سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :7

باب چوٿون

سنڌ جي ڏيهي اخباري دنيا

               اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي مقامي ماڻهن جي آبادي مقامي ۽ ٻاهران آيل ماڻهن تي مشتمل  هئي، منجهس هندو، مسلمان، سک ۽ پارسي هئا، جن جون مادر زبانون سنڌي، فارسي، پنجابي، گجراتي هيون ۽ انگريزي حڪومت، تعليم ۽ انتظاميا ي زبان هئي، انگريزي راڄ شروع ٿيڻ کانپوءِ سنڌي سماج تبديل ٿي رهيو هو، انهيءَ تبديلي جو ڪارڻ بهتر روڊ، ريلوي، ٽپال، مواصلات ۽ تعليم جو مغربي سرشتو هئا، ان کانسواءِ ڪيتريون ئي سماجي ۽ مذهبي سڌارا آڻيندڙ جماعتون وجود ۾ اچي رهيون هيون، سنڌ جي روايت  پسند ۽ءٌ ڏوراهين هنڌن جي رهواسين جي دلين ۾ مغربي طرزِ  فڪر ۽ زندگي سماجي –سياسي جماعتن جهڙوڪ ”سنڌ سڀا “ (1882ع)، ” سينٽرل نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ “ 1884ع ۽ ” آل انڊيا نيشنل ڪانگريس “ 1885ع ذريعي جاءِ وٺي رهي هئي، ” هندو رفارميشن ايسوسيئيشن “ ۽ برهمو سماج، اصلاح پسند جماعتون مذهب جي جديد سوچ تي ٻڌل هيون، جن جي مخالفت ۾ وري ” آريه سماج “ ۽ ” سناتن ڌرم سڀا “ هندو سماج جون روايت پسند جماعتون قائم ڪيون ويون1

سنڌي اخبارون ۽ رسالا:

انهن تبديلين جي پسمنظر ۾ سنڌ ۾ مقامي اخبار نويسي ڪر کڻي رهي هئي، سرڪار جي جاري ڪيل ”فوائد الاخبار “ جي ناڪامي کانپوءِ هڪ بهتر اخبار جي جاري ڪرڻ جي رٿا ٺاهي وئي، انگريزن جي آمد کان 23 سال کن پوءِ 1866ع ۾ ” سنڌ سڌار “ نالي پهري مڪمل سنڌي اخبار ڪراچي مان شايع ٿي 2هيءَ اخبار  اول مهيني ۾ ٻه ڀيرا ۽ پوءِ هفتيوار شايع ٿيندي هئي، هن اخبار کي انهيءَ ارادي سان جاري ڪيو ويو ته جيئن سرڪاري پاليسين ۽ حڪمن کي عوام تائين پهچائي نافذ ڪيو وڃي، هيءَ اخبار سنڌ جو تعليم کاتو لٿو تي، پنهنجي جاري ڪيل ڇاپخاني مان شايع ڪندو هو، جنهن جو پهريون ايڊيٽر نارايڻ جڳن ناٿ وديا هو، جيڪو تعليم کاتي ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر هو، ان بعدمرزا قليچ بيگ جو مُربي ڀاءُ مرزا صادق علي مقرر ٿيو، اڳتي هلي 1884ع ۾ هيءَ اخبار سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم ” سنڌ سڀا “ جي حوالي ٿي ۽ ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي (1863ع-1893ع) ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.1

هو، کيس پنهنجي ٻاويهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ بنگال جي ان وقت جي اعليٰ درجي جي انسانن، ڪيشب، چندرسين، رام ڪرشن پرمهنس ۽ ايشور چندر وديا ساگر سان گڏ گذارڻ جو موقعو مليو هو، حيدرآباد ۾ اچي رشي ديا رام گدومل جهڙي شخصيت جو سنگ نصيب ٿيس، انهن ڳالهين کيس زندگي جي نئين راهه تي آڻي بيهاريو ۽ کيس اٿنديئي ”سنڌ سڌار “ ۽ ”Sind Times “ جي ايڊيٽر جي ذميواري سونپي وئي 2سرڪار هي اخبار ”سنڌ سڀا “ جي حوالي ڪندي اهو شرط رکيو ته اهي تعليم کاتي جي خبرن کي نمايان ۽ درست طور ڇڏيندا، البته مالي معاملن کان هي تنظيم آجي رهي، اهو به چٽو ڪيو ويو ته ادارت پاليسيءَ تي نه ته مالڪ ۽ نه ئي وري سرڪار ئي دخل ڏيندي، ان هوندي به ”سنڌ سڀا “ اخبارن جي سرڪيوليشن کي وڌائڻ تي توجهه ڏنو ۽ سنڌي اخبار کي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو ويو، خبرن  مواد کي سڌاري ۽ صحيح طور ڇاپيو ويو، سڄي سنڌ ۾ اخبار لاءِنمائندا مقرر ڪيا ويا، جن کي ان وقت ”خاطو “ سڏيو ويندو هو، اهو لفظ به اخباري دنيا ۾ رائج آهي ۽ ساڌو هيرانند جي مرهون منت آهي1

هن اخبار ۾ ڪي ڪامورا ته کلئي عام لکندا هئا، پر ڏيارام گدومل ۽ مرزا قليچ بيگ پارن عالمن پس پرده گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ اخبارن لاءِ لکيو، انهيءَ اخبار ۽ سرڪار تي ڪا به نقطه چيني ٿيندي هئي ته ان وقت جو سنڌ جو ڪمشنر ارسڪن ڪاوڙبو ڪين هو، پر منجهس جيڪي به سچ هوندو هو، تنهن جو فائدو وٺڻ چاهيندو هو، تنهن ڪري هو ”سنڌ سڀا “ کي جنهن جي نگهباني ۾ ”سنڌ سڌار “ شايع ٿيندي هئي، ڪا مخالف سياسي تنظيم ڪري ڪين ليکيندو هو، پر سمجهو ماڻهن جي سڀا ڪري ليکيندو هو ۽ سندن عريضين تي جوڳو ڌيان ڏيندو هو،2”سنڌ سڀا“هندو ، مسلمان ۽ پارسي پڙهيل ماڻهن جي تنظيم هئي ، جنهن جو حسن علي آفندي پڻ ميمبر هو ، پر پوءِ ان وقت جي هند جي وائسراءِ لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ آڪٽوبر 1884۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ حسن علي آفندي پنهنجو اختلاف ظاهر ڪيو ۽ گڏجاڻي مان ڪاوڙجي اٿي هليو ويو، اهڙِ طرح سنڌ جي پهرين اجتماعي تنظيم ” سنڌ سڀا “ ۾ ڏڦيڙ پيو ۽ ساڳئي سال حسن علي آفنديِ ” مجمع محمدي “ ٺاهي جيڪا پوءِ ”سينٽرل نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ “۾ ضم ٿي وئي، جنهن جي راهه سر سيد احمد خان جي تحريڪ سان وڃي ملي، جنهن جي سر تي پاڪستان کي جنم ڏيڻ جو سهرو آهي، ٻئي طرف ”سنڌ سڀا “ جي بانين مان ڏيارام ڄيٺمل 1887ع ۾ گذاري ويو، ساڌو هيرانند ”سنڌ سڀا “ توڙي ٻئي اخبارون ”سنڌ سڌار “ ۽ ”سنڌ ٽائيمز“ ڇڏي وڃي حيدرآباد پهتو ۽ ”سنڌ سڀا “ جا باقي ماڻهو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۾ داخل ٿي ويا، اهڙي طرح سنڌ سڀا هڪ دُکدائڪ انت تي پهچي هندن ۽ مسلمانن کي هميشه لاءِ ورهائي وئي.1

سنڌ ۾ فارسي اخبارون جاري ڪرڻ جو سهرو مرزا خاندان تي آهي، فارسي اخبار ”اڪليل “ کانپوءِ 1880ع ڌاري ڪراچي مان مرزا صادق جيڪا پنهنجي اخبار جاري ڪئي، اها هئي ”معين الاسلام “انهيءَ اخبار جي جاري ٿيڻ جي باري ۾ خير محمد اوحديءَ جي راءِ 1881ع آهي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو چوڻ آهي ته اها اخبار پندرهن روزه هئي ۽ نه هفتيوار، هيءَ اخبار ؟هر جمعي تي لٿو گراف تي ٽن ڪالمن تي مشتمل چئن صفحن تي شايع ٿيندي هئي، هي اخبار 1885ع ۾ بند ٿي وئي 1پر ڊاڪٽر ٻٽ انهيءَ اخبار جي بند ٿيڻ جو ڪارڻ مرزا محمد صادق جي 1901ع ۾وفات ٻڌائيو2جيڪو درست نه پيو لڳي، ڇو جو کانئس پوءِ انهيءَ اخبار جي ادارت مرزا محمد شفيع ۽ مرزا محمد جعفر جي هٿ ۾آئي هئي.

هي اخبار باقائدع سرڪاري تعليمي ادارن لاءِ منظور ٿيل هئي، شاعر مرتضائي ٺٽوي انهيءَ اخبار لاءِ شعر چيو هو ته:

 

ڪڍي   ”اڪليل “       جا       اخبار     عمدي
منجهان را فارسي     بسيار               عمدي
”معين “   آهي  سندس   سنڌيءَ    جي   اخبار
برابر آهي        سا ڄڻ      گوهر          بار
3

1884ع جي شروعات ۾ معاون مجمع محمدي جاري ٿي، جيڪا ”معاون“ جي نالي سان مشهور هئي، هي اخبار خان بهادر حسن علي آفندي جي سرپرستي هيٺ ”سينٽرل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ “ پاران جاري ڪئي وئي هئي، هن اخبار جو مقصد مسلمانن ۾ عام سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ مغربي تعليم مان فائدو وٺڻ هو، انهيءَ جماعت پاران 1885ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرست الاسلام کوليو ويو هو، 87-1886ع ڌاري هيءَ اخبار مدرسي کي منتقل ٿي وئي.

”معاون “ اخبار جو ايڊيٽر مدرسي ۾ فقه جو عالم ۽ استاد مولوي محمد عثمان نورنگ زادو هو، جنهن جي جاءِ تي پوءِ مولوي الله بخش اٻوجهو ۽ پوءِ شمس الدين بلبل مقرر ٿيا، جيڪي پنهنجي وقت جا مشهور استاد ۽ ليکڪ هئا، انهن هن اخبار کي تعليم، ادب جو واهڻ بڻايو، 1897ع ۾ پليگ پکڙجڻ ڪري پريس بند ڪرڻي پئي، ۽ ائين اخبار پڻ بند ٿي وئي1 1891ع ۾ سکر مان پهرين سنڌي اخبار ”آفتاب سنڌ “ جاري ٿي 2پر ڊاڪٽر ٻگهيو اجرا جو سال 1895ع ڄاڻائي ٿو، هو وڌيڪ لکي ٿو ته سيٺ حاجي احمد ميمڻ صاحب ذاتي دلچسپي ۽ سيڙپ سان ”آفتاب سنڌ“ اخبار ڪڍي، هن اخبار جو ايڊيٽر شمس الدين بلبل بڻيو، هي پهرين روزنامه هئي، پر پوءِ هفتيوار ٿي، هن اخبار خالصاً علي ڳڙهه سوچ تي ڪم ڪيو، هن کان پري رهڻ جي سوچ ڏني، سرڪار جي مداح هر وقت هن اخبار جو ڪم هو، هن اخبار هوم رول تحريڪ جي زبردست مخالفت ڪئي ۽ ٻين اخبارن جهڙوڪ ”الامين “ ۽ هند واسي “ جو مقابلو به ڪيو، هن اخبار سياسي طور مسلمانن جي تربيت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ سندس خيال ۾ سرڪار سان ٽڪر کائڻ اجايو هو، هن اخبار کي ”تحريڪ پاڪستان “ جو ابتدائي رخ به سڏيو ويو آهي، ان لاءِ جن پاڪستاني محققن ان موضوع تي ڪم ڪيو آهي، سيٺ حاجي احمد ميمڻ کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيوآهي1 هي اخبار موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهي2

سکر مان هن کان اڳ پهرين صديءَ جي فارسي اخبار ”مطلع خورشيد “ جاري ٿي هئي،هي اهو زمانو هو جڏهن ريلوي اچڻ سان شڪارپور ۽ پنجاب کان هن شهر ۾ گهڻا ماڻهو آباد ٿيا هئا، سکر 1883ع  ۾ شڪارپور ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيو ويو، 1889ع ۾ سنڌو درياءَ تي لئنسڊائون پل جوڙي وئي، جنهن ڪري سکر ترقي جي راهه تي گامزن ٿيو.3

حيدرآباد جي پهرين اخبار ”پرڀات “ هئي، جنهن جو بنياد اصل ۾ ڪراچي ۾ 1890ع ۾ پيو هو، سال کن کانپوءِ هيءَ اخبار حيدرآباد منتقل ٿي وئي، جتي ليکراج تلوڪ چند ٿڌاڻي جي ادارت هيٺ هفتيوار اپريل 1896ع کان انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿي، هيءَ اخبار سنڌ ۾ مقبول هئي ۽ سرڪاري ڪامورن تي تنقيد ڪندي رهي، هي اخبار موجوده صديءَ ۾ به جاري رهي1 ڪريم بخش خالد هن اخبار جي جاري ٿيڻ جو سال 1891ع ۾ ڄاڻايو آهي2 ۽ ڊاڪٽر ٻگهيو 1896ع ۾ ٻڌائي ٿو3 1891ع ۾ ”سوکڙي “ نالي هڪ هفتيوار اخبار ڪراچي مان جاري ٿي، جيڪا آسن مل ريجهو مل جي مالڪيءَ هيٺ جهمٽ مل لالچند جي ادارت ۾ نڪرندي هئي، هن اخبار جا ايڊيٽر پهرين عظيم جنگ جي زنامي تائين تبديل ٿيندا رهيا ۽ انهيءَ زماني ۾ اها اخبار بند ٿي وئي4 انهيءَ سال اڻويهين صديءَ جي پهرين سنڌي اخبار جيڪا شڪاپور مان شايع ٿي اها هئي ”طوطي سنڌ“ پر سال پوري ٿيڻ کان اڳ بند ٿي ويئي، جنهن جو مالڪ اتان جو هڪ هندو هو، ان زماني ۾  شڪارپور جي آدمشماري پنجاهه هزار کن هئي ۽ منجهس گهڻئي واپاري، بئنڪار ۽ شاهوڪار  دڪاندار رهندا هئا، هاءِ اسڪول ۽ ورنيڪيولر اسڪول قائم ٿي چڪا هئا، انهيءَ اخبار جي بند ٿي وڃڻ کانپوءِ 1906ع ۾”سنڌڪيسري “ هفتيوار اخبار جاري ڪئي وئي1

حيدرآباد جي ٻي هفتيوار اخبار ”ديس سڌار “  هئي، جيڪا 1893ع ۾شايع ٿي، انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر رامچند مورجمل هو، جيڪو جنرل مرچنٽ اسٽامپ وينڊر ۽ ڪتابن جودڪاندار هو ۽ ڇوٽڪي  بازار مان اخبار شايع ڪندو هو، اها اخبار ٿوري وقت کانپوءِ 1897ع ۾ بند ٿي ويئي2 هن اخبار جي جاري ٿيڻ جو سال شفيع محمد علوي 1894ع ٻڌائي ٿو.3

 سال 1895ع ۾ شيخ عبدالعزيز محمد سليمان ڪراچي واري جي چوڻ تي سکر جي ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب خان جي ڪوشش سان ”الحق “ سکر مان جاري ٿي، جيڪا 1901ع ۾ حيدرآباد منتقل ٿي، هن اخبار جو بنيادي ايڊيٽر شمس الدين بلبل هو، جيڪو پنهنجي وقت جو ناميارو نثر نگار ۽ عمدو شاعر ٿي گذريو آهي، کانئس پوءِ ميمڻ هاشم مخلص (1860-1932ع)  ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (1882-1942ع ) هن اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيا، هن اخبار سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ۽ اخلاقي حالت سڌارڻ لاءِ وجود ورتو ۽ ”معاون “ اخباروانگر هن تي به علي ڳڙهه تحريڪ جو نمايان اثر هو، هن اخبار ان وقت جي هندو پريس جومقابلو ڪيو، انهيءَ سلسلي ۾ مٿسڪو به ڪيس نه هليو، هندن طرفان ڪراچي جي مشهور وڪيل هرچند راءِ وشن داس ڀارواڻي وڪالت ڪئي، ڪيترائي ڀيرا ”الحق“ بند ٿي ۽ جاري ٿي1 ڊاڪٽر ٻگهيو، هن اخبار جي اجرا جو سال 1899ع ڄاڻائي ٿو2 هيءَ اخبار سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ شايع ٿيندي هئي، انگريزي حصي جي ادارت علي محمد بئريسٽر جي حوالي هئي. 1895ع ۾ ”خير خواهه سنڌ “ جو اجرا ٿيو، جيڪا عام طرح ”خير خواهه “ جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي، هن اخبار جو مالڪ هڪ عامل هندوڌرمسنگ ٽهلسنگ هو، هيءَ اخبار هفتيوار هئي ۽ ڪراچي کان پوءِحيدرآباد 1896ع مان ۽ پوءِ لاڙڪاڻي مان 1897ع ۾ شايع ٿيندي رهي، هي اخبار موجوده صديءَ ۾ پهرين عظيم جنگ لڳڻ واري وقت ۾ بند ٿي ويئي1  لاڙڪاڻي  واري زماني ۾ هن اخبار جو ايڊيٽرشمس الدين بلبل هو، جنهن لاءِ پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته ”خوشامدي پرچو  هوندو هو، انهيءَ ڪري وقار وڃائي ڇڏيو هئائين“.

1896ع ۾ حيدرآباد مان ”پرتاب“ نالي هڪ هفتيوار اخبار شايع ٿي، جنهن جو ايڊيٽر ديوان خوبچند هو2ساڳئي سال آڪٽوبر ۾ ڀواني چرڻ بئنرجي جنهن جو ٻيو نالو سوامي برهم بانڌو اپاڌيا هو3”جوت “ اخبارء، مخزن حيدرآباد مان جاري ڪئي، هو انهيءَ اخبار جا انگريزي ڪالم لکندو هو، سنڌي حصو کيم چندامرت برهمچاري اينمانند (ريواچند گيان چند ماکيجاڻي)  هلائي، سن 1900ع کان وٺي پرمانند ميوارام (1865-1938ع) جوت جو ايڊيٽر ٿيو، هن جوت پنڌرهن روزه کي نئين رند ۾ پيش ڪيو ۽ انگريزي توڙي سنڌي ٻئي ڪالم سنڀالڻ لڳو،  هن پنهنجي عمر جي آخر تائين لڳاتار چيف ايڊيٽر جي حيثيت سان اڪيچار اخلاقي، نيتڪ، درسي، تاريخي، تعليمي، سماجڪ ۽ ساهتڪ ليک لکيا.1

پرمانند جو ڏاڏو ديوان مورجمل پهريون عامل هو، جنهن دين اسلام قبوليو، هن جي پيءَ به بعد ۾ اسلام تي ايمان آندو(7) 2پرمانند به بابو بئرجيءَ جي اثر هيٺ اچي سک پنٿ ۽ هندو ڌرم جو تنقيدي  مطالعو ڪيو ۽ نيٺ 27 آڪٽوبر 1891ع تي عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو فيلڪس رکيو ويو، پرمانند ميوارام جڏهن 29 نومبر 1937ع تي لاڏاڻو ڪيو ته جوت کي فادر ن-ف ڪوٽواڻي سنڀاليو، جڏهن 1946ع ۾ هن اخبار جو پنجاهه سالن جون ادبي خدمتون ملهائڻ جي موقعي تي ”سلور جوبلي“ نمبر شايع ڪيو، جنهن ۾ پرمانند جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي ڪيترن بزرگ ۽نوجوان عالمن جا مضمون پيل هئا.3

 پرمانند ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، سندس ”سنڌي-انگريزي ڊڪشنري “ ۽ انگريزي –سنڌي ڊڪشنري اڄ به معياري ڊڪشنريون سمجهيون وڃن ٿيون، جن جا ڪيترائي ڇاپا هند ۽سنڌ ۾  ڇپجي ڪارگر ثابت ٿيا آهن.

1897ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار ”الهلال “ ۽ حيدرآباد مان ”مسافر “ شايع ٿيون، جيڪي موجوده دور ۾ پڻ جاري رهيون 1مسافر اخبارجو ايڊيٽر چئن سالن لاءِ شمس الدين بلبل ٿي رهيو.

1884 ع ۾ ساڌو هيرانند جڏهن ڪراچي جي سنڌ سڌار ۽ Sindh times)) اخبارون ڇڏي پنهنجي اباڻي شهر حيدرآباد آيو ته سماجي ڪمن ۾ لڳي ويو آڪٽوبر 1888ع ۾”يونين اڪيڊمي “ قائم ڪيائين 6 نومبر 1890ع تي هندو سوشل رفارم ايسوسيئيشن جو بنياد وڌائين ۽ ساڳئي سال ايسوسيئيشن جي پاران ماهوار رسالو ”سرسوتي “ جاري ڪيائين، جيڪو يونين اڪيڊمي حيدرآباد طرفان قائم ٿيل ليٿوپريس ۾ ڇپبو هو، پوءِ هي رسالو ٽائيپ ۾ شايع ٿيڻ لڳو ۽ پورا پنجاهه ورهيه عربي لپيءَ ۾ ڇپجندو رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَجي  خدمت ڪندو رهيو2.”سرسوتي “ هندو ديو مالا ۾ علم ۽ سنگيت جي ديويءَ کي سڏيو ويندو آهي ۽ اشاري طور گيان يا الاهي علم جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي، ”سڌار سڀا “ جي تعليمي، پنگتي ۽ اخلاقي پروگرام کيعوام آڏو آڻڻ لاءِ ساڌو هيرانند هن نالي جو انتخاب ڪيو.1هي رسالو ”سرسوتي سنگٺن ڇاپخانو حيدرآباد “  مان لٿو تي ته ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ سندس ضخامت ارڙهن صفحا هئي، سرورق تي رسالي جي پاليسي، چندو ۽ اشتهارن جا اگهه ڏنل هوندا هئا، صحفو ٻيو ۽ آخري صفحو خاص اشتهارن لاءِ مخصوص هوندا هئا، باقي صحفن تي مواد ڇپبو هو، ساليانو چندو شهر ۾ هڪ رپيو ۽ يونين اڪيڊمي جي استادن لاءِ ٻارنهن آنا مقرر هو، انهيءَ لحاظ کان  اخبار جي قيمت شهر واسين لاءِ ڏيڍ آنو ٻهراڙيءَ لاءِ ٻه آنا ۽ يونين اڪيڊمي جي شاگردن کان هڪ آنو وٺڻ ۾ ايندي هئي،اشتهار جو اگهه ٻه آنا في سٽ مقرر هو 2ڪافي عرصي بعد رسالو ٽائيپ  ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو، انهيءَ لحاظ کان قيمت ۾ اٺ آنا اضافو به ٿيو، آخري وقت ۾ به رسالوهندو سوشل رفارم ايسوسيئيشن “ جيئي سهاري هيٺ نڪرندو هو، مگر معيار گهٽجي ويو هو3

جيئن ته ”سرسوتي “ رسالو برهمو سماج جي پاليسي مطابق هو، انهيءَ ڪري منجهس ٻاهرين ڏيک ويک ۽ ٺٺ ٺانگر بدران ڌرمي ڳالهين تي زور ڏنو ويو، مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ۽  ڌرمي وير وروڌ کان سدائين آجو رهيو ۽ آزاد پاليسيءَ سان سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهيو.1ساڌوهيرانند مرڻ گهڙي يعني 1893ع تائين ”سرسوتي“ جو ايڊيٽر رهيو، کانئس پوءِ خانچند پرتاب راءِ لالواڻي ايڊيٽر ٿيو، هيءَ رسالو موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهيو.

سال 1312هه 1894ع ۾ ڪراچي مان ماهوار ديس سڌار  شايع ٿيو،

جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ادبي اخلاقي ۽ معلومات مواد شايع ٿيندو هو.2               

.       هندن جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ سماجي، علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ جذبن مان اتساهه وٺي مسلمان عالمن به انهيءَ ڏس ۾ وک وڌائي، سندن ڪوششن جي نتيجي ۾ 1899ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٺُلاهه جي مدرسي ۾ ”مطبع مظهر العجائب“ نالي سان هڪ ليٿو پريس قائم ٿي ۽ ابوالبقا پير مظفر الدين ولد سيد هدايت الله راشديءَ جي ذاتي دلچسپيءَ سان سنڌي زبان ۾ الخوان المسلمين نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ٿيو، هي خالص ديني نوعيت جو پرچو هو، جنهن ۾ احڪام شريعت ۽ ديني مسئلن بابت معلومات هوندي هئي، رسالي جو ساليانو چندو فقط اڍائي روپيا هو، رسالو هڪ سال تائين باقاعده سان ڇپيو1899ع ۾1 ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي پاران ڇماهي ”سنڌ ڪاليج مسيلني “ جاري ٿيو، جيڪو ورهاڱي تائين جاري  ٿيندو رهيو، ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي هن مخزن جو باني هو، مخزن جا ٽي حصا هئا، هر هڪ سنڌي، گجراتي ۽انگريزي تي مشتمل هو، ڪاليج جي استادن مان هڪ رسالي جو ايڊيٽر ۽ شاگردن مان ڪو هڪ اسسٽنٽ ايڊيٽر هو، 1940ع ۾ انهيءَ مخزن ۾ اردو سيڪشن جو اضافو ٿيو.2

انهن ئي ڏينهن ۾ ساڌو نولراءِ، ساڌو هيرانند ۽ رشي ڏيارام گدومل جي برپا ڪيل ”سڌار سڀا“  حيدرآباد پاران ”سرسوتي“ مخزن کانسواءِ هڪ ٻيو رسالو ”سڌار پتريڪا “ جاري ڪيو، جيڪو سنڌي گرمکي لپيءَ ۾ هو، جنهن جو ايڊيٽر ساڌو نولراءِ شوقيرام آڏواڻي 1848ع 1893ع هو، هي رسالو عورتن لاءِ مخصوص هو، جنهن ۾ سندن ڀلائي، سڌاري ۽ واڌاري بابت مواد شايع ٿيندو هو، اهو رسالو پڻ سرسوتي وانگر يونين اڪيڊمي حيدرآباد طرفان قائم ڪيل لٿوپريس ۾ ڇپبو هو1890ع ۾3 خانبهادر حسن علي آفندي پنهنجي تعليمي تحريڪ کي سنڌ  ۾ عام ڪرڻ لاءِ ماهوار ”مدرسه“ ڪراچي مان شايع ڪيو، هي رسالو ”سنڌ مدرسته الاسلام “ جي تعليمي پاليسين کي  واضح ڪرڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيو، رسالي جي  ڇپائي سنڌ گزيٽ ۽ڪمرشل پريس ڪمپني مان ٿيندي هئي، رسالي جوشروعاتي ايڊيٽر مولوي محمد عثمان نورنگ زادوهو، کائنس پوءِ مولوي الله بخش  ”اٻوجهو“  ۽ مولوي عبدالرحيم ايڊيٽر ٿيا1 . 1900ع ۾ هڪ ماهوار ديني رسالو ”هدايت الاخوان“ امروٽ شريف ضلعي شڪارپور مان جاري ڪيو ويو، جيڪو مولانا تاج محمد امروٽي پاران مولانا عبيدالله سنڌي لاءِ قائم ڪيل مدرسي ۽ ديني ادارن لاءِ قائم ڪيل ليٿو پريس ”محمود المصابي “ مان شايع ٿيو هو، هي رسالو مولانا عبيدالله سنڌي جي سياسي ۽ مذهبي نظرين کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪڍيو ويو هو.2 ساڳئي سال صحت جي حفاظت جي باري ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ماهوار رسالو تندرستي حيدرآباد مان شايع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر بولچند پرسرام پنواڻي هو، هيءَ رسالو ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو هو پر پوءِ جنوري 1912ع کان وري شايع ٿيڻ لڳو، ڏنو مل بصر مل هن رسالي جو ڪجهه وقت لاءِ مئنيجر ۽ پبلشر رهيو1

انهيءَ  ساڳي سال يعني 1900ع ۾ جيڪو آخري رسالو جاري ٿيو، اهو هو ”زراعت“ جيڪو ماهوار هو ۽ ڪراچي مان شايع ٿو هو، هي رسالو 1900ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچي مان سرڪاري طرح شايع ٿيو، هن رسالي ۾ زراعت ۽ باغباني بابت مواد ڇپبو هو.2

اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ يعني 1866ع کان 1900ع تائين سنڌي ۾ 14 اخبارون ۽ 9 رسالا شايع ٿيا، ممڪن آهي ته انهيءَ عرصي ۾ شايع ٿيل سڀني اخبارن ۽ رسالن جا تفصيل نه ملڻ  ڪري اهو ڳاڻيٽوصحيح نه  هجي، اخبارن جي باري ۾ ڪريم بخش خالد پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو:

”اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ويهين صديءَ جي پهرين ڏهن سالن جي اخبارن بابت مجموعي طور هي رايو قائم ڪري سگهي ٿو ته مضامين جي ترتيب ۽ انهن جي ڪتابت ۽ طباعت ڪنهن هفتيوار اخبار  جي نه پر ڪنهن اهڙي ڪتاب جي معلوم ٿئي ٿي، جنهن کي جنهن کي پوري اهتمام، دلچسپي ۽ سليقي سان ڇپايو ويو هجي، ڪتابت جي صحت کانسواءِ تحرير جي عام خوبين جو به خيال ڪيو ويندو هو،  هنن اخبارن ۾ گهڻو ڪري مذهبي مسئلن تي بحث ۽ باهمي مناظره وغيره شايع ٿيندا هئا، اخبار جو اسلوبِ تحرير ابتدا کان انتها تائين مُنشيانه ۽ اديباناهو، منجهن عربي، فارسي ترڪيبون ۽محاورا برجسته ۽بلا تڪلف استعمال ٿيل آهن “.1ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي رسالن جي باري ۾ پنهنجي راءِ جواظهار ڪندي لکي ٿو:

”اڻويهين صديءَ ۾ شايع ٿيل مذڪوره رسالن ۾ شعر وشاعري تي ايترو گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هندوويدانتي شاعرن جوڪلام ۽ صوفي شاعرن جا شعر شايع  ٿيل ملن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن وري هندو شاعرن جو ڪلام  ۽ ترجمو به ڏنو ويندو هو، نثر ابتدائي قسم جو هو، انهيءَ ڪري موجوده نثري عبارت کان بگڙيل آهي، ان هوندي به هيءَ نثر بنياد طرح اسان جي سنڌي مضمون نويسيءَ جي فن ۾ نمايان ترقي جي راهه هموار ڪئي “.2

سماجي، علمي ۽ اخلاقي مضمونن کانسواءِ هڪ پهلو سياسي به آهي، جنهن تي اخبارون فرقن ۾ ورهائجي ويون هيون، هندو ۽ مسلمان جيڪي روايت پسند ۽ بنياد پرست هئا، تن باقائده اخبارن ۾ محاذ آرائي جي فضا  قائم ڪري رکي هئي، تاهم عقليت پسند، کليل سوچ رکندڙ اخبار نويس ۽لکندڙ پنهنجو موقف اخبارن ۽ رسالن ۾  پيش ڪندا رهيا، پر جن اخبارن کي پنهنجو دڪان چمڪائڻو هو انهن جو آواز وڏو ۽ وڌيڪ زوردار ۽ پُراثر هو، جو ماڻهن کي نفرت جي اوڙاهه ۾ گهلڻ لاءِ ويهين صديءَ جي اڌ تائين گونجندو رهيو ۽نيٺ اهي اخبارون ۽ رسالا پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿيا.

انگريزي اخبارون ۽ رسالا 1:

اڻويهين صديءَ جي اڌ کان وٺي آخر تائين جتي يورپي ماڻهو اخبارون ۽ رسالا شايع ڪندا رهيا، اتي ڏيهي ماڻهو پڻ انهيءَ ميدان ۾ گهڙي آيا، 1847ع ۾ نيپيئر جي خير آباد چوڻ کانپوءِ  سندس  سرپرستي ۾ نڪرندڙ اخبار ”Kurrachee Advertiser“هڪ پارسي ارد شير رستمجي خريد ڪري ورتي هئي،”Sind Kossid “ ته اڳيئي پارسين جي ملڪيت هئي، بهرحال ڏيهي ماڻهن سنڌ ۾ اخبار نويسيءَ جي ابتدا پارسين ڪئي.

1875ع ۾ ڪراچي جي ٻن انگريزي اخبارن ”Sind Advertiser “ ۽ ”Kurrachee Crier “ جو حوالو ملي ٿو، انهن ٻنهي اخبارن جي باري ۾ ڄاڻ نه ٿي ملي ته ڪڏهن جاري ٿيون هيون، انومان آهي ته ” Sind Advertiser “ 1860ع جي ڏهاڪي ۾ ” Kurrachee Advertiser “ جي جاءِ ورتي هوندي، هيءَ اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا سومر ۽ خميس تي شايع ٿيندي هئي، انهيءَ اخبار جا مالڪ نوروجي نسروان جي پوچا جي ۽ دوراب جي نانا ڀائي، ٻه پارسي سيٺ هئا ۽ نوروجي اينڊ ڪمپني جي نالي سان انهيءَ فرم جو ڪاروبار هلائيندا هئا، اندازوآهي ته اها 1882ع تائين رهي، اها اخبار ”Sind Times “ جي ميدان ۾ اچڻ کانپوءِ جهڪي پئجي وئي، جڏهن انهيءَ

سال انهن اخبار شروع ڪئي.” Kurrachee Crier “ هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي ۽مال لادو ببن جي هو، اندازو آهي ته يورپي اخبار ''Our Paper'' هن ئي اخبار ۾ضم ٿي هوندي، 1876ع ۾ ” Kurrachee Crier “ اخبار ”Sind and Punjab Times “ بڻجي وئي ۽ساڳئي ئي سال بند ٿي ويئي.

1884ع ۾ ” Sind Times “ جو اجرا ٿيو، جيڪا پنهنجي وقت جي ڪامياب اخبار ثابت ٿي، اها اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا هر اڱاري ۽ آچر تي شايع ٿيندي هئي، هن اخبار جي مالڪ نوروجي اينڊ ڪمپني هئي، پرشروع۾ ادارتي ذميداري ”سنڌ سڀا “ وارن جي هئي، جيڪا اُن وقت جي سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم هئي، ”سنڌ سڀا “ ادارت جي ذميداري ساڌوهيرانند شوقيرام  آڏواڻي کي ڏني، جيڪو ان وقت تازو ڪلڪتي مان گريجوئيشن ڪري آيو هو، هو ساڳئي وقت هڪ ٻئي سنڌي هفتيوار اخبار ”سنڌ سڌار “ جي ادارت پڻ سنڀاليندو هو، ڪجهه مهينن کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته هو ٻئي اخبارون هڪ ئي وقت نه پيو سنڀالي سگهي، توڙي جو ديوان ديارامگدومل ايڊيٽوريل پڻ لکندو هو۽ ٻئي ڪم ۾ پڻ هٿ ونڊائيندو هو، انهيءَ جي باوجود هن پنهنجي ڪلڪتي جي دوست ناگيندرناٿ گپتا کي ” Sind Times “ جي جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لاءِ گهرائي ورتو ۽ پنهنجي مقرر ماهوار پگهار 175 رپين مان کيس 100 روپيا ماهوار ڏيندورهيو، 1885ع ۾ ڏيارام گدومل کي سيوهڻ جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ته کيس ڪراچي ڇڏڻي پئي، جنهن ڪري ان کانپوءِ ” Sind Times “ توڙي ”سنڌ سڀا “لاءِ ڪو ڪم ڪري نه سگهيو، هيرانند ۽ گپنا جي محنت سان ” Sind Times “ مقامي پڙهندڙن ۾ مقبول  ٿي وئي ۽ موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهي، هيرانند 1887ع ۾ ڪراچي ڇڏي وڃي پنهنجو اباڻوشهر وسايو، ناگيندر ناٿ گپتا، جيڪو مهيني لاءِ ڪلڪتي ويو هو، جڏهن واپس آيو ته خبر پيس ته اخبار جي مالڪن ڪراچي جي اينگلو انڊين اخبار”Sind Gazette “ جي مالڪي ۾ حصيدار بڻجي ان جو ايڊيٽر هڪ اينگلو انڊين رٽائرڊ فوجي آفيسر کي مقرر ڪيوآهي، جيڪو سندن ٻين اخبارن ۾ حصيدار هو، انهيءَ انتظام کائنس ” Sind Times “ جي ادارت ڇڏائي.

ان کانپوءِ اڻويهين صديءَ جي آخر تائين ” Sind Times “ جا ٽي ايڊيٽر ٿيا، پهريون ڀواني چرڻ بئنر جي (سوامي برهم بانڌو اُپاڌيا ) هو، جيڪو برهمڻ هو ۽ پوءِ عيسائي ٿيو، ٻيوکيم چند امرت راءِ هو، جيڪو هندو هو ۽ عيسائي ٿيو ۽ ٽيون هڪ عامل هندو خانچند ريلومل هو .1

Sind Times “ کي ڇڏڻ کانپوءِ ناگيندر ناٿ گُپتا سنڌ ۾ رهي پيو ۽ پنهنجن دوستن ۽ گهڻ گهرن جن ۾ ڏيارام گدو مل، نولراءِ شوقيرام، پروفيسر برجور جي پادشاه، ڪوڙومل، چندن مل، دولت رام ڄيٺمل، ڊاڪٽر مرزا، ٽهلرام کيم چند، جعفر فدو ۽ هرچند راءِ وشن داس ڀارواڻي اچي وڃن ٿا، جي مدد سان فند ڪٺو ڪيائين ۽ باقي اڌ رقم پنهنجي گهڻگهري خواجي واپاري جعفر فدو جي ڀائيواري سان 1888ع ”Phoenix “ اخبار شروع ڪيائين، اها اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي، ٿورن مهينن ۾ ” Sind Times “ جو کاپو ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويو ۽ ”Phoenixx “ جو کاپو ” Sind Times “ کان ٽيڻو ٿي ويو.11

1889ع ۾ جڏهن ناگيندر ناٿ گپتا ” Phoenix “ اخبار جو ايڊيٽر هو ته مٿس بدناموسي جو مقدمو هليو، انهيءَ مقدمي جي فيصلي ۾ ٻه مهينا بنا پورهئي قيد جي سزا ۽پنج سئو رپيا ڏنڊ پيس، کيس شڪارپور جيل ۾ ڏهن ڏينهن کانپوءِ سزا رد ٿي ۽ ڏنڊ قائم رهيو، سندس مقدمي ۾ ٽهلرام کيم چند ۽ هم چند راءِ وشن داس ڀارواڻي جوساٿي رهيو، ناگيندر ناٿ گپتا ” Phoenix “ اخبار و 9 مئي1891ع تائين ايڊيٽر ٿي رهيو، پوءِ وڃي روزانه ”Tribune“ جوايڊيٽر ٿيو، ۽ ” Phoenix “ ڪراچي جي نوجوان واپاري ۽ گپتا جي دوست ۽ڀائيوار خواجه جعفر فدوءَ  جي هٿ چڙهي، جنهن کيم چند امرت راءِ کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو.

1-      جنوري 1901ع تي هڪ نئون ايڊيٽر مقرر ٿيو، پر حقيقت ۾ ايڊيٽر بئنر جي هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ آيل آهي. ” Phoenix “ موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهي ۽ نيشنل ڪانگريس پارٽي جي سرپرستي ۾ هلندي 1رهي 1893ع  ۾ ڪراچي مان انگريزيءَ ۾ هڪ مخزن ”Sophia “ شايع ٿي، جيڪا کيم چند امرت راءِ جي ادارت ۾ نڪرندي هئي، کيس بئنر جي مدد ڪندو هو، جيڪو پوءِ عيسائي ٿيو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي، اها مخزن اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ بند ٿي وئي، اها مخزن ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي. 2

19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آخري  ڏيهي انگريزي اخبار جيڪا ڪراچي مان شايع ٿي سا هئي ”Chronicle Karachi“ انهيءَ اخبار جو اجرا 1896ع ۾ ٿيو ۽ آسن مل ريجهو مل جي ادارت ۾ موجوده صديءَ ۾ پڻ شايع ٿيندي رهي 3ويهن ورهين جي وقفي کانپوءِ سکر مان ٽي ڏيهي انگريزي اخبارون شايع ٿيون، منجهانئن سڀ کان پهرين 1882ع ۾ ”Indus valley state Railway Advertiser “ شايع ٿي پوءِ ”Commercial Gazette“ شايع ٿي، جيڪا Mancher Ji. B.N.A.جي ملڪيت هئي، 1894ع ۾ اها اخبار شيخ محمد سليمان ۽ سندس پٽن جي هٿن ۾ هلي ويئي ۽ موجوده صديءَ ۾ به هلندي رهي، Commercial Gazette جي ادارت شيخ عبدالعزيز محمد سليمان سنڀاليندو هو 1سکر جي ٽين اخبار ”Mercantile Gazette “ هئي، جا 1890ع ۾ شايع ٿي، اها اخبار حاجي عبدالرحمان ۽ سندس پٽن جي ملڪيت هئي، 1893ع ۾ هن اخبار جو ايڊيٽر ويرومل بيگراج هو، جيڪو ان وقت 30 رپيا پگهار تي مقرر ٿيل هو، هي اخبار موجوده صديءَ ۾ شايع ٿيندي رهي.2

گجراتي اخبارون ۽رسالا3:

                      بمئبي ۽ ڀر وارين ڪڇ ۽ ڪاٺيا واڙ رياستن مان سنڌ ۾ آيل ماڻهو گجراتي ڳالهائيندا هئا، انگريزن جي اچڻ کان اڳ اها ٻولي صفا اڻ ڄاتل هئي، 1850ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي جي آبادي وڌي، بندرآباد ٿيو۽ گجراتي آباد ٿيڻ لڳا، جيڪي گهڻو ڪري واپاري ۽ دڪاندار هئا، اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين ڪراچي حيدرآباد جي ضلعن ۾ سندن آبادي وڌي ۽ڪراچي ۾ گجراتي زبان ايڏي اهميت حاصل ڪئي جو انهن لاءِ جدا خانگي اسڪول قائم ٿيا. پارسين گجراتي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ ڪراچي  ۾ پريسون قائم ڪيون ۽انگريزي ۽ گجراتيءَ جون مقامي سڀ اخبارون سندن ئي ملڪيت هيون، انهيءَ پسمنظر ۾ پهرين گجراتي اخبار ”سنڌ سماچار “ هئي، جيڪا 1856ع ۾ يا ان کان اڳ جاري ٿي، اها اخبار پهرين آچر تي شايع ٿيندي هئي ۽ پوءِ سومر تي شايع ٿيڻ لڳي.

ٻارنهن سالن جي عرصي کانپوءِ جڏهن ”سنڌ سماچار “ بند ٿي وئي ته هڪ ٻي گجراتي اخبار ”پرجا متر “ 1890ع ۾ جعفر فدو ” Phoenix “ جو مالڪ جنهن جو ذڪر اڳ۾ اچي چڪو آهي، جاري ڪئي ۽ هڪ پارسي نوجوان نؤروجي فريم جي بليموريا ايڊيٽر مقرر ٿيو، 1896ع م اها اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيڻ لڳي ۽ موجوده صديءَ ۾ 1914ع ۾ بند ٿي وئي.

انهيءَ زماني ۾ گجراتي ادب ڇاپيندڙ رسالو ”دنيان ساگر“ شايع ٿيو، جيڪو رامجي پيٿا ڀائي ڪڍندو هو، اهو رسالو ٿوري وقت لاءِ شايع ٿيو ۽ 1897ع ۾ پليگ جي بيماري ڦهلجڻ سبب بند ٿي ويو.

اردو اخبارون ۽ رسالا1:

          اڻويهين صديءَ دوران اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو ڳاڻيٽو جيڪو رڳو ڪراچي تائين محدود هو، حيرت انگيز حد تائين گهٽ هو، پنجاب ۽هندستان جي اتر اولهه صوبي جي ٻين اردو ڳالهائيندڙ علائقن مان لڏي آيل مسلمان ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ چئبا هئا، انهن لاءِ يا جن کي اردو زبان ۾ دلچسپي هئي تن لاءِ هڪ مقامي اردو اخبار جي ضرورت هئي. انهن حالتن ۾ پهرين اردو هفتيوار اخبار ” دوربين “ 1893ع ۾ ڪراچي مان ”مفرح القلوب “ گروپ جي مرزا خاندان جاري ڪئي، انهيءَ اخبار جي ادارت جو ذموسنڌ آرٽس ڪاليج ڪراچي جي فارسي جي پروفيسر مرزا محمد جعفر جي ڪلهن تي هو، 1896ع ۾ پليگ جي بيماري سبب هن اخبار کي ٻن سالن لاءِ بند ڪرڻو پيو، لڳي ٿو ته 1901ع کان ٿورو پوءِ هيءَ اخبار شايع ٿيڻ بند ٿي وئي.

باب پنجون

پڄاڻي:

                   ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ انگريزي راڄ جي شروعات ڏيهي حڪومت جو خاتمو ۽ ان جو برطانوي سلطنت ۾ شامل ٿيڻ تاريخي طرح هڪ دُکدائڪ واقعو ۽ نهايت اگرو حادثو هو، پر هن تاريخي تبديلي سبب سچ ته هن ملڪ اهم تبديلين کي ڏٺو، نئين صورتحال ۽ ان جي للڪار سان منهن ڏنو ۽ جديد هنر، فن توڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هتي روشناس ٿيڻ جوموقعو مليو، سنڌ جي فرسوده انتظامي  ڍانچي جي جاءِ تي هڪ جاندار، مؤثر ۽ مضبوط انتظامي جوڙجڪ بنايو ويو، مواصلات جو سرشتو بيڪار ۽ فرسوده ٿي چڪو هو، ان جي جاءِ تي نئين حڪومت روڊن ۽ پلين، رستن ۽ ريلوي توڙي بحري آمدرفت جي طريقن کي رائج ڪيو، سنڌ جي فاتح ۽ پهرين گورنر سر چارلس نيپيئر (1843- 1827ع) جي حڪم سان سڄي سنڌ ۾ ڪچن رستن ۽ انهن تي اچ وڃ لاءِ پُلين ۽ مورين جي اڏاوت ٿي،ڪاردار ۽ مختيارڪار مقرر ڪيا ويا، 1847ع ۾نيپيئر جي سنڌ کي خير آباد چوڻ سان سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ڳنڍي مٿس  ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، پهرين ڪمشنر پرنگل (1847-1851ع) هو ۽ پوءِ سر بارٽل فريئر (1851-1859ع) ڪمشنر ٿي آيو، سندس زماني ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريلوي جي لائين وڇائڻ جو ڪم جاري ٿيو، سنڌو درياهه تي پهرين ڪوٽڙي ۽ پوءِ سکر وٽ پُلين جي تعمير ٿي، روينيو جي انتظام کي سڌاريو ويو ۽ تار ۽ ٽيليگراف جي سرشتي کي رائج ڪيو ويو، درياهي رستن تي آگبوٽ کي هلايو ويو، هي نئون سرشتو به فريئر جي حڪم سان عمل ۾آيو ۽ 1852ع ۾ ”سنڌ  ڊسٽرڪٽ ڊاڪ“ نالي سان ننڍي کنڊ جي پهرين ٽپال ٽڪلي جاري ڪئي وئي. انهن سمورن سڌارن کانسواءِ انگريزن جي دور ۾ جيڪا مثبت ۽ نئين توڙي سدا ياد رهندڙ تبديلي آهي، اها هئي تعليم کاتي جو قيام، سنڌي رسم الخط جو سڌارو، پريسن ۽ ڇاپخانن جو جاري ٿيڻ، نيپيئر يا پرتگال جي زماني ۾ ڏسجي ٿو ته هن ڏس ۾ ڪو انتظامي قدم نه کنيو ويو، پر هن شعبي جي تنظيمڪاريءَ جو سڄو سهرو بارٽل فريئر جي سرتي آهي، جيڪو سچ پچ ته سنڌ جو گهڻگهرو ۽ هر دلعزيز ڪمشنر ۽ حاڪم هو.1

سنڌ جي فتح ٿيڻ سان مدرسا ختم ٿيڻ شروع ٿيا، جن جو تعداد ان وقت ڇهه سئو کن هو، ڇو ته انهن کي مالي امداد ملڻ بند ٿي وئي، 1845ع ۾ حيدرآباد جي ڪليڪٽر رٿبورن انگريزي تعليم لاءِ سرڪار کان ٽي هزار روپيا سالياني گرانٽ گهري، پر ڪو لائق استاد  ملي نه سگهيو ۽ اها تجويز ختم ٿي وئي، ڪراچي جي ڪليڪٽر پريڊي پنهنجي هڙان خرچ ڪري اتي اسڪول کوليا، جنهن ۾ مفت ۽ عيسائي مذهب جي تعليم ڏيڻ ۾ ايندي هئي، اهو اسڪول 1846 کان 1852ع تائين هڪ ڪاميٽي جي هٿ ۾ هو، پر پوءِ ”چرچ مشن سوسائيٽي “ جي حوالي ٿيو ته اها عيسائين جو بائيبل  ضرور پڙهائيندي 2اهڙي طرح جديد تعليم لاءِ مختلف طريقن کان ڪوششون وٺڻ  ۾ آيون. انهن سمورين ڪوششن جي باوجود سنڌ ۾ مقرر طور طريقن تي تعليم جو بندوبست اڃا به ٿي نه سگهيو هو، جنهن لاءِ وڏي رڪاوٽ خود سنڌي ٻوليءَ مقرر رسم الخط  جو نه هجڻ هو، ان ڏس ۾ فريئر ٺوس قدم کنيو ۽ فيصلو ٿيو ته آئينده سنڌ ۾ فارسي بدران سنڌي زبان سرڪاري ۽ تعليمي حيثيت ماڻيندي ۽ سموري لکپڙهه سنڌي ۾ هلندي، سمورا غير ملڪي عملدار سنڌي لکلندا ۽ امتحان پاس ڪندا، سنڌي اسڪول کوليا ويندا ۽ انهن جي سرپرستي ڪئي ويندي.1

ان سموري حاصلات جي رڪاوٽ ۾ وڏو حصو مقرر سنڌي آئيوٽيا جو نه هجڻ هو، ڪيپٽن رچرڊ برٽن، جيڪو خود به وڏو اسڪالر هو، رٿ ڏني ته سنڌي لاءِ عربي رسم الخط کان ڪم وٺجي جڏهن ته جارج اسٽئڪ جيڪو ڊپٽي ڪليڪٽر هو وري ديوناگري جي فائدي ۾ هو، ان طرح هڪ علمي مسئلي کي فرقيوار رنگ اچي ويو، نيٺ فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جي ڪورٽ نبيريو ۽ انهن  عربي جي فائدي ۾ فيصلوڏنو، ان بعد تعليمي ڪمن لاءِ ِ10 هزار روپيا منظور ٿيا ۽ ان ريت تعليمي ڪم شروع ٿيو.2انهيءَ تاريخي فيصلي بعد سرڪار سنڌي ساهت جي سرپرستي ڪئي ۽ سنڌي نثر ۾ ڪتاب جوڙي ڇپائڻ جي رٿا ٺاهي وئي، رڳو هڪ سال 1854ع ۾ ڏهه ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪياويا، ان طرح آهستي آهستي جدا جدا اسمن تحت علمي ڪم ڪيو ويو، ٻاراڻا ڪتاب،درسي ڪتاب، قصن ڪهاڻين جا ڪتاب، شعر و شاعري، مضمون، ناٽڪ، مطلب ته جديد ادب جي اوسر جو بنيادي ۽ اهم ڪم سرڪاري سرپرستي ۾ اسري نروار ٿيڻ لڳو، ان مقصد  لاءِ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پريسون ۽ ڇاپخانا جاري ٿيا، سکر، شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي کانسواءِ سنڌي ڪتاب بمبئي ۽ لاهور مان ڇپجڻ شروع ٿيا، هن ڪم لاءِ نه رڳو سرڪار تعاون ڪيو پر وڏيون رقمون به رکيون ۽ مصنفن توڙي مترجمن کي انعام اڪرام به ڏنا ويا.1

جيئن جيئن سنڌ ۾ جديد حڪومتي سرشتو پکڙجندو ويو تيئن تيئن هتي پريسن ۽ اخبار توڙي رسالن جي ضرورت محسوس ٿي ۽اڳتي هلي ان جي گهڻي شدت سان اهميت مڃي وئي، حڪومت کي پنهنجي اعلانن، فرمانن، احڪامن، نوٽيفڪيشنن کي مشتهر ڪرڻ ۽روزمرهه جي واقعن کي ڄاڻڻ لاءِ، هن ملڪ ۾ اخبارون ڪڍڻ جو خيال هو، ان کانسواءِ پڙهيل لکيل ماڻهن جي طبقي، جن بمبئي، ڪلڪتو، پونو، لاهور ۽ لنڊن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، انهن کي بيروني دنيا ۾ ايندڙ تبديلين، علمي، ساهتي ۽ صحافتي سرگرمين ۽ وڏي ڳالهه ته اخباري دنيا جي اهميت جو ڀرپور احساس هو، ان پسمنظر ۾ وڌيڪ تعليم پکيڙڻ، ڄاڻ جي خزانن کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ، سنڌ جي اندر روز مرهه جي ٿيندڙ واقعن کان کين واقف ڪرڻ ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جو خيال تيز ٿيندو ويو، انگريزي اخبارن جو نمونو برطانيا کان گهڻو مختلف هو، شروعاتي دور ۾ ڪا به نيوز ايجنسي نه هوندي هئي پر هر اخبار جا اهم شهرن ۾ خاطو هوندا هئا، جن جي موڪليل مواد سان گڏ ننڍي کنڊ جي ٻين همعصر اخبارن مان چونڊ خبرون کڻي اخبار ۾ پيش ڪيون وينديون هيون،انگريزي اخبارون پڙهندڙ طبقو گهڻو ڪري يورپي هوندو هو، تنهن ڪري ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن جون سياسي اهميت جون خبرون ڏنيون وينديون هيون، ن سان گڏ مقامي يورپي باشندن جي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جون خبرون پڻ هونديون هيون، مقامي ماڻهن ۾ انهن جي سماجي ۽ سياسي مسئلن جي خبرن جي ڪمي سبب هڪ عام انگريز کي سنڌ جي عام ماڻهو جي باري ۾ ايتري سُڌ نه ٿي پيئي جيتري خبر پوڻ گهرجي ها، 1857ع جي آزادي جي جنگ ۾هن ملڪ جي ماڻهن جون همدرديون انگريزن سان نه پر آزادي لاءِ وڙهندڙ ڏيهي ماڻهن سان هئڻ جو هڪڙوسبب اهو هو ته عام ماڻهو انگريزن کي ڌاريو سمجهيو ٿي.

فارسي ۽ سنڌي اخبارن انگريزي اخبارن جي طريقيڪار  کي اپنايو هو، پر ان ۾ ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا آندا ويا هئا، منجهن خبرن جو روايتي انداز به هو ته شعر وشاعري کي گهڻي جاءِ ڏني ويندي هئي، ان کانسواءِ مقامي ۽ صوبائي خبرون سرس هونديون هيون، پر انگريز عملدارن جون سرگرميون ۽ انتظامي ڍانچي جا واقعا انهن اخبارن ۾ خصوصي جاءِ والاريندا هئا، خاص ڳالهه ٻڌائڻ جيڪا ٻڌائڻ جوڳي آهي سا سائنس ۽ٽيڪنالاجي جي ان وقت جي اوسر جي آهي، جيڪا اخبارن ۾ مقامي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي هئي، ان سلسلي ۾ تعليمي سرگرمين کي خاص اهميت سان شايع ڪيو ويندو هو، شروع ۾ فارسي اخبارون ماڻهن ۾مقبول هونديون هيون، پر پوءِ سنڌي زبان جي سرڪاري حيثيت وڌي وڃڻ ڪري آهستي آهستي بند ٿي ويون ۽ سنڌي اخبارن کي وڏي هٿي ملي. شهري آباديءَ ۾ گجراتي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو واڌارو آيو ته گجراتي ۽ اردو اخبارون پڻ شايع ٿيون، حيرت جي ڳالهه آهي ته اڻويهين صديءَ جي آخر تائين اردو ۾فقط هڪ اخبار جاري ٿي، جيڪا پڻ جلد بند ٿي ويئي. اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ڪراچي ۾ پليگ جي بيماري پکڙجي وئي، جنهن اخباري دنيا کي گهڻو ڇيهو رسايو، گهڻيون اخبارون ۽ رسالا ته نڪرندا ئي ڪراچي مان هئا انهن مان  ڪيترائي بند ٿي ويا، ڪيتريون ئي جانيون انهيءَ بيماري جو بک بڻيون ۽ڪاروبار متاثر ٿيو، پريسون ۽ اخبارون بند ٿي ويون، جنهن ڪري ڪاروبار کي ڌڪ لڳو ڪي اخبارون مفرح القلوب فارسي ۽”دوربين “ اردو ڪجهه وقت لاءِ بند رهيون جڏهن ته ٻيون معاون ۽ اڪليل ٻيهر ڪڏهن به شايع نه ٿي سگهيو.

مقامي اخبارون صديءَ جي پڇاڙيءَ واري ڏهاڪي ۾ فرقيوار بنياد تي تقسيم ٿي چڪيون هيون، اهي اخبارون هندو هيون يا مسلمان انهيءَ تقسيم پوءِ ملڪ ۾ اندروني تنازعو ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، اصل ۾  انگريزن جي اچڻ سان مسلمانن جي يارهن صدين جي حڪمراني جوخاتمو ٿيو هو، نتيجي ۾مسلمانن انگريزي تعليم حاصل ڪئي ۽ انهن کان ٿورا يونيورسٽي تائين پهتا، مسلمانن جي آدمشماري جو 3

ڀاڱي 4 هئي، انهيءَ نسبت سان مسلمانن ۾ تعليم گهٽ هئي، پر مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندو اڳڀرو هئا، سندن آدمشماري سموري آدمشماري جو 1 ڀاڱي 5 حصو هئي، جيڪا گهڻو ڪري شهرن ۾ آباد هئي، انهن انگريزي تعليم حاصل ڪئي، سرڪاري نوڪرين ۾ گهڙيا، وڏن وڏن عهدن تي رسيا ۽ انگريز انتظاميا جو اڻٽر حصو بڻجي ويا.

ٻنهي ڌرين ۾ رساڪشي هلندڙ هئي، جنهن جو ظاهري ثبوت 1880ع جي ڏهاڪي ۾ مليو، جڏهن انگريزي پڙهيل مسلمانن سرڪاري نوڪرين ۾ پنهنجو حصو گهريو، سنڌ جي پهرين سماجي ۽ سياسي تنظيم ”سنڌ سڀا “ مان جنهن ۾ هندو مسلمان ۽ پارسي گڏ هئا، مسلمان ڌار ٿي ويا ته اخبارون متاثر ٿيون، جيڪي فرقيوارانه گروهبندي ۽ مذهبي جذباتيت جو شڪار ٿيون، اهڙي طرح سنڌ جي مقامي پريس ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، يعني هندو پريس ۽ مسلمان پريس ” Phoenix “ ” Mercantile Gazette ۽ ”آفتاب سنڌ“ تجارتي اخبارون هيون پر ”مفرح القلوب “ جي گروپ ۽ ”معاون “ اخبارن اسلامي قدرن جو پرچار ڪيو، ساڳي طرح هندن جون ”پرڀات “ ۽ ”خيرخواهه “ هندن جي نقطئه نظر کي پيش ڪنديون هيون، انهن اخبارن پنهنجي پنهنجي موقف تي هلي اهڙو ماحول پيداڪيو جو اڳتي هلي ملڪ جي ماڻهن جو مستقبل هميشه لاءِ ورهائجي ويو.


1 Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth Century Book Trade in Sindh:  Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

2 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ” سنڌيءَ ۾ فارسي اخبار نويسي “ (مقالو) ٽماهي، مهراڻ، ڄامشورو، نمبر 3-1970ع ص 109.

 

1 ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو؛ ” سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو 1988ع ص 42.

 

2 موتي رام-ايس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو “، شاردا پرڪاشن، بمبئي 1987ع ص ص 88-89.

 

1 ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ “ سنڌالاجي ڄامشورو، 1988ڳ ص 88.

 

2 تارا چند شوقيرام؛ ”راج رشي ديوان ڏيارام گدو مل جو جيون چرتر“حيدرآباد 1938ع ص 16.

 

1 غلام محمد لاکو: سنڌ سڀا ٽماهي مهراڻ 1-2-1985ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص 4.

--------------------------------------------------------------------------------------

1         ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ “ سنڌالاجي ڄامشورو، 1988ع ص ص 71-88.

 

2 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

3 غلام محمد گرامي: سنڌي لٿو گراف(مقالو) ٽماهي، مهراڻ، جلد 13 نمبر 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص ص -152-153.

 

1 Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth Century Book Trade in Sindh:  Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

2 Ibid

 

1 ڊاڪٽر عبدالرحمان ٻگهيو: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988 ص 48

 

2 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh:'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

 

3 Ibid

 

1 Ibid

 

2 ڪريم بخش خالد :”سنڌي صحافت“ حبيب پبليڪيشن، سکر، 1955ع، ص _33.

 

3 ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو ،1988ع ص 52.

 

4 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'' Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

--------------------------------------------------------------------------------------

1 Ibid

2 Ibid

3 شفيع محمد علوي: ”پهرين سنڌي مخزن“(مقالو) ماهوار نئين زندگي ،ڪراچي، نومبر 1957ع ص_ 10.

 

1         ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس “(پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو) 1983ع

 

2         ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيو: ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1988ع ص -54.

--------------------------------------------------------------------------------------

1         Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

2 غلام محمد گرامي: ” سنڌي لٿو گراف “ مقالو ٽماهي مهراڻ نمبر 1-1964ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 174.

 

3 هي نوجوان بنگالي هو ۽ ساڌو هيرانند جو ڪلڪتي ۾ دوست ٿيو هو، سنسڪرت جو وڏو ڄاڻو هو: يونين اڪيڊمي ۾ مفت پڙهائيندو هو ۽ راندين جو نگران هو، 1892ع ۾  هو عيسائي ٿيو ته ساڌو هيرانند کيس ڏاڍو سمجهايو ۽ڏيارام گدومل پڻ منع ڪيس پر هن نه مڃيو ۽ اسڪول ڇڏي ويو، سندس وڇوڙي ۾ ساڌو هيرانند روئي ڏنو.

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي:” پرمانند ميوارام “ (مقالو) ٽماهي رچنا، احمد آباد، نمبر       29-1_1986ع ص -9.

 

2   منگهارام اوڌارام ملڪاڻي؛ ”سنڌي نثر جي تاريخ “ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع-    1977 ع ص ص 237-241.      

 

3        حافظ خير محمد اوحدي ”سنڌي صحافت“

 

1     ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس “ پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو. 1983

 

2 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“( Ph.D لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل مقالو) 1983ع

--------------------------------------------------------------------------------------

1         مير شفيع احمد علوي: ”پهرين سنڌي مخزن“ ماهوار نئين زندگي، ڪراچي نومبر 1957ع ص -10.

 

2 ايضاً

 

3 ايضاً ص -11.

 

1 ايضاً ص -11.

2 ايضاً ص -11

--------------------------------------------------------------------------------------

1 ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ: ”سنڌي رسالن جي تاريخ “ سنڌ پبلشر، حيدرآباد، 1981ع ص -1

 

2         ايضاً  ص ص-10 ۽ 11

 

3   ايضاً ص ص-9- 10

1 .       ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ Ph.D) لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو) 1983ع

 

2         ڊاڪٽر الهرکيوٻٽ: ”سنڌي رسالن جي تاريخ “ سنڌ پبلشر، حيدرآباد، 1981ع ص_ 11

1 ايضاً

 

2         ايضا، ص ص-11 ۽ 12

 

1 ڪريم بخش خالد؛ ”سنڌي صحافت “ حبيب پبليڪيشن، سکر ،1955 ص 131.

 

2 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي: ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ Ph.D) سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو) 1983ع

1         Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sindh'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988.

 

1 .موتي رام- ايس-راموتي:”سنڌ ۽ اسان جو ورثو “ ساردا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع ،ص ص -88-99.

 

1 ايضاً

 

1 موتي رام- ايس –راموتي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو “ ساردا پرڪاشن بمبئي 1987ع ص ص 88-99

 

2 Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales) 1988

 

3  Ibid

1 .     Ibid

 

2      Ibid

3 .     Ibid

1  Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth Century Book Trade in Sind'': Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

1         لطف الله بدوي:”فريئر صاحب جون خدمتون “ (مقالو) ٽماهي، مهراڻ، 1-2-1966ع ۽ 1-1867ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

 

2 ڀيرومل مهر چند آڏواڻي؛ ” سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ “ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1972ع ص 256.

1 ايضاً، ص -259.

2         ايضاً

1 محمد صديق ميمڻ:”سنڌ جي ادبي تاريخ “ (جلد 2 ) _آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 1951ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com