آهي، ملائيشيا ۾ تعويز ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ کي بوموBomuh  سڏيندا آهن،ملئيل لفظ

ڪانگ ڪانگ Kong Kong جي معنيٰ آهي ٽنگون ڦاڙي بيهڻ، ڀت کي ناسي Nasi  چون.صدين کان هلندڙ رواج موجب ملاڪا رياست ۾ شاديءَ بعد ڪنوار گهوٽ جي گهر نه ويندي آهي پر گهوٽ ٽپڙ کڻي اچي ڪنوار جي گهر رهندو آهي.

چيني قبر کي عورت جي پيٽ وانگر ان ڪري ٺاهين ٿا جو هنن جو اهو فلسفو آهي ته هر هڪ ماءُ جي پيٽ ۾ ڄمي ٿو ۽ مرڻ بعد ان کي اهڙي ئي پيٽ ۾ وڃڻ کپي.ملائيشيا جي قومي چڙيا گهر جو نالو زورنگاراZoonagara  آهي، ملئي لفظ نگارا جي معني آهي ملڪ يا ملڪي قومي وغيره

ملئي زبان ۾ رستي يا روڊ کي جلاناJalana سڏجي ٿو، طرف يا رخ يا پاسي کي هالا سڏيندا آهن.ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر جي گهٽي گهٽي ۾ ڪمند جي رس Air Tube وارو ضرور ملندو، پينانگ واري پل ساڍا تيرهن ڪلوميٽر ڊگهي  پل ايشيا جي سڀ کان وڏي پل آهي ۽ هيءَ پل دنيا جي ٽيون نمبر وڏي پل آهي.

3. جت جر وهي ٿو جال:

نيو فيلڊ پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايل هي ڪتاب آگسٽ  1988ع ۾ ڇپيو، ڪتاب ۾ ٽوٽل 184ع صفحا آهن، ڪتاب جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي، هو مهاڳ ۾ لکي ٿو:” هوم سڪنيس جي مريض سنڌين کي ملڪ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ ۾ الطاف  جي اکرن جون به وڏو هٿ رهيو آهي“.هن ڪتاب ۽ سفرنامي جي ذريعي الطاف شيخ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو ته ڪلانگ ندي جنهن سان ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ گومباڪ به ملي ٿي، سڄي گپ سان ڀريل آهي، ان گپ جي ئي ڪري هن شهر تي ڪوالالپور نالو پيو، ملئي زبان ۾ گپ کي ”لمپر “Lumper  سڏجي ٿو ۽Kuala  ”ڪئالا يا ڪوالا “ معنيٰ ندي جو منهن.لبوح معنيٰ گهٽي، پاڊانگ معنيٰ ميدان، ڪوالالمپور شهر سئو سوا سئو سال پراڻو آهي، ملائيشيا جي آزادي جو ڏينهن 31 آگسٽ آهي.مسجد جامي کان پوءِ جالان ملايو ويجهو ئي آهي، جيڪو نالي مان ته لڳي ٿو ته ان تي ملئي گهڻا هوندا پر حقيقت ۾ اتي انڊين آهن،  گهڻو  تعداد ڏکڻ هندستانين جو آهي، ان بعد گجراتي، سک ۽ سنڌين جا دڪان پڻ آهن.

ملائيشيا سڄو وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ سان ڀريل آهي، ملائيشيا جا ڪيترائي جهنگل سئو ملين، ڏهه ڪروڙ سالن کان به پراڻا آهن، ٽيمپلر پارڪ پڻ انهن مان هڪ آهي، هي 1954ع ۾ عام پبلڪ لاءِ کوليو ويو، ٽيمپلر پارڪ ، ڪوالالمپور کان 20 ميل پري آهي، قدرت جا نظارا ڏسڻ واري لاءِ باتو غارون Batu caves  به اهم شيءَ آهي، گنتنگ هاءِ لئنڊ، فريزر هل ۽ ڪئمرون هل ملائيشيا جا مشهور پهاڙي علائقا آهن، ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو سبانگ آهي، ملئي زبان ۾ ڪن جي ايرنگ کيSnbang  سڏجي ٿو.ملئيل زبان ۾Kepah  سپ کي چوندا آهن.

ڪئالا سلنگور بعد اڳيان تنجنگ ڪرانگ شهر آهي ، جيڪو هن رياست جي چانورن جو وٽو Rice-Bowl سڏيو وڃي ٿو ،چوڌاري سارين جو ئي فصل نظر اچي ٿو ۽ سڄي رياست کي چانور هتان  مهيا ٿين ٿا.

ڪوالالمپور  جي مشهور ترين رستي جالان تنڪو عبدالرحمان تي گلوب سلوڪ اسٽور نالي هڪ ڇهه ماڙ دڪان آهي، جتي سئو کن ڇوڪريون Sales Girls  ڪم ڪن ٿيون، اهڙيون ويهارو کن ڪئشيئر ڇوڪريون پئسا وصول ڪرڻ تي آهن، هي دڪان ڪشو ڄيٺانند نالي هڪ هندو سنڌيءَ جو آهي، تان سري ”لقب “ ڪشو ڄيٺانند جو والد ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ کان هتي آيو هو، اهو 1928ع جو سن هو، ڪشو ڄيٺانند جي زال مونا، جنهن جي نالي تي ملاڪا ۾ ”مونا انڊسٽريز “ آهي سا به مڙس سان واپار ۾ ٻانهه ٻيلي آهي.

-پام آئل ملائيشيا جو سونوفصلGolden crops  آهي.

ملئي  ماڻهن ۾ ٽن جو انگ به خراب سمجهيو وڃي ٿو، شيون ڪنهن کي ڏبيون ته چوندو هڪ وجهي چار ڪري ڏي يا هڪ ڪڍي ٻه ڪري ڏي، ٻيو ته ٺهيو پر فوٽوءَ لاءِ 3 ڄڻا بيهڻ به سٺي ڳالهه نه سمجهي ويندي آهي.ملائيشيا ۾ مينهن، سريلنڪا ۾ هاٿي، سعودي عرب ۽ بحرين ۾ اٺ جو نشان روڊ تي هوندا آهن ڇو ته اڪثر اهي جانور روڊ ڪراس ڪرڻ ۾ هوندا آهن، ڏيڏر مٿان ڏيڏر جو نشان وري نيدر لينڊ(هالينڊ ) ۾.ملئي زبان ۾ سڪ، سار ۽ ياد کي رندوRindu  چئجي ٿو، انيIni  معنيٰ  هيءَ ۽ هاتيHiti  معنيٰ دل.”ڳالهيون آهن ڳچ“ ۽ ”جت جر وهي ٿو جال“ ٻئي ڪتاب يا سفرناما  ملائيشيا جي پسمنظر ۾ لکيل آهن، انهن ٻنهي ڪتابن ۾ ملائيشيا جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ملي ٿي، الطاف شيخ هينئر پاڻ خود ملائيشيا ۾ پڙهائي رهيو آهي، ان سبب جي ڪري به کيس ملائيشيا بابت تمام گهڻي ڄاڻ آهي.

4. ارائونڊ دي ورلڊ:

الطاف شيخ جو سفرنامو ”ارائونڊ دي ورلڊ“ جنهن جو مهاڳ حميد سنڌي لکيو آهي، سندس مهاڳ جو عنوان آهي ”سنڌ جو ڪولمبس “ هن ڪتاب ۾ 191 صفحا آهن ۽ نومبر 1982ع ۾ ڇپيو.

ارائونڊ دي ورلڊ سفرنامي جي شروعات ۾ ڪجهه ملڪن ۽ ماڻهن جي گڏيل ڄاڻ ڏنل آهي ۽ ان کان پوءِ  پورٽ سعيد (مصر)، آروس(ڊينمارڪ)، ڪئناڊا، بالٽيمور (آمريڪا)، ٽوڪيو(جاپان) ميڊيٽيرنين سمنڊ، ڪولمبو (سريلنڪا)، انگلينڊ راسٽڪ (ايسٽ جرمني)  چين، عرب، عربي  زبان وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي.

هن ڪتاب ذريعي الطاف شيخ وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي لکي  ٿو ته ”ناروي ۾ اسان جا پاڪستاني جام آهن، اوسلو ته سڄو ڀريو پيو آهي، اتر ناروي ۾ جتي سيارو ته سخت ٿڌو ٿئي (گوڏن جيتري برف جي ٻوري ۾ هر شي ڍڪي پئي هوندي آهي ۽ ٽيمپريچر ڪاٽو ويهه پنجويهه ڊگرين تائين وڃي نڪرندو آهي)، پر اونهارو به اسان جي سياري کان گهڻو ٿڌو ٿيندو آهي، نارويجن ماڻهو ايترو صلح پسند ۽ نرم دل آهن جو ڪنهن پکي يا جانور کي به هروڀرو نه ستائين، ناروي ۾ سماجي ۽ جنسي آزادي آهي، بنا شادي جي ٻار ڄڻڻ به خراب نه ٿو سمجهيو وڃي.“ناروي، ڊئنمرڪ ۽ سويڊن جا ملڪ ”اسڪينڊينيويا “ پڻ سڏجن، اهي ملڪ ذري گهٽ  هڪ قوم سمجهي وڃي ٿي، سندن زبان به هڪٻئي سان ملي ٿي، ايتري قدر جو ڪو ڊئنش پنهنجي زبان ڊئنسڪ ڳالهائيندو ته نارويجن سمجهي ويندو پوءِ هو ڀلي کڻي ڊينسڪ ڳالهائي نه سگهي، رنگ، قد بت، نقش روپ ۾ به ڪو خاص فرق نه اٿن، گهڻي ڀاڱي  سڀ اڇي رنگ جا قداور، ڀورن وارن ۽ آسماني يا ناسي اکين وارا، سڪندر اعظم جي قبر تي هڪ شعر لکيل آهي، جنهن جو مفهوم هي آهي:

”۽ هاڻ هي مٽيءَ جو ڍير

هن لاءِ تمام گهڻو آهي

جنهن شخص لاءِ جڏهن جيئرو هو

سڄي جهان جي ڌرتي به ٿوري هئي.“

نيل نديءَ جي کاٻي ڪپ تي سقارا ۽ داهشور شهرن وٽ فرعونن جا ٺهيل پرامڊ ٿا ڏسجن ته سڪندر وارو زمانو به انهن اڳيان پوءِ جو ڄاول ٻار ٿو لڳي، سڀ کان پراڻو پرامڊ، عيسوي سن کان به 2650 سال اڳ ”جوسر فرعون “ لاءِ تيار ڪيو ويو هو ۽ اها دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي پٿر جي ٺهيل شيءِ آهي جا اڄ تائين  با سلامت بيٺل آهي. مصر جي يونيورسٽي Cairo University ۾ پنجانوي هزار شاگرد تعليم وٺن ٿا ۽ اها يونيورسٽي نه فقط وچ اوڀر ۾ پر سڄي دنياجي وڏي ۾ وڏي آهي.

هندستان جي موهن سنگهه اوبيراءِ سخت محنت، پورهئي، هوش ۽ جذبي ۽ سٺي ڀاڳ کيس ايسٽ انڊيا هوٽلس جو چيئرمين ۽ ٽن کنڊن ۾ سندس هوٽلن جو بادشاه بڻائي ڇڏيو آهي، اوبيراءِ نالي هوٽلون نه فقط هندستان ۾ آهن پر اسپين کان انڊونيشيا تائين پکڙيون پيون آهن.سئيز ڪئنال نومبر 1869ع ۾ کوٽجي راس ٿيو هو، فرانس جي راڻي Empress Eugenie ڪيو، 1956ع ۾ ڪئنال مرحوم جمال عبدالناصر نئشنلائزڊ ڪيو ۽ ڪئنال جي سالياني ڪرائي اٽڪل 227000000 ڊالر مصر کي ملڻ لڳي، 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري لڙائي بعد هي ڪئنال نو سال کن بند رهيو، سڄي ڪئنال ٽپڻ ۾ تيرهن چوڏهن ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا.

”ڊئنمارڪ ۾ جنهن کي نوڪري ناهي، ان کي سرڪار طرفان ڀتو ملي ٿو، جنهن مان هو سولائي سان جاءِ جي مسواڙ، لائيٽ جو بل، کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو لٽو خريد ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ڀتو نوڪري واري پگهار جو نوي سيڪڙو ٿو ملي“

5. اي جرني ٽوٿائلينڊ:

سفرنامي ”اي جرني ٽوٿائلينڊ “  الطاف شيخ جو سٺو سفرنامو آهي، هن ۾ 255 صفحا آهن، سفرنامي جو پيش لفظ لکندي ارشاد عباسي چوي ٿو: ”الطاف شيخ جا سڀئي سفرناما ان ڪسوٽي تي پرکي سگهجن ٿا، سندس رجحان هميشه داخلي Introvert ۽ Subjective رهيو آهي، هن هر  ان ڳالهه تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،  جنهن ۾ جدت  هجي، ڪاٿي ڪاٿي انهن سماجي ۽ ثقافتي اثرن جو به ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي سنڌ جي ثقافت سان ڀيٽي سگهجن ٿا.“

الطاف شيخ ٿائلينڊ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو ته ” ٿائلينڊ جو ملڪ ڪجهه ڪجهه هاٿي جي منهن جهڙو آهي، جنهن جي سونڍ هيٺ ڏکڻ ڏي هلي وڃي ٿي، جتان پوءِ ملائيشيا  شروع ٿئي ٿو، ٿائلينڊ ڪڏهن به برطانيا يا ڪنهن ٻئي يورپي ملڪ جي ڪالوني ٿي نه رهيو.

بئنڪاڪ 1782ع کان وٺي ٿائلينڊ(سيام) جي گادي جو هنڌ آهي، بئنڪاڪ جي آدمشماري اٽڪل 40 لک آهي، ملڪ جو پراڻو نالو  سيام ۽ ٿائلينڊ نالو 1939ع ڌاري تجويز ڪيو ويو، ٿائلينڊ  جي معنيٰ آهي ”آزاد ماڻهن جو آستانو “ ٿائلينڊ تي جڏهن چڪري گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو ته جنرل چڪريءَ پاڻ کي رامان پهريون سڏايو، اڄ جو حاڪم راما نائون آهي، جيئن هر آمريڪن ۽ سنگاپوري کي ٻه سال ملٽري ۾ رهڻو آهي تيئن هر ٿائي ٻڌ کي زندگي جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ٽڪڻ ڪوڙائي، ڪفني کڻي، ڪشتوکڻي، ٻائي جي زندگي گذارڻي آهي، پوءِ ڪي ننڍي  هوندي ئي ٻاوا ٿين ته ڪي وڏي عمر ۾.ٿائلينڊ جو راما چوٿون، هاڻوڪي بادشاهه جو پڙ ڏاڏو ۽ راجا چولا لانگڪارن جو پيءُ  جنهن جو اصلي نالو منگڪوت هو، پڪا سارا ستاويهه سال گيڙو ڪپڙا پائي هٿ  ۾ ڪشتو کڻي مختلف مندرن ۾ بکشو ٿي رهيو، ٻڌ خانڪاهه جي وڏي ليڊر بکشوءَ کي پر-مهاPer-Maha  چئجي ٿو.

ٿائلينڊ ۾ ملئي نسل جي رهاڪن کان علاوه چيني، ڪمپوڊين، برمي، ويٽنامي، لائونسي ۽ ڪجهه انڊين به آهن، جتي لائوس، برما ۽ ٿائلنڊ ملي ٿو، هڪ جابلو علائقو آهي، جيڪو چن ۽ ڏوڏيءَ جي پوک ۽ واپار کان دنيا ۾ بدنام آهي، ٿائلينڊ جو سرڪاري مذهب ٻڌ آهي، ۽ سڪو ڀات آهي.ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن، هانگ ڪانگ، برما کان ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، سريلنڪا ۾ ڪيترائي پاڪستاني پنجابي پٺاڻ رهن ٿا، جيڪي هينئر کان نه ورهاڱي کان به گهڻو اڳ انگريز فوج سان آيا، پهرين ٻي وڏي لڙائي بعد هت ئي ترسي پيا.

ٿائلينڊ جي ڳوٺن جا ڪيترائي غريب ۽ قرضي ٿيل ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجون ڌيئرون يا واپرين کي وڪڻي ڏين ٿا، اهي ڪجهه فائدي تي ٽين ڌر کي وڪڻي ڏين ٿا ۽ آخر اهي بئنڪاڪ ۽ چڻانگ مائي، پتايا ۽ هاتيائي جهڙن شهرن جي ڪلين، حُتلن مساج پالرن ۾ اچيو پهچن ۽ هر وقت بدلجندڙ يا ساڳي مالڪ جو هر حڪم کين مڃڻو پوي ٿو، بئنڪاڪ ۾ ٻه هزار مساج گهر ۽ چڪلا آهن، جن ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق اڍائي لک ڇوڪريون ڪم ڪنديون آهن.

شهر ڪانجانابوري ۾ ريلوي جي اها بدنام پل آهي، جيڪا جاپانين ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن ۽ يورپي جنگي قيدين کان ٺهرائي، انهن کان علاوه ڀروارن ملڪن جي مڪاني ماڻهن کي پڻ ان ڪم ۾ لڳايو ويو، هيءَ ريلوي پل انسان جي انسان تي ظلم جي علامت سمجهي وڃي ٿي، هن ريلوي جو ڪم جون 1942ع ۾ شروع ٿيو ۽ آڪٽوبر 1943ع ۾ ڪوائي پل سميت مڪمل ٿيو، جنگ جي يورپي قيدين کان علاوه اٽڪل 3 لک ايشيائي ماڻهن پڻ ان موت جي ريلوي تي ڪم ڪيو ۽ ان سال سوا ۾ ان ڪم پٺيان 61 هزار ته فقط جنگي قيدي مري ويا، ان کان به گهڻا اٽڪل ڏيڍ لک انڊونيشي ۽ ملئي مري ويا.

ٿائلينڊ ۾ سانن ۽ مينهن جون ستُر کن بينڪون آهن.الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ نه صرف تفريح سمايل آهي پر ان سان گڏوگڏ ان ملڪ جي تاريخي، سماجي، سياسي، ادبي ۽ مذهبي ڄاڻ پڻ ملندي آهي، سفرنامن جي ذريعي جيڪو سگهارومواد ۽ دنيا جي ڄاڻ الطاف شيخ ڏني آهي، اوتري اڄ تائين ڪنهن به ليکڪ نه ڏني آهي اهوئي سبب آهي هو سندس نانءُ سفرنامن جي حوالي سان اهم جاءِ ولاري ٿو.

حوالا

1. ٽماهي مهراڻ 2-1-1992ع

2. منهنجو ساگر منهنجوساحل (الطاف شيخ)

3. ڳالهيون آهن ڳچ(الطاف شيخ)

4. جت جر وهي ٿو جال (الطاف شيخ)

5. ارائونڊ دي ورلڊ(الطاف شيخ)

6. اي جرني ٽو ٿائلينڊ (الطاف شيخ)

تنوير جوڻيجو

عورت، سماج ۽ ڏاڍ

       عورت جي حوالي سان جيڪڏهن عورت جي سماجي حيثيت جو جائزو وٺبو ته عام طور اسان کي عورت جا ٻه روپ نظر ايندا يا ته عورت قدرت پاران هڪڙو خوبصورت عطيو آهي جنهن جي ڪري دنيا ۾ سونهن آهي، حسن ۽ پاڪيزگي ۽ دلربائي آهي.

يا وري عورت قاتل آهي، ڏانئڻ آهي، گمراهه آهي، جيڪا مرن کي گمراهي ۽ غلط ڪارين جي رستي تي هلائي ٿي، انهن ٻنهي انتهائي صورتن کان علاوه عورتن جي ٽين ۽ عام صورت ته اسان کي شايد ئي ملي سگهي ”عورت جا هڪ فرد آهي  ۽ عورت جا هڪ انسان آهي“بقول آسٽريليا جي هڪ خاتون ايڪٽوسٽ ”جرمين گريئر “ جي :”مردن ۽ عورتن جي اٺيتاليهه ڪروموزومس مان ستيتاليهه هڪ جهڙا هوندا آهن، رڳو هڪڙي جنسي ڪروموزوم جي فرق سببان عورت ۽ مرد سان ورتاءُ ۾ اسان ايترو ته فرق ڪندا آهيون جو محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اٺيتاليهه ئي ڪروموزومس الڳ الڳ آهن)“(شي-26)

سماج ۾ عورت جي حيثيت تعين ڪرڻ لاءِ سماج جي وضاحت به لازم آهي ۽ انهيءَ حوالي سان عورت جي ڪارج جو به ڪاٿو سولائي سان  ٿي ويندو.سماجياتي لغت موجب:”سماج انسانن جو هڪڙو وڏو گروهه جيڪو ڪن فائدن جي حاصلات لاءِ سهڪار ڪري، جن ۾ وجود جي بقا ۽ نسل جو واڌارو شامل آهي، سماج جو اصطلاح، مرڪب صحبتي ناتن جي بناوت ۽ تسلسل تي مشتمل آهي، سماج ۾ بنيادي انساني قسمن جا نمائندا جهڙوڪ مرد، عورتون ۽ ٻار شريڪ هوندا آهن .“

مٿين وصف کي جيڪڏهن آڏو آڻبو ته ان ۾ اسان کي عورت جي برابري جي صورتحال نظر ايندي،  بلڪه ڪجهه قدر، عورت جي حيثيت وڌيڪ مقدم نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته سماج جو بنيادي ۽ اهم فرض انساني نسل جي بقا ۽ واڌي ويجهه جو محور ۽ ضامن آهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي تسليم ڪندي اڄوڪي سائنس چوي ٿي ته :”عورت تخليق جو سرچشمو آهي، انساني نسل جي واڌ ويجهه ۾ مرد جو ڪم تمام مختصر ۽ عارضي آهي ۽ رڳو چند منٽن تائين محدود آهي، پر عورت جو ڪم اڻانگو ۽ ڊگهو آهي، ٻار کي پنهنجي جسم اندر پورا ڏهه مهينا سانڍي رکڻ، کيس جنم ڏيڻ جي تڪليف ده عمل کانپوءِ ڌارائڻ ۽ نپائي تاتي جوان ڪرڻ اهو آهي عورت جو فطري فرض ان ڪري فطري چونڊ لاءِ عورت مرد کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم آهي، جيڪڏهن فرض ڪجي ته هڪ ڏينهن هن ڌرتيءَ تان سمورا مرد غائب ٿي ٿا وڃن ته ان صورتحال ۾ انساني نسل جي بقاءَ ۽ واڌ ويجهه جو حقيقي امڪان پوءِ به ان صورت ۾ بچندو ته فطري چونڊ جي عمل ذريعي عورت ۾ جنهن ۾ آنن پيدا ڪرڻ جي تخليقي صلاحيت موجود آهي، اها به صلاحيت پيدا ڪئي وڃي ته هوءِ آنن کي پنهنجي جسم اندر خودڪار لڳ ڪرڻ جي عمل وسيلي پاڻ ئي لڳُ ڪرائي، نتيجي ۾ اڪيلي سر ڪنهن به مرد جي ڪاڻ ڪڍڻ کانسواءِ هڪ ٻار پيدا ڪري وجهي! پر عورت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ انساني نسل جو باقي رهڻ ناممڪن ٿي پوندو “ (م س -263)

باوجود انهيءَ حقيقت جي ته عورت انساني تخليق جو سرچشمو آهي، سماج جي واڌ ويجهه جو  باعث آهي پوءِ به ڪيترائي اهڙا نادان انسان آهن، جيڪي قدرت جي هن خوبصورت تخليق کي ڪره ارض تان مٽائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن نه رڳو جساني طور عورت کي ختم رڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، پر نفسياتي، ذهني ۽ روحاني طريقي سان به عورت کي فنا ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، ته جيئن عورت نه سوچي سگهي نه لوچي سگهي ۽ نه وري انساني حقن جي چارٽر تحت برابريءَ جي دعويٰ ڪري سگهي، عورت تي ظلم، تشدد ۽ جبر ڪندڙ ڪي ڌاريا ڪو نه پر عورت جا پنهنجا عزيز و قريب آهن، روز عورت  ٿي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ تشدد جون وارداتون اخباري صفحن جون سرخيون بڻجي انساني مهذب پڻي جو مذاق اڏائن ٿيون، اهو مهذب انسان جيڪو ايڪيهن صديءَ ۾ داخل ٿيڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي!.

”ڪراچي، وار اگيسنٽ ريپ، پنهنجي تازي صورتحال ۾ چيو آهي ته پنجاب اندر عورتن مٿان جنسي تشدد وارا واقعا صوبائي حڪومت جي  ڪنٽرول مان نڪري ويا آهن، پنجاب اندر روزانو چئن عورتن مٿان جنسي تشدد ٿي رهيو آهي، ٻاويهه هزار عورتن، مڙسن ۽ سندن خاندانن مان تنگ ٿي نڪاح ٽوڙائڻ جون درخواستون ڪورٽن ۾ داخل ڪرايون آهن، ايڪٽيهه هزار چار سئو عورتون هينئر دارالامان يا اپنا گهر ۾ داخل آهن، پنجن مهينن دوران پنجاب ۾ ڇائيتاليهه عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب پنجاب حڪومت بار بار دعويٰ ڪرڻ جي باوجود به عورتن مٿان ڏاڍ ختم ڪرائي نه سگهي آهي، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سنڌ اندر هر چوٿين  چوٿين ڏينهن عورت سان زيادتي جو واقعو ٿئي ٿو پر ان کي به ” ڪارو ڪاري “ جو نالو ڏنو  وڃي ٿو، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پنجاهه هزار عورتون کلي عام ۽ لک ڇپ ۾ مجبورين تحت جسم فروشي ڪن ٿيو (ع آجون 9609) اخبار جا علامت آهي اڄ جي ۽ تاريخ جا نشاندهي آهي ڪلهه جي ڪلهه کان اڄ تائين، عورت هر روپ ۾ جبر ۽ تشدد جو شڪار آهي، نياڻي جي روپ ۾ به ته زال جي صورت ۾ به، ٻيو ته ٺهيو پر ماءُ جي صورت ۾ به پٽ جي ڏاڍ جو شڪار بڻجي ٿي، ”گولاڙچي ، کور واهه شهر ۾ اسماعيل مڱڻهار پنهنجي ماءُ کي بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس ڪيس داخل ڪري قتل جو ڪارڻ معلوم ڪري رهي آهي(ع آڪٽوبر 20-96)“.

”شڪارپور ۾ نوجوان پٽ  هٿان ماءُ قتل، گهربل رقم نه ملڻ تي ماءُ مٿان ڪهاڙين جا وار ڪيا “ (ع آ-آڪٽوبر 20-69ع

رتوديرو ڳوٺ جيئند ۾ سورنهن سالن جي پٽ منور بوزدار پنهنجي پنجٽيهه سالن جي ماءُ مسمات زينب کي بندوق جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، قتل بابت معلو ٿيو آهي ته فوتڻ ڪجهه عرصو اڳ کان مائٽن ڏانهن وڃڻ پئي چاهيو (آ-مارچ 12-1)

ڪوٽ امين شاهه ۾ پٽ عبدالرحمان بدڪرداريءَ جي شڪ ۾ پنهنجي ماءُ  مسمات چراغان بي بي جي سسي ڏاٽي سان وڍي ڇڏي، ۽ وڍيل سسي سرعام بازار ۾ کڻي گهمڻ لڳو، جنهن تان ماڻهن کيس پڪڙي ٿاڻي حجرا ۾ ڪيس داخل ڪرايو “ (ع –آ-جولاءِ 5-96ع)

عورت تي ظلم و ستم جا ڪيترا قصا روز اسان کي نظر  ايندا ۽ عورت ويچاري ڪلهه کان اڄ تائين، مرد جي ڏاڍائي جو شڪار بڻي، پنهنجي  ذات جي بقا ۽ آزادي لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي، عورت جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي حوالي سان جيڪڏهن تاريخ جو  اڀياس ڪبو ته اسان کي ٽي دور نمايان نظر ايندا.فطري دور، مرد جي حاڪميت جو دور ۽ حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو دور.

ڇا عورت ايڏي جاکوڙ ۽ ڪوشش  کانپوءِ منزل ماڻي سگهي؟ اهو هن تحقيقي مقالي جو آخري حصو هوندو”عورت ڪلهه ۽ اڄ جي عنوان سان “.۽ اهو عورتن جي حوالي سان ڪلهه ۽ اڄ جو ڀيٽاڻو اڀياس هوندو.

فطري دور:

فطري دور مان مراد آهي اهو آڳاٽو ۽ اوائلي دور جنهن ۾ انسان فطري زندگي گذاريندو هو، ڌاريي رنگ روپ ۽ نقش نگارن کان پاڪ، مهذب ٿي ۽ تهذيب يافته اصطلاحن کان هٽي ڪري ان حالت ۾ جنهن ۾ خدا کيس خلقيو هئو، ان دور ۾ انسان محض انسان هو، مرد عورت يا ٻار ۾ ڪو فرق نه هئو، هر ماڻٰهو زندگي گذارڻ ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ محنت ڪندو هو، قدرت پاران اپايل ڀاڄيون ۽ ميوا ميڙيندو هو ۽ جهنگلي جانورن کان بچاءُ لاءِ گڏيل حڪمت عمليون پيو  جوڙيندوهو، هن دور ۾ عورت جو رتبو مرد جي ڀيٽ ۾ ڪي قدر سرس هو، ڇاڪاڻ ته ڪٽنب ۾ عورت جي حيثيت ڪي قدر اڳڀري هئي، ڪٽنب سماج جو بنيادي ايڪو ماضي ۾ به گهڻي ڀاڳي خانداني ڪم  عورت ئي سر انجام ڏيندي هئي، ان ڪري ڪٽنبن ۾ عورت جي حيثيت بنيادي هوندي هئي، جڏهن ته مرد جي حيثيت سطحي ۽ ثانوي ڪن  قبيلن ۾ ته مرد جي حيثت محض هڪڙي نر  جانور جيان هئي،  جنهن کي نسل جي واڌ ۾ ڪو به رتبو حاصل نه هو ۽ جيڪي جنسي عمل مان گذرندي ٻار ته پيدا ڪندا هئا پر  علت ۽ معمول جي رشتي کان بي  خبر اولاد جي پيدائش محض عورت جو ئي ڪارنامو تصور ڪيو ويندو هو(ت ج -50) هيءَ دور پٿر جي دور کان آڳاٽو دور هو پر پوءِ انسان  سبزين ۽ قدرتي ميون سان گڏ گوشت به واپرائڻ لڳو،  ڇاڪاڻ ته سبزين جو مدار موسمن تي هو ۽ انسان کي خوراڪ جي ضرورت هر موسم ۾ هئي، پٿر جي دور جي آغاز سان انسان شڪار ڪرڻ شروع ڪيو، شڪار جيئن ته جسماني محنت طلب ڪندڙ ڏکيو پورهيو هو ان ڪري هن عمل ۾ مرد  عورت کان اڳڀرو ٿيو ۽ پٿر جي دور جي آغاز سان قبيلي جي  وحدت تي ساڳي رهي البته عورت جو ڪردار ڪي قدر ثانوي بڻجي ويو ۽ سماج ۾ سبزيون ميڙيندي هئي  پر جهنگلي جانورن جي کلن صاف ڪري پوشاڪ به  بنائيندي هئي هن ئي دور ۾ هڪڙو اهم ڪم پڻ عورت جي حوالي ٿيو ۽ اهو  اهم ڪم هو جانور پالڻ، مرد جڏهن شڪار تي ويندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن کيس جئرا جاڳندا جانورن جا ٻڇڙا به هٿ ايندا هئا ته زخمي جانور به مرد اهي آڻي عورت جي حوالي ڪندو هو.

انهيءَ دوران گهر جي ڀرسان رهندي به عورت هڪڙي عظيم ۽ انقلابي شيءَ متعارف ڪرائي، جنهن سان سماجي ۽ گهرو زندگي ۾ وڏي ۽ عظيم تبديلي آئي، اها عظيم ۽  انقلابي شي هئي زراعت، زراعت جي ڪري انسان پهريون ڀيرو حضري زندگي اختيار ڪئي، بدوي ۽ سفري زندگي کي ڇڏيو، ۽ انسان پنهنجي غذا پاڻ پيدا ڪرڻ جي قابل ٿيو.جيئن ته زراعت، عورت جي محنت جو ڦل هئي، ان ڪري معاشري ۾ عورت جي  حيثيت وڌي(س ح -56).

۽ ڪيترن  غير مهذب قبيلي وارن جو خيال هو ته اهو ڪم رڳو عورت ئي بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهي ٿي، مشهور محقق ۽ دانشور سبط حسن پنهنجي ڪتاب ”ماضي ڪي مزار “ ۾ سر جان فريزر جي حوالي سان لکي ٿو: ”سر جان فريزر آمريڪا جي اورنيڪو قبيلي جو هڪڙو  واقعو بيان ڪيو آهي جنهن سان عورت جي زراعت سان وابستگي  جي دعويٰ کي هٿي ملي ٿي، هڪڙو پادري اورنيڪو قبيلي جي ماڻهن تي اچي  ڪاوڙيو چي ”عورتون ڪڇن “ تي ٻار کنيو سخت ڪاڙهي ۾ پيون ٻج پوکين،  اوهان آهيو جو انهن جي  ڪا مدد نه ٿا ڪيو؟ قبيلي وارن هٿ ٻڌي پادري کي چيو ”اي مقدس  پيءُ اوهان اها ڳالهه نه ٿا سمجهو، اوهان کي ته ڄاڻ آهي اولاد  عورتون پيدا ڪن ٿيون پر اسان نه ! هي جڏهن ٻج پوکن ٿيون ته جوئر جي ٻوٽن مان ٻه ٻه ٽي ٽي سنگ ڦٽي ٿا پون ۽ پٽاٽن جون به ٻه ٻه ٽي ٽي ٽوڪريون نڪريو اچن ٿيون ۽ اهو سڀ ان ڪري جو هي عورتون ٻار پيدا ڪرڻ ڄاڻ ٿيون ۽ کين خبر آهي ته هڪ ٻج مان گهڻو اناج ڪيئن پيدا ڪجي ۽ اهو سڀ  ڪم اسان نه ٿا ڪري سگهون  بس انهن کي اهو ڪم ڪرڻ ئي ڏيو “ (س ح -60) زراعت جي ابتدا سان ئي سماج ۾ مادرانه سماجي سرشتو يا مائيتو سماجي سرشتو شروع ٿيو، هن نظام تحت هر شخص جا حق ماءُ جي حوالي سان مقر ٿيا، عورت قبيلي جي سربراهه بڻي، سندس ئي نالي سان ڪٽبن هلڻ لڳو، سندس ئي نالي سان نسل هلڻ لڳو، زمين ۽ ڪٽنب گڏيل ملڪيت هوندا هئا، معاشري ۾ ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو وڌيڪ مضبوط هوندو هو، مڙس جو واسطو جيئن ته الڳ قبيلي سان هوندو هو ان ڪري اهو اجنبي هو ۽ ان دور جي عورت هڪ  ئي وقت ڪيترا مڙس رکندي هئي، محض هڪ مڙس سان رهڻ جي روايت نه هوندي هئي“(م ع -24).

”سماج ۾ مائيٽي  نظام جو سلسلو صدين تائين رائج رهيو، مصر، عراق، يونان، ايشيا ڪوچڪ ۽ واديءَ سنڌ ۾ به اهو نظام سالن  جا سال هليو، مصر ۾ ته فرعونن جي دور تائين ، تخت و تاج جي حقيقي

مالڪ ۽ مندر جي مها پروهت ملڪه هوندي هئي ۽ فرعونن کي شادي کانپوءِ ئي تخت و تاج حاصل ٿيندو هو، نه رڳو ڪلهه پر اڄ به اهڙا قبيلا آهن، جتي مائيتو سماجي سرشتو رائج آهي، آسام ۽ بنگلاديش جي سرحدي علائقي ۾ کاسي نالي هڪڙو قبيلو آهي جتي اڄ به مائيتو سماجي سرشتو رائج آهي ( س ح -58ع عورت جي محڪوميءَ جو دور پدرانه سماجي سرشتي کان پوءِ شروع ٿيو ۽ اهو سفر يا تبديلي ڪا ٻن ڏينهن جي نه پر سالها سال جي ارتقائي عمل جو نتيجو هئي ۽ ان جو مختصر ۽تفصيلي جائزو ڊاڪٽر مبارڪ  علي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ۽ عورت “ ۾ هنن لفظن ۾ چٽيو آهي: ” مال جي پالنا  سان گڏ آهستي آهستي سماج ۾ به تبديلي اچڻ لڳي، اڳ پوک کرپي ۽ ڪوڏر سان ٿيندي هئي پر هاڻي هر ڪاهجڻ لڳو ۽ اهو ڪم طاقتور جانور جي ذمي هو، اهڙي طرح معاشري ۾ ڌاتو به متعارف ٿيو، ڌاتو  ڳارڻ جو ڪم نه رڳو مرد ڪيو پر ان مان اوزار به بنايا ۽ اوزار هلائڻ جي فن کان به لطف اندوز ٿيڻ لڳو، اوزارن ۽ هٿيارن جي مالڪي سان مرد نه رڳو جانور تي قبضو ڪي پر عورت کي به پنهنجي محڪوميءَ ۾ آندو ۽ ٻين هيڻن کي به غلام بنايو ۽ معاشري ۾ ” ڏاڍو سو گابو “ وارو سرشتو رائج ٿيو، ملڪيت ۽ خاص طرح ذاتي ملڪيت جو تصور اڀريو، ملڪيت جي سنڀال لاءِ گهڻن هٿن جي ضرورت پئي، مرد ڪٽنب وڌائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ڪيتريون ئي زالون رکيون ۽ اولاد پيدا ڪيو، پنهنجي وڌندڙ طاقت جي آڌار تي قبيلي جو سربراهه بڻيو ۽ ائين پدرانه سماجي سرشتي ، سماج ۾ آمريت، مطلق العناني، فاشزم ۽ انفراديت پرستي جو رجحان وڌو”(م ع -25).

 

مرد جي حاڪميت جو دور

پدرانه سماجي سرشتي جي آغاز سان ئي عورت جي حيثيت محض هڪڙي مادي چيز واري بڻي، جنهن جو مالڪ ۽ مختيار مرد هو پيءُ جي روپ ۾ به ، ڀاءُ جي روپ ۾ به ته پٽ جي شڪل ۾ به اها صوتحال نه رڳو آڳاٽن معاشرن ۾ پر اڄ سوڌو مهذب معاشرن ۾  به موجود آهي.

”اوائلي دور ۾ غير مهذب ثقافتن جهڙوڪ آمريڪي انڊين قبيلن ۾ مرد عورتن سان سختيءَ سان پيش ايندا هئا، خدمتون به ٺندا هئا ته ڪُتي ڪري به ڪوٺيندا هئا، نيوڪيلنڊونيا ۾ عورت کي ڇپر هيٺان

سمهاريو  ويندو هو ۽ مرد جي سمهڻ جي جاءِ گهر جي اندر هوندي هئي، ڪن قبيلن ۾ ته مڙس ان ڪري زالن سان نه سمهندا هئا ته ڪٿي سندن زالن جا ساهه کين ڪمزور نه ڪري ڇڏين(ت ج -54).

اهڙي طرح آڳاٽن مهذب معاشرن ۾ به عورت کي نهايت خسيس تصور ڪيو ويندو هو، يونان جيڪو علم و ادب جو مرڪز هو مشهور يوناني مفڪر ارسطو جو چوڻ هو: عورت مرد جي بگڙيل صورت آهي ۽ ٻار پيدا ڪرڻ ۾ هو رڳو مواد پيدا ڪري ٿي جڏهن ته ٻار کي  شبيهه سندس پيءُ  ڏئي ٿو، ان ڪري ٻار کي ماءُ بجاءِ پيءُ سان وڌيڪ محبت ڪرڻ گهرجي“ ۽ ارسطو ان ڳالهه جو به مخالف  هو ته ڪو عورت کي مذهبي سلسلن ۾ شامل ڪيو وڃي، (م ع -34) اهڙي طرح روم ۾ عورت جي حيثيت بيان ڪندي جرمن تاريخدان ٿيوڊور مومزن، رومين جي زوال جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو: جيئن جيئن عورت جي سماجي حيثيت  وڌڻ لڳي تيئن تيئن رومي معاشرو زوال پذير ٿيندو ويو، پراڻي دستور ۾ عورت قانون تحت مڙس جي نگرانيءَ ۾ هوندي هئي مڙس اختيارن جي معاملي ۾ پيءُ برابر هوندو هو، غير شادي شده عورت وٽ پنهنجي ڪا به جائداد ڪا نه هوندي هئي بنا  پيءُ ۽ بنا مڙس واري عورت کي اها اجازت نه هوندي هئي ته هو پنهنجي رقم پاڻ خرچ ڪري، پر هاڻي عورت کي پنهنجي رقم خرچ ڪرڻ جو اختيار مليو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عورت مختلف قسمن جا قانوني حيلا هلائي رهي آهي ۽ عورت جي  ۽ عورت جي اها آرزو به وڌي رهي آهي ته هو دنيا جي حڪمرانن تي حڪومت ڪري، لباس، زيورن، عمارتن جي سجاوٽ  ۽ کاڌن ۾ فراواني اچي وئي آهي ۽ ايشيائي ۽ يوناني عيش عشرت روم ۾ اچي ويو آهي ۽ انهن سڀني براين جي جڙ عورت ئي آهي ( م ع -15) “ هن تحقيق مان جرمن قوم جي عورتن بابت ٻه اکيائي جي به نشاندهي ٿئي ٿي، ٿيوڊور مومزن ادب جو  نوبل انعام حاصل ڪندڙ اديب هو.

وادي سنڌ جي تاريخ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته هڪڙو دور اسان کي اهڙو به نظر ايندو، جڏهن مائيتو سماجي سرشتو هلندڙ هو، ماتا ديويءَ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، پر پوءِ آرين جي آمد سان پدرانه سماجي سرشتي ترقي ڪئي ۽ ان دور ۾ ماڻهو پٽ جي شديد تمنا ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته هنن جو خيال هو ته جيڪو ماڻهو بنا اولاد مري ٿو ۽ جنهن کي پنڊ ڀرائڻ ۽ پترن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پٽ ناهي اهو پوءِ نالي نرڪ دوزخ ۾ پوي ٿو، انهيءَ ڪري ان دور جا ماڻهو پٽ گهرندا هئا ته نه رڳو جئري  ٻانهن ٻيلي ٿين پر مرڻ کانپوءِ به ڪم اچن، انهيءَ ئي دور ۾ ملڪيت جو مالڪ پيءُ هوندو هو ۽ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ملڪيت جا وارث پٽ هوندا هئا، پر پٽن جي غير موجودگي ۾ ڏوهٽا ملڪيت جا وارث ٿيندا هئا، ڌيئن کي ملڪيت ڪو نه ملندي هئي(آڀ-225) وقت گذريو سماج ۾ اهل ڪتاب مذهبن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ اسلام ڪجهه قدر عورت جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي   نه ته ٻين وٽ عورت جي حيثيت اها ساڳي رهي، يهودين ۾ عورت گناهه ڏانهن راغب ٿيندڙ هستي هئي، شهوت ۽ رقابت پيدا ڪندڙ ۽ فساد جو ڪارڻ هئي (م ع 32) ملڪيت جي حوالي سان عورت نه ملڪيت جي حقدار هئي نه ورثي جي سندس ذاتي ڪمائي جو مالڪ سندس پيءُ يا مڙس هوندو هو(چ غ-393).

”عيسائيت ۾ به چرچ، عورت جي رتبي کي ويتر ڪمزور ڪيو ۽ هن ڳالهه جي خاص طرح ڪوشش ڪئي ته راهب ۽پادري عورت کان دور رهي ڇڙي زندگي گذارن ۽ انهيءَ صورت ۾ هو گناهن کان بچي سگهيا ٿي، چرچ جي مشهور عالم البرٽ دي گريٽ جي لفظن ۾ “ عورت مرد جي ڀيٽ ۾ اخلاقي طور گهٽ آهي، جيئن ته عورت ۾ مرد جي ڀيٽ ۾ پاڻياٺ مادو وڌيڪ آهي، ان ڪري عورت گهڻين شين کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته پاڻياٺ مادو سولائي سان حرڪت ڪري سگهي ٿو، ان ڪري عورت جي مزاج ۾ غير مستقل مزاجي هوندي آهي ۽ هر مرد کي پاڻ کي عورت کان محفوظ رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هوءَ زهريلي نانگڻ ۽ سڱن واري شيطان سمان آهي “(م ع -49).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com