سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :20

هاڻي پاڪستان هڪ آزاد رياست طور دنيا جي نقشي تي اڀري ٿو اچي پر جلد پوءِ احساس ٿيو ته اها آزادي آزادي نه  هئي اهو ته آزادي جو مدهم خيال يا ڏند ڪٿا هئي، ان سلسلي ۾ مان پنهنجي عظيم اڳواڻ ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم   ذوالفقار علي ڀٽي کي ضرور ياد ڪندس، جنهن اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ ان جي قيمت کيس جان ڏئي ادا ڪرڻي پئي، ڀٽي  صاحب کي 4 اپريل 1979ع تي عدالتي قتل وسيلي ختم ڪيو ويو.

آخر  ڀٽي   صاحب جو ڏوهه ڇا هو؟ اهو ته هن اصولن کي نه ڇڏيو، فوجي  آمر ۽ غاضب جي اڳيان نه جهڪيو اهو ته پاڪستان بابت پنهنجي خوابن کي نه ڇڏيو.

موت جو تصور ۽ خيال جنهن جي اسان ٿوري گهڻي تشريح صوفي بزرگن جي مثالن وسيلي ڪري آيا آهيون، ان ۾ هاڻي جي جديد دور ۾ بنيادي تبديلي  اچي چڪي آهي، سامراجي دور ۾ اسان جي قدرتي وسيلن کي اسان کان کسڻ جو دور هو، ان دور ۾ اسان جو ننڍو کنڊ (هندستان ۽ پاڪستان ) غريب ترين علائقو ٿي ويو ۽ ان تي سماجي ۽ اقتصادي ماهرن گهڻو ڪجهه  لکيو آهي، سامراجين پوري ڪوشش ڪئي ته جيترو به گهڻو نقصان هو اسان کي پهچائي سگهن ٿا   پهچائين.

1857ع اهو سال آهي، جنهن دوران اسان پنهنجي آزادي لاءِ پهرين جنگ وڙهي ۽ محسوس ڪيو ته اسان جي سامهون نئين صورتحال هئي، هڪ نئين دنيا اسان جي اڳيان هئي، ان نئين  صورتحال جو قومي ترانو اهو هو ته اسان کي پنهنجي وطن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻيون پونديون، موت جو نظريو هڪ صورت وٺي سامهون آيو.

صوفي بزرگن لاءِ ”موت “ دنيا جي فضوليات پريشانين وغيره کان فرار جو وسيلو هو پر وطن دوست شاعرن، اديبن، آزادي لاءِ وڙهندڙن لاءِ آزادي سواءِ قرباني جي ممڪن نه هئي، ظالم خلاف اها جدوجهد سجاڳ ذهنن پوري هوش حواس سان ڪئي ٿي ته جيئن آزادي کي يقيني بنائي سگهي، ٻئي صورت ۾ آزادي هڪ پريشان خواب هئي.

اسان جي قومي شاعر علامه اقبال (1938-1877) پنهنجي شاعري ۾ شهيد جي زندگي اختيارڪرڻ لاءِ ماڻهن کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن ماڻهن کي زندگي براءِ زندگي واري غلط انداز کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي آهي، حياتي الله تعاليٰ طرفان اسان لاءِ تحفو آهي، منزل تائين پهچڻ لاءِ انسانن وچ ۾ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي نفس کي سنوارڻو، سڌارڻو ۽ ان کي نيڪي ۽ آزادي جي راهه تي هلائڻو پوندو، ”نفس “ جي صحيح  تربيت ڪرڻي پوندي، اقبال جدوجهد جو رستو  پسند ڪيو هو ۽ جن ”ترڪ دنيا “ ۽ ”ترڪ نفس “ جو سهارو ورتو هو، انهن کي پنهنجي  تنقيد جو نشانو بنايو هو، ڪيترن بزرگن اقبال جي مخالفت ڪئي پر هن پنهنجي فلسفلي  ”خودي “کي نه ڇڏيو ۽ زور ڏنو ته جيڪڏهن اسان کي قوم مان ڪاهلي ۽ انحطاط جهڙين بيمارين کي ڪڍڻو آهي ته خودي جي فلسفي کي پنهنجو ڪرڻو پوندو.

اهڙي طرح پاڪستان جي هن فلسفلي شاعر قوم ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ زندگي کي هڪ نئين معنيٰ بخشي زندگي، ترقي ۽ مقصد جهڙن اعليٰ قدرن جي هم  معنيٰ ٿي  پئي ۽ انسان جي مجموعي ترقي ۽ فطرت سان هن جي هم آهنگي ممڪن ٿي سگهي، اهو هڪ انقلابي فلسفو هو، هاڻي موت جي تمنا نه ٿي ڪئي وئي پر  اها سوچ وڌي رهي هئي ته زندگي کي ڪهڙي طرح بامقصد ڪيو وڃي، ان کي ڀرپور ڪهڙي ريت گذاريو وڃي.

اسان جي هن ننڍي کنڊ ۾ 1930ع واري ڏهاڪي دوران ادب ۾ هڪ نين پر جاندار تحريڪ جنم ورتو ۽ جنهنل اسان کي گهڻو اتساهه ڏنو هو، اها هئي ”ترقي پسند تحريڪ “ ان تحريڪ اسان جي  ڪيترن ئي شاعرن، اديبن، مصورن وغيره کي ان تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي آماده ڪيو جو هي تحريڪ سامراج جي خلاف هئي ۽ اهو ته (دولت جي )  پيداوار مدي خارج ۽ سماجي ناانصافي، نابرابري ۽ ظالم ورڇ تي ٻڌل ۽ ان جو نتيجو هئي ان نظام کي بدلائڻ هنن پنهنجو فرض  ٿي  سمجهيو.

14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مملڪت طور اڀري آيو، هي واقعو ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڪوشش جو ثمر هو، جنهن مطابق هنن ملڪ جي انهن  علائقن ۾ آزاد وطن قائم ڪرڻ جي  تمنا ڪئي هئي، جتي مسلمان اڪثريت ۾ هئا، پاڪستان جو عوام هڪ طرف جمهوريت پسند هو ته ٻئي طرف اقتصادي اصلاحات ۾ يقين رکندڙ هو، پر 25 سالن جي هڪ ڊگهي عرصي تائين ملڪ جي عوام کي جمهوري حقن کان محروم رکيو ويو،  اقتصادي اصلاحات فقط هنن جي خواب ۾ هئا، پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ هوجنهن ۾ سياستدان جمهوريت سان اک ٻوٽ راندڪندا  ٿي رهيا ۽ آخر 1958ع ۾ ملڪ تي مارشل لا جو عذاب نازل ڪيو ويو، ان مارشل لا اهڙين حالتن کي جنم ڏنو جو ان جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي پيو، پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو، ذوالفقار علي ڀٽو نئين پاڪستان جو ليڊر ٿي اڀريو،   ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي اميد هو، هنن جي جذبن جو اظهار هو، سندن اميدن جو آسرو هو،   ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستانن قوم کي شڪست جي شرمندگي مان ٻاهر آڻڻ ٿي چاهيو، هن پاڪستان جي دشمنن کي وائکو ڪرڻ ٿي گهريو ۽ ان ۾ شايد ڪا تعجب جي ڳالهه نه هجي ته انهن  خفيه طاقتن کي هن  کي پاڪستان جي سياسي پردي تان هٽائي ڇڏيو، اسان  ان کي عدالتي  قتل به چئي سگهون ٿا ۽ شايد اهو  واقعو پهريون ۽آخري واقعو هجي، ذوالفقار علي ڀٽي وچين دور جي صوفين وارو موت نه ٿي چاهيو ۽ نه وري  قبول ڪيو، هن ڄاڻي واڻي اهو عدالتي موت قبول ڪيو ته جيئن سندس هم وطن هن جي شهادت مان زندگي حاصل ڪن، هر اهو  رهنما جيڪو خوشي سان شهادت طرف وڃي ٿو ۽ موت قبول ڪري ٿو، سوئي عوام جي دلين ۽ روحن ۾ دائمي جاءِ والاري   ٿو،، اهو ئي سبب آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به هڪ شهيد طور ياد ڪيو وڃي ٿو، هي  شخص پنهنجي پوئلڳن لاءِ مشعل راهه آهي، جيڪي هن جي مقصد ۽ مشن کي   وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات   مشغول آهن، هن جي ٻاريل اها شمع سندس لائق صاحبزادي ملڪ جي موجوده وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي مضبوط هٿن ۾ آهي.

مان حيران ۽ پريشان آهيان ته آخر مان ڪهڙي ريت صوفين جي موت بابت نظريي ۽ انسان ذات جي عظيم انسانن مثلاً قُرت العين طاهره لوريڪا، ناظم حڪمت وغيره جي موت بابت نظريي جي ڀيٽ ڪريان ۽ ڇا ان جي ضرورت به آهي.

انهن بزرگن کان  علاوه ٻين به شهيدن جا مثال آهن، مثلاً ذوالفقار علي ڀٽو، الانديAllenda  جيڪي اسان جو ڌيان چاهين ٿا، مون کي صوفي جي ترقي واري نظريي ۽ جديد ترقي واري نظريي ۾ ڪو خاص فرق نظر نه ٿو اچي، فرق  فقط اهو آهي ته اهي ٻئي نظريا تاريخ جي جدا جدا دورن جي نمائندگي ڪن ٿا،  اهي ٻئي نظريا هڪ  ٻئي جي برعڪس نه پر هڪ ٻئي جا مددگار آهن.

ڇا اها ڳالهه دلچسپ نه آهي ته ” مرڻينگ “(Dying)  بابت اهي نظريه ناقابل  قبول آهن، اسان کي خبر آهي ته موت “ ته هڪ حقيقت آهي ۽ جڏهن مرڻينگ هڪ مريض جي اها ڪيفيت آهي جنهن  سان اسان جي طبي ماهر جنگ ۾ مصروف آهن، اهي ٻاهر اهڙا علاج ڳولڻ ۾ مصروف آهن، جيڪي بيمارن ۽ ”مرڻينگ “ کي بچائڻ ۽ ”بيمارين جو علاج “  ۽ انهن جو مقابلو ڪن

اها ته هڪ يقيني ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي زنده  رهڻ واري خواهش جبلت تي روڪ ڪري نه ٿا سگهون، ”موت “ پنهنجي مختلف معنيٰ ۾ هڪ اهڙو امر آهي، جنهن جي مناسب معنيٰ لاءِ انسان کي ڳولا جاري رکڻ گهرجي ها ان جي معنيٰ ۽ مفهوم هڪ کان ٻئي شخص ۽ هڪ گروهه کان ٻئي گروهه هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ جدا جدا هوندو آهي.

سيد علي انور شاهه

            سنڌيڪار: نصير مرزا

ٿرپارڪر جون ساروڻيون

قدرت جي خوبصورتي، ماڻهن ۽ سندن طور طريقن، سندن  مذهب، ثقافت ۽ رهڻي ڪهڙي سان هڪ عجيب لڳاءُ هونئن ته منهنجي زندگي جو هڪ حصو رهيو آهي،پر اهو لڳاءُ ان وقت تائين گهڻو وڌيو، جڏهن مان  ثقافت ۽ تاريخ سان ٽمٽار هن عظيم الشان خطي ۾ پهتس.هن خطي سان منسلڪ منهنجي ڪهاڻي 1984ع جي سيپٽمبر جي هڪ صاف ۽ روشن ڏينهن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن مان ميرپور خاص جو  اسسٽنٽ ڪمشنر  اپوائنٽ ڪيو ويو هئس، جيتوڻيڪ منهنجي اپوائنٽمينٽ ويهن ڏينهن تائين روڪي وئي هئي پر مان ان ڪري به خوش  هئس جو مون کي ٿري ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽  اتان جي  منموهيندڙ منظرن کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ پرکڻ جو هڪ بهترين موقعو مليو، چارج وٺڻ کانپوءِ مون کي ڀرپور نموني سان ڪم ڪرڻ۾ ڏکيائي درپيش آئي، ڇاڪاڻ جو مون وٽ رهڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هئي پر خوش قسمتيءَ سان ان  ڏکيائيءَ مون کي ٿرين جي مهمانوازيءَ سان روشناس ڪرايو، ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ مون کي گهر مليو، ٿورو سڪون محسوس ڪري مون سوچيو ته هاڻي مان   بهترين طريقي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيئي سگهان ٿو پر قسمت کي ٿر ۾ هلندڙ هوائن وانگر اڃا به ٻي ڪهاڻي  ''Thatta through centuries seminar''   ڪرائڻ ۾ ڪن اڻ  ٽر سببن جي ڪري ناڪام رهيو هس، تڏهن مان ٺٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هس ۽ ان سيمينار ڪرائڻ لاءِ مونکي تڏهن جي تعليم کاتي جي وزير چئلينج پڻ ڏنو هو.جيئن هر  رات کانپوءِ صبح ٿيندو آهي، تيئن  هن دفعي مان وڌيڪ پر عزم هئس ۽ پرعزم هجڻ سان گڏوگڏ مان سمجهان ٿو ته ڪجهه خوش قسمتيءَ به ساٿ ڏنو جو مان ٿر ميلو ڪرائڻ  م ڪامياب رهيس، 1985ع ج ڊسمبر جي آخر ۾ هڪ ئي وقت ٿر ميلو عمرڪوٽ، ميرپور خاص ۽ مٺي ۾ ٿيو، جنهن جي افتتاحي تقريب ميرپور خاص ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جو گورنر جنرل جهانداد خان مکيه مهمان هو، جڏهن ته ٻي افتتاحي تقريب عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ ٿي، جنهن ۾ سيد غوث علي شاهه شرڪت ڪئي، هن ميلي جي ڪاميابي منهنجي خيال ۾ ڪنهن کان به ڳجهي نه  هوندي، ڇو ته ميڊيا جي سڀني ذريعين ان کي وسيع پروجيڪشن ڏني هئي، ان جو هڪ روشن پهلو اهو به هو ته پرائيم منسٽر اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان محمد خان جوڻيجي ٻاهرين ملڪن جي ويليگيشنس ۽ صفارتڪارن جي ڪري ان ميلي جو وقت وڌرايو هو ۽ انهن به اسان جي اميدن مطابق ٿرين جي لوڪ ورثي کي تمام گهڻو ساراهيو، ۽ ائين ٿر ميلو معاشري جي هر طبقي ۾ پسند ڪيو ويو، ٿر ميلي جي مقبوليت لاءِ مان مرحوم عبدالڪريم پليءَ، ڊاڪٽر هرچند راءِ، علي مردان  شاهه، معمور يوسفاڻي ۽ نيڪ محمد نوهڙي جو بي حد ٿورائتو آهيان، جن جي اڻ ٿڪ محنت ۽ مدد هن ميلي جي شهرت جو ڪارڻ بڻي.

ٿر متعلق پنهنجون يادون محفوظ ڪندي مون کي هڪ نهايت دلچسپ واقعو ياد پيو اچي،  جنهن کي ٿر جي سحر انگيز لوڪ ادب ۾شمار ڪري سگهجي ٿو، مون کي   ياد پيو اچي ته اها هڪ خوبصورت شام هئي، جنهن مهل مون کي سنڌ زڪوات ڪائونسل طرفان ڳوٺ ”جيسي جي پڙ “ لاءِ انڪوائري ليٽر مليو، ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جنهن مهل مان جيسي جي پڙ وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هئس ته مون کي ڊرائيور ٻڌايو ته  سائين ٻاهر هڪ ٿريو اسان کي جيسي جي پڙ وٺي وڃڻ لاءِ انتظار پيو ڪري، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽  بي خودي ۾ مون پنهنجي پاڻ سان  ڳالهايو:

يار ڪنهن کي ڪيئن ٿي خبر پئجي سگهي ته مان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان، بهرحال ٿورو  مشڪي مان ان ٿريئي کي اتي ڇڏي پنهنجي ڊرائيور سان گڏ روانو ٿي ويس پر ان مهل منهنجي حيرت جي انتها  نه رهي جڏهن مان ڳوٺ ۾ داخل ٿيس ته اتان جا ماڻهو  منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا ۽ مون کي ڏسڻ لاءِ آتا  هئا،  منهنجي ويهڻ ۽ منجهند جي ماني لاءِ اڳ ۾ ئي انتظام ڪيو ويو هو، ڳوٺ ۾ ڪنهن عام موڪل جهڙو ماحول هو، مون کي ائين لڳو ڄڻ اها سنڌ زڪوات ڪائونسل نه پر اڳ ڳوٺ جا ماڻهو ها، جن مون کي  اچڻ جو سڏ ڏنو هو، مون کي جيسي جي پڙ جي هڪ تمام پراڻي ٺهيل مدرسي جو منظر به چڱي طرح ياد آهي، جنهن ۾ ننڍڙيون  ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا زور زور سان پڙهي رهيا هئا ان منظر جا سٺا ۽ خراب ٻئي پهلو هئا، سٺو پهلو اهو هو ته اتان جا ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ چاهين  پيا ۽ خراب پهلو اهو هو ته اتي ڪو به گورمينٽ اسڪول ڪو نه هو ۽ ٻيو ته ماڻهن وٽ ايترا وسيلا ڪو نه هئا، جو اهي پنهنجي ٻارن کي ڪٿي ٻئي هنڌ پڙهائي سگهن، اهو مسئلو صرف جيسي جي پڙ لاءِ نه پر ٿر جي ٻين ڪيترنئي ڳوٺن سان هو، هن ڳالهه ڪرڻ جو منهنجو مقصد هو آهي ته ٿر ۾ تعليم کي عام ڪيو وڃي ۽ انهن کي زندگي جون ٻيون سهولتون به مهيا ڪيون وڃن.

ٿر ۾ گهڻووقت رهڻ جو هڪ سٺو اثر اهو به هو ته هندو ديومالا ۾  منهنجي شوق هڪ نئين امنگ ورتي مان اڪثر مندرن، شولنگهم ۽ سماڌين ڏانهن ويندو هئس، اتي پهچڻ سان مون کي هڪ عجيب اڻ ڃاتل ڇڪ محسوس ٿيندي هئي، ٿر لاءِ منهنجي سڪ ۽ پيار منهنجي ٻارن ۾ ساڳيائي احساس اڀاريا ۽ اڪثر  جڏهن هو ٿر متعلق ڳالهائيندا  هئا ته مون کي لڳندو هو مون سان منهنجا ئي احساس ونڊي رهيا آهن، ان متعلق مون کي هميشه هڪ ڳالهه ياد ايندي آهي، اها سيپٽمبر 1992ع جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان  نگر پارڪر گهمڻ ويا  هئاسين، هڪ ڏينهن صبح جو سوير اسان انچليشور پهتاسين، اڻانگي ۽ چڙهائي واري رستي اسان کي گهڻو ٿڪائي ڇڏيو هو، هر ڪو پنهنجي منهن  گم پر جنهن مهل اتي پڳاسين ته اتان جي هير گهلندڙ هوائن ۽ دلفريب منظرن اسان جا سڀ ٿڪ لاهي ڏيا هئا، هر ڪو پنهنجي منهن گم ٿي ويو، ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ جڏهن اسان واپس وڃڻ لڳاسين ته مون ڏٺو ته منهنجوپٽ اڃا به اتي ويٺو هو ۽ هر هر هڪ هڪ شيءِ کي ڏسي رهيو هو اوچتو هن چيو ”ابو مون کي هتي ڇڏي وڃو، هن جي آواز خاموشي ۾ هڪ عجيب پڙلاءُ ڪيو، مان هن جي ان  احساسن کي چڱي طرح سمجهي سگهيس پئي، خوش قسمتيءَ سان اسان هن کي هن جي خوابناڪ حالت مان ڪڍي ورتو، ڇو ته اسان وٽ واپس وڃڻ کانسواءِ ٻي ڪا به واٽ ڪا نه هي ۽ اسان هن کي ائين ئي وڃائڻ به نه پئي چاهيو. اها ڳالهه نهايت ڏک جي آهي ته گهڻا ماڻهو اڃا تائين ٿر متعلق اڻ ڄاڻ آهن ۽ ان کي سواءِ بيابان جي ڪجهه به نٿا سمجهن، افسوس ته هو ان بيابان جي سحر ۾ مينهن کانپوءِ جهومندڙ ساوڪ کان بي خبر آهن، مينهن هن بيابان کي هڪ پرڪشش جڳهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، ماڻهن جي خوشي بس ان مهل پنهنجي  انتها تي هوندي آهي ۽ هو  نچندي ۽ کلندي مينهن جي هڪ هڪ ڦڙي  کي ملهائيندا آهن،  مينهن نه صرف ٿر جي جاگرافي پر ماڻهن جي ڀڙڀانگ چهرن جي به جاگرافي مٽائي ڇڏيندو آهي، دنيا جي هر شيءَ کان قيمتي مينهن جو منظر هتان جي ماڻهن لاءِ ڄڻ عيد جي ڏينهن وانگر هوندو آهي، پر اها  سندن بدقسمتي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن سندن ٻار  پنجن  کان ڏهن سالن جا ٿي ويندا آهن پر مينهن جي ملهار کان بادلن جي رسي وڃڻ سبب بي خبر هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن هو صرف آسمان ۾ وکريل بادل ڏسندا آهن، جن وٽ هنن لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي، سواءِ نظر اچڻ جي ته  يا ته وسي چڪا هوندا آهن يا ڪٿي ٻئي هنڌ  وڃي وسندا.

جيئن ته اهو هڪ قدرت جو قانون آهي ته ڪير ڪنهن جي قسمت نه ٿو مٽائي سگهي، تيئن  ئي اسان سڀ ان  متعلق بي وس آهيون، ڪئنال سسٽم گهڻي حد تائين سندن زندگيون خوشحال ڪري سگهي ٿو پر اهو اڃا تائين ته هڪ انتهائي  ڏکيو ڪم سمجهيو وڃي ٿو، پر انهن سڀني  ڏئيائين جي باوجود به مون ڏٺو ته  نگر پارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪاسبي جا ماڻهو ان ڳالهه ۾ پاڻ ڀرا هئا، هو هر قسم جون ڀاڄيون ۽  اناج کوهن ۾ نار هڻي اپائيندا آهن. انهن نارن جا رسا اڪثر ڏاند ڇڪيندا آهن، ان طريقي هو نه صرف پاڻ خوشحال ۽ پاڻ ڀرا آهن پر ساڳئي ئي وقت هو اهي ڀاڄيون نگر پارڪر ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن به موڪليندا آهن پر پارڪر علائقي کانسواءِ اهو سڀ ڪجهه ٿر ۾ نه ٿو  ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اتان جي کوهن ۾ پاڻيءَ جي ليول تمام گهٽ آهي ۽ اهو  پاڻي به نهايت مشڪل سان صرف پيڻ لاءِ ئي استعمال ٿيندو آهي.

ٿر جي مسلسل تباه ٿيندڙ تاريخي جڳهن کي ڏسي انتهائي ڏک ٿيندو آهي، هونئن ته اسان اتان جي مندرن ۽ قلعن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهائيندا آهيون، پر  بدقسمتيءَ سان جيئن ڏٺو ويو آهي ته اسان انهن کي انه جي تباهي جي ڪناري تائين چپ چاپ ڏسندا رهندا آهيون، ڪيتري نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان جي نئين ٽهي اهي  سڀ تاريخي جڳهون جيڪي ماضيءَ جي  انيڪ يادن سان ٽمٽار آهن ڪو نه  ڏسي سگهنديون، اڄ به گهڻن مندرن ۾ اسان کي اهڙا بت نظر ايندا، جن جا ڌڙ سرن کان  ڪٽيل آهن، اهو تڏهن ٿيو هو جڏهن هڪ ”سرڪائي مايا لاڀي “ واري عجيب روايت هلي هئي، جنهن ۾ بُتن جا سر سندن ڌڙن کان ڌار ڪيا ويا هئا، ان آسري ته ڪا تمام گهڻي مايا لڀندي، افسوس جو جيستائين اسان جي نئين ٽهي ايندي تيستائين ته اهي ڌڙ به نه هوندا ۽ سڀ ڪجهه مڪمل طور تباهه ٿي ويندو، هنن ڳالهين ڪرڻ جو منهنجو مقصد ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ نه پر هڪ نماڻي صلاح ڏيڻ آهي ته هتان جي تاريخي جڳهن کي محفوظ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ تاريخ ۽ ان جا آثار ئي سڀ  کان وڌيڪ اتم آهن، جيڪي هڪ قوم پنهنجي پوئنرن کي ڏئي سگهندي آهي ۽ منهنجي لاءِ اها هڪ نهايت عجيب ڳالهه آهي ته ڪنهن تاريخ کانسواءِ ڪنهن قوم جي باري ۾ سوچي به سگهجي ٿو!.

ٿر متعلق    پنهنجون يادون  قلمبند ڪندي مان پنهنجي نهايت   مهربان دوستن سرڳواسي ڊاڪٽر شوا رام ۽ مرحوم عبدالڪريم  پليءَ جو نهايت شڪر  گذار آهيان، سندن صحبت ۾ مون گهڻو ڪجهه پرايو،  سندن سڪ ۽ پيار مون کي نه صرف انهن جي  گهڻو ويجهو وٺي وئي پر هتان جي ماڻهن جي قرب ۽ مهمان نوازيءَ کان به روشناس ڪرايو، شال خدا تعاليٰ  سندن مغفرت ڪري. خاموش صحرا ۾ اٺ جي گهنڊن جي پاري ڌن وانگر يا اونهاري جي پهرين مينهن جي مرڪ ڀري ملهار وانگر سندن ساروڻيون هميشه مون کي پنهنجي سونهري ڏينهن جي ياد  ڏيارينديون   رهنديون.

عبدالجبار جوڻيجو

 

موتيءَ داڻو

 

            ”تنوير هيئن ٿو چوي “ هُن چيو “  ايئن  وري ڪيئن  هوندو ؟“ هُن جو مطلب هو ته دنيا ۾ هيترا خراب ۽ ظالم ماڻهو موجود رهيا آهن ۽  آهن، اهي سڀ موتيءَ داڻا ته نه آهن، مون کيس ٻڌايو ته شاعر جي رويي کي ڏسي، شاعر جي   دل ڏس، شاعر ڇا گهري ٿو اُها تمنا ڏس!.

اها ڳالهه ان سال جي آهي، جنهن سال تنوير عباسيءَ جو هي موتيءَ داڻي جهڙو گيت سرجيو هو، هي منهنجو دوست ڪنهن جو  ستايل هو، ان ڪري  ايئن سوچيو  هئاين، اڄ اسر ويل اها ياد دل تي تري آئي ۽ وري دل تي تري آئي  اها 1956 جي شام ۽ بسنت هال  حيدرآباد جو ننڍڙو باغيچو جنهن ۾ تنوير عباسي هڪ دوست سان سنڌي ادبي  سنگت جي ڪچهري جي قائم ٿيڻ جي انتظار ۾ ويٺو هو، آئون سٽي ڪاليج ۾ فرسٽ  ييئر ۾ داخلا وٺي ادبي محفلن جا پنڌ پچائيندو اتي پهتو هوس، پنهنجي به ڪا هڪ اڌ تخليق شايع ٿي  هئم، سڃاڻپ ڪرايم: عبدالجبار شام، تنوير جواب ۾ پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ ساٿي جي  سڃاڻپ ڪرائي، ممتاز مرزا ٿوري دير ۾ مقبول ڀٽي، مقبول صديقي، شمشير الحيدري، مراد علي مرزا، غلام محمد گرامي ۽ ڪي ٻيا دوست پهچي ويا ۽ شعر توڙي افسانا  پڙهيا ويا، رايا ڏنا ويا پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو.

فيبروري 1995 تي خيرپور کان موٽندي دوستن چيو تنوير کان موڪلائيندا هلون ڊاڪٽر نواز علي شوق، نياز همايوني ۽ آئون ساٿ ۾  هئاسون، شوق صاحب چيو :” بس ڏهه منٽ “ اسان ٻنهي ڪنڌ لوڏيندي چيو ”ها بس ڏهه منٽ “ آئون پهرين هن بلند مقام جي بظاهر  هيٺاهينءَ تي بيٺل ايوان ۾ ڏاڪا لٿس، (تنوير جو گهر سندس فرزند سرمد جينالي سان نشانبر آهي ۽ روڊ جي سطح کان هيٺ تي آهي ).

گهنٽي وڄايم ته ڪافي دير ڪو جواب ئي نه مليو، نيٺ کيسي مان  ملاقات  جو ڪارڊ ڪڍي نشانيءَ طور در ۾ ڇڏڻ جو ارادو ڪيم، شوق صاحب ۽ نياز صاحب به چيو ته ٺيڪ آهي، اڃا پٺ ورائي وڃڻ وارا ٿياسين ته آواز آيو: ”ادا متان ويا آهيون “ هيءَ ڀاڀي قمر هئي ۽ اندريون  درکولي ۽ ٻاهريون گرل وارو لوهي در کولي اسان کي مسڪرائيندي کيڪاريائين ۽ في الحال ڪلينڪ ۾ وهاري تنوير کي سڏڻ هلي ويئي، ٿوري دير ۾ هُوهلڪو سگريٽ مان دونهان ڪڍندو ۽ ان جو نتيجو ڀوڳيندو (کنگهندو) آيو، پاٻوهه سان مليو، ڪلهه سچل ڪانفرنس ۾  گڏ هئاسين ۽ ڪنهن چيو:بس ڏهه منٽ! رڳو موڪلائڻ خاطر آياسين، تنوير مشڪندي چيو بس ڏهه منٽ! چانهه ته پيو، اسان کي تنوير جي جواب مان لڳو ته شايد ٻيا به  ڏهه منٽ لڳي وڃن ڏهه ٿيا هئا، اندر ڊرائنگ روم ۾ وڃي  ويٺاسين، ڏهه منٽ شروع ٿي ويا، چانهه آئي بسڪوٽ آيا، گهڙيال هلندو رهيو ۽ ڏهن مان ويهه مٽ ٿيا، ڳالهيون الائي ماضيءَ ۾ڪٿان شروع ٿيون، تنوير چيو ته هڪ ڀيري نياز کي حيدرآباد کان ڪار ۾ کنيم، کيس اتي ئي لهڻو هو پر حيدرآباد کان ٻاهر نڪري آيس، گهڻو چيائين گهر ڪو نه ٻڌايو اٿم، جڏهن هالا پهتاسين ته مس ليلائڻ بند ڪيائين ۽ محسوس ڪيائين ته هاڻ جند ڇٽڻ محال آهي، سڌو خيرپور اچي نڪتاسين، نياز پوءِ گهڻا ڏينهن هُئين هتي .؟

نياز اڃا جواب ڏي تنهن کان اڳ ڄاتوسين ته اسان جي ڏهه منٽن جو ته خير نه آهي پر ڪلاڪ جو خير هجي، ماضي جا دفتر کلي پيا، تنور سامهون ڀت تي ٽنگيل هڪ فوٽو گراف ڏي ڌيان ڇڪايو، جنهن ۾ پاڻ سندس جيون ساٿي ۽ ٽي ٻار نظر  اچي رهيا هئا، فوٽو ۾ جيڪو فن جي لحاظ کان توازن هو سو ته ان جي خوبصورتيءَ لاءِ ڪافي هو پر ڇو جو ٻار هن وقت  ماءُ پيءُ کان پري هئا، ان جو احساس به نظر  اچي رهيو هو، سرمد لاءِ چيائين: ”سرمد منهنجا اصل ٿڪ لاهي ڇڏيا آهن “ هُن جي قابليت تي  تنوير کي فخر آهي، ان جو اظهار تنوير جي ڳالهين مان ٿيو پيءَ نياڻي پارس پنهنجي  گهر تڙ واري ٿي چڪي هئي، هوءَ اسلام آباد ۾ هئي ۽ ٻي نياڻي مارئيءَ به پنهنجو نئون گهر ڄامشوري ۾ وسايو هو، ان ڏينهن ٽنهي ٻارن جو وجود گهر تي ڇانيل نظر آيو پي، نه رڳو نياڻيون گهرن تڙن واريون ٿي ماءُ  پيءُ کان  دور هيون پر ولي عهد سرمد نيو جرسي آمريڪا ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم فل کان پوءِ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو، ان کي موجود ڄاڻڻ لاءِ ان جون ڳالهيون ان جو ڪتابن جو ذوق تنوير جي زبان تي هو، ائين پارس ۽ مارئي جون ڳالهيون ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان  محفل ۾ هيون، تنوير رڳو محبت شاعر نه آهي پر مجسم محبت آهي، ٻارن لاءِ محبت مان اها ڳالهه پروڙي سگهجي ٿي، پارس جو ڪتاب ”ريشمي آواز “ هڪ ڀيرو وري به ڏنائين، مون کي ياد پيو، اڳ به ڪاپي ڏني هئائين، مون رايو به لکي کيس ڏنو هو، جيڪو کيس ياد پيو ته پاڻ پارس ڏي موڪلي چڪو هو، تنوير جڏهن ايل ايم سيءَ ۾ شاگرد هو، نوجوان هو، تڏهن به مون هن کي ڏٺو ۽ اڄ هو سٺ سالن جي حد پار ڪري چڪو آهي، ته  به سندس ڳالهائڻ جو انداز ۽ رويو مونکي اهو ئي لڳندو آهي، سندس موتي داڻي وارو جذبو اهو ئي آهي، نه هو پوڙهو آهي نه  بيزار پوڙهي وانگر آهي، تنوير جي شاعري جيڪي چوي ٿي، هو اهو ئي آهي، تحقيق جي ڪم کي لڳو ته اهو به نهايت معياري سطح تي ڪيائين.

اُن ڏينهن جي ڳالهين ۾ نياز جا لطيفا ۽ ٽوٽڪا ايتراوڻندڙ هئا جو وقت جو به احساس نه رهيو، سندس به نڙي خشڪ ٿي ويئي، پاڻي جو جڳ  کپائي ڇڏيائين، شوق صاحب اٿارٽيءَ جي پروگرامن تي ڳالهائي رهيو هو، تنوير جي ادبي ڳالهين جو ته ڪو سنڌو سڙهو نه هو، سندس ڳاليهن ۾ جي ماضيءَ جو معاملو آيو ٿي ته اهو به ڄڻ ماضيءَ جي  خوبصورتيءَ کي ظاهر ڪري رهيو هو، اڄوڪي ڪچهري ۾ پنهنجن ٻارن جو ذڪر ڪندي هُن اطمينان جو اظهار ڪيو ٿي، جنهن ۾ هنن جي جدائي جو احساس وڌيڪ نمايان هو، اُن احساس کي لڪائيندي به لڪائي نه ٿي سگهيو، ڀاڀي قمر جو به اهو حال هو ، هوندو، موڪلائڻ وقت ڀاڀي اندران آئي، جيڪي به چند اکر  بظاهر ٻيا چيائين، انهن ۾ به اهو ٻارن جي جدائي  احساس نمايان هو،  تصور ڪجي ته جڏهن ماءُ پيءُ وٽ ايندا هوندا ته گهر ڪيئن خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳندو هوندو، سرمد جي آمريڪا ۾ تعليمي   ڪاميابين تي تنوير ڪيترو نازان هو ۽ ان جو ڪيئن ذڪر ڪري رهيو هو، ”بس ڳري ۽ ڳالهيون ڪري “ وارو معاملو هو،  نياڻين جي دوري جو ذڪر ڪرڻ ماءُ پيءَ جي وس ۾ نه هوندو آهي ته انهن کي بهانن،  اٽڪلن، حوالن ۽ استعارن سان بيان ڪندا آهن، هتي به اهو حال هو، پارس پنهنجن مائٽن جي دوستن جو ڪيترو خيال رکي ٿي، ڪو ڪوڙو چاچو ئي  آڌي مانجهي وڃي نڪري ته ان جي خاطرداريءَ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي ٿي، چپس ۽ چانور گهر ته حاضر ۽ٻوڙ مانيون به هر دم حاضر!، مارئي به ائين مهمان نوازيءَ ۾ ٻه قدم اڳتي، ماءُ وانگر مهمان نواز پيءُ مثل موتيءَ داڻو، تنوير جي قرب داري واري ونڊ ۾ ٻار به شامل، اهو قدرت جو رنگ آهي جو مائٽن جو خوبيون ٻارن ۾ رهن ٿيون، ها ڪي ٻار انهيءَ جي ابتڙ به هوندا آهن، تنوير جي شاعري پارس جي ريشمي آواز ۾ ٻولي رهي آهي اڃا شروعات آهي.

اڄوڪي ملاقات ۾ ماضيءَ جا قصا بيان ٿيا، گذري ويلن جا تذڪرا ٿيا، سڀني انهن ۾حصو ورتو، نياز خاص طور ميدان ماري ويو وري پاڻي پيتائين ۽ تجويز اها ٿي ته ڪو ٿرماس ڀري ڏجيس ته ايندڙ سفر ۾ ساڻ  هجيس پر هن اها تجويز رد ڪئي ۽ اتي ئي پاڻي  پيئندو رهيو.

مون کي ياد آهي ته تنوير سان انهن پراڻين ملاقاتن کانپوءِ خيرپور ۾ سچل ڪانفرنس ۾ ملاقاتون هر  سال ٿين ٿيون، 1982ع وارو سچل قومي سيمينار جنهن اعليٰ سطح تي ڪيائين ان جو مثال ناهي، سکر ۾ امتحان وٺڻ لاءِ جڏهن به ويو  هوندس ته ڪن موقعن تي فتاح ملڪ جي اوطاق آفيس ۾ تنوير سان ملڻ ٿيو يا حيدرآباد ۽ ڄامشوري آيو ته هر وقت ۽ هر دم هن مان مون کي محبت ۽ پنهنجائپ جي خوشبو آئي، ڪڏهن به ٻيائي،  منافقت ۽ ڌاريائپ جو احساس نه ٿيو، ايئن سمجهندو رهيو آهيان ته هو موتيءَ داڻو آهي، هر ڪنهن کي موتيءَ   جو داڻو ۽ هيرن جي  کاڻ ڄاڻي ٿو ۽ پيار جو اجهاڳ سمنڊ سندس من ۾ ئي ڇوليون هڻي پيو، پيار ئي شاعر جي شعر مان رويي مان ۽ گفتگو مان بکندو رهندو آهي.

مون کي ياد آهي 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪئي سين، ان جي هڪ اجلاس ۾ تنوير صدارتي تقرير ۾ هندستان سنڌي اديبن کي نه موڪلڻ۽ هُتان  اچڻ جي اجازت

نه ڏيڻ جي حوالي سان چيو هو ته ”اديب ملڪ نه ٽوڙيندا آهن، سياستدان ملڪ ٽوڙيندا آهن، اسين ته دليون جوڙيندا آهيون “ هُن جو ايترو چوڻ سان پنڊال تاڙين سان گونجڻ لڳو.

سچ آهي محبت ئي دلين کي روشن ڪري ٿي، اها روشني ئي ڪائنات ۾ حسن، پيار، رواداري ۽ پنهنجائپ پيدا ڪري ٿي، محبت جو مجسمو هڪڙو تنوير نه آهي، ٻيا به آهن، پر تنوير به هڪ خوبصورت  مجسمو آهي ۽ نمايان آهي، نفرت جي پتلن لاٰءِ ڇا  چئجي! اهي اکيون پوري ٿا ڇڏين، پنهنجي مفاد خاطر اکيون پوري ڌوڙ ۾ ٽٻي  هڻن ٿا، دنيا ۾ اوندهه  نفرت جي پتلن جي پيدا ڪيل آهي، پيار ۽ محبت جا مجسما اوندهه جي تهن کي روشني جي ترورن سان دور ڪن ٿا.

تنوير جي شاعريءَ تي تبصرو هتي ڪو نه ٿو ڪريان سندس ڪلام جي اڳوڻن مجموعن ۽ ڪليات ”تنوير چئي “ جو ذڪر ڪو نه ٿو ڪريان، سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري “  ڇنڊ ڇاڻ نه پيو ڪريان ۽ نه ڪو کيس خوش خير محمد ۽  نانڪ يوسف جي رسالن تي تحقيق ۽ محنت جو داد پيون ڏيان، سندس قابليت جو داد مون کيس پنهنجي تاليف: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ “ ۾  ڏنو آهي، ۽ پوءِ به اهو داد ڏنو اٿم، ذڪر ڪيل بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مقالوشاهه جي رسالي ۾ رنگن جو اڀياس سچ پچ ته بين الاقوامي معيار جو آهي، اڄ جو آئون چند لفظ تنوير لاءِ چوان  پيو، اهي ان جذبي لاءِ آهن، جنهن لاءِپيش ڪيل مقالو شاهه جي رسالي ۾ رنگن جو اڀياس سچ پڇ ته  بين القوامي معيار جو آهي، اڄ جو آئون چند لفظ تنويرلاءِ چوان پيو، اهي ان جذبي لاءِ آهن جنهن لاءِ ”محبت فاتح عالم “ چيو ويو آهي، مون تنوير جي شخصيت ۾ جيڪو حاوي جذبو ڏٺو آهي، سو محبت آهي، هن جي محبت پنهنجن شاعرن شاهه، سچل، نانڪ  يوسف ۽ خوش خير محمد توڙي ٻين سان آهي، اها تمام نمايان آهي، هن جي ڪم مان ظاهر آهي، ڳالهين سان ڳوٺ ڪو نه ٻڌبا آهن، محبت کپي محبت جي هن مجسمي،محبت جي روشن مينار کي اکين وارا ڏسن پيا، جن جون اکيون پوريل آهن، انهن تي ميار ڪونهي.

ان ڏينهن ڪچهري مان اسين ٻه ٽي ڀيرا موڪلائڻ لاءِ اٿياسين پر اٿڻ نه  ڏنائين، نيٺ وري وري واچون ڏسڻ شروع ڪيون سين، ان مان به ڪجهه  هڙ حاصل نه ٿيو، تنوير ڪا ڳالهه ڪري يا نياز پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪو نقل نير ٻڌائي ته وچ ۾ ڳالهه ڪٽڻ سٺو ڪو نه پيولڳي، شوق صاحب کي وارو ملي ويو، چيائين :” ڪوٽڙي ڪبير ۾  غوث محمد کي هڪ جو ٽائيم چيو اٿئون، رمضان به آهي، هڪ پير صاحب وٽ ٿئي ته سٺو “ اتي تنوير مانيءَ جي صلاح ڪئي پر  معذرت ڪئي سون نيٺ ساڍين ٻارهين ڌاري اٿڻ ۽ موڪلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، ٻئي جيون ساٿي موڪلائي واپس سرمد جي گهر اندر هليا ويا، اسين ڏهه منٽ  اڍائي ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري ڪوٽڙي ڪبير ڏي راهي ٿياسين ته  آئون سوچڻ لڳس ته تنوير پٽ جو نالو سرمد رکيو، هو خود به ته سرمد وانگر آهي، پنهنجي سوچ ۾ ۽ عمل ۾ هن جي زندگي هن صديءَ جي هڪ تمام اهم شخص جي زندگي آهي، هُن سنڌي ادب کي تمام گهڻو ڏنو آهي، هو سچ ته موتيءَ  داڻو آهي، هُن جي دل هيرن جي کاڻ آهي، پيار جو اجهاڳ سمنڊ جهاڳڻ ۾قدرت هُن کي همسفر به بيمثال ڏنو آهي.

آزاد انور ڪانڌڙو

 

م.ن. ”محزون “               

 سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب،   دانشور، مصور، مترجم، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ تعليمي ماهر سائين .م.ن. ”محزون “ (محمد نواز محزون “ ڀٽي ) 8 نومبر 1995) بمطابق 13 جمادي الثاني 1416هه اربع  ڏينهن خميس رات سوا ڏهين وڳي گذاري ويو.

                 مخزون صاحب ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو، عالم به هو ته دانشور به شاعر به هو ته ڪهاڻيڪار به،   مترجم به هو ته محقق به، مصور به هو ته مفڪر به، تعليمي ماهر به هو ته شاهه جو شارح به، سچل جي ڪلام جو پارکو به و ته اسلامي تصوف جو ڄاڻو به مغربي ۽ مشرقي فڪر ۽ فلسفي جو اڀياس ڪندڙ به هو ته قديم علمن ۽فنن سان لڳاءُ رکندڙ به، جديد رجحان سان ميل جول رکندڙ به هو ته نون لاڙن ۽ قدرن جو کلي دل سان آڌرڀاءُ ڪندڙ به، هن وٽ کليل دل هئي، سڪ، ساڃاهه ، ويچار هو ۽ مختلف مڪتبئه فڪر جي عالمن ۽ اديبن جي لکڻين کي کليءَ دل سان پڙهندو ۽ پرکيندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن مان سنڌ سڳوريءَ جي مٽيءَ جي خوشبو ايندي هئي،  جيڪا صدين کان سڪ ۽ ساڃاهه جي سڳنڌ  ڏيندي رهي آهي.

محزون صاحب نثر ۾ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي، سندس لکڻيون سمجهه ۽ ساڃاهه جو آئينو آهن، هن ادب ۽ نجي ڪارج، ادبي قدرن  ۽ رجهانن قديم ۽ جديد فڪر ۽فلسفي، زندگيءَ جي مقصد، اسلامي تهذيب ۽ تمدن، مغربي ثقافت جي خوبين ۽ خامين تي لکيو، ان سان گڏ هن ادب، زندگي، ثقافت جي جديد تقاضائن ۽ انسانذات جي فلاح ۽ بهبود کي نظر ۾ رکي بحث پڻ ڪيو، سندس لکڻيون هڪ انسان دوست ۽ حساس انسان جي درد دل جي ترجماني ڪندڙ به آهن

محزون صاحب جا وڏا اصل شجاع آباد جا هئا، سندس ڏاڏو درياءُ خان پنهنجي پيءُ محمد خان ۽ ڀاءُ شجاع احمد سان گڏ ميرن جي لشڪر ۾ سپاهي هو، ميرن جي شڪست کانپوءِ محزون صاحب جي پڙ ڏاڏي محمد خان اچي ”جوهيءَ “ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، محمد خان جي  وفات کانپوءِ محزون صاحب جي ڏاڏي درياءَ خان ميهڙ جي ڀرسان ”درياهي جا ڀاڻ “ نالي ڳوٺ ٻڌو ۽ بعد ۾ سندن خاندان  ميهڙ لڏي آيو.

محزون صاحب جو جنم 10 جولاءِ 1933 ع تي ميهڙ ۾ رئيس شفيع محمد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو محمد نواز هو، پاڻ سنڌي چار درجا ميهڙ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ چوٿين اسٽينڊرڊ تائين ميهڙ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ ويو بي اي سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيائين، ۽ ايم اي بي ٽي ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي  مان پاس ڪيائين، بعد ۾ هوميوپيٿڪ آڪسفورڊ  ميڊيڪل ڪاليج لاهور ما پاس ڪيائين.

سرڪاري نوڪري جي شروعات ‌آرمي ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي سان ڪيائين، پر ٽريننگ دوران پير مُڙي  پوڻ ڪري   ان فٽ قرار ڏنو ويو، ان کان پوءِ ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر بڻيو،جتان پاڻ استعيفا ڏنائين، ۽ ڪجهه وقت ٻين سرڪاري کاتن ۾نوڪري ڪيائين، 1958ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ ۾سينيئر ٽيچر ٿيو خيرپور ناٿن شاهه هاءِ اسڪول ۾ پڻ سينيئر ٽيچر رهيو، اهڙي طرح خانپور، نصير آباد، راڌڻ ۽ ٻين هاءِ اسڪولن ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو،  1986ع کا 1988ع تائين تعليم کاتي ميهڙ ۾ ايس ڊي اي او جي عهدي تي ۽ 8 جولاءِ 1993ع تي بحيثيت هيڊ ماستر جي هاءِ اسڪول سنڌي ٻٽڙا مان رٽائر ڪيائين، رٽائرمينٽ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس ڀٽائي هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه (پرائيويٽ) ۾ بحيثيت هيڊ ماستر جي ذميواريون سونپيون ويون، پاڻ آخر تائين  ان اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو، محزون  صاحب  کي پنهنجي والد پاران فوجي اسپرٽ ۽ والده پاران ادبي روح ورثي  ۾ مليو، محزون صاحب جي والده سنڌ جي مشهور عالم، سياستدان، شاعر شمس الدين ”بلبل “ جي پٽ، وقت جي مشهور شاعر عبدالفتاح ”بلبل “ جي نياڻي آهي ، محزون صاحب جي شادي 1964ع ۾ سعودي عرب ۾ مقيم سندس والد جي ماروٽ جي ڌيَءُ سان ٿي، کيس چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون‌آهن.

محزون صاحب کي لکڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو، هن لکڻ جي  شروعات مئٽرڪ دوران ”نور جهان “ عنوان سان هڪ انگريزي نظم کي سنڌي  ويس ڍڪائڻ سان ڪئي، پاڻ ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ پهريون درجو انگريزي  پڙهڻ وقت ميهڙ جي هڪ سنڌي سک ڊيلاسنگ جي لئبريري جو هڪ روپيو ڏئي ميمبر ٿيو ۽  هر روز هڪ جاسوسي ناول پڙهي ٻئي ڏينهن ٻيو ڪتاب کڻندو هو، جڏهنمنشي عبدالشڪور حيدرآباد مان هلال پاڪستان اخبار ڪڍي ته نون ليکڪن جي همت افزائي خاطر ڪنهن به ليکڪ جي ڪهاڻيءَ کي پهريون نمبر ملڻ تي ٻن مهينن تائين اخبار مفت ۾موڪلڻ جو اعلان ڪيائين، اتفاق سان  جنهن ڪهاڻي کي پهريون نمبرمليو، اها محزون صاحب جي ڪهاڻي ”ڀنگ “ هئي، اهڙي طرح هن وري ٻيهر ادبي دنيا ۾ پير پاتو، کيس اخبار ڪجهه وقت  ته ملندو رهيو پر پوءِ بند ٿي وئي، پر اهڙي همت افزائي سندس ادب جي اجهاڻل جوت کي جرڪايو، ان کانپوءِ هو لڳاتار لکندو رهيو، محزون صاحب پنهنجي لکڻين جي حوالي سان هڪ انسان دوست اديب هو، اها انسان دوستي ئي هئي، جنهن محزون صاحب کي عام ماڻهن جي مسئلي ڏانهن متوجهه ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ پراڻي پيڙهيءَ هوندي به ترقي پسند نظرين ۽ خيالن کي اپنايو، سندس لکڻين مختلف دورن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾پٿر اڇلي تحرڪ پيدا ڪيو.

کيس سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان عشق هو، سنڌ جي مسئلي تي هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ئي، پاڻ سڄي عمر ادب جي آڙ ۾ ڪنهن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪيائين.محزون صاحب هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به هو، سندس 60 کان مٿي ڪهاڻيون ڇپيل آهن، سندس ڪهاڻين جي هڪ وڏي خوبي دلڪش ٻولي آهي، انهن ڪهاڻين ۾ هن جا ڪردار نه فقط پنهنجي جذبن ۽ حالتن پٽاندڙ ڳالهائين ٿا، پر سندس بياني انداز به خوبصورت آهي، سندس ڪهاڻين جا موضوع ڪردار ۽ ٻولي سنڌي آهي، پنهنجين ڪهاڻين ۾ معاشري کي نوان رخ ڏيڻ ۽ اصلاح ڪرڻ جو سبق به ڏيندي نظر اچي ٿو.

هڪ مترجم جي حيثيت ۾ محزون صاحب سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جنهن خليل جبران کي سنڌي ۾متعارف ڪرايو، هن ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب ۽ اديبن جا مختلف موضوعن تي ڪتاب، ناول، ڪهاڻيون ، مضمون ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، سندس ترجمو ڪيل تحريرفن جو اهووڏو ڪمال آهي، جو پڙهڻ وقت  محسوس ٿيندو ته پڙهندڙ ليکڪ جي اصل تحرير پڙهي رهيو آهي.

مصور هئڻ جي ناتي سندس مشاهدو عام  ماڻهوءَ کان  وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ گهرو هو، 1965ع ۾ جڏهن آمريڪن سينٽر لئبرري حيدرآباد ۾  پينٽنگس جي جيڪا نمائش ٿي هئي  تنهن ۾ سائين ظفر ڪاظميءَ، محزون صاحب کي حصي وٺڻ لاءِ زور ڀريو، سندس ٽي تصويرون نمائش ۾رکيون ويون، سندس ٺاهيل تصويرن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، اهڙي ريت مختلف رسالن، رهبر  ڊائجسٽ، ملير ڊائجسٽ ۽ مختلف اديبن جي ڪتابن جا ٺاهيل ٽائيٽل سندس بهترين مصور هئڻ جا شاهد آهن.

 هڪ محقق جي حيثيت ۾ سندس مرتبو نهايت  بلند هو، هو نه صرف اسلامي دور جي تاريخ جو ڄاڻو هو،   بلڪه سنڌ جي تاريخ جي پڻ ڄاڻ رکندڙ هو، هو آخري وقت ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو هو، سندس تحقيقي تاريخي ۽ ادبي مقالن،تصنيفن کي سنڌي ادب ۾ اهم مقام حاصل آهي، اهي مقالا مضمون اڪثر سيرت ”رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم“  سنڌ جي تاريخ، ثقافت، مشاهيرن، عالمن،شاعرن ۽ صوفي بزرگن جي حالات زندگي ۽ تذڪرن سان تعلق رکن ٿا، پاڻ هڪ بهترين مقرر پڻ هو، سندس مختلف موقعن تي ڪيل تقريرون اهڙن موقعن تي موجود سامعين کي هميشه ياد رهنديون.

هن هميشه امن سان پيار ۽ جنگ کان نفرت جو اظهار ڪيو، پاڻ مذهبي خيالن جو بزرگ هو ۽ جنهن مردانگي ۽ مجاهديءَ سان مدني مرسل جي هن سچي عاشق ۽ دين اسلام جي زبردست مبلغ مذهب جي

مورچي تي مثبت رهي، رجعت پسندن، مذهب جي آڙ ۾ استحصال ڪندڙن، فرسوده ۽ مدي خارج نظريا رکندڙن مذهب جي آڙ ۾سياسي ۽ معاشي مفاد حاصل ڪندڙن دقيانوسي ماڻهن ۽ ٺڳن سان منهن ڏنو، تنهن جو مثال گرامي صاحب کانپوءِ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ملڻ محا آهي، مٿس مختلف الزام هنياويا، پر هي حق پرست عالم، محقق، دانشور سچي مسلمان جيان پنهنجي ارادي ۾ اٽل رهيو ۽ ڪا به پرواهه نه ڪيائين، سندس فڪر ۽ عمل نهايت وسيع هو، هو دينيات، مذهب ۽ فلسفي تي رجعت پرستن جي انداز فڪر جي خلاف هو، هن پنهنجي تحرير تقرير ۽ گفتار ۾ انهيءَ ادب کي پلٽيو جنهن ۾ تدبر موجود هجي، ضمير جي تازگي هجي، هن هميشه اها ڪوشش ڪئي ته سنڌي ادب ۾ اهو مواد پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ همت ۽ حوصلي جي روشني هجي، حسن جو جوهر هجي، تعمير جو روح هجي، جيڪو انسان جي صلاحيتن ۾ تحرڪ پيدا ڪري سگهي، ستل سوچ کي پيدا ڪري، ان جو جمود ٽوڙي سگهي، هيڻن مظلومن ۽ مجبور انسانن جي دکن جو دارون بڻجي سگهي.

محزون صاحب ذاتي زندگي ۾ پڻ قربدار، خوش اخلاق،ڪچهري جو ڪوڏيو شخص هو، سندس شخصيت ۾ عجيب  ڇڪ هئي، جنهن به ماڻهو سان ملندو هو، تنهن کي اهو احساس ٿيندو هو ته محزون صاحب دوست ئي سندس آهي.

چڱا ڪن    چڱايون،      مٺايون   مٺن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

هو قلندرانه نموني زندگي گذارڻ ۾ئي پنهنجو شان سمجهندو هو.جتي به نااصافي، حق تلفي ۽ زيادتي ٿيندي ڏسندو هو، اتي حق جي ڳالهه ضرور ڪندو هو، پاڻ جڏهن 1988ع ۾ ميهڙ جي تعليم کاتي ۾ ايس ڊي اي او هو ته ان وقت جي ايم پي اي پاران منع جي باوجود چوڪيدارن ۽ پٽيوالن جي نوڪرين جون خالي پيل پندرهن جڳهون پنهنجي مرضي سان غريب ۽ مسڪين ماڻهن ۾  ورهائي ڇڏيون هيائين ۽ نتيجي ۾ ان عهدي تان هٽايو ويو هو.جيتوڻيڪ شاعري سندس سبجيڪٽ نه هئي پر هن شاعري پڻ ڪئي ۽ سندس شاعري مختلف رسالن ۾شايع ٿي.

موت جي فڪر کان بي فڪر رهه
رزق جي غم کان بي غم رهه
وقت مقرر تي رهن ٻئي
جي دم دنيا   ۾ آهين خوش    رهه         نه

 

دانهن جو ڪو درمان نه آ هُن جو ڪو اثر
 زندگي  زردار تنهنجي باعث سراسر زهر
ساقيا ستمگرکي هاڻ هوشيار ڪر
وقت اچي ويو آ اسان سان حساب ڪر.
 

محزون صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ 1.ڪنوار جي سيج (جبران-ترجمون ) (2) ڀڳل نڀڙاٽيون (جبران –ترجمون) (3)  مجنون (جبران –ترجمون) (4) پيغامبر ( جبران –ترجمون )(5) پيغامبر جو باغ (جبران –ترجمو) (6) مرشد جو نينهن ۽ نياپو(جبران –ترجمو) (7) انسان ۽ شيطان (جبران –ترجمو) (8) لڙڪ ۽ مرڪ (جبران –ترجمو) (9) خالد بن وليد (ريسرچ ورڪ تاريخ ) (10)سلطان صلاح الدين ايوبي (ريسرچ ورڪ تاريخ) (11) درس محبت (ابو الڪلام آزاد، ترجمو) (12)هڪ دور جو ماتم (اليگذنڊر سولزي نٽسن (ترجمون ۽  تلخيص ) (13) پرنس (ميڪاولي-ترجمو) (14) بائيبل قرآن  ۽سائنس(15) سائين جو سوڳنڌ، ساجن  سڀنئا سهڻو (سررائيڊ هئگرڊ جي ڪتاب ”ماريا “ جو ترجمو) (16)هڪ مجرم جو اعتراف (ڪرنل ميڊوز شيلر –ترجمو ) ۾۽ ٻيا شامل آهن.

جڏهن ته سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ خليل جبران جا ترجمو ڪيل ڪتاب (1) سمنڊ ۽ جهڳ، (2) محبوبا ڏانهن خط، (3) ديوتا (4) خدا ۽ ناخدا (5) آسماني آواز (6) عصمت چغتائي جا ڪتاب (7)  امرتا پريتمجا ڪتاب هڪ هئي سارا ۽ رسيدي ٽڪيٽ (8)  سيرت النبي (ريسرچ ورڪ تاريخ) (9) سيرت سيد المرسلين ص، (ريسرچ ورڪ) (10) الله ۽ الله جي رسول فرمايو(ريسرچ ورڪ)  (11) سيرت النبي صه (ترجمو) (12)  دهشتگرد  (ايڇ ٽي سورلي)(13) ڏوهيءَ قبوليو ڏوهه (ناول-ترجمو) (14) ماءُ جو انتقام (ترجمو) (15) چي  گويرا جي بولوين ڊائري (16) سنڌ جي تاريخ ( ريسرچ ورڪ) (17) مٽيءَ جا خواب (فلسطيني ناول ترجمو) ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سندس ڪيترائي ڪتاب مختلف پبلشرن کي ڏنل هئا، ان کانسواءِ سندس ڪيترائي اصولوڪا توڙي ترجمو ڪيل مضمون، ڪهاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون ڇپيل  ۽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه  گذارشون

1.      پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ “ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اهو ڄاڻڻ لازمي آهي ته اڻ  ڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن اخبار  يا رسالي کي نه موڪليا آهن.

2.      ترجمي جي صورت ۾ جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، ان اصل جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي، ان طرح ضروري حوالا پڻ چٽائيءَ سان ڄاڻائڻ لازم آهن،  جي آخر ۾آڻجن.

3.      مواد ۾ پيش ڪيل  راين، تجويزن، نتيجن ۽ علمي ۽ فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي، سندن راين کي ”سنڌي ادبي بورڊ “ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

4.      اهو ضروري ڪونهي ته ڪو به مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي،  اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر  جوفيصلو آخري سمجهيو ويندو  ڇپجڻ جي حالت ۾ سبب  ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

5.      ايڊيٽر کي مواد ۾  درستين ۽ ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار آهي، البته ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

6.      فوٽو اسٽيٽ صورت ۾مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ڪيو ويندو، ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪا نه ڪئي ويندي.

7.      مواد، صاف سٺن اکرن ۾، مس سان،  فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي، آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي،فون نمبر هجي ته اهو به لکجي.

8.      پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي، ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو.

9.      تڙ تڪڙ ۾رهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين جو   امڪان رهي ٿو ته ٻئي   طرف درستين لاءِ ڪافي وقت ڏيڻو پوي ٿو، جيتري قدر ٿي سگهي، اطمينان ڪجي ته مواد  آخري طرح صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com