سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :4

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج

تعارف:

                 ادب جو مقصد آهي سوچڻ ۽ پرکڻ ڪي معيار ڏيڻ ان کان پوءِ  جيڪو نتيجو اچي، اهو ئي ڪارج آهي، جيڪو ادب سوچڻ جو مواد ڏئي ٿو، سو ئي سماجي ڪارج کي پور ڪري ٿو، سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه، نظرين ۽ تحريڪن جو اثر ادب تي ٿئي ٿو ۽ ادب ان جي اوک ڊوک ڪري ٿو، ان کان علاوه هڪ فرد جي سوچ، ان جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني پڻ ادب ڪري ٿو، ادب جي وسيلي مٿي بيان ڪيل سمورين وارداتن ۽ ڪيفتين کان سماج واقف ٿئي ٿو، اهڙي نموني سان ادب جي سماجي ڪارج جي اهميت واضح ٿئي ٿي.

           ادب جو سماجي پهلو بيان ڪرڻ ايترو سولو ناهي جيترو مذهب، جنس ۽ ان جي برعڪس ڪنهن به هنر يا فن کي بيان ڪري سگهجي ٿو، ادب لاتعداد پابندين ۽ قاعدن جي دائري ۽ سماجي اثرن هيٺ آيل آهي، ادب ۾ حقيقي سماجيات جو ذڪر ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن ادب جي نقادن ادب کي محض حقيقت تي ٻڌل مضمون  سمجهڻ شروع ڪيو ۽ سماجي سوالن جا جواب مروج سماجيات جي اصولن ۽ طريقن موجب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اڻويهين صدي جي اٿل پٿل قاعدن ۽ پابندين کي ڍرو ڪيو ۽ ادب ۾سماج جي حوالي سان اهو سڀ ڪجهه پڙهندڙ جي اڳيان پيش ڪيو ويو جيڪو پهرئين معيوب سمجهيو ويندو هو، هڪ جرمن اسڪالر ايل ايل شوزڪنگ L.L.Schveking)) 1931ع ۾ سماجي ادبي مزاج جو خاڪو Out Line  پيش ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي ، پر هن جي ڪم تمام  ٿوري پذيرائي حاصل ٿي . ٻئي طرف هڪ هينگيرين Hungarian) ) اسڪالر گايورگي ليوڪاس( (Gyargi Lukaes1961ع ۾ پنهنجي ذاتي ڇاپ واري مارڪسزم ۽ جمالياتي واري ڪم ۾سماج جي متضاد اقتصادي ڍانچي جي وچ ۾ هڪ جهڙائين جو تنقيدي جائزو وٺڻ واري طريقي جو بنياد وڌو، جيڪو حقيقت ۾ ادبي تنقيد ۽ هڪ نئين قسم جي سماجياتي تحقيقآهي، ليوڪاس جي ڏنل ٿيوري ”ادب جي سماجيات“ جي سڄي اوڀر توڙي اولهه يورپ ۾ ان جي اهميت آهي، خاص ڪري فرانس ۾ جتي ليوسن گولڊمين ان ٿيوري کي اوج تي پهچايو،( 1950-1964ع )ان سماجي نوعيت جي تحقيق ادب جون حدون وسيع ڪري ڇڏيون، ان موضوع جي مطالعي جي اهميت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ليوڪاس ۽ ان جي ساٿين سماج کي هڪ حقيقت سان تعبير ڪيو آهي، انسائيڪلو پيڊيا آف سوشل سائنسز سندس ڪم جي واکاڻ هن ريت ڪئي آهي.

Lukaes and his followers take  in to account, Society as the reality behind the appearance of literature, they still consider the work of  art as on end in it self neglect the part of the reader in literary communication.(1(

مٿي ڏنل راءِ موجب پڙهندڙ جي ادبي رابطي جي خيال کي بالڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ سماج هڪ حقيقت آهي، جيڪو ادب جي ظاهر ٿيڻ ۾ ان جي پويان رهي ٿو.

سماجي ڪارج جي تشريح:

قديم دور توڙي هن جديد دور ۾ ادب جو سماجي ڪارج اهم ۽ ان جو مطالعو اهميت وارو آهي، ادب جو سماجي ڪارج سماج جي تشريح ڪري ٿو ۽ ان کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو، جيتوڻيڪ سماج ادب کي جنم ڏئي ٿو، مگر ادب جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ئي سماج کي هڪ حقيقت سمجهيو ويو، سماج ۽ ادب ڄڻ ته هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، ادب جي تخليق ٿيڻ جي پٺيان  سماج هڪ حقيقت آهي ۽ ادب جو اهو ڪارج جنهن جي وسيلي سماج ۽ ادب جو لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو اهو رشتو ۽ ٻنڌڻ ادب جي اهميت کي واضح ڪري ٿو، ننڍي کنڊ جي ادب ۾ سماجي عنصر نمايان رهيو آهي.

هندستان ۾ آڳاٽو ادب ۽ ان جو سماج سان لاڳاپو:

ننڍي کنڊ ۾ اهڙو ادب پيدا ٿيندو رهيو آهي، جنهن جي اثر هيٺ هتي جي باشندن جي زندگي ۾ ڦيرو ايندو رهيو، هندستان ۾ دراوڙ ۽ ويدڪ دور ۾ چئني ويدن ۽ اپنشندن ۾ ڌرمي منتر لکيا ويا، جنهن ۾ ٻليدان ۽ پروهت جي فرضن بابت نصيحتون ڏنل آهن، آرين جي تسلط ۽ نئين نظام کي نافذ  ڪرڻ لاءِ ليکڪن لکيو، ٻڌ ۽ جين مذهب وارن عقل ۽ منطق جي آڌار تي ان نظام کي ختم ڪيو ۽ ذات پات طبقاتي فرقن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻڌ ۽ جين مت جڏهن زوال پذير ٿيا ته شنڪر آچاريه ڌرمي ڏاڍ کان انسان ذات کي بچائڻ  لاءِ پاڻ پتوڙيو، ڪبير ۽ بابا فريد جي شاعري ماحول کي سرهاڻ سان ڀري ڇڏيو، ڀڳتيءَ واري دور جي شاعرن دادو ديال 1544-1603ع ۽ پراڻ ناٿ 1581-1606ع انسان کي روحاني ۽ اخلاقي تعليم ڏني ۽ سک ڀرئي سماج جو تصور ڏنو، ساڳيو اثر ۽ تصور بابا گرو نانڪ 1449-1539ع  بلي شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل۽ ساميءَ ڏنو، سندن تعليم جا گهرا اثر نظر اچن ٿا، جنهن جا اهڃاڻ هتي جي رهواسين جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڙي ۾ ڏسي سگهجن ٿا، شاهه ڀٽائي جي بيتن ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي ادب ۾ ابدي ۽ مستقل اهڃاڻ مليو، مارئي ۽ نوري، وفا ۽سسئي جدوجهد ۽ نياز نوڙت جون علامتون بنجي پيون.

ڪهاڻيءَ جو وجود ۾ اچڻ:

ڪهاڻي انسان جي جنم سان وجود ۾ آئي، منهنجي راءِ ۾ ڪنهن واقعي، حادثي يا منظر کي ڪنهن انساني اک جي ڪيمرا سان ذهن جي پردي تي چٽيو هوندو تنهن کانپوءِ مشاهدي ۽احساس جي شدت ڪهاڻيءَ کي جنم ڏنو هوندو، هن ڪائنات جي خالق آدم ۽ حوا جي تخليق ڪئي، اها تخليق  پنهنجي ٿوري تسلسل موجب ڪهاڻي بڻي، انسان ۽شيطان، فرشتا، نيڪي، بدي، سرڪشي ۽ ندامت، درگذر ۽ جزا سزا جي هن ڪهاڻي ۾ ابتدا آهي، ته انتها به، قرآن پاڪ ۾ ٻيا به ڪيترا قصا بيان ٿيل آهن، ان مان اها خبر پوي ٿي ته انسان ذات ۽ سموري دنيا لاءِ رهبري جو پيغام قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي ڏنو ويو، قديم دور کان وٺي ادب هن جي صنف، ڪهاڻي پنهنجي اهميت مڃرائي آهي.

 

سنڌي سماج ۾ ادب جي هڪ جهلڪ:

قديم وقت کان وٺي سنڌي سماج زراعت ۽ هنر پيشه رهيو آهي، انهن ڌنڌن جي ڪري سندن مزاج ۽ سوچ ۾ ٻين سماجن جي بنسبت روايت پسندي نمايان آهي، سنڌي سماج قدامت پسند سوچ ۾جڪڙي آهي، سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ سنڌي سماج جي خاصيتن کي چٽو ڪري ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ سنڌي سماج جي خاصيتن کي چٽو ڪري ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري ئي ڌارين حملا ڪيا، ڌارين جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي دٻاءُ سان مقابلو ڪندي نيٺ هنن کي پاڻ ۾ جذب ڪندي يا پاڻ کي انهن سان ٺهڪائيندي سنڌي سماج هڪ اهڙو روپ ڌاريو، جنهن ۾ هڪ طرف غير تعصبي ۽ ترقي پذير سماجي ارڪان ته شامل ٿيا پر گڏوگڏ هڪ ڍلي ثقافت اڻت جو ان ۾ نرماڻ ٿيو، جنهن ۾ نفسياتي زورن کان ذهني زور وڌيڪ اڳرا ٿيا، جنهن ۾ سمجهوتا پسندي، سروڳڻ گراهي پر ورتي ۽انفراديت جو غلبو جان تان وڌندو رهيو، نتيجي طور ٻين سماجي گروهن جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج  جو پنهنجي نسلي شناس جهڪي ٿي وئي آهي.(2)

         مٿي ڏنل حوالي ۾ غير تعصبي، ترقي پذير سماجي قدر، هڪ ڍلي ثقافت، سمجهوتا پسندي، گهڻ گڻن واري ۽ انفرادي ارڪانن جو سنڌي سماج ۾ وارد ٿيڻ جو غلبو حاوي آهي، اهي سڀ ارڪان ڪنهن حد تائين سنڌي سماج ۾ نمايان رهيا، پر اهو يقيناً چئي سگهجي ٿو ته سنڌي سماج ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندو آيوآهي، هتي اڃان به سماج زرعي ۽ زمين سان جڙيل آهي، مواصلات ۽ جديد سائنسي ترقي، شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي کي ويجهو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر تنهن هوندي به ويڇا نظر اچن ٿا، جاگيردار جو غلبو اڃا تائين سنڌي سماج تي غالب آهي، وچولوطبقو پنهنجي بقا لاءِ ڪوشان آهي، هي اهو طبقو آهي جنهن هميشه روايت ۽ جديد تبديلين کي قبول ڪندي سنڌي سماج کي متوازن رکڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي، آفيسر شاهي، جاگيردار ۽ زميندار سان ملي پنهنجي وسيلن ۽ طاقت ۾ اضافو ڪيو آهي، مواصلات ذريعي ثقافتي طور تي سنڌي سماج ۾ جيڪي تبديليون ٿي رهيون آهن، سي سماج ۾ نمايان آهن، شهرن ۾ سنڌي ماڻهن کي نفسياتي دٻاءُ ۽ پنهنجي بچاءُ لاءِ پڻ ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي آهي، شهري آبادي جو محفوظ علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ سماج ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سنڌي سماج هڪ اڻ تڻ ۽ ڪشمڪش ۾ پلجي رهيو آهي، جنهن جو اظهار ڪهاڻي ۾ ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ دهشتگردي واروماحول اسريو تنهن جي نمائندگي پڻ ڪهاڻي ۾ ٿي آهي، ڀارت لڏي ويل سنڌي سماج شهري بنجي پيو، اتي پڻ سنڌيت جو غلبپو نظر اچي ٿو . ان ۾ فڪر جي گهٽتائي ۽ جذبي جي اڇل گهڻي آهي جنهن لاٰءِ هيرو شير ڪاڻي لکي ٿو“ بي   زمين ۽ ٻئي درجي جي ناگرڪ هجڻ جو درد اسان کي تخليقي سطح تي وري ان چئلينج دوبدوآڻي بيهاري ويو...

           هو اڳتي لکي ٿو ته ٻي يا ٽين پيڙهي جي اکڙيل سماج هئڻ ڪري ڪي خاص لاڙا اڀريا آهن،(3) سنڌي جاتي تي مغربي علم ۽ تهذيب  جا اثر نمايان آهن،صنعتي ترقي، بي حسي،خودغرضي کي جنم  ڏنو آهي، ان ڪري ڪيترائي جذباتي ۽ نفسياتي مونجهارا پيدا ٿيا، انهن سڀني پيچيده حالات کي سرحد جي هن پار جي ڪهاڻي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

         مٿي ڏنل پسمنظر ۾ سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽سنڌي ڪهاڻي جي سماجيات جو جائزو وٺندي خبر پوي ٿي ته ڪهاڻي جو سماج سان گهرو لاڳاپوآهي، ڪهاڻي جي ارتقائي توڙِ موجوده شڪل ۾ سماج هڪ آئيني وانگر ڏسي سگهجي ٿو، ادب، ڪهاڻي جو اڀياس سماج جي سمجهڻ ۾ مدد ڏي ٿو، آڳاٽي سنڌي نثر ۾ پڻ سماج ان نقطي کي تقويت پهچائي ٿو، سنڌي آڳاٽيون ڪهاڻيون سماج ۾ تبديل ٿيندڙروين  ۽لاڙن کان علاوه نفسياتي ۽ فڪري پيغام ڏين ٿيون، ان سان گڏو گڏ سماج ۽ فرد جي لاڳاپي کي ظاهرڪن ٿيون، شعوري توڙي لاشعوري طور تي انهن ڪهاڻين ۾ سماجي حالتون نمايان آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته ادب جو سماجي ڪارج وڏي اهميت وارو آهي.

          سنڌ ۾ رائج داستانن جا ڪردار سنڌي سماج جا آئينه دار آهن، دودي جي بهادري جي ڳالهه ۽ سام جهلڻ واري روايت اسان جي سماج ۾ ائين شامل ٿي جو اڄ به ان جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سنڌ جي سمن ڄامن ۽ سردارن جي سخاوت سان منسوب ٿيل قصن ۽ ڪهاڻين جو اثر عوام تي ٿيو، اهي خوبيون سنڌي سماج ۾ملن ٿيون، مورڙو همت ۽ بهادري ۾ نشانبر ٿيو، سورمين جي ڪردار ۾ به سنڌ جي قديم سماج جا عڪس نظر اچن ٿا، عورت کي اهميت ڏني وئي ۽سندس فطري خاصيتن کي کولي بيان ڪيو ويو، سماج ۾ عورت ذات سان ٿيندڙ  زيادتي، اهڙن ڪردارن جي اوسر ڪئي، گذريل ٻه  ٽي سئو سالن جا تاريخي ۽ تمدني واقعا نظر ۾ رکبا ته سنڌي سماج جي سٽاءَ سمجهه ۾ اچي ويندي، ڌارين جي حملن ۽ انهن مان ڪيترن جي سنڌ ۾ رهائش، سنڌي سماج کي نه رڳو هڪ مخصوص رنگ ڏنو آهي، بلڪه هڪ ذهنيت، قوت برداشت، سوچ ۽ رک رکاءِ جو حامل بنايو آهي، سماج هڪ مخصوص ثقافت جو حامل ٿئي ٿو، جنهن ۾ کائڻ پيئڻ، ڪپڙو لٽو، وندر، ورونهن ۽ شادي مرادي ته آهي پر قوت برداشت جو هجڻ ۽ تهذيب يافته هجڻ جو انگ اهم آهي، سٺن ڪپڙن ۾ تهذيب کي گولهڻ عبث آهي، پر سٺن ويچارن ۾ تهذيب لڀي ٿي ۽ سماج تهذيب  يافته فردن جي آڌار تي تشڪيل وٺي ٿو، جنهن جو اظهار سنڌ ۽هنڌ  جي سنڌي ڪهاڻي ۾ ڀرپور نظر اچي ٿو.

اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻي:

انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌي ادب ترجمن وسيلي( مغربي توڙي انڊو پاڪ جي قديم ادب تان ) ڄڻ ته معلومات ۽سکيا ڏني، جنهن کي معلوماتي ادب جي زمري ۾ آندو ويو آهي، جيئن جيئن حالتون ڳنڀير ٿيون ته محرڪ ادب لکيو ويو ۽ عمل لاءِڪوششون ورتيون ويون، انگريزن، قبضي کانپوءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ عملي قدم کنيا، ابتدائي قصا، سنسڪرت، هندي ۽ ديونا گري لپيءَ تان ترجمو ڪياويا، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه هندي تان ترجمو ڪئي وئي، هن ۾ موضوع، هاري، زميندار ۽ ان علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي رويي کي ظاهر ڪن ٿيون، انهن آڳاٽن قصن مان هڪن قصو سڌاتوري ۽ ڪڌاتورو(هندي تان ترجمو)  ميران محمد شاهه سنڌي ۾ ڪيو.

          هي ترجمو انگريز جي فرمائش تي ڪيو ويو، هن قصي ۾ هڪ سٺي سرڪاري ملازم جون خوبيون بيان ڪيون ويون آهن، ان قصي کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته عوام تي نفسياتي اثر وڌو ويو، ٻيو حاڪم جي خيال ۽ مرضي کي اهميت ڏني وئي، ”سڀا جو سينگار “ جنهن جو مرڪزي خيال اهو آهي ته بادشاهي نظام کي ڪيئن قائم رکي ترجمو ڪيو ويو، سماج جي براين ۽ چڱائين جي نشاندهي ڪئي وئي.

آزادي کان اڳ ڇپيل آڳاٽن سنڌي ڪهاڻين جو جائزو:

              سنڌي نثر انگريزن جي اچڻ کانپوءِ لکجڻ ۾ آيو سنڌي نثر جي واڌاري ۾ انگريز عملدارن گهڻو حصو ورتو، تن مان هڪ جارج اسٽيڪ پڻ آهي، جارج اسٽيڪ پنهنجي لکيل سنڌي گرامر ۾ پنج ڪهاڻيون گرامر جي آخر ۾ شايع ڪيون، هن اهو ڪتاب 1849ع ۾ بمبئي مان ڇپائي ظاهر ڪيو، انهن ڪهاڻين جي اهميت انڪري آهي جو هي ڪهاڻيون آڳاٽيون سنڌي لوڪ ڪهاڻيون آهن، جن کي ڪيپٽن جارج اسٽيڪ زباني روايتن مان چونڊيو، هنن ڪهاڻين مان آڳاٽي  سماج ۽ ان ۾ بتدريج ٿيندڙ تبديلين کي پرکي سگهجي ٿو.

                  اهي لوڪ ڪهاڻيون اڄ کان اٽڪل هڪ سئو چاليهه سال اڳ واري زماني جي سگهڙن جي آکاڻين کڻڻ جا سهڻا مثال آهن، (4) ان سان گڏوگڏ  هڪ سئو چاليهه سال آڳاٽي سماج جو مهانڊو انهن ڪهاڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

پهرين ڪهاڻي:

           ڪهاڻي ۾ هڪ ٻار تان جهڳڙو ۽ ٻنهي عورتن جي دعويٰ ته ٻار منهنجو آهي، ان ڪهاڻي جو بنيادي ۽ اهم نڪتو آهي، قاضي جي ذهانت، انصاف جي تقاضا ۽ نفسياتي اثر جي ذريعي ٿيل انصاف ۽ سماجي ڍانچي کي ظاهرڪري ٿي.

ٻي ڪهاڻي:

          هيءَ ڪهاڻي ڏيتي ليتي،امانتواري جي ساک کي ظاهر ڪري ٿي، ٻه نوجوان پنهنجو ناڻو هڪ ٻڍي زال وٽ امانت رکن ٿا، ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ ڄڻو ٻئي کي مئل ڄاڻائي ٻڍي عورت کي امانت طور رکيل ناڻو وٺي وڃي ٿو، ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيو نوجوان اچي ناڻي جي گهرڪري ٿو، ٻڍي زال کيس ٻڌائي ٿي ته تنهنجو دوست تو کي مئل ڄاڻائي سڀ امانت مون کان وٺي ويو آهي، نوجوان کيس ڏوهدار ڪري ٿو، ڳالهه قاضي تائين پهچي ٿي ۽قاضي ان نوجوان کي چئي ٿو ته ٻيو ساٿي حاضر ڪر، هن عورت جو ڪو به ڏوهه ڪونهي، هي ٻه ڪهاڻيون سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کانپوءِ جون آهن ۽ ان دور جي سماجي انصاف کي ظاهر ڪن ٿيون.

ٽين ڪهاڻي:

           هي ڪهاڻي هڪ ڇوڪر جي آهي، جيڪو پڳڙا ڀڃائڻ لاءِ اچي ٿو، سندس ٻانهن ٿوڻي جي وچ ۾ اچي ٿي ته ڇوڪر قابو ٿي وڃي ٿو، هن ڪهاڻي ۾ طنز مزاح جو عنصر شامل آهي، هي ڪهاڻي هڪ واقعي تي ٻڌل آهي.

چوٿين ڪهاڻي:

            هن ڪهاڻي جو عنوان ”شهزادي امل ماڻڪ ۽ شهزادي حسيني پري “ آهي، هن ڪهاڻي جو موضوع حسن ۽ عشق آهي، ان سان گڏو گڏ بادشاهي واري دور جي نمائندگي ڪري ٿي، درگاهن ۽ فقيرن جي دعائن ۾ عقيدو رکڻ آڳاٽي عقيدي جي ڄاڻ پوي ٿي، هي ڪهاڻي جنن، پرين، جانورن جي ڳالهائڻ،شهزادين ۽ شهزادن جي ڪردارن سان سنواريل آهي، هي ڪهاڻي سنڌي ماڻهن جي تصوراتي پهچ کي ظاهر ڪري ٿي.

پنجين ڪهاڻي:

                   هي ڪهاڻي ؟”راءِ ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻي “ جي عنوان سان ڏنل آهي، هن ۾ سخي ڏاتارن جي سخاوت، ٻن راڄڌانين جو جهيڙو هڪ عورت تان، آڳاٽي سنڌي سماج جي نمائندگي ڪري ٿي، هن ڪهاڻي ۾ سنڌي ماڻهن جي سوچ، جذباتي قول ۽ جمالياتي ذوق کي چڱي نموني ۾ پرکي سگهي ٿو.

جديد تعليم ۽ مغربي تهذيب تمدن جو اثر:

          جڏهن علم جو واڌارو ٿيو ته ڪهاڻي ۾ سماجي براين ۽ عيبن جي نشاندهي ڪئي وئي، ان ۾ خاص موضوع عورت جي بي حسي، لاچاري ۽ بي علمي هئي، ان کانسواءِ ڏيتي ليتي، گهرو جيوت وڌوا، شراب جو استعمال چوري، ٺڳي، منافقيءَ جهڙن عيبن کي ننديو ويو، هندستان ۾ برهمو سماج ۽ آريا سماج جي تحريڪن اهڙي قسم جي ادب کي تخليق ڪرڻ ۾  وڏو ڪردار ادا ڪيو.

تاريخي واقعن،  قومي سياسي تحريڪن ۽

سماجي ۽ سياسي جاڳرتا جو اثر:

                 اڻويهين صدي جي آخر ۾ ديوان ڪوڙومل بنگالي سماجي ۽ ادبي جاڳرتا جي اثر هيٺ آيو ۽ چندر چئٽر جي جون ڪهاڻيون ”راڌاراڻي “  ”انڌيرا “  ۽ ٻه منڊيون نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، سنڌي سماج ٻين سماجن جا اثر پڻ قبول ڪيا ۽ اديبن ڪهاڻي وسيلي پنهنجي سماج کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.

1957ع جي شڪست 1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي سبب ٿيل قومي سجاڳيءَ ۽ ديسي شين جو واهپو ۽ غير ملڪي شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جوسلسلو هليو، مٿي ڏنل تاريخي ۽ سماجي تحريڪن  جو براهراست اثر ڪهاڻي قبول ڪيو، ابتدائي ليکڪن جن ۾ ديوان ڪوڙومل،لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي ،ڄيٺمل پر سرام گلراجاڻي ، ڀيرو مل مهر چند ۽پرڀداس ڀيرومل ڪهاڻي کي نئو ن مور ڏنو ، لعل  چند امر ڏنو مل  سنڌ جي سماجي سجاڳيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سندس لکيل ڪهاڻيون ” نو ورني جو خون “ ننڍڙي، نينا، عورت جي مسئلن ۽ ان جي حقن متعلق آهن، سنڌ جي حوالي سان ”حُر مُکيءَ جا “ هڪ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي ۽ اهم ڪهاڻي آهي.

ويهين صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻي:

الف: آزاديءَ کان اڳ وارو دور:

            ويهين صديءَ ۾ ڪيترن ئي تحريڪن ۽ واقعن جنم ورتو، هندستان ۾آزادي جي هلچل شروع ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ سرمائيدار طبقي خلاف لهر اٿي، مزدور جي حمايت ۾ سموري دنيا اٿي کڙي ٿي، سرمائيدار ۽ مزدور  جي ڪشمڪش مظلومن  جي حالت زار وڃي دنگ ڪيو ۽ هڪ سائنسي نظريو وجود ۾ آيو، جنهن جو باني ڪارل مارڪس ۽ فرينڊرڪ اينگلس هئا، پنهنجي زماني جي سماج جي سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ڪري صدين جي پراڻن اسرارن تان پردو لاٿو، غير طبقاتي ۽ انساني ڀائيچاري وارو نظام قائم ڪرڻ جا اصول، قاعده ۽ گس ٻڌايا، ويهين صديءَ نظرياتي طور ٻه وڏا محاذ ڏٺا ۽ انهن جو اثر سموري دنيا تي ٿيو، هڪ قدامت پرستن جو ۽ ٻيو نظريو انقلاب جو هو، ادبي محاذ تي ننڍي کنڊ ۾ 1936ع کان ترقي پسند قوتن جي سوچ ظاهر ٿي، ان سوچ جو اظهار ڀرپور نموني ۾ ڪيو ويو، ترقي پسند لاڙن ڪميونزم ۽ سوشلسٽ نظرين کي انڊو پاڪ ۾ گهڻي اهميت ملي، مٿي ڏنل نظرين جو گهرو اثر ٿيو، ڪهاڻي ان اثر کي سڌو سنئون قبول ڪيو، سنڌ ۾ جاگيرداري نظام تي سخت تنقيد ٿي، مزدور ۽ هاري ان سلسلي ۾ هيرو ٿي ظاهر ٿيا، ڪهاڻي ”نيلو “ گوبند پنجابي ۽ ”هاري حقدار “ گوبند مالهيءَ لکي، هاري ۽ مزدور طبقي جي ڳالهه ڪئي، اڇوت ذاتين تي پڻ لکيو ويو، ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ليکڪن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، منهنجي خيال ۾ ترقي پسند قوتن جو اثر براه راست ابتدائي ليکڪن ۽ ڪهاڻيءَ تي نظر اچي ٿو.

سماجي براين خلاف جهاد:

                     ترقي پسند قوتن جي اثر هيٺ ڪيترن ئي ليکڪن سماجي براين جي خلاف جدوجهد ڪئي، انهن ليکڪن مان ڄيٺمل پرسرام نمايان نظر اچي ٿو، سندس ڪهاڻيون ”چمڙا پوش جون آکاڻيون “ 1923ع جي عنوان سان اهم مقام رکن ٿيون، جن ۾ پرسرام، آفيسر شاهي، سرمائيداري ۽ مذهبي ٽولي جي اجاره داري ۽ منافقي کي پيش ڪيو، سماجي براين کي ۽ عورت جي حوالي سان هن کلي طرح ڳالهه ڪئي، اخلاقي تربيت کي تمام اهم سمجهي ٿو، انهن قدرن جي نه هجڻ سان فرد ۽ سماج ڪئين هڪٻئي سان رويو رکن ٿا تنهن جي اپٽار ”دکي جي دانهن “ ۾ ڪيل آهي، ”ڪلجڳي ٻانڀڻ “ ۽ ”سنگت پوڙهو “ حقيقت نگاري جي تصوير آهن، درحقيقت اهي ڪهاڻيون سماج تي سخت تنقيد ڪن ٿيون ۽ ادب ۾ درحقيقت اهي ڪهاڻيون سماج تي سخت تنقيد ڪن ٿيون ۽ ادب  حقيقت نگاري جي ڪري ئي انساني جذبن ۽ سماج ۾ قائم قدرن کي اهميت ملي ۽ٌ تنقيد پڻ ٿي، ايتري قدر جو گهريلو زندگي تي مبني واقعن کي ڪهاڻي جو موضوع بنايو ويو پر ڀداس ڀيرو مل جون تحريرون ” اندر جا اڌما “ جي عنوان سان اهم آهن.

تاريخي ڪهاڻيون:

              ڪهاڻي وسيلي تاريخي ورثي کي پڻ ورجايو ويو، محمد صديق مسافر جون تاريخي ڪهاڻيون ”زيب النساءِ “ 1916ع ”چاند بيبي “ 1920ع ۾ شايع ٿيون، ديوان بولچند جي ” سروجني “ جنهن ۾ هندو مسلم اتحاد جو سنيهو ڏنو ويو، نانڪرام ڌرمداس جي ”لڪل لعل “ 1918ع ۾ ڌارين جي ڪاهه جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي، آچاريه آسودو مل گدواڻي ڪالي داس جي ناٽڪن ۽ وير ڪٿائن تي ٻڌل ڪهاڻيون ”مالوڪا اگتمتر “ ”وڪرم آروشي “ رگهوونش ۽ ڪمار سمڀو جي عنوان سان لکيون، هي ڪهاڻيون آڳاٽي سماج جي ماحول کي نمائندگي ڪن ٿيون، هي ڪهاڻيون سيڪيولر سماج ۽ هندو سنسڪار جي پٺڀرائي ڪن ٿيون،  اچاريه گدواڻيءَ ”رگهوونش “ جي ابتدا ۾ ڪاليداس جي جويت تي روشني وجهندي لکي ٿو:

        منهني اندر جي  اها آس آهي ته سنڌ ۾ هينئر هندو هلچل هلي رهي  آهي، سا ڌرمي بغض جي واٽ ڇڏي هندو ساهت ۽ سڀيتا جو آرنڀ ڪندي ۽ ائين اسان جن گهرن ۾ وري هندو سنسڪار آڻيندي.

مٿي ڏنل اڀياس مان ڄاڻ پوي ٿي ته ليکڪن پنهنجي پنهنجي تهذيب ۽ عقيدي جي حوالي سان سماج کي قائم ڪرڻ جي تمنا جو اظهار ڪيو.

جديد نظريا:

قدرت هي منڊل نهايت ڪاريگري ۽ نفاست سان ٺاهيو آهي، سندس هن ڪائنات جو بنياد چرپر ۽ حرڪت تي ٻڌل آهي، انساني سماج به ان وانگر آهي، جنهن ۾ تبديليون ۽ ٽڪراءُ، ماحول ۽ حالتن جي ڪري ٿئي ٿو، انهن خاص حالتن ۽ ٽڪراءُ جي ڪري ۽ تجربن مان گذرڻ بعد ئي زندگي جا ڪي قدر ۽ معيار قائم ٿيا نه صرف اصول، قائده ۽ روايتون قائم ٿيون، بلڪه سماج جو ڍانچو ان تي قائم ٿيو، جديد نظريا ۽ سوچ حالت جي ڪري وجود ۾ اچن ٿا.

جنهن جو اثر ادب تي ٿئي ٿو، حقيقت پسندي جي نئين سجاڳي جي ڪري انساني خصلتن، نفسيات ۽ پيار محبت کي ادب جو موضوع بنايو، روشن خيالي ۽ انسان پسندي جا رجحان پڻ ڪهاڻي ۾شامل ٿيا ۽ ڪهاڻي جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ انهن کي پرکي سگهجي ٿو، ”ادو عبدالرحمان“ امر لعل هنڱوراڻي لکي، ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي،  امر لعل پنهني وقت جو بيباڪ ۽ حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪهاڻي جو باني آهي، سندس سيهوڳي به ڪهاڻيءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيا هئا، مرزا نادر بيگ ”آسانند  مامتورا“ انساني نفسيات ۽ جديد نظرين جي اثر هيٺ اچي پنهنجي سماج جي ڳالهه ڪئي، امر لعل انساني طرت جيڪا هڪ جاءِ تي نه ٿي رهي ۽ ان ۾ جمود آهي ”رانجهوءَ سندي رمز “ مٿين خيال کي پيش ڪري ٿي، نادر بيت جي تحريرن  جذبات جي فراواني آهي ۽ احساسن جي ڳالهه ڪري ٿو، ”موهني جي ڊائري“ موهني جي دل جو داغ ۽ ٻيون ڪهاڻيون به لکيون، آسانند مامتورا، ڳنوارڻ لکي نفسيات ۽ فطري ضرورتن کي سماج جي اڳيان آندو، قدامت پسند سماج  ۾ جرئتمنداڻو قدم کنيو ويو، آسانند تي تنقيد ٿي پر سماج جي عيبن ۽ خرابين تي تمام جرعت سان لکيو ويو. 

            ترقي پسند لاڙن ۾ ڪميونزم ۽ سوشلسٽ نظرين کي انڊو پاڪ ۾ گهڻي اهميت ملي، سنڌ ۾ جاگيرادري نظام تي سخت تنقيد ٿي، مزدور ۽ هاري ان سلسلي ۾ هيرو ٿي ظاهر ٿيا، ڪامريڊ حيدر بخش ”هاري جا ڪارناما “ گوبند مالهيءَ اڇوت ذاتين تي لکيو،، ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ليکڪن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جيئن جيئن ان وقت حالتن ڦيرو کاڌو تيئن تيئن ان وقت ڪهاڻيءَ عمل ۽ رد عمل  (Action and Reaction) جو ڀرپور نموني اظهارڪيو، شيخ اياز ”سفيدوحشي “ لکي سنڌي قوم ۾ جاڳرتا جو احساس جاڳايو، سندس ڪهاڻيون وچولي طبقي ۽ هيٺين طبقي جي هلت جي نمائندگي ڪن ٿيون،مجموعي طور تي ڪهاڻي جي صنف اهڙي نموني ادب ۾ظاهر ٿي، جيڪا سماج ۽ فرد، فردن جي لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ان سماج تي پڻ سخت تنقيد ڪئي وئي.

(ب ) آزادي کانپوءِ وارو دور

مزاحمتي ڪهاڻي:

            سنڌ اندر سرحد جي ٻئي پاسي، آزادي جي تلخ تجربي جو سواد چکي سگهجي ٿو، غ، ق. شيخ جي ”حيدرآباد “پهرين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ استحصالي طبقي جو رويو ظاهر آهي، هن ڪهاڻي ۾ لساني نفرت ابتدا کان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿي، هن ۾ حقيقت پسندي جي روپ کي ڀوائتي نموني ۾ ڏسي سگهجي ٿو، ”جائو جائو بڙي آئي ليني والي دو رپئي مين تو بوري نهين ملتي جا جا تمهاري باپ دادا تي ڀي ڪپڙا پهنا ٿا “ هن جو آواز پنهنجي چهري وانگر ڦري ذري گهٽ جانوري جهڙو ٿي ويو، هو ويچارا هڪا ٻڪا ٿي دڪان ڇڏي پاڻ ۾ گڏجي بيٺا، هن ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج ۾ ڌارين ۽ هجرت ڪري مالي وسيلن تي قبضو ڪرڻ وارن جي روين ۽ ذهنيت کي ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ نهايت ئي جرئت ۽ بي باڪي سان اهڙين ڪڙين حقيقتن کي اڳيان آندوويو آهي، جن کي اڄ به اسان ڏسون ٿا، اهو پيش منظر جيڪو ع.ق شيخ ڪهاڻي ۾ پيش ڪيو آهي، اهي منظر اسان جي اڳيان آهن، جمال ابڙو، اياز قادري، غلام رباني، سراج الحق ۽ آغا سليم ڪيترن ئي مسئلن تي لکيو، جن ۾سنڌي سماج کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويوجمال جون سموريون ڪهاڻيون اسان جي ماحول، سنڌ واسين جي سوچ، طور طريقن کان علاوه جاگيرداري نظام تي گهري چوٽ آهي، شاهه جو ڦر، منهن ڪارو، پيراڻي ۽ سينڌ نمايان آهن، ان کان علاوه اياز قادري، غٰلام رباني، سراج الحق ۽ شيخ حفيظ سماجي توڙي نفسياتي روين تي پڻ لکيو، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، علي بابا، رشيد ڀٽي، نسيمکرل، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ، مشتاق شورو اهم آهن، عبدالقادر جوڻيجو ۽ عبدالجبار جوڻيجو ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾ اهم جاءِ والارين ٿا، سندن مشاهدو گهرو آهي، طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ مڊل ڪلاس جي بيچينيءَ کي ڪهاڻي ۾سمويو ويو، انهن ليکڪن خاص سنڌ ي سماج ۾ موجود براين جي خلاف قلم کنيو، تن ۾ سرمائيداري نظام، جاگيرداري، جهالت ۽ وهم پرستي، پيرن ۽ ملن جي لٽ مار خلاف ڀرپور نموني ۾ لکيو.

            انگريزن جي غلامي ۽ ان کان پوءِ آزادي حاصل ڪرڻ واري دور ۾ پيدا ٿيل ادب کي حقيقت پسندي ۽ ترقي پسند تحريڪن گهڻو متاثر ڪيو ۽ ان جو ڀرپور اظهار ملي ٿو، آزادي کانپوءِ ِواري دور ۾ سنڌي زبان جي تحفظ لاءِ آئيني جدوجهد ڪئي وئي، انساني حقن جي جمهوري تصور وارو خيال پڻ نروار ٿيو، ٻيون ڪيتريون ڳالهيون هن دور جوپس منظر بنائي رهيون آهن، هن ئي دور ۾ جبر، محرومي، مستقل آمريت ۽ اذيت پسنديءَ کان عام ماڻهومتاثر ٿيو ۽ ڪرب ۾ مبتلا ٿيو، انهن سڀني حالتن جي پسمنظر ۾ جيڪا ڪهاڻي تخليق ٿي ان ۾ سماج کي هر قسم جي آرائش ۽ برائي کان پاڪ، انصاف تي مبني سماج قائم ڪرڻ جي گهرج هئي، سندن آڏوزندگي جو تصور حقيقت جي ويجهو رهيو، ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر “ امر جليل مذهب جي نالي تي ٿيل استحصال کي بيان ڪري ٿو، هن ڪهاڻيءَ تي گهڻي واويلا ٿي، هن ڪهاڻيءَ سماج جي نام نهاد مذهبي رويي کي ظاهر ڪيو آهي، سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي جي انهن ڪمزورين ڏانهن واضح اشارو آهي، ”ڪافر “ (نسيم کرل) ۽ ”منهن ڪارو “ (جمال ابڙو) امر جليل جي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر “ ۾ پڙهندڙن کي ڪي ڳالهيون اعتراض جوڳيون لڳيون ان ڪري هن ڪهاڻيءَ تي پابندي لڳي، تخليقي اورچاتي جو ڪاٿو ان وقت واري دور جي حوالي سان ڪرڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com