سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :14

صورتحال ائين وڃي ٿي هئي جو پلازه ۾ هو مون لاءِ منتظر هوندو هو ۽يونيورسٽي ۾ عثمان مون لاءِ انتظار جا لمحا ڳڻيندو هو، مان ٻنهي جي وچ ۾ڪائي نا مناسب پل هيس، جنهن تان هو ٻئي ڪڏهن به هڪ ٻئي کي ڪو نه ڏسي سگهندا هئا.

عثمان ته رڳو يونيورسٽي ۾  گڏبو هو باقي وقت ته مون کي پلازه ۾ ئي هئڻو هو، تنهن ڪري جلد ئي هن مون کي ٻيهر ملاقاتن لاءِ راضي ڪري ورتو هو ۽ ائين وري مون تي ۽ هن تي محبت جا نامعلوم دروازا کلي چڪا هئا.

منهنجا امتحان ٿي ويا ۽ مان يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪس ته مائٽن وري شادي لاءِ زور ڀريو مون غير متوقع طور تي ها ڪري ڇڏي هئي، منهنجو ۽ عثمان جو مڱڻو ٿي ويو ۽ اسين ٻئي کليل نموني گڏجي گهمڻ ڦرڻ لڳا هئاسين، عثمان، يونيورسٽي مان موٽي اسان جي گهر هليو  ايندو هو ۽ شام جو اڪثر اسين ٻئي آئوٽنگ لاءِ نڪري ويندا هئاسين، ڪڏهن پنڌ ڪڏهن رڪشا ۾ ته ڪڏهن موٽر سائيڪل تي هو پنهنجي گيلري ۾ ويٺو اهو سڀ ڪجهه ڏسندو هو، عثمان جي ڪري هن سان منهنجي ملاقاتن جو سلسلو بند ٿي ويو هو، اهو مڪمل به بند ڪو نه ٿيو هو، جو ساڳئي پلازه ۾ رهندي ڪنهن نه ڪنهن وقت هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ يقيني هو.

منهنجي مڱڻي کانپوءِ هن ۾ هڪ عجيب تبديلي اچي وئي هئي، ڳالهه ڳالهه تي غصي ۾ ڀرجي ويندو هو، ديوارن کي مڪون، دروازن کي ٺونشا ۽ گيلريءَ مان ٽپي ڏيڻ جون ڌمڪيون، هن جو معمول ٿي ويون هيون، مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو هاڻي هو ڇا ٿو چاهي، مون سان شاديءَ کان انڪار به پاڻ ڪيو هئاينن ۽ هاڻي منهنجي لاءِ پاڳل به پاڻ  ٿي رهيو هو، حقيقت ۾مون کان هن جي اهڙي حالت ڏٺي ڪو نه ٿيندي هئي، ان ڪري مڱڻي کانپوءِ به مان هن سان انتهائي خفيه انداز ۾ ڊيٽس هڻندي هيس، اڪثر ملاقاتن دوران هو ساڳئي بي حساب پيار سان پيش ايندو ۽ ڪلاڪن تائين اسين هڪ ٻئي کي چمندا رهندا هئاسين، هو بي سبب روئندو ۽ کلندو رهندو هو، مان هر خفيه ملاقات کانپوءِ وري نه ملڻ جو آخري فيصلو ڪري موٽندي هئس ۽ ٻيهر هن جي ضد آڏو مجبور ٿي ملڻ لاءِ پهچي ويندي هيس، حادثاتي طور تي اهڙين خفيه ملاقاتن مان هڪڙي ملاقات جي خبر عثمان کي پئجي وئي، اها ملاقات هن ضد ڪري يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ هڪ دوست جي گهر تي طئي ڪئي هئي، ڦاٽڪ تي اسان ٻنهي کي رڪشا ۾ ويهندي عثمان جي ڪنهن دوست ڏسي ورتو هو، پوءِ ڪجهه ڏينهن تائين منهنجي زندگي ۾ ڀونچال رهيو هو، عثمان مڱڻي جي منڊي به واپس ڪرڻ پئي چاهي پر وڏين وچ ۾ پيئي اهو معاملو ٺاري ڇڏيوهو ۽پوءِ مون عثمان سان وعدو  ڪيو هو ته آئنده ڪڏهن به هن سان ڪو نه ملنديس، اها حقيبقت به هئي ڇو ته پندرهن ڏينهن تائين هن مون سان ملڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪئي پر مون مطلق انڪار ڪري ڇڏيو هو، فون تي ئي هن کي ٻڌائيندي  رهيس ته مون وعدو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مان پنهنجي ٿيندڙ مڙس جو اعتماد ٽوڙڻ نه  ٿي چاهيان، تون مون کي مجبور نه ڪري ڪٿي مان وعدو ٽوڙي پنهنجي ئي نظرن ۾ نه ڪري پوان، پندرهن ڏينهن مون هن کي سج لٿي مهل گيلري ۾ ڏٺو هو، مايوس ۽درد زده.ٻئي ڏينهن کان اچانڪ هو پلازه مان غائب ٿي ويو هو، پهريائين مون سمجهيو اڳي وانگر وري هن ۾آرڪيالاجيءَ جو جنون جاڳيو هوندو ۽ ڪنهن دور دراز قديمي زمين جي کنڊرن جا اسرار دريافت ڪرڻ ۾ رڌل هوندو پر ڪافي ڏينهن کانپوءِ به جڏهن ڪو نه موٽيو ته منهنجي من ۾ خطرناڪ وسوسا ۽ خدشا اڀرڻ لڳا هئا، مان اڃا به وڌيڪ پريشان ۽ بيچين ٿيا هئا پر هڪ ڏينهن اوچتو مون کي هن جو خط مليو، هن جي لکڻي سڃاڻي مان بي ترتيب۽ غير متوقع خوشي سان ‌تڪڙ ۾ لفافوکولي خط پڙهڻ لڳي هيس، سفيد ۽شفاف ڪاغذ تي بنهه مختصر خط جنهن جي مٿان لکيل هو ”آخري خط “ ان لفظ کي انڊر لائين ڪري هن اڳيان چند بي ترتيب جملا لکيا هئا:

”مون کي خبر نه هئي ته ائين  تنهنجي لاءِ منهنجي من ۾ بيچينيءَ جا آتش فشان ڦاٽي پوندا، تون صحيح آهين، اها ڳالهه مان پنهنجي دل کي سمجهائڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام آهيان پوءَ به توسان وعدو آهي ته تنهنجي زندگي ۾ موٽي ڪو نه ايندس،تون خوش هجين، اهو ئي ڪافي آهي، مان هميشه لاءِ ڳوٺ موٽي آيو آهيان، حيدراباد مون کي پنهنجي ڀاڪر مان اڇلائي چڪي آهي،مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ ۽ ها منهنجا مائٽ به منهنجي شادي جي تيارين ۾ مصروف آهن“.

خط پڙهي مون کي خوش ٿيڻ کپندو هو، جو مون کي هن بابت جيڪي خطرناڪ انديشا ۽ وسوسا هئا، ان جي برعڪس هو ڳوٺ ۾ هو ۽ ڪنهن حد تائين نارمل زندگي ڏي واپسيءَ تي گامزن پر لائي ڇو مان خط پڙهي اداس ٿي ويس، هن جي خط مون کي حقيقي معنيٰ ۾ اڪيلو ، ڪري ڇڏيو هو، مون بيحد تڪليفده انداز ۾ سوچيو ته ”ڇا مان وري ڪڏهن  به هن کي ڪو نه ڏسي سگهنديس، پهريون ڀيرو مون کي احساس ٿيو ته مان به هن لاءِ ڪيڏي بيچين آهيان، فقط هن جي هڪڙي جهلڪ ڏسڻ لاءِ مان اهو سڀ ڪجهه دهرائڻ لاءِ به تيار هئس، جنهن منهنجي زندگي ۾ اٿاهه اذيتون ڀريون هيون.

ايندڙ هفتي منهنجي شادي هئي، عثمان سندس ڀيڻ ۽ امان وارا ڪراچي شاپنگ لاءِ ويل ها، مون کي به هلڻ لاءِ گهڻو ئي زور ڀريو هئن پر مون انڪار ڪري ڇڏيو هو، پلازه جي فليٽ ۾ اڪيلي رهڻ ڪائي نئين ڳالهه ڪو نه هئلي، هڪ ڀيرو اڳ ۾ به مان هن فليٽ ۾ اڪيلي رات گذاري چڪي آهيان، امان وارا گهاري مائٽن جي شادي جي دعوت تي ويا هئا، تڏهن منهنجا پيپر پئ  هليا، ان ڪري مان ڪو نه وئي هيس، اها ته رڳو مونکي ئي خبر هيئي ته تڏهن هو ئي مون سان فليٽ ۾ سڄي رات رهيو هو، پنهنجي گهر ۾ هڪ مڪمل رات هن جي ڀاڪر ۾ گذارڻ جي ياد مون کي مون ۾ انوکي طرح سجاڳ ڪري ڇڏيو هو، سومهڻي کان وٺي گيلري ۾ هن جي خيالن ۾ کوئجي ڄڻ مان ڪنهن مبهم مستقبل جي منصوبه بند ڪري رهي هيس،اڄ هن جي غير موجودگي ۽ هفتي کان آيل هن جي  آخري خط مون کي ٻيهر مجبت جي زمين تي پوکي ڇڏيو ۽ مون سوچيو ته ”جڏهن کا ن هو هليو ويو آهي ،سمورا ڏينهن هڪ جهڙا آهن ڪنهن خوف ۾ ويڙهيل مصروفيت، منهنجي دل کي، خزان جي سمنڊ وانگر پائيندي ٿي رهي،منهنجي زندگي ،مون ڏي لکيل پرسرار بوجهل اداس گمنام خط آهي. اچانڪ فون جي گهڻي تي مان پنهنجي خيان مان ڪري ٿي پوان، فون جي گهٽي ڪنهن ناراض سهيليءَ وانگر بڪندي ٿي رهي، منهنجي دل گيلريءَ مان اٿڻ تي نه ٿي چوي، گيلريءَ ۾ ويٺي مان هن کي  قريب تر محسوس ڪندي آهيان، مون کي ته وقت گذرڻ جو به احساس ڪو نه رهيو هو، سومهڻي کان هتي۽ ويٺي آڌي رات ٿي وئي، هن وقت خبر ناهي ڪنهن جي فون هئي ظاهر آهي گهر وارا ڪراچي ويل آهن ته فون مون کي ئي اٽينڊ ڪرڻي پوندي، مان گيلري مان اٿيس مون سان گڏ منهنجون يادون به اٿيون، ڪوهيڙي ۾ موجود هوائڻ وانگر هلندي مان پاڻ ڏاڍي اڪيلي لڳس، اڄ رات هن جي هتي هجڻ جي تنما، ڪيڏي بي رحميءَ سان مون کي گهيريو هو، مون ڪمري ۾ اچي رسيور کنيو، رسيور کڻڻ سان فون جي  گهنٽي مري وئي ۽ ايئرپيس مان  ڪنهن اجنبي مرداني آواز چيو ”HAPPY NEW YEAR“ ون رسيور يڪدم رکي ڇڏيو ۽ فون جي پاسي ۾ ئي گذريل سال ۾ ويهي رهيس، بلڪل ساڳئي لمحي گذريل سال هن ساڳئي فون تي مون ئي نئين سال لاءِ ساڳيو جملو چيو هو،مون فون ڏي ڏٺو، فون منهنجي ڳوڙهن ۾ ٻڏي وئي، اڪيلي گهر ۾ خاموش ٽيليفون آڏو  اڪيلي مان روئندي رهيس، هو منهنجي لڙڪڻ جي نديءَ ۾  ٻڏندو رهيو.

منهنجي سڏڪن ۾ ٻيهر فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي، مون اٿي باٿ روم ۾ وڃي منهن ڌوتو، فون جي گهنٽي وڄندي رهي.مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مان ڇا ڪيان، ڇا ڪوئي اهڙو رستو ڪونهي  جنهن تان گذري هو هاڻي جو هاڻي مون تائين  پهچي وڃي؟؟؟مون کي خبر آهي ته  اڄ رانگ نمبرس جي رات آهي، ان ڪري فون کي نظرانداز  ڪندي مان ڊرائينگ روم ۾ اچان ٿي، خاموش گهر ۾ فون جي گهٽي ۽ هن جي ياد، ڏاڍو وڙهي رهيون آهن، ڊرائنگ روم ۾ جتي يونيورسٽي مان کٽيل منهنجون ٽرافيون رکيل آهن، ان جي بلڪل سامهين دروار تي هڪ ننڍڙو فريم لڳل آهي، جنهن ۾ چند گل قيد آهن، هن جڏهن مون کي اهو گفٽ ڏنو هو ته چيو هئائين ”جيئن هيءَ گل هن بلوري فريم ۾ قيد آهن، ائين مان به تنهنجي وجود جي فريم ۾ قيد ٿيل گل آهيان، ڏسجانءِ مان مرجهائنجي ويندس “.

ان ڏينهن جا ڪجهه رهيل لڙڪ اکين مان لڙي ٿا پون، فون جي گهنٽي بند ٿي وڃي ٿي، مان آلين اکين  ۽ ننڊاکڙي بدن سان فريم کي ڏسندي رهان ٿي.مون کي ڊرائنگ روم ۾ صوفي تي ئي ننڊ اچي وڃي ٿي، پر اچانڪ منهنجي اندر مان هڪ حيرتناڪ فيصلي جنم ورتو، مون اٿي رائيٽنگ ٽيبل جي خاني مان پيڊ ۽ لفافو ڪڍيو، پيڊ مان هڪ سفيد ڪاغذ کي نرم دليءَ سان ڦاڙي ان تي لکيو:

Please , come back soon

I miss you……yours?….

ڪاغذ کي بيحد پيار سان ويڙهي، لفافي ۾ وجهي ان تي هن جي ايڊريس لکي ۽ بند ڪري اتي ئي رکي اچي بيڊ روم ۾ سمهي پيس.

مون کي پڪ هئي ته هن کي جڏهن اهو خط ملندوته ان وقت ئي هليو  ايندو ۽ ننڊ تائين اهو ئي منهنجو آخري فيصلو هو ته:” هو جيئن ئي ايندو ته مان هن کي صاف صاف ٻڌائيندس ته برابر مون  ڪجهه وقت لاءِ عثمان ۾ به دلچسپي محسوس ڪئي هئي پر مان توکانسواءِ نه ٿي رهي سگهان، توکي جيڪڏهن شادي جي لفظ کان به نفرت آهي ته مان سڄي عمر تو سان محبوبا ٿي رهڻ لاءِ به تيار آهيان، عثمان سان شادي کان مان انڪار ڪري ڇڏيندس، تون مون کي ڌار نه ڪر، ٻئي ڏينهن تيار ٿي مون امان وارن جو انتظار ڪو نه ڪيو، جيڪي ڪراچي مان اڄ موٽڻا هئا، فليٽ جي چاٻي چوڪيدار کي ڏئي مان T C S جي آفيس وڃڻ لاءِ اچي رڪشا ۾ ويٺس.

خط ٽي سي ايس ڪري مون سوچيو گلنار سان ملندي وڃان، جيڪا اڄڪلهه هڪ روزاني سنڌي اخبار جي آفيس ۾ ڪپيوٽر آپريٽر آهي، پر هن وقت يقيناً هو مصروف هجي ها، ان ڪري رڪشا ڪري گهر موٽي آيس، امان وارا اڃا ڪو نه پهتا هئا، مون کي شايد هنن جو انتظار به ڪو نه هو، ها جيڪڏهن انتظار هو ته ڪن عجيب نامعلوم لذيذ لمحن جو جنهن جي تصور ئي من تي خوشي جا دروازا کولي ٿي ڇڏيا.

ٽيليفون جي گهنٽي وڳي ته مون فون ڏي ڏسي بي سبب کلي ڏنو،  رسيور ڪن تي رکڻ ساڻ ئي خبر پيم ته گلنار جي فون هئي، مان ڏاڍي خوش ٿيس، مون سوچيو ته گلنار کي هن جي باري ۾ پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيا،  هوءَ  ئي ته منهنجي واحد رازدان هئي، پر فون تي اهو ٻڌائڻ مناسب ڪو نه لڳو، ان ڪري کلي پڇيو مانس ”اڄ آفيس اورز ۾ ياد ڪيو اٿئي، ڪو ڪم آهي ڇا “رسيور جي ٻيءَ پار تان گلنار جو روئڻهارڪو آواز  آيو لفظن جي پاري جو پهاڙ هو، جيڪو منهنجي  ڪنن ۾ لهندو ويو، مون رڳو ايترو سمجهيو ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي پوءِ گلنار الائي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڇا چوندي رهي، مون کي هوش ڪو نه رهيو.

ڪيڏي عجيب ڳالهه هئي ته جڏهن مان اهو خط هن ڏي ٽي سي ايس ڪري رهي هيس ته ڪيتري خوش ۽ مطمئن هيس مون کي خبر ڪو نه هئي ته ان خط کي هوڪڏهن به وصول نه ڪندو جو هميشه لاءِ هن پاڻ کي فنا ڏي پوسٽ ڪري ڇڏيو هوندو.

بانو محبوب جوکيو

”گدلي دنيا گدلا ماڻهو“

      تنهن صبح سوڙ ۾ منهن وجهيو پئي هئي، مئن جيان، توڙي پروين جو ڀرسان، ساڳئي بيڊ تي ليٽيو پيو هجڻ کيس ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ لاءِ ڪافي هئو ته هوءَ پنهنجي گهر بجاءِ پنهنجي چاچي جي گهر ۾ هئي، پوءِ به هر لمحي کيس ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ گهر جي ڪنهن ڪنڊ مان ماڻهس جو ڪڙڪيلو آواز نه ڄڻ ڪيترا لقب بنا ڪنهن ڏوهه ثواب جي هن جي شان ۾ کڻي پهتو ئي پهتو. ماءُ جو تصور ايندي ئي هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو ۽ هن پنهنجي منهن تان اڃا سوڙ لاهي ڊگهو ساهه ئي کنيو هئو ته اهو ڏسي هو تيئن ساهه ٻوساٽي سوڙ اندر هلي وئي، سندن ڊبل بيڊ ڀرسان رکيل ڊريسنگ ٽيبل آڏو حسنين جو ڦڻي ڏئي رهيو هو.

”ايڏي  سيءَ ۾ وهنتو آ.......!رات آيو هوندو.... ۽ مون کي ننڊ ۾ خبر ئي نه پئجي سگهي، هو ايندو به ته اڪثر رات جو آهي، هاڻي ته ڪراچي مان بدلي ٿي اٿس، پر اهو رات جو سفر تبديل ٿي نه سگهيو آهي، هن جو ... هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ پريشان ٿي وئي ”هاڻ ڇا ٿيندو؟!... هن کي هٿ ڪيئن ڏيندس، مهيني ڏيڍ کانپوءِ ملندو سو کيڪارڻ به ضروري آهي، هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو: ”بس: پري کان سلام ڪنديمانس ....... پر سکڻي سلام ڪرڻ  تي هي سڀ گهر وارا چڙهندا آهن  چوندا به ته ائين آهن ته ملو ته سچائي سان ڀاڪر پائي يا هٿ ڏئي نه ته اهڙي ملڻ کان بهتر آهي ته کيڪارجي ئي نه.......، چاچا ته سلام جو جواب به ان ويل نه ڏيندو آهي، جي هو ٻاهران اچي ۽ ڪو کيس پنهنجو (خاص ڪري پنهنجون ڀائيٽيون) ملڻ بجاءِ سلام ڪنس، ان پل ظاهر ائين  ڪندو آ ڄڻ ٻڌ و ئي نه اٿئين ته ڪنهن کيس سلام به ڪيو آهي .....

اهڙي ئي شش وپنج ۾ هن فيصلو ڪري ورتو: ”بس..... ملندي ئي ڪا نه مناس،  هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو ته سڌو گهر منهن ڪري اڏار ڪندس، اهو  سوچي هو سوڙ ۾ ئي پئي رهي، جڏهن چاچهنس حسنين لاءِ چانهه ٺاهي کڻي آئي تڏهن حسنين پاڻ کي آئيني ۾ جاچيندي ماءُ کي چيو: امان ..... ڏس ته!..... ڪارو ٿي ويو آهيان ني .....!؟

ٺيڪ ان پل پروين سوڙ مان منڍي ڪڍي مذاق مان حسنين جي ڳالهه جي موٽ ڏيندي ماءُ کي چيو”امان! اها بابي واري بندوق ته کڻي ڏي ان ڪاري کي ته ماريان، پر ڪاري ڪيڏانهن وئي؟ ڪاٿي آهي؟.

چاچهنس کي پروين جي اهڙي مذاق ڏاڍي خراب لکي، هن پروين کي ڪجهه چوڻ چاهيو (ڪاوڙ منجهان )  پر ان کان اڳ حسنين جوابي حلو ڪيو: ”اها تنهنجي سس آ“.

”حسنين تون!..... ۽ منهنجي سس مون کي پهريان ڇو نه ٻڌايئي ته مان ڏي وٺ ۾ وٺرائي ڏيائين ها!؟

پروين ڀاءُ کي ٺهه پهه وراڻيو.

چاچهنس رڙ ڪئي”پروين! شرم ڪر!..... ڀاءُ سان ائين ڳالهائبو آهي....“ پروين جي اهڙي ڳالهه تي الائي ڇو اندر  سوڙ ۾ ئي صدا کان ٽهڪ نڪري ويو، حسنين جو پهرين ان طرف خيال نه هو، پر دٻيل ٽهڪ مان هو سمجهي به نه سگهيو ته اها صدا آهي، هن سمجهيو ته شايد صدا جي ڪا ڀيڻ هوندي، سو بناوٽي ڪاوڙ منجهان هن جڏهن صدا جي منهن تان سوڙ هٽائي ته صدا سان گڏ حسنين جو به ڇرڪ نڪري ويو ۽ صدا هڪدم هٽي ويل سوڙ ڇڪي منهن لڪائي ڇڏيو، حسنين پنهنجي غلط اندازي مٿان ککووکو ٿي ويو ۽ شڪائپ  لڪائڻ خاطر ماءُ کي چوڻ لڳو:”امان! هنن کي ته سمجهاءِ..... يڪو سُتيون پيون آهن، ڪو ڪم نه اٿن ڪار......“

بلڪل ان وقت ڪمري جي در تي ٿڦڪي هڻي ويٺلن کي پنهنجي اچڻ جو احساس ڏياريندي حسنين جو پيءُ اندر آيو ۽ زال کي چيائين ”حسنين ماءُ ٻاهروڃ ڪا پاڙيواري آئي اٿئي، ماکي وٺڻ، سندن ڪنهن ٻار کي ٿڌ وٺي وئي آهي، جي هجئي ته ڏيئس اڄ موسم به ڏاڍي خراب آهي.“حسنين جي ماءُ ٻاهر ويندي هلڪن سُرٻاٽن ۾ حسنين جي پيءُکي چيو”پٽهين کي سمجهائي ڇڏ رات واري ڳالهه، تو وانگر ڪجهه گهڻو لاپرواهه ٿي پيو آهي.“

حسنين جي پيءُ ٿوري بلند آواز ۾ چيو:”مان به چوان ته پٽ مائرن سان ايڏو پيار ڇو ڪندا آهن “ جو مائرون دڙڪو ڏيڻ ۽ مارڻ وقت پيئن کي اڳ ۾ ڪنديون آهن ۽پيار ڪرڻ ويل وري پاڻ اڳ ۾ ٿينديون آهن، تڏهن ته پٽ سمجهندا آهن ته اسان کي پيءُ نه پر ماءُ پيار ڪندي آ، مائرون به سٺيون سياستدان آهن، حسنين جي پيءُ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳالهايو ته حسنين پيار ڀرين نگاهن سان پيءُ کي ڏسي مرڪي چيو ”اڇا ته اها ڳالهه آهي يعني هن مهل به خير نه سمجهان ني !؟“

”گهڻو گهرو نه ٿيءُ ۽ منهنجي هڪ ڳالهه ٻڍ،(حسنين جي پيءُ دوستاڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو) ”ماڻهين ٿي چئي ته وقت ڏاڍو خراب آهي ۽ منهنجو به اهو ئي خيال آهي ته سو آئنده قرب ڪر اسان تي اول ته رات جو سفر نه ڪندو ڪر!... ۽ ائين بنا اطلاع جي ڪٿي به رهي نه پوندو ڪر، اسان اڳئي اڌ ماڻهو ڪڏهن تنهنجي اها لاپرواهي اسان جو خير ۾  ئي ڪم دم ڪڍي ويندي”آخري لفظ ڳالهائيندي هن جو لهجو دکدائڪ ٿي پيو ۽ هو وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ يا ٻڌجڻ بجاءِ ڪمري  مان ٻاهر هليو ويو ته حسنين به سندس پويان نڪري ويو، شايد معافي وٺڻ جي خيال کان .سوڙ اندر ستي ستي صدا سوچيو: ”ڇا وقت ڏاڍو خراب ٿي ويو آهي ؟ يا وقت جون دانهون ڪرڻ ماڻهن جي  عادت ٿي وئي آهي؟ هن کي ڪڏهن به ان ڳالهه سان اتفاق نه رهيو هو بلڪه وقت هن کي ايڏو خراب نه لڳو هو، جيڏو هن وقت لاءِ ٻڌو هو.

ننڍي هوندي صدا پهريون دفعو پنهنجي هيڊ ماستر جي  واتان اهي لفظ ٻڌا هئا ”زمانو ڏاڍو خراب آ“ تڏهن ته کيس زماني جي خبر به نه هئي ته اها ڪهڙي آفت آ يا اهو ڪيئن خراب هوندو آهي.

جڏهن هوءَ پهرين کان ٻئين درجي ۾ آئي هئي تڏهن کيس ڪافي شاگردن جيان ڪلاس ۾ رکيل ٻن بئنچن مان هڪ بئنچ تي ويهڻ جو شرف حاصل ٿيو هو ۽ انهن ٻن بئنچن تي ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون گڏ ويهندا هئا.

 

جڏهن هو ٽئين درجي ۾ پهتي ته ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بئنچن تي گهوڙي لانگ ويهي صورتخطي لکندا هئا ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا سينا پٺاڙا سوڙهه سبب بي اختيار پيا هڪ ٻيئي سان گسندا هئا، جن جي نه ڇوڪرين کي پرواهه هئي ۽ نه  ڇوڪرن کي يادگيري، تڏهن هن هڪ دفعو هيڊ ماستر جي ڳالهه ٻڌي ورتي هئائين، جيڪو سندن استاد کي هدايت ڏيندي چئي رهيو هو، ”زمانو ڏاڍو خراب آهي ۽ اڃا

ته خراب ٿيئڻو آهي ان ڪري احتياط ضروري آ، اڃا ته هي ٻار ننڍڙا آهن، سڀاڻي  وڏڙا به ٿي پوندا، ته گڏ ويهڻ تي ۽ ويجهو ٿيڻ تي هري ويندا، تنهن ڪري هنن کي ڌار ڌار ويهاريو، هنن کي احساس ڏياريو ته ڇوڪرين کي ڇوڪرن کان ۽ ڇورن کي ڇوڪرين کان الڳ ويهڻ کپي، وقت تون پاڻ ڏسين ٿو پيو، اڄڪلهه جا ٻار سڄا نه ته اڌ استاد آهن ئي آهن، ان ڪري احتياط ضروري آ“

اهڙن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ماءُ کان پڇيو هئائين”امان !تون برقعوڇا پائيندي آن!“

”ماڻهوڏسندا آهن ني ان ڪري !.... ماڻهس جو جواب ٻڌي هن ٻاراڻي معصوميت مان چيو هئو ”ماڻهو ته برقعي پاتل ماين کي به پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏسندا آهن “.

”ٻس ني ..... عقل جي اڪابر ..... پير ڏسندا آهن منهن ته ناهن ڏسندا ني!‏.... ماڻهس ٽوڪ واري لهجي ۾ جواب ڏنو هئس.

امان !.... ڪالهه مان تنهنجي لاءِ ميٽ وٺڻ پئي ويس ني ته ٻن ڇوڪرن هڪ ڇوڪريءَ جي بقعي جي مٿين پڙي ڇڪ ڏئي لاهي، هن جو منهن ڏٺو هو، هوءَ اڪيلي هئي ني روئي به پئي  ۽ ڇوڪرا هن تي کلن پيا ۽ کلندا هليا ويا هئا “ هن ٻاراڻي لهجي ۾ ماءَ کي ٻڌايو هو.

ها .......... اڄڪلهه زمانو ڏاڍو خراب آهي، هونئن به ڌيءَ ڌڻ جو ٻاهر نڪرڻ چڱوناهي، اچي پڻهين ته توکي به برقعو پارائي اندر ٿي ويهاريائن، هيڏو کڻي اوڌ ڪافر جيڏو قد ڪڍيو اٿئي، مون جيڏي ته اچي بيٺي آن، اڳتي بس ٻاهر نه نڪرندي ڪر، ڪم ڪارلاءِ ٻاهر هاڻي قمر کي موڪليندم،وقت ڏاڍو خراب ٿي ويو آهي “.

صدا جي اکين ۾ لڙڪ چمڪي پيا هئا، پنهنجي ننڍي ڀيڻ قمر جو خيال ايندي ئي، ڪيتري ننڍي هئي گهر جي ننڍي  وڏي ڪم تي به حساب ڪتاب ڪندي هئي، جي ضد تي ايندي هئي ته ڪندي ئي ڪو نه هئي ۽ اهو سڄو وقت ريڊيو ڪن تي رکي ٻڌندي رهندي  هئي، پڙهڻ ۾ به ايتري هوشيار نه هي، مئٽرڪ جي امتحان ۾ ڇا فيل ٿي ماڻهس پڻهس جا ڪن ڀريا هئا: ڇوري پڙهي به ڪا نه ٿي ڏئي، منهنجو ته چوڻ ٿئي پرڻائينس اڃا رنون رت پئنديون ڇا ؟.

پر!..... صدا ماءُ!... هوءَ آهي ڪيتري، هن جي عمر........ ۽ ماڻهس پڻهس جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو هو:”ڌيئن کي جيترو جلد اٿارجي اوترو بهتر آهي، اڄڪلهه اهو وقت ناهي رهيو و ڌيئرون ويهي وڃن مائٽن جي چوڻ تي، اسان وارو وقت ويو جو مائٽ ڌيئرن جو قرآن سان حق بخشرائيندا هئا  ته مرڻ گهڙي تائين ستيون ئي رهنديون هيون، هاڻ ته حق بخشايل ڇوڪريون به شادي ڪري ٿيون ويهي رهن، اڄڪلهه ٿوري دير ته ويهارين ڇوڪرين  کي منهن لاهي ٿيون شادي لاءِ چون، نه ته ٿيون ڪورٽ جو منهن ڪن، ميان!... وقت ڏاڍو خراب ٿي ويو آهي.

۽ جڏهن   ڌپ ڪندڙ وجود جيان هنن قمر مان جند ڇڏائي هئي، تڏهن پنهنجي خواهشن کي پورو ٿيندي نه ڏسي ڪيئن قمر جي مڙس  سڀني آڏو چيو هيو::”تنهن کان ته ڪنهن ٻار سان شادي ڪيان ها “ اڄڪلهه جي ٻارن کي به گهڻو عقل آهي، هن کي ته ايترو به ناهي !الائي ڇاجي تڪڙ هئي توهان کي به هن کي ذهني طور ته  وڏو ٿيڻ  ڏيو ها.انهن ئي ڏينهن قمر ماءُ ۽ صدا سان ڀاڪر پائي روئي پئي هئي ۽ مڙس سان وڃڻ کان نابري واري بيٺي هئي ،تڏهن کيس ڀيڻ تي ڏاڍو قياس آيو هو،جڏهن نصيحتن جي ڀري کڻي نه چاهيندي به قمر پنهنجي مڙس سان هلي وئي هئي روئيندي ،شادي جي پهرين رات ويندي  به ايترو نه رني هئي ، جيڏو ان ڏينهن روئيندي وئي هئي .

ان ڏينهن کان پوءِ سدا کي پنهنجي ماءُ  صفا نه وڻي هئي  پر هوءَ ان جو اظهار ڪري نه سگهي هئي، بس اهو ئي هن جو ردعمل هو جو هوءَ ماءُ کي جواب ڏئي وٺندي هئي، موٽ ۾ ٺاهوڪي بي عزتي ڪرئي وجهندي هئي.

ايم اي کان پوءِ جڏهن نوڪري لاءِ پئسن جي ڳالهه ڪئي هئي ته ماڻهس کي هن جو وجود پهاڙ جيان ڳرو لڳو هو، اٿندي ويهندي سونڊ منهن تي وجهي کيس ڏسڻ يا نڙي ڦاڙي ڪڏيون پڪيون ته ڪڏهن اڌ ڪچيون گاريون ڏيڻ کانپوءِ به ماءَ کي نه مڙندو ڏسي صدا جي دل چوندي هئي ته جيڪر جهنگ منهن ڪري هلي وڃي، هر وقت جو ٽوڪ کان:”لاٽ صاحب جي ڌيءَ ته ناهين جو ويهي کائينديءَ، نوڪري ڪر!.... ٽيوشن مان ڇا ٿو ملي، اٿي هٿ پير هڻ!... ائين بس ٿڌي ٿانئري ٿي ويهي رهي آن!، درخواستون موڪل، هن هنڌ نه ته ٻئي هنڌ ته ملي ويندءِ، واندي نه ويهه ”....

۽ درخاستون لکي لکي هن جي پيرن ۾ نه ته هٿن ۾ لڦون ضرورو پيون  هيون.تنهن ڏينهن هوءَ ڪيڏي خوش هئي، جڏهن پروين ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس پڇو هئو:”ڀائو وڻندو اٿئي؟ ”!....

”تنهنجو ڀاءُ به ڪا وڻڻ جهڙي شيءِ آهي!!!؟“ صدا پنهنجي سڄي خوشي سڄو شرم الائي ڪيئن لڪائي چئي ڏنو هو “

”بس ....!پوءِ ادا کي اهو جواب ڏيان ني!... چيائين پئي ته معلوم ڪري ڏي صدا کي ڪيئن لڳندو آهيان، ڪجهه وڻندو آهيانس يا ائين بس ...... دٻي ۾ ٺڪريون آهن“

هن کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويا هئا، خوشي سان ڀريو ٽهڪ ”دٻي ۾ ٺڪريون “ چئي هن پنهنجي خوشي  کي کل ۾ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي، تڏهن پروين ڳل تي چهنڊڙي پائيندي چيو هئس:”خوشي ان ڳاڙهي ته ٿي وئي آن! لڳي ٿو ڪا ڳڙ بڙ آهي ضرور، حالات ڪجهه خراب خراب ٿا لڳن ۽ ماڻهو به اسان جي گهر اچڻ جو اهو مقصد ته ناهي ته قبضو ڪري ويهين مهاجرن وانگر“.

هل !.....هل !..... مٿو نه هڻ، الائي ڇا پئي بڪين، نه ٿي چوائين ته ان جو غلط فائدو نه وُٺ، صدا کيس ڌڪو ڏئي هڪ پاسي ڪندي بناوٽي ڪاوڙ مان چيو هو:”امان کي ٻڌايائين ته ٽڪو مان ڪرئي  جيڪر .... پر دوست سان گڏ سئوٽ ٿي پئي آن! ان ڪري ڇڏيائين ٿي“. هنن کي ائين ڳالهائيندي ڏسي صدا  جي ماءُ اچي  وئي هئي، ٻنهي کي خوشي ڏسي سبب پڇيو  هئائين ته پروين مهڻوڏئي تنگ ڪرڻ جي خيال کان صدا کان اشاري ئي اشاري ۾ پڇيو هو:”ٻڌايان “؟ ۽ موٽ ۾ صدا منهن تي ڪاوڙظاهر ڪندي انڪار ڪيو هئس ته من سندس ڪاوڙ جو ڀرم  ئي رکندي پروين ماڻهس کي ڪجهه نه ٻڌائي، پر رناڻو پيٽ هئو سو صدا جي ماءُ کي پروين اڻ سڌي طرح ٻڌائي ورتو هو ته حسنين جي شاديءَ لاءِ هنن کي اتي ئي اچڻو آ پوءِ ته ماڻهس  صدا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ويل حسينين جي گهر وارن کي به شامل ڪري ڇڏيو هو، چي قسمت ته حسنين جي باري ٿيندي جو تو جهڙي زال ملندس.

تنهن  ڏينهن ته ماڻهس حد ڪري  ڇڏي، جڏهن هميشه جيان صدا جي ماءُ صدا تي مڇري ويٺي هئي مٿان وري پروين آئي هئي، جنهن ڏاڍي پاٻوهه مان صدا کي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ ايلاز ڪندي چيو هو:” ڇو اسان جي گهر اچڻ کان قسم کنيو اٿئي ڇا ؟...... اڄ توکي مون سان هلڻو آ ضرور نه ته مان ناراض ٿي وينديمائين، اڳتي لاءِ مان به نه ايندي مائين.

ائي!... هونئن ته ڏاڍي چم چٽ ٿي ڪرينس، ڀاڻين کي سمجهائين ڇو نه ٿي ته هن هچا مان ته اسان جي جند  ڇٽي، اگر ڀاڻين جي ڪٿي ٻئي هنڌ مرضي آهي ته به ظاهر ته ڪري باقي ائين مُنگهڻي من ئي من ۾ ڳالهه لڪايو ويٺو آ، ٻاهر به ڪٿي اگر مرضي اٿس ته ٻڌائي جي نه ته به ٻڌائي، اسان هن هچا مان جند ڇڏائڻ ٿا چاهيون “.

صدا کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن ڀري بازار ۾ هن جي بي عزتي ڪري وڌي هجي، جيڪا هن  کان  برداشت به ڪا نه ٿي هئي ۽ هوءَ مان سان وڙهي پئي هئي، کيس ماءُ کان اهڙي امير نه هئي ته هوءَ پروين کي حسنين جي حوالي سان ڪجهه چوندي، صدا پروين آڏو پنهنجي بي عزتي برداشت ڪئي هئي پر حسنين جي حوالي سان بي عزتي کائنس برداشت نه ٿي هئي، هوءَ به ماءُ سان وڙهي پئي هئي ۽ کيس به جيڪي ڳالهيون ماءُ جي حوالي سان اندر ۾ سانڍيل هيون  ڪڍي ٻاهر ڪيون هيائين، پوءِ ته ماڻهس کي سنڀالڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هئو، صدا جيڏي هئي تيڏي ماءُ جا چپ چاپ اونڌا سونڌا چنبا کائي ويهي رهي هئي، پر ماڻهس جو پارو جيئن پوءِ تيئن گهٽجڻ بجاءِ ويو ٿي وڌندو، هن باقائدا صدا کي ڌڪا ڏيندي گهر مان ڪڍندي چيو  هئو ”نڪر!.... رن منهنجي گهر مان اهڙي اولاد کان ته اوندهه چڱي آهي، تو جهڙي ته شل ڪُتي کي به نه ڄمي، خبر هجي ها اهڙي ٿينديئنءَ ته ڄمندي ويل وهه جي سُتي وجهي ڇڏيائين هان!... منهنجي ته قسمت ئي خراب نڪتي آ پر جنهن جي گهر وينديءَ ان کي به دوزخ ڪري وجهندين، ماءُ کي اهو ٿي مانُ ڏين ته سسڻهين کي ته واهولا وهائينديءَ“.

پروين وچ ۾  پئي هئي ته هن سان   ڪجهه جهڪو ٿي ڳالهائيندي چيو هئائين:”تون وٺي وڃينس گهر ! باقي مان هن کي هاڻ هن گهر ۾ رهڻ نه ڏيندس، ڪهڙو دور اچي ويو آ ڌيءَ ويهي ماءُ سان ائين ڳالهائي، اهڙي کي گولي ڀري بندوق مان نه ڪڍجي “.

پروين ائين ئي ڪيو هو، صدا کي سمجهائي گهر وٺي آئي هئي، رات جو صدا جو پيءُ ۽ ماءُ کيس پرچائڻ آيا هئا پر هوءَ ڄاڻي واڻي سوڙ ۾ منهن وجهي ليٽي ئي رهي ۽ پروين کي چيو هئائين ”چئين ته مان ننڊ پئي هان !“. ۽ پوءِ ليٽي ليٽي سوچيندي سوچيندي کيس ننڊ اچي وئي هئي، ان رات هن فيصلو ڪري ورتو هو ته جي حسنين هن سان شادي ڪئي ته ٺيڪ آهي نه ته هوءَ پنهنجو پاڻ کي ماري  ڇڏيندي،  پر ماءُ سان نه رهندي، ان کان اڳ هن ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هوءَ ڪا ڪڏهن شادي به ڪندي، يا اگر حسنين کيس سٺوٿو لڳي ته ان سان هوءَ سڄي زندگي گذاريندي پر ان رات کيس اهي سڀ ڳالهيون سٺيون لڳيون هيون ۽ ان کانپوءِ حسنين کيس تهائين وڌيڪ سٺو لڳو هو.

 چاچهنس ته ڄڻ گهڻو اڳ کيس پنهنجي پهرين ۽ آخري ننهن جو درجو ڏئي چڪو هو، ڌيءَ کان به وڌيڪ صدا سان پيار ڪندو هو، هو ڪا به ڳالهه ڪو به مسئلو هن کي ئي اچي ٻڌائيندو هو پوءِ گهر جو هجي يا ٻاهر جو هوءَ ته چوندو ئي ائين هو:”صدا سان منهنجي دوستي آهي “ جيئن پروين جي پنهنجي ڀاءُ سان آهي ۽ هوءَ ان سان ويهندي ڳالهيون ڪندي آهي ۽ حد کان وڌيڪ پيار ڪندي آهي ............. جيئن منهنجي زال پنهنجي گهر سان گهر جي ڪم ۽ گهر جي سامان سان محبت ڪندي آ، ائين مون کي صدا سان محبت آهي ۽ هوءَ مون کي وڻندي آ“.

چاچهنس جنهن جي ڪيمسٽري ۾ ڪنهن دور ۾ M S C  ٿيل هئي، سو ”اوزون “ جي باري ۾ غُور سان ٻڌندو هو ۽ پوءِ ان موضوع تي سٺي نموني ڳالهائي به  سگهندو هو، ان  ئي جذبي تحت هن ڪافي ٻوٽا به هنيا هئا ۽ ماحول جي گدلاڻ بابت ڪڏهن مذاق ۾ ته ڪڏهن سنجيده ٿي ايترو ڳالهائيندو هو جو اهو ڄڻ سندس تڪيه ڪلام ٿي ويو هو، اگر ماني کائيندي ڀاڄي نه وڻيس ته چوندو ئي ائين هو:”حسنين ماءُ! هاڻي ٻيلي پوڙهي ٿي وئي آن، اڄ ته ڀاڄي جو ماحول ڏاڍو خراب ٿي ويو آ“.

يا اخبار پڙهندي چوندو هو:”اخبارون به اسان جي معاشري جي عڪاسي ٿيون ڪن، اخبارن جو به ماحول هاڻي خراب ٿي ويو آ“پڙهڻ جهڙيون ئي ناهن رهيون.تنهن ڏينهن صدا جون اکيون ڀرجي آيون هيون، جڏهن چاچهنس جي آپريشن جي تاريخ ظاهر ٿي هئي، ان ڏينهن چاچهنس مذاق مذاق ۾ چيو هو ”ابا !..... چون ٿا ته منهنجي جسم جو ماحول خراب ٿي ويو آ، ان ڪري آپريشن ضروري آ، چوان  ٿو ته اهو نيڪي جو  ڪم به اگر اتي ڪنهن ڀر واري شهر ۾ ٿي پئي ته سٺو پر حسنين جو ضد آهي ته ڪراچي جي ڪنهن سٺي اسپتال ۾ ٿئي، هاڻي حالات به ڪراچي جا صحيح آهن، چوندو آهيانس ته دنيا جي سڀني غريبن جا حالات صحيح ٿي سگهن ٿا پر ڪراچي جا حاات هاڻ صحيح نه ٿي سگهندا، انهن تي اعتبار ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو  پوليس وارن تي اعتبار ڪري وجهي، اک ڇنڀ ۾ الائجي ڇا مان ڇا ٿي ويندو آ، ان ڪراچي ۾ .....“

اڄ صبح کان صرف ان خبر ٻڌڻ لاءِ ته هو سڀ واپس خيرت سان اسپتال مان واپس اچي رهيا آهن صدا ۽ پروين فون  کي تڪينديون رهيون هيون ته  ڪڏهن ٿي گهنٽي وڄي ۽ ڪڏهن ٿو ڪوئي اچڻ جو اطلاع ڏئي، ان انتظار ۾ڪافي وقت گذري ويو هو، پروين ڪنهن ڪم سان ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي ئي، چاچهنس اڳواٽ ئي حسنين وارن جي کاڌي تيار ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي هئي، جيئن پهچن ته ماني اچي کائن، جيتوڻيڪ صدا ۽پروين وارن کي خبر  هئي ته ان ڏينهن هو فارغ ٿي ايندا، پر هنن ان جي به پوري پڪ پئي چاهي، جو سندن سڄو ساهه اوڏانهن ٽنگيو پيو هو.

.... ۽ جڏهن فون جي گهنٽي وڳي هئي ته پروين ٻاهران ڊوڙندي اندر آئي هئي پر ان کان اڳ فون صداکنئي هئي، تڏهن پروين ڏٺو ته صدا بنا ڳالهائڻ جي رڳو فون ٻڌي رهي هئي ۽ هن جي چهري جو رنگ به ساڳيو نه رهيو هو پروين سمجهيو شايد ٻئي پاسي حسنين پيو ڳالهائي، جو صدا هميشه جيان هڪ ته کيس جواب نه پئي ڏنو ٻيو حسنين جو اواز ٻڌندي ئي صدا جي چهري جو رنگ مٽجي ويندو هو پر هن وقت پروين صدا جي بدلجندڙ رنگ جو اندازو لڳائي نه  ٿي سگهي، تنهن ڪري پروين صدا جي هٿ مان رسوير کسي يڪدم پڇيو ادا !.... بابا هاڻي ڪيئن آهي، اسان ساجهر کان ويٺاهون، ...... توهان هاڻي .... هوءَ اڃان ڳالهائي ئي رهي هئي هن پنهنجو جملو اڃا پورو ئي ڪو نه ڪيو جو صدا هنيانءُ ڦاڙ رڙيون ڪندي ڪمري  مان ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ ورانڊي جي ٺل سان چنبڙي روئي پئي هئي.

اها فون صدا جي پيءُ ڪئي هئي، جنهن کيس ٻڌايو هو ته واپسي تي شهر جي ميڊيڪل اسٽور تان پيءُ لاءِ دوائون وٺندي حسنين دهشتگردن جي گولين جو کاڄ  ٿي ويو آهي، صدا جي پيءُ فون جتي صداکي سمجهائنيدي چيو  هو ته هوءَ ان موقعي تي تسلي ڏئي ۽ کين ان بابت ڪهڙي به ريت ٻڌائي ڇڏي ائين نه جو اوچتو لاش کي ڏسي خود هنن جو درد کان هنيانءُ ڦاٽي پئي.پر ان حالت ۾ هوءَ کين ڇا تسلي ڏئي ها، ايڏي وڏي ڳالهه جو هوءَ قبول نه ڪري سگهي ، سا هنن کي ڪيئن ٻڌائي ها، هن جي ائين روئڻ مان ۽ فون جي اوچتو بند ٿي وڃڻ مان پروين کي اگر شڪ به ٿيو هو ته پيءُ تي ٿيو هو، هن جو تازو آپريشن ٿيو هو، حسنين ڏي ته ڪنهن جو خيال به نه هو، هو به ساڻس گڏ روئي پيون، ان ويل صدا کي کين پرچائڻ ۽ حسنين بابت ٻڌائڻ ڏاڍو مشڪل لڳو هو.

پر جڏهن روئڻ جو آواز ٻڌي صدا جي ماءُ آئي هئي، تنهن کي هو الائي ڪيئن ٻڌائي سگهي هئي پوءِ ته چاچهنس ڀت سان ٽڪر هڻي رت ڪڍي ڇڏيو هو، پروين زمين تي ويهي کٽ جي پائي سان پنهنجو ٿوپئي ڦاڙيو ۽ هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوءَ کين پرچائي يا پاڻ حسنين لاءِ روئي، کيس پنهنجا حواس پنهنجي قابو ۾ نه پئي لڳا، صدا اتان اٿي اچي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ کٽ جي پائي سان مٿو هڻي هڻي دل کولي روئي پئي هئي، اتي ئي هن نه ڄاڻ ڪيڏا بيگناهه لڙڪ لاڙيا هئا، اتيئي ويٺي هن ڄڻ صديون سورن جون ڪاٽيون هيون.

اڃان ڪلهه ئي ته  سونارو در کڙڪائي مڱڻي جي تيار ٿيل منڊي ڏئي ويو هئن ۽ پروين مڱڻي واري منڊي صدا کي ڏيکاريئندي چيو هو مڱڻي جي منڊي ٺهي وئي آهي.پوءِ صدا بنا ڏسڻ جي ڪوڙي لاپرواهي منجهان چيو هو، تڏهن پروين چيو هئس هل پوءِ هاڻي ايڏي غريب نه ٿي! ايڏي شريف نه ٿي! مون کي خبر آهي ڪيڏي استاد آهين“.

ڇو مان ڇا ڪيو آ....“

”اهو سڀ ڪجهه تنهن جو ئي ته ڪيل آهي جو ڀائو شروع کان ائين چوندو آيوآهي ته مان ڌارين مان شادي ڪندس، پنهنجن مان نه ۽ تنهن ڏينهن جڏهن امان چيس:” شادي ته تنهنجي ڪرائڻي آهي پنهنجن ۾ تون نه ڪندين، ڌارين ۾ ڪو گهر  هجئي نظر ۾ ته ڳالهه ڪري ته بنا شرم ۽ هٻڪ جي چيائين : چاچي وارن جو گهر جو آهي “ ۽ جڏهن امان ياد ڏياريس ته تون ته چوندو آن ته مان ڌارين ۾ ڪندس “ ته انڪار ڪندي چيائين ”توهان ڀليا آهيو مان ته ائين ڪڏهن ناهي چيو ” تڏهن مزاق ۾ چيو مانس :” چاچي جي ڌيءَ شبانه ته توکان ڪافي ننڍي آهي ۽ چاچي وري توکان ڪافي وڏي آ، اصل ماءُ جي برابر ته هيڏو وات ڦاڙي چيائين ”هل !.... هل!.... شبانه ٿورئي صدا ۽ ها ....  مان مڱڻي ٻڱڻي جي چڪر ۾ ڪو نه ڦاسندو مانوءَ بس .... سڌي سنئين شادي ... اسان ڪجهه مصروف ماڻهو آهيون، ني ..... ! ان ڪري وقت کان  واندن ماڻهن وانگر ناهيون وڃائيندا ڇا ٻڌئي ٿورو چيو گهڻو سمجهندا “.

صدا جي اکين مان مسلسل لڙڪ لارون ڪري  وهي رهيا هئا، ننڍپڻ ۾ جڏهن به ڪنهن کان چڙندي هئي يا ڪنهن شيءِ  لاءِ ضد ڪندي هئي ته ساڳي کٽ جي پائي ۾ ٻانهون وجهي ويهي روئندي هئي ۽ ڪيئي پهر، بک اڃ تي پي  اکين جو پاڻي هاريندي هئي، جيسين داد فرياد نه ٿئيس، ضد به ايڏو ڪندي هئي جو ماڻهس ڪڏهن جي پرچائي پرچائي ٿڪبي هئس ته به نه پرچندي هئي، ان دوران ڪوئي ماڻس کان پڇندو هئس ته هي ڇو ٿي روئي؟ ته چوندي هئي ”ونواهه ۾ ويٺي آهي “ گهر ڇڏي وڃڻ جو ڏک اٿس، جيسين ڄڃ نه ايندس اها اتي ويٺي هوندي ،  اهو سڀ ماءُ واتان ٻڌي هوءَ ٽپ ڏيئي اتان اٿندي هئي پر ڪڏهن ته ڌرڻو ماري ويٺي به رهندي هئي جيئن اڄ ويٺي هئي. ننڍي ڀيڻ جيڪا خوف حراس کان گهر موٽي آئي هئي، سندس ٻانهن کي چنبڙي روئي پئي هئي، ”ادي! سڀ ٿا چون ته ادا حسنين جي دماغ مان گوليون آرپار ٿي ويون آهن ....خبر ٿئي!هن جون ني! اکيون ٻاهر نڪري آيون آهن ۽ رتُ!.... ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهه ڳالهائي صدا ڪروڌ مان کيس پري ڌڪي تيزي سان روئڻ لڳي: هن جي دل چاهيون هو ڌڪ هڻي پوري دنيا کي ئي ڊاهي ڇڏي، اگر سڀ سٺا ماڻهون وڃن ٿا معصوم ماڻهو مرن ٿا ته پوءِ گندا ماڻهو گند ڦهلائڻ لاءِ ڇو بچن،؟ ۽ اسان جهڙا سوڳوار ڇو رهن، سڀ تباهه ٿين سڀ مرن “.”صدا ....

اٿ حسنين جو منهن ڏس!.... وري نه ملندءِ اٿ هن جو منهن ڏسڻ لاءِ، هن کي کڻن ٿا هاڻي !....“ ماڻهس روئيندي اچي کيس ڌونڌاڙيو، ساڻس گڏ ڪجهه پاڙيواريون به آيون هيون.

صدا جي سڏڪڻ ۾ تيزي اچي وئي، ڳوڙهن جو وهڪرو تيز ٿي ويو، بلڪل ائين جيئن ڪنوار تي مائٽن سان موڪلائڻ جو وقت ايندو آ.

اٿ منهنجي ڌيءَ.....!

هوءَ نه اٿي پئي سگهي ۽ نه ئي هن ۾ همت هئي جو وڃي حسنين کي ان حالت ۾ ڏسي اچي، بس ٻارن جيان کٽ جي پائي سان چنبڙي پئي هئي ته متان هو سڀ کيس زوري وٺي نه وڃن، هت هن جو حسنين ان حالت ۾ هو، جنهن حالت ۾ ڏسڻ لاءِ به کيس ايڏي وڏي دل جي ضرورت هئي، جيڏي دل سان هن حسنين کي چاهيو هو.

ماڻهس کيس سڏڻ لاءِ آئي هئي پر صدا جي سڏڪن ۾ کائنس وسري ويو هو ته هوءَ ڇو آئي آهي هو به کيس ڳراٽڙي پائي روئي پئي هئي.

مٿان بيٺل مايون مسلسل پاڻ ڳالهائينديون رهيون ، جيڪي اينديون ته ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ پرچائڻ لاءِ آهن پر ڳالهيون ٻولهيون ڪري  دکايلن جو دک ٻيڻا ڪري ڇڏينديون آهن ) جواني جو موت ته شل دشمن تي به نه اچي، سو به پوري خاندان ۾ اڪيلو سڀني جو نڪ هو ..... توبهن !.... منهنجا ته کيس ڏسي آنڊا ٿا ڪپجن، مائٽن ويچارن سان ته ويل هوندو توبهن!.... انسان جي ڪهڙي قيمت رهي آ هن ملڪ ۾ هڪ عورت شد مد سان چيو ائي!... ڏٺئه!.. دماغ ۾ ڪيڏا نشان آهن، گولين جا؟ اکيون ئي ٻاهر نڪري آيون اٿس، ڏسندي ئي ڊپ ٿوٿئي !... صدا  اهو سڀ برداشت نه ڪري سگهي هوءَ چرين جيان ماين کي نڪري وڃڻ لاءِ دڙڪا ڏيندي رهي مايون ڀڻڪنديون ڪڻڪنديون هليون ويون ۽ سندن پٺيان صدا جي ماءُ به ٿڪل وکن سان ويندي رهي هئي.

حسنين وارن جو گهر سدا جي گهر ويجهو ئي هو، ان ڪري ايندڙ سڏڪن ۽ پارن جا تيز ٿيندڙ آواز ان خطري جي گهنٽي هئا ته حسنين جوبي جان وجود هميشه لاءِ گهر جي ڇانوءَ مان نڪري مڻ مٽيءَ جي هيٺان دٻجڻ لاءِ اسري رهيو آهي، ٻئي طرف هن جا تنها سڏڪا ائين پئي لڳا ڄڻ ولر کان پري وڇڙيل گهايل ڪونج جي ڪُڻڪ رڻ ۾ گونجندي هجي.

آخري لمحي جڏهن منهن ڏيکاريو پيئي ويو، تڏهن وري پيءُ صدا کي وٺڻ آيو هو.

”صدا !... حسنين کي کڻن ٿا.... چون ٿا مُنهن ڏسي وڃ... هو کيس گهڻو وقت نه ٿا رکي سگهن“.

” بابا ...“ چئي  هوءَ پيءُ جي سيني ۾ منهن وجهي روئي پئي.

”ڏاهي ٿي پٽ ... (پڻهس سمجهائيندي چيس ) مايون اجايون ڳالهيون ٿيون ٺاهن، سو سٺو نه ٿو لڳي، هنن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ثواب خاطر مردي جو منهن ڏسڻ ۽ پنهنجن پيارن عزيزن جو منهن ڏسڻ ۾ ڪيڏوفرق آ .... بس !... اها به رسم ٿي وئي آ...سو منهن ڏيئڻو آ.... مان ڏس مرد آهيان ني !مون کي ئي همت نه ٿي ٿئي ته هن جو منهن ڏسان،جيڪو هن جو نه آهي يا پنهنجن هنن جهور ڪلهن سان اهڙي جوان کي ڪلهوڏئي پورائي اچان، پر ائين ته ڪرڻو ٿو پوي، ماڻهو سچ ته ڪنهن مجبوريون ڪنهن جون دلي ڪيفيتون سمجهي نه سگهندا،

اهڙي ماڻهو کي هو عمر ڀر مياريون ڏئي معاف ناهن ڪندا، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن موقعن تي خود ماڻهو جي اندر ۾ پڇتاءُ رهجي ويندو آ ۽ هو خود پاڻ کي معاف ناهي ڪري سگهندو، وڌيڪ تنهنجي مرضي آهي“ پڻهس کيس سالڪن جيان سمجهائيندي سمجهائيندي اوچتو چرين جيان ڳالهائڻ لڳو ” هل ني!.... حسنين سان ملڻ .... هو تنهنجي انتظار ۾ اڃا ترسيل آهي، هن کي دير ٿي ٿئي متان هو وکي ميار نه ڏئي ته تو هن جو مُنهن ڇو نه ڏٺو “

 گهر جي در وٽ ڪنهن مائٽ پڻهس کي سڏ ڪندي چيو ”جمن هليا دير ٿي وئي آ ڪافي، وڌيڪ دير لاش نه ٿا ترسائين ته متان خراب نه ٿي وڃي، ۽ رت به بيهي ئي نه ٿو“.

هو پنهنجن نيڻن ۾ ڀرجي آيل لڙڪ بنا اگهڻ جي صدا کي اتي ئي ڇڏي پاڻ هليو ويو ۽ صدا جي ذهن ۾ پنهنجي مائٽ جا لفظ رهجي ويا ”خراب نه ٿي وڃي ۽ رت به بيهي ئي نه ٿو “  کيس اڄ دنيا جي هر شيءِ خراب لڳي رهي هئي، هر لمحو خراب لڳي رهيو هو، کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ حسنين جي لاش مان نه ڪائنات جي هر ذري ذري مان رت ڳڙي رهيو هو، آسمان، زمين، آرپار رت ئي رت هو، جنهن ۾ هن جو ساهه هن جي دل هن جو پورو وجود، ٻڏي رهيو هو ۽ رت جي ٻوڏ۾ هوءَ تارون تار ٻڏي وئي هئي پنهنجي سک ڏک سوڌو“.

 

فياض چنڊ ڪليري

 

رات، اڌ چنڊ جي قاتل آ!

”زال مڙس جي هڪڙي ئي ڪمري ۾ هڪڙي ئي بيڊ تي سمهڻ جي باوجود جڏهن گهر ۾ چاهتن جو گواهه ڪو گلاب نه ٽڙندو آهي ته پوءِ  الائي به ڇو بيوهه پڻي جو احساس اندر  سلوپوائزن جيان ڦهلجڻ لڳندو آهي،  سوچيان ٿي، انهيءَ احساس جو عذاب رڳو عورت جي دل جي کاتي ۾ ئي ڇو ويندو آهي ....“

بيڊ روم ۾ ليمپ جي شفاف روشني ۾ ڊائري تي پنهنجن محرومين جا ڪومايل گلاب ٽاڪيندي هُن جون آڱريون ڏڪڻ لڳن ٿيون، اوجاڳيل اکيون کڻي، هوءَپنهنجي اکين ۾ آيل اداسي ڪمري ۾ موجود شين سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪمري ۾ موجود هر شيءِ رات جي ڀاڪر ۾ گم، سندس سامهون ٽي وي ڪيبن مٿان پيل خاموش ٽي وي، ڪيبن جي هيٺين خانن ۾ وي سي آر ۽ ڊيڪ به چپ، ديوارن تي لڳل سينريون ۽ پورٽريٽ به پنڪين ۾ ... بوڪ شيلف ۾ رکيل ڪتاب به پنهنجن حرفن جي ٻانهن ۾ ڀڪوڙيل رڳو هوءَ ۽ سندس ڊائري جاڳيل......

بيڊ تان اُٿي سليپنگ گائون کي ٺاهيندي هوءَ ڊريسنگ ٽيبل سان ڀرسان  اچي بيهي ٿي، ڀرسان ئي  بورڊ تي هٿ رکي ٽيوب لائيٽ آن ڪري پاڻ کي سئٽي تي ڦٽو ٿي ڪري.

ڊريسنگ ٽيبل جو آئينو به پاڻ جيان کيس رٺل لڳي ٿو، آئيني تي پنهنجا هٿڦيريندي هوءَ ٽٽندڙ لهجي ۾ آئيني سان مخاطب ٿئي ٿي، ڄڻ آئينو سندس هر ڳالهه ٻڌندڙ ۽ سمجهندڙ هجي.....

”منهنجي اندر جي اڪلائي منهنجي محروُميءَ جي ڪهڙي ڪهڙي شاهراهه کي ماپي.... ڪنهن به راهه تي تڪميل جو ڪو به سائين بورڊ نه ٿو اچي، هر چوڪ تي ماڻهن جي ميلي ۾ پاڻ کي اجنبي محسوس ڪندي پنهنجي پاڇولي سان گڏ کسڪي اچان ٿي ۽ منهنجي ڳالهه جي بي چين ڌڙڪن نانگ جي ڦڻ جيان منهنجي روح کي ڏنگيندي رهي ٿي..... سوشل لائيف جون سموريون رنگينيون ۽ آسائشون مون کان گهٻرائي لڪي وڃن ٿيون ۽ هاڻ تون به اکيون چورائڻ لڳو آهين..... تون ئي ڏس ! مان ڪاڏي وڃان... ڪنهن جي ڪُلهي تي ڪنڌ لاڙي روئان ۽ ڪوئي مون کي ڳراٽڙي پائي منهنجا ڳوڙها اگهي، مون کي پيار سان سمجهائي چوي زيبو! ڇو ٿي پنهنجو پاڻ کي اڪيلو سمجهين ... مان جو آهيان تنهنجو ۽ صرف تنهنجو “.

هُن کي محسوس ٿيو ڄڻ آئينو ساڻس گڏ روئڻ لڳو آهي، هُن کي آئيني جو لسو تهه گهميل محسوس ٿيو، پل لاءِ کيس لڳو ڄڻ آئينو پنهنجون ٻانهون ڦهلائي کيس ڳراٽڙي ڀريندو .... پر آئينو پنهنجي جاءِ تي قائم... ،ڪمري جي هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي ساڪن .... ڇڙوهوءَ هُن جون اکيون ۽ دل متحرڪ.... پنهنجين اکين جي اُٻاڻڪائي کي آئيني تان ميڙي هو اٿي ٿي، ڪمري ۾ ڪجهه لمحا بي مقصد پسار ڪرڻ کانپوءِ ڪمري جي کاٻي پاسي کان ٺهيل بالڪوني ۾ اچي بيهي ٿي آسمان ۾ لٽڪيل پهرين تاريخن جو چنڊ کيس پنهنجي من جيان اُٻاڻڪو اٻاڻڪو ڀاسي ٿو، بالڪوني جي سامهون هيٺ ڪجهه فرلانگن تي موجود پارڪ ۾ ٺهيل جهولا ۽ ٻاراڻي گسڪڻ کيس ڪنهن زيادتي ٿيل عورت جيان گهوريندي محسوس ٿين ٿا، باغ جي وچ ۾ لڳل See Saw کي هوا تي خالي لڏندي ڏسي کيس پنهنجي محرومي جو شديد احساس ٿئي ٿو.

هوءَ اکيون ٻوٽي تصور ئي تصور ۾ پنهنجو پاڻ کي See Saw جي هڪڙي ڇيڙي تي ويٺل ڏسي ٿي ۽ ٻي ڇيڙي تي معصوم ٻارڙيِ کي ويٺل محسوس ڪري ٿي پر ٻئي پل هوا جو تيز جهوٽو سندس تصور جي نفيس پردي کي چيري گذري ٿو وڃي، هو باغيچي مان نظرون هٽائي بنگلي جي مين گيٽ مٿان ٻرندڙ بلبن کي گهوري ڏسي ٿي ... گيٽ ڀرسان اندرين پاسي ڊيوٽِي تي موجود سپاهي ڪرسي تي ننڊ جي جهوٽن ۾ ... هوءَ پنهنجي نهار جا کوليل ٿان ويڙهي، بالڪوني مان ٻيهر ڪمري ۾ موٽِ اچي ٿي، بالڪوني ڏانهن کلندڙ در ۽ دريون ٺيڪ طرح سان بند ڪري  اي سي آن ڪري ٻيهر بيڊ تي سمهي ليمپ جي شفاف روشني ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي .... ڊبل بيڊ جي کاٻي پاسي خالي جاءِ سندس مڙس جي غير موجودگي جي احساس کي کُرچڻ لڳي ٿي، جيڪو معمول مطابق پنهنجي رات پنهنجي ڪلاس ۽ ۽ ڪليبر جي ماڻهن سان شيئر ڪندو هوندو، هوءَ ٻيهر ڊائري جي ڪاغذن تي احساس جا ڪمائيل گلاب چنبڙائڻ لڳي ٿي، مون ته سمجهيو هيو هن جي سفر جون سڀ ڏسائون منهنجي وجود جي شهر جي گهاٽ تائين ڇيهه ڪنديون .... منهنجو انگ انگ هن جي ڇهاءُ جي روشني سان سدائين روشن رهندو... پر هُو به وقت جي دلفريب چادر ۾ اچي ويو آهي .... منهنجن چپن مان نڪرندڙ پيار ڀرين لفظن بدران ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ڪمشنر جا ٽيليفون تي مليل احڪام هن لاءِ ياد رکڻ جهڙا ٿي ويا آهن... هو بيورو ڪريسيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي ... ۽ مان اڃا به پاڻ کي سندس دل جي درياهه ۾ ٻوڙڻ جي طلبگار آهيان ... هوءَ ڊائري تان نظرون هٽائي ڊبل بيڊ جي کاٻي پاسي جي خال ڏانهن ڏسي ٿي،

بيڊ جي خالي پيل جاءِ کيس پهاڄ جيان ڏند ڪرٽيندي محسوس ٿي ٿئي، پنهنجي بيورو ڪريٽ مڙس افتخار  حسين بلوچ کي ساريندي کيس يونيورسٽيءَ ۾ انگلش لٽريچر جي فائنل ايئر ۾ پڙهندڙ رورل ڪلچرڊ، آدرشي ۽ جذباتي نوجوان ياد ٿو اچي، اڄ ڪيڏو بدلجي ويو آهي اهو افتخار حسين ....! موئن جي دڙي جي مٽيءَ جي خوشبو، مڪليءَ جي مينارن جي افاديت، ڪينجهر جي سونهن، شڪارپور جي تاريخي دردن جي اهميت، ٿر جي وارياسي پنڌن جي ٿڪ ۽ڪراچي جي بي پرواهه سمنڊ جي ڇڙواڳ ڇولين جي ڇڪ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندڙ  اهو لٽرري اورينٽيڊ شخص ته ڄامشوري ۾  ئي ڪٿي وڃائجي ويو هو !

مئي ۽ جون جي تتل ڏينهن ۾  سينٽر ل  لائبرري کان مارئي هاسٽل تائين ،اگهاڙي مٿي تي ڳرا ڪتاب رکي ، ساڻس گڏ هلندي سماجي تبديلي ۽ طبقاتي نظام  جي خاتمي جا خواب ڏسندڙ ، زيبوءُ جي تعريف ۾  زمين آسمان جون  خوبصورتيو ن ڳوليندڙ  ، سندس وجود جي  تخليق تي تخليقار جي گمنام هٿن کي چمڻ جو تمنائي  زندگي جون سموريو ن خوشيون ۽ مرڪون زيبوءَ جي جهولي ۾ وجهي ڇڏڻ جا وچن ڪندڙ ، افتخار حسين ايترو جلدي وقت جي واچوڙي ۾ گم ٿي  ويندو . تڏهن ڪنهن به اهو انڪشاف نه ڪيو هئائين ، يا شايد زيبوءَ ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ٿيڻ کان پهرئين سج نيزي پاند تي اچي بيهندو آهي ۽ روح رجڻ لڳندو آهي ، پوءِ ڪابه چانڊوڪي رات پنهنجائپ جو احساس آڻي نه سگهندي آهي

.......پر پنهنجائپ جون سڀ آرسيون اسان وقت کان اڳ ڀور ڀور ڪري ڇڏيون ، پر انهي عمل ۾  مان اڪيلي ته نه هيس ...هن جون هر پل منهنجي وجود ۾  وچڙندڙ اکيون هن جا هر پل منهنجي وجود تي ترڪندڙ هٿ ۽ هن جا هر پل منهنجي چپن سان چهٽندڙ چپ ته برابر جا ڏوهاري هئا ......هونءَ اسان جهڙي ميل ڊامنيٽ سوسائٽي ۾ عورت جيستائين عزت جو حوالو هوندي آهي ته پنهنجي چاهيندڙ لاءِ امر آيتن جيان هوندي آهي ....پر سندس وجود جي هر حرف حرف اچارجڻ کان پوءِ هو ردي جي ڪنهن بي مهلي ڪتاب جيان ٿي ويندي آهي ،....۽ پوءِ گهر جي چوٰديواري کان وٺي ، فوٽ پاٿ جي سوڙهي رستي تائين ، سندس پاڇولو به  متشڪي بڻجي ويندو آهي . اسان جي سوشل سائڪولوجي به ڪيڏي ون سائيڊيڊ هوندي آهي ....گناهه جي هر راند ۾ عورت  ۽ مرد جي محرومين جا کڙڪندڙ سڪا ته هڪ جيترا هوندا آهن ...پوءِ به آخر ۾ عورت ئي ازالي جي ٽياس تي ٽنگجي ٿي ...۽ مرد ڪيڏي بي نڪائي ۽ اک جي پڪائي سان پائنچا ڇنڊي ، منهن تي معصوميت جا ليبل لڳائي گهمن ٿا .....خيالن جا بي قابو گهوڙا سندس ذهن جي صحر ا ۾ ڊوڙندا رهن ٿا .ڪمري ۾ لڳل وال ڪلاڪ جي سرگوشين کان بي نياز سوچيندي سوچيندي هوءَ ننڊ جي   نازڪ ٻانهن ۾ هلي ٿي وڃي.

اڃا بنگلي  ۾ ڪم ڪندڙ ملازم به نه پهتا هيا، هوءَ بيڊ تي گوڏن ڀر ويهي روم جي ڇت  ڏانهن ٻانهون ڊگهيري آرس ڀڃي ٿي، سندس ڀر ۾ بيڊ جي خالي جاءِ اڃا تائين ”خال ڀريو “ جي سوال جيان خالي ئي هئي، نارمل ٿيڻ جي احساس کانپوءِ بنگلي ۾ لڪي ويٺل ساڳيائپ ۽ وڳاڻپ ٻيهر سندس حواسين تي حملو ڪن ٿيون ۽ هوءَ اٿي اي سي آف ڪري، ڪمري جي درين تان پردا هٽائي دريون ۽ بالڪونيءَ ڏانهن کلندڙ دروازو کولي ٿي ڇڏي، دروازو ۽ دريون کلندي ئي تازن ٽڙيل گلن جي ماڪ وهنتل خوشبو ڪمري ۾ محبوب جيان بغير اجازت ڌوڪي ٿي اچي، هوءَ بالڪوني جو در اورانگهي باغيچي ڏانهن اڇاتري نظر اڇلي ٿي، باغ ۾ موجود هر ‌شيءِ رات واري حالت ۾ ساڪن! وڻن ۾ پلين جون خوبصورت ٻوليون صبح جي آمد جو  اعلان ڪري رهيون هيون، هوءِ منظر تان اکين جو فوڪس هٽائي باٿ روم ڏانهن وڃي ٿي، شاور هيٺان بيهي پنهنجي اُلا اُلا وجود تي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا  پوندي کيس گذريل ڪيترين راتين جي اڪيلائي ۽ مڙس جي نظراندازي جي ور چڙهيل سندس جسم جي پور پور مان ٻرندڙ آڳ وڌيڪ شدت سان ٻرندي محسوس ٿئي ٿي، واش بيسن جي مٿان لڳل آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسندي کيس ڪاليج ۾ ميٿميٽڪس جي نئين آيل ليڪچرار جون معنيٰ خيز اکيون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، صدين جون اڃيون ۽ بکيون اکيون... اکيون جيڪي پهرين ئي نظر ۾ سندس وجود تي اوڍيل لباس کي پار ڪري ڳجهن هنڌن تائين پهچڻ جي سگهه رکندڙ هيون .... هوءَ انهن اکين جي خاموش اشارن ۽ علامتن کي پرکي  وئي هيئي... ان ڏينهن ته بنهه  گهٻرائجي وئي هئي، جڏهن فري پيرڊ ۾ ڪاريڊور مان لنگهندي مسٽر امتياز سندس بنهه آڏو اچي ويو هو ۽ هو ٽڪرائيندي بچي ويا هيا، کيس ڪنفيوز ٿيندي ڏسي، مسٽر امتياز مڻن جيڏي ڳري ڳالهه ڪاغذ جيان سندس حواسن آڏو ڦٽي ڪئي هئي:”ميڊم! صاحب کي سمجهايو ته اوهان جي بي ترتيبي کان ايترو بي خبر نه رهي ڪٿي ... “ جواب ۾ هوءَ رڳو اکيون ڪرڙيون ڪري کيس گهوري سگهي هئي امتياز هڪ ڳڀرو ۽  خوبصورت  جوان  هيو، ڪاليج جي  ميٿس جي پروفيسر جي رٽائرمينٽ کانپوءِ استاد جي کوٽ سبب پرنسپال جي درخواست تي بوائز ڪاليج مان  امتياز کي ڊيپوٽيشن تي گهرايو ويو هو، هو نهارڻ کان ڳالهائڻ تائين ۽ ڳالهائڻ کان چپ رهڻ تائين هر ادا ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو، ان ڪري ئي ٿوري ٿوري عرصي ۾ ڪاليج جي مورين چنچل ڇوڪرين ۽ ليڊي ليڪچررز جي زبانن تي سندس نالو پيو ورجائبو هو.

هوءَ باٿ روم مان نڪري ڊريسنگ ٽيبل آڏو اچي  بيٺي هئي، آئيني ۾ ساڳي خاموشي نظر اچيس ٿي، آلا وار ڇنڊيندي هوءَ ڪمري مان نڪري ٽي وي هال ۽ ڊرائينگ روم ڪراس ڪندي ڪچن ۾ پهتي، ڪڏهن ڪڏهن سوير سجاڳ ٿيڻ کانپوءِ هوءَ پاڻ ئي ناشتو تيار ڪري وٺندي آهي، هوءَ اڪثر بورچي خاني ۾ ناشتو تيار ڪندي، هوءَ ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندي رهندي آهي. پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان بنهه چپ چپ ۽ خالي خالي رهڻ لڳي آهي.

چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪيٽلي ءَ ۾ پاڻي اٻرندي ڏسي کيس لڳي ٿو، سندس اندر به ڪو احساس، ڪا محرومي اٻرندڙ پاڻيءَ جيان اٻرندي رهي آهي، خيال ٻيهر ٻاٻري ڪنڊن جيان سندس ذهن ۾ چڀڻ لڳن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com