سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :19

انهيءَ مٿين بيان ڪيل مفهوم کي سامهون رکي اسان ان مذڪور رسالي جو نالو” جنگ نامه فارسي منظوم“ قائم ڪيو هو ته جيئن نالي پڙهڻ سان ئي پڙهندڙ خواه تواريخ جي محقق جو هڪدم ان طرف ڌيان ڇڪجي وڃي ته ان ۾ضرور ڪو جنگي احوال بيان ٿيل هوندو ! دراصل ميان عبدالرؤف پنهنجي هن رسالي ۾ هڪ  وڏي جنگي معرڪي جو مختصر فارسي نظم  ۾ نهايت سهڻائي ۽ گهرائي سان ذڪر  ڪيو آهي جيتوڻيڪ بقول سيد خضر  نو شاهيءَ جي ته ميان عبدالرؤف جو ڪلام فني لحاظ کان پوئتي آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ الڳ علمي ۽ ادبي بحث آهي، جنهن کي هتي ڇيڙڻ جي ضرورت نه آهي، راقم انهن سمورين علمي ۽ ادبي تقاضائن کي آڏو رکي اهو مذڪوره  عنوان قائم ڪيو هو جو موضوع جي لحاظ کان بقول خود مانواري نقاد جي ته ”اهو نالو مناسب لڳي ٿو “.

آئون اوهان صاحبن جو نهايت ٿورائتو آهيان، جو اوهان منهنجي مقالي جي اشاعت کانپوءِ ان تي آيل اعتراضن کي به شايع ڪيو،آئون خالص علمي ۽ ادبي دائري ۾ رهندي هي خط اوهان کي موڪلي رهيو

آهي، اميد ته ”مهراڻ “ جي ورندڙ اشاعت ۾ ان کي مناسب جاءِ تي ڇاپيندا.

اوهان جو مخلص،

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

فخر زمان

سنڌيڪار:زاهد علي مگسي

موت ۽ مرڻ بابت نظريا

(ماڻهو سڀ  مئا وڃن، تون نه مئين سُور-شاهه)

                 موت سچ آهي ۽ برحق آهي، موت زندگي وانگر حقيقت آهي، سج جي روشني وانگر چٽو آهي، چنڊوانگر ڪڏهن اڀري ٿورو ڪڏهن اڀري ڳچ، ڪڏهن صاف نظر ايندو آهي ته ڪڏهن ڌنڌلو پر موت آهي، حقيقت، موت کان ڪا ميار، ڪو شرم نه آهي، موت ڇا آهي ؟زندگي جي برعڪس ڪيفيت جو  موت آهي، انسان کي مرندو ڏسي موت تي اڃا ن به وڌيڪ يقين ٿي ويندو آهي، ڇا  اها ڳالهه دلچسپي کان خالي نه آهي ته زندگي ئي موت کي دلڪش بنائيندي آهي.

زندگي ۽ موت هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، موت بابت سچو اهو آهي ته هر زنده ساه واري کي موت جو ذائقو ته  اوس چکڻو آهي، هر شيءَ  فاني آهي، ڪيترن  لاءِ فوتي هڪ ”ختم ٿيل “  حقيقت آهي ۽ نتيجي ۾ هن جي پوئنيرن لاءِ   ڏک ۽ پريشاني جو سبب، هنن لاءِ موت هڪ منجهائيندڙ ۽پريشان ڪندڙ خيال بڻجي ويندو آهي، هتان کان ئي قدرت طرفان فوتي لاءِ سزا ۽ جزا جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، فوتي جي پونئيرن کي يقين هوندو آهي ته زندگي ۾ سٺن عملن جي نتيجي ۾ هن سان اتي (قبر ۾ ) سٺو سلوڪ  ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن هن غلط عمل ڪيا هوندا ته کيس  سزا ڏني ويندي.

اسلام منهنجو (ذاتي ) دين آهي ۽ اهو  يهودي ۽ عيسائي پيغمبرن کي تسليم ڪري ٿو، اسلام مطابق آدم کان وٺي رسول اسلام تائين هر نبي نجات جو پيغام ڏنو آهي، اسلام ۽ ان کان اڳ وارن پيغمبرن جي پيغام ۾ فرق اهو آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي آخري رسول هجڻ ڪري کائن پوءِ ڏينهن قيامت تائين ڪو به ٻيو نبي ۽ رسول اچڻو نه آهي.موت جي باري ۾ اسلامي نظرييي بيان ڪرڻ کان پهريائين ان جو تاريخي پس منظر پيش ڪندس.

 دنيا جي هر تهذيب ۾ موت هڪ  ازلي ۽ اڻ ٽر حقيقت تسليم ٿيل آهي، موت انسان جي ذهن ۽ سوچ تي سدائين حاوي رهيو آهي دنيا ۾ اعليٰ انسانن جو موت، هنن جي مڃيندڙ ۽ پوئلڳن لاءِ سندس خيالن وڌائڻ لاءِ تقويت جو باعث رهيو آهي، اسان کي خبر آهي ته دنيا جي ڪيترن اعليٰ انسانن (مردن ۽ عورتن ) جي وفات، زنده انسانن لاءِ عقيدت ۽ محبت جو  باعث رهي آهي.

اسلام ۽ عيسائيت لاءِ اها ڳالهه ايمان جو حصو آهي ته موت کان پوءِ واري حياتي (يعني دائمي  زندگي جيڪا وقت جي قيد کان آزاد آهي ۽ جيڪا هن دنياوي حياتي کان وڌيڪ بهتر هوندي) دنياوي زندگي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ  اهم آهي، اها سوچ ۽ روايت انسان ۾ انسايت جي جذبي وڌائڻ جو سبب رهندي آئي آهي، اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت جي اها روايت انهن روايتن  جي برعڪس آهي، جيڪي (هاڻي  ۽ هتي ) يعني فقط دنيا واري زندگي ۾ يقين رکن ٿا.

 انساني زندگي جو اهو  نظريو( هاڻي ۽ هتي) وارو خيال هڪ (ڪافرانه) ۽ (ملحدانه) تصور آهي ۽ دنيا جا ڪيترائي  وڏا مذهب مثال: هندو مت، ٻڌمت، ان خيال کان ڪافرانه ۽ ملحدانه مذهب آهن، ظاهر آهي ته جيڪي مذهب ايندڙ حياتي ۾ يقين رکن ٿا ۽ جيڪي نه ٿا رکن، سي لازمي طرح هڪ ٻئي جي مخالفت سمت ۾ سوچين ٿا ۽ پنهنجي مڃيندڙن تي پڻ اهڙا اثر رکن ٿا، ڪجهه تهذيبون اهڙيون آهن جن جي خيال ۾ هن دنياوي خاتمي بعد فوتي هڪ نئون ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ نتيجي ۾ هن لاءِ ”جزا ۽ سزا “ جو مرحلو شروع ٿي وڃي ٿو.

فوتي لاءِ زندگي، موت سان ختم نه ٿي ٿئي، پر اسلام ۾ ته ايندڙ حياتي ”دائمي“ حياتي وارو خيال اتم حيثيت رکي ٿو، بهرحال  موت هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن جي تشريح ڪرڻ ضروري آهي.عام عقيدي ۽ وان بيرينVan Barren)  ) مطابق ته دنيا جون تقريباً سڀ تهذيبون ساڳي انداز ۾ سوچين ٿيون ته موت زندگي جي عام وهنوار ۾ رڪاوٽ آهي ۽ اصولن پڻ ايئن سوچيو وڃي ٿو، ”آئوري ڪوسٽ“ جي هڪ ڏند ڪٿا ۾ ان دور جو ذڪر اچي ٿو، جڏهن ماڻهن ۾ موت بابت شعور نه هو، ان ڏند ڪٿا موجب ته جڏهن موت جو وقت ويجهو ايندو آهي ته هر  شخص ڀڄي وڃي جهنگ ۾ لڪندو هو، سواءِ وڏي ڄمار وارن جي اهو ڪراڙو شخص ڪنهن  نوجوان کي چوندو هو ته هو کيس تڏو وڇائي ڏئي ته جيئن هو ليٽي پوي ۽  آرام ڪري، ساڳي حالتن ٻارن سان هوندي هئي، ائين ڪو ڪراڙو شخص  ۽ ٻار تڏي تي ليٽي ليٽي پاڻ کي مالڪ جي حوالي ڪندا هئا.

 ”وان بيرين “ مطابق ته اهو اينڊريو لانگAndrew long)  ) هيو، جنهن پهريون دفعو موت بابت ڏند ڪٿائن کي گڏ ڪري انهن جي درجه بندي ڪئي، 1917ع ۾ فرنز بائوس Farnz Boas)) اتر آمريڪا جي انڊين ۾ موجود موت بابت ڏند ڪٿائن تي هڪ مضمون لکيو، 1936ع ۾ سڀ کان اول هرمنHermenn) ) موت بابت ڏند ڪٿا جي درجه بندي ڪئي هئي ۽ 1951ع ۾ آفريڪا ۾ موت بابت ڏندڪٿا جي درجه بندي ابراهام سنس Abraham sns) )ڪئي، هن موت بابت ڏند  ڪٿائن نقشن سميت ڏنيون هيون ته موت جي ڪارڻ بابت ڪٿي ڪٿي ڇا ٿو سوچيو وڃي.

 مٿي ذڪر ڪيل درجه بندي موجب موت جا هيٺيان سبب ٿي سگهن ٿا:

1. موت انسان جي  آخري منزل آهي، اهو ديوتائن جي اولين   خواهش سمجهيو ويندو آهي پوءِ چاهي اسان کي اها ڳالهه پسند هجي يا ضرورت  طور ان کي قبول ڪيون، موت قدرت جي نظام جو اڻمٽ حصو آهي، اسان کي فقط قبول ڪرڻو آهي ۽ بس.

2. ڪنهن ديوتا جي مرڻ انسان جي فاني هجڻ واري نظريي کي جنم ڏنو آهي، ٻي صورت ۾ اهو انسان جي ڪنهن طرز عمل جو حصو نه آهي.

3. انسان جو موت دوتائن جو پاڻ ۾ اختلاف ۽ٽڪراءُ جونتيجو آهي.

4. موت، ديوتا يا ڪنهن ڏند ڪٿائي شخصيت جو انسان سان ٺڳي جو نتيجو آهي يا ان جي لاپرواهي يا بيوقوفي جو نتيجو آهي.

5. موت، انسان جي پنهنجي ڪنهن ڪوتائي جو نتيجو پڻ ٿي سگهي ٿو، اهو يقين سان چئي نه ٿو سگهجي ته اهو تاثر ڪنهن طرح به قابل قبول ٿي سگهي ٿو يا اهو اسان  جي ڪمزور سمجهه، عقل يا فهم جو نتيجو آهي، جيڪو اسان ان تهذيب جي باري ۾رکون ٿا.

6.  موت انسان جي غلط فيصلي يا چونڊ جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو.

7. ڪوت، انسان جي ڪنهن گناهه جي نتيجي ۾ ٿيندڙ پڇتاءُ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، پر  پڇتاءُ جو فيصلو ڪرڻ نهايت مشڪل آهي، ڪن مثالن ۾ ويسر يا غفلت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ گناه به ٿي سگهي ٿو ۽ اهو انسان جي ڪنهن ڪمزوري جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو، خاص طرح ضمير جو بوجهه يا وزن پڻ شوق يا نافرماني پڻ موت جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو،شوق بذات خود نهايت غير اهم نقص هوندو آهي، خاص طرح جڏهن اهو  اڪيلو سبب هجي ٿو پر جيڪڏهن اهو نافرنامي آهي ته اهو انتهائي اهميت اختيار ڪري ٿو وڃي ۽ ڪيترن ڏند ڪٿائن موجب نافرنامي  ئي دراصل اهڙو گناهه آهي، جنهن جي سزا  فقط موت آهي.

8. موت جو سبب انسان جي پنهنجي خواهش به ٿي سگهي ٿي.

9. موت ان وقت اچي ٿو،  جڏهن زندگي  بچائيندڙ گهٽائيندڙ قوتن وچ ۾ توازن ٽٽي پوندو آهي، ان توازن ٽٽڻ جي نتيجي ۾ ئي موت واقع ٿئي ٿو پوءِ اها بيماري به ٿي سگهي ٿي، ڪجهه بيماريون مثلاً سرطان، Cancer)) يا ايڊزAids) ) اهڙيون ته تڪليف ڏيندڙ آهن جو اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته مريض کي تڪليف مان نجات ڏيارڻ لاءِ رحم طور ماريو وڃي يا نه ..... ٻين لفظن ۾ تڪليف مان نجات لاءِ موت جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي.

10. رحم طور مرڻ، مارڻ موت آڻڻ لاءِ هڪ  نئين نظريي طور اڀريو آهي، جنهن جي ٿوري جهلڪ  مٿين درجه  بندي ۾ ڏيکاري وئي آهي.

اسلامي نظريو:

اسلام جو بنيادي نظريو يا فلسفو توحيد ( خدا جي وحدانيت ) آهي، جنهن جي نتيجي ۾  اسلام يا مسلمان جي مختلف  مڪتبه فڪر موت طرف توجهه ڏني آهي، خاص طرح متزله طرفان سڀني مڪتبه فڪر پنهنجي تشبيهه جو رخ ڏند ڪٿائن طرف رکيو، متزله مڪتبه فڪر  موجب يوم  حساب ضرور  اچڻو آهي ۽ ان ڏينهن ئي ڪنهن شخص جي  اعمالن جو جائزو وٺڻ بعد  هن جي جزا ۽ سزا جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ اها جزا يا سزا ضرور ملندي،” علامه ڪندي“(Kindi)  حيات بعد از موت کي  فلسفي ۾ يقين رکي ٿو، علامه فرابي(Farabi)  اسلامي ۽ يوناني نظرين کي ملائڻ لاءِ ڪم ڪيو، اسباب جي هن دنيا جي پنجن اسبابن مان خدا تعاليٰ روح ۽ مادو ٻه اسباب يا درجه  ٺاهيا، هو حيات بعد ازم ممات ۾ يقين نه رکندو هو، ابن سينا  (Avicena) پڻ ڪائنات جي اهڙي تخليق ۾ يقين رکندو هو جيڪا انسان کي ڪائنات کان جدا  ڪري بيهاري، هو ذهن  (روح) ۽ مادي ۾ فرق ڪندو هو، ابن سينا اوگون(Transonigration)  يعني وري وري حياتي جو روپ ڌارڻ ۾ يقين رکندو هو، علامه  غزالي جو خيال هو ته موت هن بي ثبات يا عارضي دنيا ۽ دائمي حياتي جي وچ ۾ هڪ ڏاڪو، هڪ وقتي مرحلو آهي،  قيامت جي ڏينهن اسان کي پنهنجي اصلي جسماني حالت ۾ وري زنده ڪيو ويندو.

هاڻي  اسان  اسلام جي صوفي ۽ تحريڪ تي اچون ٿا ۽ ان ۾ پاڪستاني  صوفي شاعري جي روايت تي نظر وجهنداسين ۽ خاص طرح پنجابي ۽ سنڌي صوفي شاعري، ۾ هن عارضي دنيا لاءِ ڪا خاص همدردي نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ هڪ نه ختم ٿيندڙ فساد ۽ پريشاني موجود رهي ٿي ۽ نتيجي ۾ اها هڪ مستقل طور رهائش جي قابل نه آهي، اهڙن خيالن جي اظهار ڪندڙ شاعرن کي عام طرح صوفي شاعر سڏيو ويندو هو، صوفي جي لفظي معنيٰ آهي پاڪ  صاف يا ان اوڙيندڙ اهو ان لاءِ جو ان جو لباس انهن بزرگن جو پسنديده لباس هو، درويش يا صوفي ان شخص کي چيو ويندو هو جيڪو پنهنجي اندر (ظاهر کان  علاوه) يعني روح جي طهارت ڏي توجهه ڏيندو هو.

پنهنجي منزل تي پهچڻ جو جيڪو رستو هنن بزرگن اختيار ڪيو هو، ان کي طريقت (روحاني رستو ) چيو ويندو هو ۽ جيڪو لازمي طرح شهريت (موافقت جو رستو ) جي برعڪس هوندو هو، ان راهه تي هلندي هو افلاطون Pleto) ) ۽ پلوٽينس(Plotinces)  (نوٽ: اهي ٻئي قديم يوناني فلسفي هئا ) جي تعليم جي روشني ۾ اسلام جي تشريح ڪندا نظر اچن ٿا، ياد رهي ته اهي ٻئي يونافي  فلسفي روح جي پاڪيزگي (Purity of  Soul) تي وڌيڪ زور ڏيندا هئا،  انهن بزرگن مان ڪيترا ته دنيا کان ئي لاتعلق ٿي ويا ۽ نتيجي ۾ ”صوفي “ سڏجڻ ۾آيا، ذات جو انڪار ۽ دنيا کان دوري هنن جي  حياتي جا ٻه مکيه اهڃاڻ هئا.

پنجاب ۾ صوفي  مت جي تحريڪ سترهين صدي جي آخر تائين گهڻو بدلجي وئي هئي ان ۾ ڪيتريون  ئي تبديليون اچي ويون هيون، ارڙهين صدي واري گڏيل هندستان ۾ افرا تفري، لاقانونيت، بدنظمي ۽ طوائف الملوڪي وارين حالتن هنن بزرگن کي ترڪ دنيا ۽ ترڪ ذات تي مجبور ڪيو، پنجابي صوفي شاعري جو اهم نقطو خدا ۽ خدا سان اسان جو ميلاپ هو ته جيئن هو اتي پهچي خدا جي ذات جو حصو ٿي وڃن، خدا ۾ هي سمائجي وڃن ۽ خدا هنن ۾ سمائجي وڃي.

خدا اسان اهڙو ميلاپ فقط موت بعد ئي ممڪن ٿي سگهيو پئي پر شايد زنده رهندي به ان جو امڪان موجود هو، دنيا جي ٻين صوفين وانگر پنجابي صوفي الله تعاليٰ کي پنهنجو محبوب ڪوٺي ٿو.پنجابي شاعري ۾ الله تعاليٰ معشوق آهي ۽ انسان يعني  صوفي پنهنجي روح ۾ عاشق، صوفي پنهنجي روح اندر ۾ دانهون ٿو ڪري روئي ٿو ۽ ٻاڪاري ٿو ته شال هن جو پنهنجي معشوق (الله تعاليٰ ) سان ميلاپ ٿئي، هير رانجهو، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عشق جا اهڙا داستان آهن جن جو انجام ڏک ۽ اهي داستان پنجابين ۾ انتهائي مقبول آهن، آخري ٻه يعني  سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار ته سنڌ ۾ به مشهور ۽ مقبول آهن،  سنڌ جي صوفي بزرگ ۽  شاعر حضرت شاهه عبداللطيف پنهنجي ڪلام، شاعري ۾ سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار کي ڳايو آهي ۽ خوب ڳايو آهي.

انهن عشقيه قصن ۾ هير، سسئي ۽ سهڻي انهن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندڙ عورتون پنهنجي زندگي ڏک ۽ پريشانين ۾ گذاري ۽ سندن تمنا هئي ته کين پنهنجي معشوق سان ميلاپ نصيب ٿئي پوءِ  چاهي اهو رڻ کانپوءِ ڇو نه هجي، صوفين وٽ اهي عورتون روح ۽ انهن جا معشوق الله تعاليٰ (جنهن سان ميلاپ جي آرزو هجي) سان همڪنار ٿيڻ جي خواهش هوندي آهي، جڏهن هير (عاشق ) پنهنجي معشوق (رانجهي) سان ميلاپ ڪري ٿي ته هاڻي هير نه پر پاڻ رانجهو ٿي پئي ٿي.

صوفي شاعري ۾ بيت، گيت ۽ ڀڄن وغيره شامل آهن، انهن ۾ معشوق جي تعريف کان علاوه ان جي جدائي جي نتيجي ۾ ڏک، تڪليف، سڪ ۽ اڪير ٻڌايل هوندي آهي، اهڙي قسم جي شاعري ۾ روحاني سڪون، امن ۽ خوشيءَ جو اظهار به ملي ٿو، جيڪو عاشق کي معشوق جي ملاپ مان حاصل ٿئي ٿو، صوفي شاعر امام بخش جي هڪ شعر جو مطلب ڪجهه هن ريت ٿيندو:

”عشق جي معاملي ۾ ڪنهن ذات قبيلي يا لياقتن جي گهرج  نه هوندي آهي ۽ نه ئي عاشقن لاءِ مذهب، يقين يا بادشاهه راڻي هئڻ ضروري آهي، عشق کي ننڍي وڏي ذات جو نه فڪر ۽ نه وري پرواهه هوندي آهي، عشق جا اسرار ئي عجيب آهن،  عشق  ذاتي  صفاتي، خراب سٺي، اعليٰ ادنيٰ کان پري ۽ ڪفر اسلام کان دور هوندو آهي “ او امام بخش عشق وارن کي حياتي يا موت جو ڪو خوف سامهون نه  ايندو آهي “.

بابا فريد (متوفي 1065) پاڪستان جو نهايت بلند مرتبه صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي، بابا فريد رحه اسان جي ملڪ جو پهريون شاعر آهي، جنهن موت کي خوبصورت اندا ز ۾ پيش ڪيو آهي، انسان ذات هن دنيا ۾ مهمان وانگر آهي، هي اها جاءِ نه آهي جتي انسان دائمي طور رهي پوي، موت کانپوءِ به هڪ دنيا اچڻي آهي، جيڪا دائمي هوندي ۽ اتي فقط اهي   ماڻهو سکي رهندا جن هن  فاني دنيا ۾ نيڪي ۽ سچائي واري حياتي گذاري هوندي ۽ اهي ئي هوندا جن کي ان  ايندڙ دنيا ۾ انعامن سان نوازيو ويندو.

شاهه حسين، جيڪو پڻ هڪ صوفي بزرگ ٿي  گذريو آهي، تنهن به ان روايت جي پوئواري ڪندي هن   فاني دنيا کان دامن بچائڻ جي تاڪيد ڪئيآهي ۽ موت يا آئنده دائمي حياتي کي ساراهيو آهي، سندس شعرن جو مطلب ڪجهه هن طرح بيهندو:

مان جدائي (حق کان ) جو درد ڪنهن سان اوريان،
ان جدائي مون کي پريشان ڪيو آهي
مان ميهار جي فراق ۾ جهر جهنگ
ڦرندي ٿي رهان، شال ميهار اچي
او لال حسين دونهي کي کوٽيندي
ته فقط ڪارا انڱر ئي ملندئي
پنجاب جو هڪ ٻيو شاعر ۽ صوفي بزرگ بلي شاهه موت جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته:

او مسافر،  آسمان تان تارا ٽري رهيا آهن ، اُٿ،
سڀ مسافر جاڳي ويا  آهن ۽ تون اڃا  ننڊ ۾آهين،
تنهنجا هم سفر وڃڻ لاءِ تيار آهن،
ڇا هنن جو گوڙ نه ٿو ٻڌين، ٻوڙو آهين؟”
اُٿ هاڻي رستي جو سونهو به اچي پهتو آهي،
 اُٿ، اُٿ ۽ وڌيڪ  بي خبري کان پاسو ڪر،
وري تون هن منزل جي طرف  نه ايندي،
سڀ مسافر (وڃڻ لاءِ ) تيار   آهن او نادان،
اُٿ، سونهو اچي پهتو آهي.
 

بُلا شاهه، عاشق ۽ معشوق جي هڪ ٿي وڃڻ ۽ ٻنهي جي ميلاپ ۾ يقين رکي ٿو، ڏسون ته ڇا ٿو چوي:

”رانجها رانجها ڪردي
مين آپي رانجها هوئي “.

(مون رانجهو رانجهو پئي پڪاريو، مان هاڻ هير نه پاڻ ئي رانجهو آهيان)

بُلا شاهه مطابق ته هي دنيا هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتي ماڻهو ٻئي دنيا (آئينده واري دنيا ) ۾ وڃڻ جون تياريون ڪري ٿو، جيڪا دنيا هن فاني دنيا کان وڌيڪ اهم آهي، دنيا ۾ تياري کي ڪتڻ واري چرخي سان تشبيه ڏني اٿس،  بُلا شاهه چو ٿو:

هاڻي ڪتڻ بند ڪر، اي ڇوڪري
ڪپڙا ڪٺا ڪر ۽ هتان هلي وڃ
تنهنجي وهانءَ ۾ ڪجهه ڏهاڙا باقي آهن
تون وڃ ڳائي وڄائي خوشيون ڪر
اي نادان، دنيا ۾ تون آزمائڻ واري آهين
ها، هاڻي ختم ڪر اهو ڪتڻ،
تو کي بنا ڏاج جي وڃڻو آهي،
تنهنجو ساٿي ته پريشان هوندو
ها اهو سک، جنهن کي خبر هجئي،
هاڻي ڪتڻ بس ڪر ، اي نينگري.

هڪ ئي بيت ۾ ڏسو ته ڪيئن نه موت جي آجيان ٿو ڪري:

اڙي گهڙيال هاڻي ٽڪ ٽڪ بند ڪر
منهنجو معشوق مون سان ملڻ آيو آهي
اي بليا، حياتي ڇا آهي
جيستائين ان کي عشق جي مروڙ نه  ٿي اچي
ها هو وڏين ڪوششن کانپوءِ ته آيو آهي
ڏس ڪا قسمت جي خرابي ٿي پوي.
منهنجو معشوق مون سان ملڻ آيو آهي، ڏس ته سهي.

هڪ ٻي بيت ۾ ”بلا شاهه “ ڪجهه هن طرح چيو آهي:

”اي دوستو،  منهني ويجهو اچو،
هتي هڪ ساعت مون سان گڏ رهو،
مان ان گهر وڃي رهيو آهيان
جتي توهان به جلد مون سان اچي ملندا.

پاڪستان جي هڪ ٻئي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف (1752-1689) ڀٽائي پنهنجي   مجموعي ڪلام ”شاهه جو رسالو “ ۾ عورت ۾ پنهنجي  محبوب(معشوق) مرد سان ملڻ جي روايت نهايت خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي آهي، شاهه صاحب جي شاعري ۾ عورتن نهايت جاندارڪردار ادا ڪيو آهي، سسئي، سهڻي،  مارئي، نوري، ليليٰ ۽ مومل اهڙا ڪردار آهن جن ۾ قرباني، وفاداري، حب الوطني جا جذبه نهايت عمده انداز ۾ پيش ڪيا ويا آهن، انهن سڀني ڪردارن لاءِ موت هڪ وڏي خوش نصيبي آهي ته هو ان بهاني پنهنجي محبوب سان ملاقاتي ٿينديون ۽ موت جي صورت ۾ پنهنجي  حقيقي، ابدي ۽ دائمي مقام تي پهچي وينديون، جنهن سان ملڻ جي هنن پوري حياتي آس پئي ڪئي هئي.

انهن عورت ڪردارن کي شاهه صاحب پنهنجي شعر معرفت گاهي به گاهي ياد ڏياريندو ٿو رهي ته جيڪڏهن هو محبوب سان ملڻ چاهين ٿيون ته کين پنهنجي ننڍي حقيقي وجود کي فنا جي کاهي ۾ ڦٽو ڪرڻو پوندو، ان باري ۾ شاهه صاحب جو هڪ بيت آهي، جنهن جو مطلب ڪجهه هن طرح نڪري ٿو:

اول مري ڏس ته پوءِ جي  سگهندين
ان بعد  ئي محبوب جو ميلاپ   ماڻي      گهندي،

جيڪڏهن تو هي صلاح قبول ڪئي ته ِ
پوءِ پنهنجي جانب جو جمال ماڻي سگهندي.

 

(شاهه عبداللطيف جي شاعري –از ڊاڪٽر درِ شهوار سيد 193-P ).

سماج تبديلي

تاريخ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن  آزادي ۽ انقلاب جا  خواب ڏٺا، هي اهي عظيم انسان هئا جن آزادي جي راهه ۾ وڙهندي پنهنجي جان ”موت “جي حوالي ان ڪري  ڪئي ته جيئن سندن هم وطنن جو موجود ۽ آئينده نسل آزادي، عزت۽ وقار واري حياتي گذاري سگهي، انهن عظيم انسانن گهر  ويهي موت جو انتظار نه ڪيو بلڪه پاڻ موت وٽ هليا ويا.

تاريخ ۾ڪيترن ئي مرد توڙي عورتن پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ جان ڏئي پاڻ کي ۽ پنهنجي وطن کي امر ڪري ڇڏيو آهي، صوفي بزرگن هن خرافات واري حياتي کان بچڻ لاءِ ”موت “ جي تمنا ڪئي هئي، اسان ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ سائنسدانن کان واقف آهيون، جن پنهنجي هم وطنن جي خوشي ۽ وطن جي اعليٰ قدرن لاءِ موت کي پنهنجو ڪيو، هنن انسانن پنهنجي لازوال قرباني سان اهو ڪجهه حاصل ڪيو جو عام انسانن کي اچرج وٺيو وڃي، هنن عظيم  انسانن موت جي پرواه نه ڪئي ۽ پنهنجي علمي ۽    ذهني ڪوشش سان اهي ڪارنامه سرانجام ڏنا جيڪي هميشه لاءِ يادگار  رهندا، تاريخ هنن جي ڪارنامن تي سدائين فخر ڪندي.

ان سلسلي ۾ اسان جي سامهون اهڙن عظيم انسانن جي هڪ ڊگهي ڪهڪشان بيٺي آهي، مان ان سلسلي ۾ انهن اديبن کي ياد ڪيان ٿو جن انقلاب فرانس دوران پنهنجيون جانيون قربان  ڪيون ۽ انهن شهيدن جي ياد تازي ڪيان ٿو، جن 1857ع واري هندستان جي پهرين جنگ آزادي ۾ پاڻ کي وطن تي  قربان ڪيو، 1930ع واري ڏهاڪي دوران اسپين ۾ جنرل فرانڪو جي ڊڪٽيٽرشپ خلاف وڙهندڙ انٽرنيشنل برگيڊ جا جانباز منهنجي نظرن اڳيان اڄ به ڦري رهيا آهن، هن ننڍي کنڊ جي انهن اديبن کي ياد ڪرڻ ۽ سلام پيش ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگها ن، جن 1930ع ۽ 1940ع وارن ڏهاڪن دوران دنيا اندر ”ترقي پسند تحريڪ “ ۾پوري جوش سان حصو ورتو ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن ۾ اضافو ڪيو ۽ انهن جي آبياري ڪئي،   ننڍي کنڊ کان ٻاهر لوريڪا، ناظم حڪمت ۽ پتافي (Petafi) نرودا ۽ اندري ماليرس جي سندن اعليٰ خيالن، فنڪارانه صلاحيتن ۽ انساني آزادي لاءِ ورتل ڪوشش کي ڪير ڀلائي سگهندو.....؟؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com