سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :8

علمي کوجنا جو مقصد:

     هن مقالي جي موضوع جي کوجنا ٻن مقصدن کي ذهن ۾ رکي ڪئي وئي آهي: اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي اخبار جي اوسر کي تاريخ جي ورقن ۾ سانڍڻ ۽ ان جو جائزو وٺڻ اڀياس ۽ کوجنا ڪيترن نتيجن کي نروار ڪيو آهي، جن ۾ هيٺيان ذڪر آهن:

1.      اڻويهين صديءَ جي يورپي انگريزي اخبارن، سنڌ جي اخبارن لاءِ مغربي پريس جي طرز جو طريقيڪار ڏنو، جيڪو سنڌ ۾ موجود روايتي  وقائع نگاريءَ کان جديد ۽ مؤثر هو.

2.      يورپي انگريزي اخبارن مقامي ماڻهن کي اخباري دنيا ۾ آندو،  جنهن جي نتيجي ۾ فارسي، سنڌي، انگريزي، گجراتي ۽ اردو اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون.

3.      فارسي اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاءِ مخصوص ڪئي وئي، جنهن ڪري اڳتي هلي سنڌي اخبارن لاءِ راهه هموار ٿي.

4.      مذهبي فرقيوارانه گروهبندي سبب مقامي پريس ”هندو پريس ۽ ”مسلمان پريس “ ۾ ورهائجي وئي، جنهن ڪري نفاق ۽ نفرت وڌي، هندو پريس سياسي طور تي آل انڊيا نيشنل  ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ لڳي ۽ مسلمان پريس مسلم ليگ جي پٺڀرائي  ڪرڻ لڳي، نتيجي ۾ اڳتي هلي هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ هندن جي اڪثريت کي سنڌ مان لڏڻو پيو ۽ هندستان جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ ۾ آئي. جيئن ته موضوع جي اڀياس ۽ کوجنا هڪ مخصوص دائري اندر هئي، ان ڪري هن موضوع سان لاڳاپيل ٻيا ڪيترائي موضوع وضاحت کان رهجي ويا آهن، جن تي لڳ الڳ اڀياس ۽کوجنا ڪري سگهجي ٿي، اهي موضوع هيٺيان ٿي سگهن ٿا.

1.      ٽالپر حڪومت جو خاتمو ۽ انگريزي راڄ جي شروعات، ان وقت جي اخبارن جي روشني ۾.

2.      1857ع جي آزادي جي جنگ \غدر ۾ سنڌ جو حصو- اخبارن جي روشني ۾.

3.      1853ع ۾ سنڌي رسم الخط جي تنازعي ۾ اخبارن جو ڪردار.

4.      سنڌ جي پهرين سماجي-سياسي تنظيم ”سنڌ سڀا “ جو بنياد پوڻ، سندس حاصلات ۽ خاتمو اخباري اکين ۾.

5.      سنڌ ۾ هندو-مسلم کي فرقن ۾ ورهائڻ ۾ اخبارن جو ڪردار.

6.      سنڌي اخبارن جي اوسر ۽ فارسي اخبارن جو ڪردار.

7.      اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي ادب جي اوسر ۾ اخبارن جو ڪردار.

8.      اخباري نقطئه نظر کان سنڌ ۽انگريز سرڪار جا لاڳاپا.

9.      اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي سماجي، اقتصادي، سياسي، مذهبي ۽ ثقافتي ميدانن ۾‌:

الف يورپي انگريزي اخبارن جو ڪردار.

ب: ڏيهي انگريزي اخبارن جو ڪردار.

ت: سنڌي اخبارن جو ڪردار.

ث:فارسي اخبارن جو ڪردار

10.    اڻويهين صديءَ دوران سنڌ ۾ مختلف ٻولين جي اخبارن جو تجارتي ڪاروبار.

مددي ڪتاب: BIBLIOGRAPHY

سنڌي ڪتاب:

آڏواڻي ڀيرو مل مهر چند، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ “ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1972ع

آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند، ”سنڌي هندن جي تاريخ “ (1) 77 مڊل ڪلاس ڪالوني ،ڪراچي، 1946ع.

آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند:”سنڌي هندن جي تاريخ “(2) 77 مڊل ڪلاس ڪالوني ،ڪراچي، 1967ع

الانا، ڊاڪٽر غلام علي، ”سنڌي نثر  جي تاريخ “ادبيات پبليڪيشن حيدرآباد 1967ع

ٻُٽ، ڊاڪٽر الهرکيو ”سنڌي رسالن جي تاريخ “ سنڌ پبلشرس حيدرآباد 1981ع

ٻُٽ ڊاڪٽر الهرکيو: ”ڪراچي جون پهريون ٽي اخبارون “ مقالو اڻ ڇپيل.

ٻگهيو، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو 1988ع

ٻوهيو، ڊاڪٽر الهداد، ”علم تحقيق “نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1990ع

پٺاڻ، ڊاڪٽر در محمد :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقي ۾ حصو “ پي ايڇ ڊي ٿيسز ،اڻ ڇپيل

پٺاڻ ،ڊاڪٽر غلام حسين”تحقيق جو فن “ پاڪستان اسٽيڊي سينٽر، ڄامشورو 1983ع

جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ “ سرهه ڪتاب، حيدرآباد 1973ع

خالد ڪريم بخش، ”سنڌي صحافت “ حبيب پبليڪيشن سکر 1955ع

خان، خداداد خان، لُب تاريخ سنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1989ع

راشدي، حسام الدين، ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت “ مقدمه سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد  1964ع

رامواڻي موتي رام –ايس ”سيٺ هرچند راءِ وشن داس “پاڪستان هيرالڊ پرنٽنگ پريس، ڪراچي 1953ع

سنڌي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ”مهراڻ تي مجلس “ سنڌي ادبي سوسائيٽي اسلاميا ڪاليج سکر 1966ع

سنڌي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور، ”اڻويهين صديءَ جا نثر نويس “ پي ايڇ ڊي ٿيسز اڻ ڇپيل

ڦيرواڻي، شيوارام ”راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر “ ديوان تارا چند آڏواڻي حيدرآباد 1932ع

مولائي، شيدائي، رحيمداد خان،”تاريخ تمدن سنڌ “سنڌ يونيورسثي پريس ،حيدرآباد ،1959ع

مولائي، شيدائي، رحيمداد خان، ”جنت السنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي/ حيدرآباد 1958ع

مهر، غلام رسول، ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور “ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1963ع

ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، ”سنڌي ادبي تاريخ (2)، آر- ايڇ احمد برادرس، حيدرآباد، 1963ع

ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ “ (ڇاپوٻيون) زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع

مخدوم امير احمد (مترجم) ”فتح ناما سنڌ عرف چچ نامو“  سنڌي ادبي بورڊ ،حيدرآباد، 1976ع

مخدوم، امير احمد(مترجم) ”تحفته الڪرام “ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع

همايوني نياز(مترجم) ”تاريخ مظهر شاهجهاني “ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1979ع

سنڌي اخبارون ۽ رسالا:

”اطلاعات سنڌ “ ماهوار، ڪراچي 5-6/1954ع

”الحق “ هفتيوار، سکر جا فائيل

”پيغام “ ماهوار، ڪراچي جا فائيل

”جوت “ پندرهن روزه، حيدرآباد جا فائيل

”رچنا “ ٽماهي، احمد آباد، 1-1976ع

”سرسوتي “ ماهوار، حيدرآباد جا فائيل

”سنڌ مُندوار، اونهارو – 1983ع سيارو 1983ع حيدرآباد

”سنڌ سڌار “ هفتيوار ڪراچي جا فائيل

مهراڻ ٽماهي، حيدرآباد، ڄامشورو 1-1964ع، 21-1966ع، 1-1967ع، 3-1970ع، 1-1981ع، 1-1984ع، 2-1984ع، 1-2-

1985ع، 2-1986ع، 4-1987ع ۽ 2-1/1992ع

”نئين زندگي، ماهوار ڪراچي، حيدرآباد 7-1957ع، 11-1957ع

اردو ڪتاب

ابوالفضل ”آئين اکبري “ عثمانيه ،19ع

خورشيد ڊاڪٽر عبدالسلام، ”صحافت پاکستان و هند مين “ مجلس ترقي ادب لاهور 1963ع

خورشيد ڊاڪٽر عبدالسلام، ”داستان صحافت “ مکتبه کاروان لاهور 1980ع

ناز ايم ايس ”صحافت کي مختصر ترين تاريخ “ سنگ ميل پبليکيشنز لاهور 1980ع

فارسي اخبارون:

”مفرح القلوب “ هفتيوار ڪراچي جا فائيل

انگريزي ڪتاب

Bease, George, The Sind Directary Bombay Gazetteer Press, Bombay 1986.

B      utt, Dr. Allah Rakhio: The Nineteenth Century Book Trade in

Sind: Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988

Feldman Herbert Karachi Through Hundred Years Oxford University Press,

Karachi 1970

Haider, Dr, Azeemushan, History Of Karachi, Ferozsons Printers Karachi

ltd, Karachi 1974

Khurshid, Dr. Abdus Salam ,''Journalism in Pakistan '' Publishers United Ltd, Lahore,  1964.

Lambrick.H.T Sir Charles Napier and Sind,

 Clarendon Press Oxford 1952.

Malkani, Kewal, R The Sind Story Allied Publishers Private Ltd, New

Delhi, 1984.

Panhwar.M H The Chronological Dictionary of Sind Institute of

Sindhology, Jamshoro 1983.

Panhwar .M.H.''Source Material Of Sind'' , Institute Of sindhology,

Jamshoro 1977.

Siddiki Habibullah. Education in Sind, Past and presnt, Institute of

 

Sindhology, Jamshoro 1987

انگريزي اخبارون:

''The Sind Kossid'', bi-monthly, Karachi:Files

''The Sind Gazette'' Weekly Karachi:Files

مواد حاصل ڪرڻ جا ذريعا

1.      ريسرچ لائبريري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.

2.      علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.

3.      سيمينار لائبريري ڊپارٽمينٽ آف ماس ڪميونيڪيشن، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.

نظام الدين کوسو

نئين ٺل جا پراڻا گل -3

                  ”ڪلهوڙا مياڻان “، ”ٽالپر بلوچ “ ۽ ”بلوچي قلات “ جون حڪومتن ڪمزور ٿي گذريون آهن، جدن دور ۾ هروڀرو ائين ڪو نه هو جو هيڻي جو حال هيڻو ۽  ”ڏاڍو سو گابو “ هو، تاهم رعايتي حڪومتن جا هٿ مضبوط ڪو نه ها، چون ٿا ته اسان جي هن علائقي جي ڄاموٽ زميندارن کي حڪومتن جي حمايت ڪرڻ عيوض اڳاڙيل ڍل مان ڪجهه حصو ملندو هو، مذڪوره حاڪمن جي دور حڪومت ۾ ٺل جا زميندار گهڻو ڪري ڄاموٽ هيا، ڀٽا، سرڪي، مهر، ڀنگر، ٻرڙا، چنا، سٻايا تمام وڏين ايراضين جا مالڪ هئا، انگريزن جي اچڻ کانپوءِ پهرين مهاڀاري لڙائي کان اڳ ۾ ڀٽن، ٻرڙن، پنهنجون ايراضيون ارزان اگهن ۾ ٻروچن کي ڏيئي ڇڏيون، پاڪستان ٿيڻ وقت ڀنگرن، مهرن، چنن ۽ سٻاين به پنهنجي ضرورتن ڪري ٻنيون وڃائي ڇڏيون، ڄاموٽ قوم مان هن وقت ”سرڪي“ وٽ اباڻي زمين محفوظ رهي آهي ۽ آباد آهي، سرڪي جي سياسي ساک به قائم آهي.

ميرپور ٻرڙو جو احوال:

          هي ڳوٺ ميرن جي دور کان وجود ۾ آيل آهي، هن ۾ جيڪو ڪچو قلعو ٺهيل آهي، اهو ميرن جو ٺهرايل نه آهي پر تاريخي اهڄاڻن مطابق به هن جوءِ ۾ ٽالپرن جي حڪومت نه رهي آهي، هي علائقو ”بلوچي قلات “ جي زير تسلط رهيو هو، هن علائقي جي قديمي تاريخ ڪنهن به ڪا نه لکي، تنهن ڪري تحقيق سان ڪا قديمي  ڳالهه يا حوالو هٿ نه ٿو اچي، پر خان خداد خان هندستان جي وائسراءِ لاءِ لارڊ لٽن جي حوالي هي علائقو 1876ع م ڪيو هو، ان جا دستاويزي ثبوت مليا آهن. انگريزن مان به لئمبرڪ صاحب پنهنجي تاريخي ڪتاب، جنرل جان جيڪب، آف جيڪب آباد، ۾ ميرپور واري انهيءَ ڪچي ڪوٽ جي تصوير ڏني آهي، اسان جي مذڪوره علائقي ۾ وڏا شهر به ڪو نه هئا، تنهن زماني ۾ وڏا شهر چانڊڪا(لاڙڪاڻه) ۽ شڪارپور هيا هتي فقط خان ڳڙهه هو، جيڪو هڪ ڳوٺڙو هئڻ جي  باوجود به حڪومتي مرڪز هو، هتي حڪومت قلات جو نائب به رهندو هو، اهو نائب انگريزن جي وقت ۾ به 1920ع تائين رهندو آيو.

ميرپور ٻرڙو ۾ مشهور ماڻهو سردار خدا بخش  خان هيو، جنهن جي ڏاڏي، پڙڏاڏي وٽ ڪافي زمينداري هئي، پر جڏهن کان پاڻ ساماڻو ته وٽس جريب زمين به ڪا نه رهي، هن جو ذڪر اڳئين قسط ۾ ”واڻين واري واقعي “ ۾ ڏيئي آيو آهيان.

ميرپور جا سگهڙ مشهور هيا ۽ هينئر به ڪي ڪڻا باقي آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙو محقق به هتي ڪهي آيو هو، ٻُرڙي خاندان ۾ تعليم جو رواج مرحوم حاجي محمد يعقوب خان وڌو پاڻ فائنل پاس ڪري ماستر ٿيو ته پوءِ ڪوشش سان وڌيڪ پڙهي ڊگريون حاصل ڪري ورتائين، آخر ۾ هو مسلم اسڪولن جو ضلعي جيڪب آباد ۾ نگران ٿيو، ان زماني ۾ مسلم اسڪولن جي تعليم اعليٰ درجي جي هوندي هئي، استاد تمام سٺا لائق مقرر ٿيندا هيا ۽ هيڊ معلم ته مذهبي تعليم جو ڪو نه ڪو ماهر هوندو هو، مذهبي ڄاڻ ۽ اکر نهايت سٺا هوندا هئا ان وقت جي مسلم اسڪولن جي شاگردن جا.حاجي محمد يعقوب خان جو تعليم کاتي سان واسطو ٿيو ته منهنجو والد بزرگوار سندس دوست بڻيو، منهنجو والد ضلعي اسڪول بورڊ جو ميمبر ٿيو ته حاجي صاحب سان واسطو ٿيس، پر اهو واسطو ”پڪي دوستي “ ۾ پختو ٿيو، 1933ع ۾ جون مهيني جي جهولن ۾امين الملت رخ جي شادي جي ڪانڍ ٿي، حاجي محمد يعقوب خان پورو هڪ هفتو اڳ ۾ اچي عزيز آباد ۾ ڪانڌ جي ڪارج ۾ شامل ٿيو، انتظامن جي سڄي نگراني حاجي صاحب پاڻ ڪئي، هن علائقي ۾ اها شادي پنهنجي نموني جي هئي، سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسو عموماً شادين ۾شرڪت نه ڪندو هو، پر هن شاديءَ ۾  هو ٻه ڏينهن ٽڪيو هو، نواب يوسف علي خان، عزيز مگسي ۽ سردار غلام رسول خان ڪورائي به شادي ۾ شريڪ ٿيا هئا، اهو زمانو خوشيءَ جو هو، شادين جي ڪا نه ٿيندي هئي ته مٽ مائٽ ته سڀئي ساگهر شريڪ ٿيندا هيا پر اوري پري جا دوست احباب به ڪهي ايندا هئا ۽ شادي جي هر ساٺ سون ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ڪو گهوٽ لاءِ ميٽ مليندو هو ته ڪو پاڻي گرم ڪندڙ ڪاٺين کي سوريندو هو، ڪو گهوٽ کي مهٽيندو هو ته ڪو پاڻي هاريندو هو، مطلب ته سڀ احباب گهوٽ جي سينگارڻ ۾ هٿ ونڊائيندا هيا، گهوٽ سينگاري ڪپڙا پارائي مٿس چاندي جي روپين جي گهور ڪندا هئا، ائين ڪندي هر ڪنهن کي بي انتها مسرت ٿيندي هئي، هاڻي ته اهڙو وقت آيو آهي ته مٽ مائٽ ته ڪو نه ڪو قصور ڪڍيون ڪاوڙيا ويٺا هوندا ۽ نه ايندا آهن پنڌ پري هجڻ، طبع ناساز ٿيڻ جا سبب ڏيندا ته معاف ڪيو،اچي نه سگهياسون جي ڪنهن سان هٿ ڊگهو ٿيل هوندن ته معذرتي خط سان گڏ هڪڙو چيڪ به ٽنبي موڪليندا ته معاف فرمائجو طبع ناساز هئي سو هي گهوٽ جي مبارڪي لاءِ چيڪ موڪلجي ٿو کيس بنده پاران پيش ڪجو وغيره وغيره. ميرپور ٻرڙي واري ڪوٽ جو فوٽولئمبرڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي اهو ڪوٽ تمام قديمي ڪونهي پر ٽالپر جو به ٺهرايل ڪونهي، حڪومت قلات جي زماني ۾ ڪوٽ ڪڍائڻ جو رواج هو، سعدو ڪوٽ به هيو، صحبت پور ۽ محبت پور کي به ڪوٽ ها، اهڙي طرح ڪنڌڪوٽ ۾ڪوٽ هيو.

ميرپور جي هڪ خاندان کي جيڪو سردار خيل هو تنهن کي ڪوٽائي وڏيرا سڏبو هو، حاجي محمد يعقوب خان ٻرڙو وڪڙائي پاڙي مان هو.

رانجهاپور جو احوال:

    ميرپور کان ٿورو پنڌ تي روڊ تي ئي رانجها پور جو پراڻو ڳوٺ آهي هي ڳوٺ اصل ۾ هيوته مسلمانن جو پر پوءِ هندو زميندار سيٺ آوت راءِ جو سڏبو هو، هن ڳوٺ جو قبرستان به تمام قديمي آهي ۽ قبرن تي قبا به آهن. سيٺ آوت راءِ هندو تهذيب جو هڪ نمونو هو، هميشه ڌوتي سان ۽ مٿي تي بوسڪي پٽڪي ”واڻڪي نموني “  واري سالن هوندو هو، هي ڏاڍو نماڻو فضيلت وارو ۽ نرم لهجي ۾ ڳالهائيندڙ انسان هو، سرڪاري هر محفل ۾ موجود هوندو هو، پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ به هي پنهنجي حياتيءَ تائين رانجها پور جو خاصو زميندار ٿي رهيو،پنهنجي پٽ هوندراج کي اعليٰ تعليم ڏياريائين، پر کيس پاڪستان ۾ سول سرورس جي جاءِ ڪا نه ملي، سيٺ  آوت راءِ جي وفات کانپوءِ هن کي ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو ٻنيءَمان اغوا ڪري ويا،وڏي تڪليف ۽ ڀنگ ڀرڻ کانپوءِ عرصي پڄاڻان موٽيو، موٽڻ سان ئي ٻنيون، گهر، جايون وڪڻي آمريڪا هليوويو، هينئر اتي ڪاروبار ڪري رهيو آهي، ساڳي ٻني سيٺين وٽ هئي ته انبار جا ان ٿيندا هئا ۽ هينئر مسلمانن جي ملڪيت ٿي ته پوک ڏيڻ کان نابري واريون بيٺي آهي، بخت بخت جي ڳالهه آهي.

چنن جي ڳوٺ جو احوال

    ميرپورکان ڏکڻ طرف بيگاري واهه جي ڪپ تي چنا ڳوٺ آهي، هي به تمام قديمي ڳوٺ آهي، ڪنهن زماني ۾ هتي ڪافي هندورهندا هئا، سندن پڪا گهر، دڪان هوندا هئا واپار تي اثر هوندو هون، هتان جو وڏيرو الهه بخش خان چنو هو، منهنجي دوست مولوي محمد حسين چنا مرحوم ۽ خان صاحب عبدالله خان چنا کي ڪنهن زماني ۾ شوق ٿيو ته الهه بخش خان کي پڳ ٻڌائي  چنن جو سردار بنايو وڃي، سو الهه بخش خان سردار بڻجي ويو، الهه بخش خان کي مون چڱي طرح ڏٺو هو، ڀانيان ٿو ته پڙهيل ڳڙهيل به هو، نهايت شريف ۽ ملنسار انسان هو، سرداري پڳ مٿس سونهي پئي، اها ذميواري هن احسن طريقي سان نڀائي مان شان ۽ انصاف سان هليو، ٻين جي عزت ڪيائين ۽ پنهنجي عزت به ڪرائي ويو.

ان زماني ۾ سرداري جو حساب ڪتاب راڄ تي هوندو هو، يعني راڄ ۾ ڪيترا گهر اٿس، ڪيتري ڪهاڙين جو مالڪ آهي، اڳي زماني ۾ ”لک ڪهاڙي“ سردار سڏبا هئا، يعني وقت اچڻ تي سردار مٿان سر ڏيڻ لاءِ ڪيترا جوان ڪهاڙيون کڻي ايندا، هي علائقو چوڪ نوري نصير خان والي قلات جي بادشاهي ۾ هو، سو نوري نصير خان وٽ باقاعده لشڪر ڪو نه هو، قومي سردارن تي ماڻهومقرر ڪيا  هئائين ته وقت ضرورت هر سردار پنهنجي قومي طاقت مطابق ماڻهو هٿيارن سوڌا پيش ڪري، انهيءَ سبب ڪهاڙي حساب سان سرداري ليکبي هئي، لک ڪهاڙي يا لک لٺ واري سردارين جو دستور ختم ٿي چڪو هاڻي تازه ترين صورتحال مطابق ته ووٽ جو حساب آهي، فلاڻي سردار وٽ فلاڻي خان وٽ ووٽن جي هيتري موڙي آهي يا ڪيترين پولنگ اسٽيشنن تي قبضو اٿس، انهيءَ پڪا ووٽ جي قبضي ڪرائڻ ۾ ”ڏوڪڙن “ جي ڪار فرمائي به نمايان رهندي آهي. چنن جو موجوده سردار صاحب به ووٽن لاءِ ڪنڊ پاسو جهليون پنهنجي اهميت قائم ڪيون ويٺو آهي، باقي واڻين پڄاڻان ڳوٺ جو اهو اوج ڪونهي، چنن ڳوٺ ۾ سرڪاري بنگلو به هيو جيڪو هاڻي  ويران آهي.

مبارڪ پور جو احوال:

      مبارڪ پور به بيگاري واهه جي ڀرسان آهي، ڪنهن زماني ۾ شاهل مهر سڏبو هو، هي ڳوٺ مهرن ۽ ڀٽن جو آهي، انگريزي دور ۾بيگاري واهه کي هڪ دفعي مبارڪ پور سامهون وڏو گهارو پيوهو، ڀٽن جي راڄ وارن همت ڪري اهو گهارو جلدي بند ڪري ڏنو ته انگريز انجنيئر خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هي ڳوٺ مبارڪ آهي، هن وقت به ڳوٺ ۾ مهرن جو هڪ اڌ گهر هوندو، باقي ڀٽن جا گهر گهڻا آهن، جيڪي گهڻو ڪري تعليم يافته آهن .ميرپور، رانجها پور، چنا ۽ مبارڪپور جا هندو گهڻو ڪري ماستر هوندا هيا، جن مسلمانن کي به پڙهائي تعليم وارو ڪيو سو تعلقه ٺل جي اترين علائقي ۾ سنڌي اسڪولن ماستر گهڻو ڪري انهن ڳوٺن جا هوندا هيا ۽ اڄ ڪلهه به هندن جي وڃڻ کانپوءِ پرائمري ماستر گهڻو ڪري انهيءَ طرف جا آهن.تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو علائقو خان والي قلات 1876ع ۾ لارڊلٽن وائسراءِ کي ڏنو هو، هن وقت تائين اڌورو سڌورو حڪم مڙيئي قلات جو رهيوهو، انگريزن هن علائقي تي باقاعده قبضي ڪرڻ بعد 1880ع ۾ سروي ڪرڻ جو ڪم ڪيو.

ميرل آباد جو احوال:

ميرل خان کوسو هي ڳوٺ مبارڪ پور سان ڀرسان ٻڌل آهي، ميرل خان کوسي وٽ ايتري زمين هئي جو سندس ڪڙيو بيگاري واهه مان نڪري اتر طرف وڃي شاهي واهه سان لڳو هو، اهو فاصلو 74 ميلن کان گهٽ ڪونهي، ميرل خان ‌شوقين طبع هو، شادي جو عادي هو، گهڻين شادين ڪرڻ ڪري اولاد تمام گهڻي ٿي پيس، هينئر سندس پويان وڃي ٻاري وارا ٿيا، ميرل خان جي دليري جون تمام گهڻيون ڳالهيون آهن، پنهنجي قوم ۾ ڪا ”سگهڙ ضائفان “ بيوه ٿيندي هئي ته ميرل خان ڏاڙهي کي رنگ ڪري هڪ دفعو گهوٽ ٿيڻ واسطي ڪوشش ضرور ڪندو هو، سندس مرشد ”ميان جامي جا قبا “ وارا انڊڙ فقير هيا، انهن فقيرن کان دعا ڌاڳو وٺندو هو.

مددپور جو احوال:

هي ڳوٺ مدد خان کوسي ٻڌو هو، هنن کوسن جون زمينون تحصيل جهٽ پٽ ۾ هيون، خان قلات عبدالله خان قهار جي وقت ڪلهوڙن 1734ع ۾ هي علائقو جنگ ڪري حاصل ڪيو هو، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ سندس گورنر مراد ڪهيري زراعت کي زور وٺائڻ خاطر نور واهه ۽ مراد واهه کوٽايا، مدد خان کوسو پوءِ نور واهه جي زمين تي اچي ويٺو، سندس فرزند مير نصير خان انگريزي دور ۾ وڏي همت وارو زميندار هو، هڪ دفعي دريا جي لاٿ سبب ربيع جي مند ۾ پاڻ آڳاٽو بيهجي ويو، مير نصير خان جي ٻئي ريج کان رهجي وئي، هن همت ڪري ڪشمور ڪهي وڃي انجنيئر سان ملاقات ڪري روئيداد ٻڌائي ۽ طلب ڪئي ته نور واهه کي بند ڏئي 74 ڪلاڪپاڻي ڏنو وڃي، انجنيئر پارسي هو، هن کي ڪهل اچي وئي مير نصير خان جي پنڌ ۽ ضرورت کي ڏسي کيس ڳوڻين ذريعي  پنهنجي ڪڙم وٽ پاڻي بند ڪرڻ لاءِ 74 ڪلاڪ پاڻي پيئڻ جي منظوري ڏني .آڄڪلهه جودور هجي ها ته چڱي خاصي رقم نذر وٺڻ بعد اهڙي رعايت ملي ها، بهرحال مير نصير خان انجنيئر کان حڪم حاصل ڪري اها ڪوش ڪئي ته جلد ۾ جلد ڳوٺ پهچي پاڻي بند ڪرڻ جو بندوبست ڪري سو ريلوي اسٽيشن ڪشمور پهتو ان زماني ۾ موٽرن، ٽئڪسين جو دستور ڪو نه ڪي زميندارن وٽ موٽرون هيون سو ريلوي اسٽيشن تي ريل جي وڃڻ جو وقت ڪو نه هو البته هڪ مال گاڏي وڃڻ لاءِ هئي، هن همت ڪري گارڊ سان ڳالهه ڪري بندوبست ڪري ورتو، وقت کان اڳي ريل هلائي وئي، پنهنجي ڳوٺ مدد پور سامهون گاڏي بيهاري لهي پيو، اهڙي طرح هو جلد ۾ جلد پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، انهيءَ انگريزي دور ۾ واٽ تي ريل بيهارڻ ۽ ڳوڻين ذريعي ڇاٻ ڏيڻ تي وڏي ڳالهه ٿي وئي هئي، نصير خان جو نالو ڏاڍو مشهور ٿيو هو، مير نصير خان جو هڪ فرزند ضياءَ الحق حڪومت ۾ مجلس شورا جو ميمبر ٿيو ۽ سندس نام هناد پوٽي مير نصير خان وڪيل کي ته ”کلول ” ۽بليل جي خبر به ڪانهي.نور واهه ميان نور محمد ڪلهوڙي کوٽايو هو، خان قلات، عبدالله خان قهار ڪچي جي جنگ 1734ع ۾ هارائي هئي، ڪلهوڙن ڪڇي علائقو قبضي هيٺ ڪيو، مراد ڪهيري کي انهيءَ علائقي جو ناظم مقرر ڪيو ويو، اهو علائقو ڪشمور تائين هيو، جيڪو ان زماني کز مير سڏبو هو، ڪلهوڙن واهه کڻايا، نور واهه ۽ مراد واهه ان زماني جا نڪتل آهن، ڪلهوڙن کان اهوعلائقو  دوباره خان قلات نوري نصير خان جي وقت ۾ قلات حڪومت جي زير تسلط آيو .مراد ڪهيري وارا، ڪهيري فقير گهر سڏبا هئا ۽ هن وقت به ڪهيري فقير سڏبا آهن، ڪڇي تي قبضي بعدمراد حڪم ڪيو ته جيڪو به ”جوئر جو سِٽو “ چوري ڪپيندو ته ان جي سزا ۾ ان چور جو سِر ڪپبو، انهيءَ غير مناسب حڪم تي سردار رحيم خان کوسي اعتراض ڪيو، ته قحط جي صورت ۾ انهيءَ قسم جو فيصلو ظالمانه چئبو، مراد سان مهاڏو اٽڪايائين، مراد ڪهيري سندس انهيءَ جرئت مندانه قدم کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ حڪم واپس ورتائين ۽ سردار رحيم خان کوسو کي خلعت طور پڳ ٻڌائين ۽ چيائين ته ”هي منهنجي پڳ دعا جي پڳ آهي“ جيڪو هن سان کڙاند ڪندو اهو نه هوندو، انهيءَ رحيم خان جي قبر اڄ به ”چکڙا“ ريلوي اسٽيشن سامهون نشان بر آهي، معصوم شاهه جي مناري جي سرن جهڙي سنهي سرن سان سندس قبر پخته ٿيل آهي. هن علائقي اندر ڪلهوڙا دور ۾ زراعت کي فروغ مليو هو، ڪيترا ڪڙيا کوٽجي ويا هئا، ڪجهه وقت پوکون ٿيڻ لڳيون پر ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد وري واهن جون کوٽايون نه ٿيون، پاڻي جي تنگي ٿي، علائقو وري غير آباد ٿي ويو.

زنگي پور جو احوال:

    زنگي پور ۾ چٽاڻي قوم جا کوسا زميندار هندا هئا، اهو ڳوٺ زنگي خان ٻڌو هو، انهن وڏيرن جون زمينون اچ شاخ نصير آباد تحصيل ۾ به هيون، اتي اچ ۾ هميشه پاڻي جي تڪليف رهندي هئي، نور واهه کي پاڻي هوندو هو، جيڪو بيگاري مان نڪتل هو، سو هتي جون زمينون آباد هئڻ سبب گهڻو ڪري سڀئي هتي رهندا هئا، کوسن جو هي پاڙوشريف آبادي پاڙو هو، خان ڳڙهه جي ڪوڙ ۾ به هن پاڙي جا  کوسا انگريزن شهيد ڪيا هئا، انهن ۾ نور خان ڇٽائي کوسو نامور ماڻهوهو، کوسا ويچارا جنهگ هڻي ”ڏوپهرو “ ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڪوٽ جي وڻن جي ڇانو ۾  آجهاپ لاءِ ويٺا ته ڪنهن ملعون ماڻهون انگريز ڇانوڻي ۾ وڃي ٻڌايو ته ڊاڪو ڪوٽ اندر اچي ويٺا آهن، انگريزن بنا معلومات حاصل ڪرڻ جي رائفلين جو منهن کولي ڇڏيو، 39 ماڻهو لحظي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا، ٻين رڙيون ڪيون، پنهنجا ”واهولا “ ۽ ”ٻيانا “ مٿي کڻي دانهون ڪيون تڏهن ڪي بچي ويا،بخاري جامع مسجد وٽ پراڻيون قبرون انهن کوسن شهيدن جون آهن. زنگي پور جا ماڻهو ساده طبع ۽ ناميارا ٿي گذريا، خودزنگي خان، يار خان، آدم خان جهڙا ماڻهو پنهنجي وقت جا وڏا ماڻهو هيا.

هڪ دفعي جاماڻي پاڙي جو مهر علي خان جيڪو پوليس انسپيڪٽر مان معطل ٿيو هو، مٿس ڏوهه اهو هو ته هن  بکراڻي بردي پاڙي مان شادي ڪئي، جنهن تي انگريزن کيس چيو ته هاڻي هو پوليس عملداري لاءِ موزون نه رهيو آهي جو هن هڪ جرائم پيشه پاڙي مان شادي ڪئي آهي، زنگي پور ۾ ان زماني ۾ مسجد شريف ڏاڍي سٺي قبائين نموني ٺهيل هئي. زنگي پور هينئر زبون آهي سندس پويان زميندار گهڻوڪري سڀ نصير آباد ضلعي انهن  بلوچستان صوبي ۾ رهائش پذير آهن. جيڪب آباد مانجهي پور روڊ تي بهادر پور ڳوٺ آهي، جيڪو بهادر خان ٻڌايو، سندس زماني ۾ چڱو وسيل ڳوٺ هو، بهادر خان 1931ع ۾ وفات ڪئي، اڄ ڪلهه بهادر پور بلڪل ويرانو آهي.دلمراد خان اول کي انگريزن 1858ع واري جنگ آزادي ۾ حصو وٺڻ جي بهاني جلاوطن ڪيو هو، دلمراد خان ان زماني نصير آباد علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو خان قلات جي بادشاهي ۾ هو، انگريزن خان کي ڪمزور ڪري سندس علائقن ۾ اچي وٿاڻا ٺاهيا، خود خان ڳڙهه ۾ اچي ان کي جيڪب آباد بڻايائون، حالانڪه اهو علائقو خان جو هو ۽ انگريزن جي قبضي ۾ ڪو نه آيل هو، پر ڏاڍ سان انهيءَ علائقن تي اثرانداز ٿيا.دلمراد خان کوسو ويچارو سياسي ماڻهو ڪو نه هو، هو کيتي ڪندڙ هڪ ڪامياب زرعي ماهر هو، البته پنهنجي پاڙي ۾ ”هلندر پڄندي “ وارو هو ۽ طبع جو ڪجهه آزاد خيال هو، تنهن سبب سندس ٻه طرفي مخالن انگريزن وٽ چغليون هڻي کيس بغاوت بهاني ملڪ مان نيڪالي ڏياري ڇڏي، سال 1876ع ۾ خان خداداد خان والي قلات هندستان جي وائسراءِ لارڊ لٽن کي جيڪب آباد جو سڄو علائقو ”کز مير “ (ڪشمور) تائين پنهنجي هٿن سان حوالي ڪيو ته دلمراد خان جي فرزند بهادر خان کي به نصير آبادي جي اڀرندڙ طاقتن جي چوڻ تي اتان لڏائي آندو، کيس دلمرادديهه ۾ هڪ فوجي پڙاءِ ۾ نظربند ڪري رکيو، جيڪب آباد کان ڪشمور تائين نڪتل سڙڪن تي هر ڏهن ميلن جي حساب سان فوجي پڙاءَ هيا، چوڪ جي ڳوٺ سامهون رستي تي به هڪ فوجي ڪيمپ هوندي هئي،منهنجي يادگيريءَ ۾ به انهيءَ ڪيمپ جون ڪي اڏاوتون ۽ کٻڙن جا وڏا وڻ بيٺل نظر ايندا هئا. انگريز بهادر خان کي ٻه ٽي سال ڪيمپ ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو، کيس بهادر جي اوس پاس ديهن ۾ زمين به ڏني. بهادر خان فوجي تحويل مان رهائي بعد بهادر پور نالي ڳوٺ ٻڌي زمينداري ڪم ۾ لڳيويو، محنتي ماڻهو هو بعد ۾ گهڻي زمين هٿ ڪري ورتي هئائين، زمينن تي ڇڪڙي نموني بيل گاڏي تي چڙهي گهمندو هو، جنهن کي ڀلا ڏاند ڇڪينداهئا، اپر سنڌ ۾ انهيءَ طرز جي سواري فقط بهادر خان وٽ هئي، بهادر خان پنهنجي سجع هن ريت لکائي هئي ”بهادر فقير مدد دستگير “  ان زماني ۾ وڏن ماڻهن ۾ سجع ٺهرائڻ جو رواج هو، بهادر خان سخي هو، ڇڪڙي ۾ هڪ ٻه همياڻيون، چاندي جي رپين جون رکي هلندو هو، غريب غربي کي واٽ ويندي خيراتون ڏيندو هلندو هو، سندس ڇڪڙي پويان هڪ ٻه ڪمدار گهوڙن تي سوار ٿيل ڪڍ هوندا هيس، بهادر خان هڪ دفعي پير سائين پاڳاري ”سورهيه بادشاهه “جي به دعوت ڪئي هئي، پر سائين تنهن زماني ڊگهي ڳوٺ مان شادي ڪئي هئي، سندس سفر ”محفه “ تي ٿي هئي، جنهن کي ماڻهو کڻندا هيس، هزارين حُر سندس جماعت ۾ گڏ هيا، رات جو بهادر پور رهيا هئا، بهادر خان پنهنجي چئني پٽن جي پهراڻن جي جهولي ۾ هڪ هزار روپيا چاندي وارا وجهائي حضرت پير سائين سورهيه بادشاهه جي عقدس ۾ نظرانه طور پيش ڪرايا هئا، چون ٿا ته هڪ دفعي  حضرت حافظ الملت ”مالڪن جن “ حافظ محمد صديق صاحب رحمت الله عليه پرچونڊي شريف وارن جي دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ جماعت جي گهوڙن لاءِ پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيل جوئر پيش ڪيائين ته جيئن جماعت جا گهوڙا گاهه کائي ڍؤ ڪن.حضرت حافظ صاحبه عليه رحمت کي عرض ڪيائين ته قبلا! ”ٻادو“ جي زمين ڪمشور تائين آهي، جاٿي به ٻادو جي زمين ۾ گاهه هجي اهو لنگر جي گهوڙن لاءِ هميشه واسطي نظرانو آهي،حضرت صاحب  جن بهادر خان کي دعا ڪئي، سو اڄ به بهادر خان سان تعلق رکندڙ خاندان خوشحال آهن، بهادر خان جو ذڪر انگريزن 1907ع جي گذيٽئر ۾ چڱن اکرن ۾ لکيو آهي. هن کي زرعي ماهر ڪري سڏيو اٿن وغيره وغيره. بهادر خان جو وڏو فرزند خان بهادر دلمراد خان پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ ئي وڏي اثر وارو بڻيو، ميونسپالٽي جو صدر ۽ ضلع لوڪل بورڊ جو ناميارو ميمبر هو، هڪ دفعو 1921ع ۾ ساڻس چيئرمين شپ لاءِ ڏاڍو مقابلو ٿيو، ان زماني ۾ وٽس ڪو ڪامورو رهندو هو ۽ سڄو خرچ سندس کائيندو هو، سرڪاري طرح اهو اداري جو ميمبر هو، ان زماني  ۾ خان بهادر جي مخالف اميدوار کان ٽيهه هزار روپياوٺي کيس ووٽ ڏنو هيائين، اهو پهريون ڀيرو جيڪب آباد ۾ مثال ٿيو جو پئسا وٺي ڦري وڃڻ جو رواج ٿيو، سالن پڄاڻان ڊسمبر 1946ع ۾ صوبائي اليڪشن ۾ خان بهادر دلمراد خان

جي فرزند خان صاحب سهراب خان سرڪي کان 16 ووٽ وڌيڪ ڏيکاري ڪاميابي حاصل ڪئي، سڄي سنڌ ۾ فقط اها سيٽ مسلم ليگ هٿان وئي، خان صاحب سهراب خان اليڪشن پٽيشن وڌي جيڪا جاندار هئي، پر 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيڻ سبب سموري ڪارروائي ختم ٿي وئي.بهادر پور سرڪل ۾ سڄي ايراضي گهڻو ڪري کوسن جي زميندار هيٺ هئي، ان زماني جا کوسا مدرسن يا مڪتبن جا پڙهيا ڪو نه هيا، مگر مذهب کان بي خبر ڪو نه هيا، مدد پور، زنگي پور، بهادر پور، ڪوٽ جنگو ۾ ان زماني نهايت عاليشان وڏيون مسجدون قبائين نموني جون ٺهيل هيون، اهڙين مسجدن جو ٺهڻ ٻڌائي ٿو ته کوسا دين جي خدمت ڪندڙ ”مخير ماڻهو“ هئا.

ڳوٺ ڪريم بخش کوسو جو احوال:

بهادرپور سرڪل ۾ کوسن جي جاماڻي ”سردار خيل“ پاڙي ۾ هيبت خان ٿي گذريو، جنهن جو قبو قادرپور ۾ آهي، ان جي زمين ستر هزار جريب تعلقه ٺل ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ هئي، موجوده وقت ۾ سندس خاندان وٽ ست هزار کن جريب زمين وڃي رهي آهي، ڪريم بخش خان کوسو سندس فرزند، ڳوٺ ٻڌي اچي رهيو، ڪريم بخش ڳوٺ هڪ وسندڙ ۽ بازار ڀريل ڳوٺ ٿيو، هندو تمام گهڻا اچي ڪاروبار  ڪرڻ لڳا، ابتدائي دور ۾ ته سندن گهر به اتي هيا، انهيءَ ڳوٺ ۾ هندن پنهنجي مڙهي به ٺهرائي هئي، جيڪا ڏاڍي سهڻي نموني ٺهيل هئي، سندس فرش ٽائليس سان سينگاريل هو ۽ مهاڙي ڪاشي جي سرن سان سنواريل هئي، هندن جو وڏو اوج هو، ڳوٺ جا زميندار نيڪ نمازي ۽ حاجي هيا پڻ پڪا مسلمان به هيا ته انهيءَ هندو زمين کي اسلامي احڪامن موجب پورو پورو تحفظ فراهم ڪيو، ڳوٺ ڪريم  بخش جا هندو گهڻو ڪري ڇٽر ڦلجي ۽ ڀاڳ جي طرف کان آيا هئا، بلوچستان جا باشندا هيا، سندن مٽي مائٽي به انهيءَ طرف هئي، ”ٻروچڪي کلي “ مان پاڻي پيئڻ سبب ڏاڍا ڏنگا هوندا هئا، ڪريم بخش ۾ جيڪو مشهورڌاڙو 1934ع ۾ ڌاڙيل رحمان بروهي هنيو اهو به هڪ هندو جي چرچ ۽ ڏس پتي تي لڳو هو، اپر سنڌ ۾ اهوپهريون واقعو ٿيو هو، ان کانپوءِ ٻهراڙيءَ مان واپار کي هندو سوڙهو ڪرڻ لڳا، مان سنه 1938ع ۾ ڪريم بخش ڳوٺ پهريون ڀيرو ويو هوس، ان وقت به هندو دڪاندار گهڻا ڏٺا هيم، فالودو مٽيءَ ۾ وڌل ۽ ٿڌو ٿيل فالودو به مون اتي کاڌو هو، ان ڌاڙي کانپوءِ  ڳوٺ جي حفاظت لاءِ باقاعده پوليس ٿاڻو به لڳو هو، پر جڏهن پاڪستان ٿيو ته واڻيا موٽي پنهنجي ماڳن ڏانهن هليا ويا، هاڻي به جيڪب آباد شهر جي هندن جون مائٽيون بلوچستان جي ڇٽر، ڦلجي، ڀاڳ  ناڙي جي هندن سان آهن، هتان جو هندو بلوچستان جي ماحول سبب عام هندو کان زياده دلير آهي.

ڪريم بخش ڳوٺ سڙڪ جي ڪناري آهي، قطب دوران سيد العارفين حضرت حافظ الملت حافظ محمد صديق عله رحمت ان وقت پراڻي جنگو کان نئين جنگو انهيءَ سڙڪ سان ايندا ويندا هيا، هڪ دفعي سوير اٺ تي چڙهيون ڪريم بخش وٽان لنگهيا ته ان وقت هڪ واڻيو به ٻهراڙي جي دستور مطابق جهنگ جي خيال سان نڪتو وڃي رهيو هو ته حضرت صاحب تي ديد پئجي ويس ۽ حضرت صاحب جي به ”نظر ڪيميا اثر“ مٿس پئجي چڪي هئي، واڻيو ته حاجت پوري ڪري گڏون ۽ ڏندڻ سان واپس وريو، سالن پڄاڻان واڻيي جا آخري ڏينهن آيا، سڪرات سان ساهه هلڻ لڳس ته هندو ٻانڀڻ کي وٺي آيا  ته کيس رام رام چواڻي مهراج آيو، سڏ ڪرڻ لڳس ته ڀائي ڀڳتا رام، رام رام چئو، ڀائي جون اکيون بند هيون، گهڻن سڏن بعد اکيون کولي چوڻ لڳو ته مهراج رام رام ڪيئن چوان هو اٺ وارو بيٺو آهي، جيڪو چوي ٿو ته ڪلمو پڙهه ڀائي مان ته ان ڏينهن ڏسڻ سان ڪلمو پڙهيو هوم، هاڻي به ڪلمو پڙهان پيو، مرڻينگ مهتي ڪلمو پڙهي پساهه پورا ڪيا.

نگاهه مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين.

اها هئي مرد مومن جي نگاهه، جنهن ڪراڙ جي قسمت ئي ڦيرائي ڇڏي، ٺل علائقي ۾ پهريائين ذڪر فڪر جو دستور حضرت حافظ صاحب جن جي ذريعي پيدا ٿيو پوءِ سندن خليفن انهيءَ سلسلي کي گهڻو اڳتي وڌايو، ڪريم بخش ڳوٺ ۾ حضرت صاحب جن جي وصال بعد سندن خليفه اول حضرت مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جي آمد رهي، ان سان گڏ امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب به ايندو هو، ڪوٽ جنگو ۽ چوڪ جون عاليشان مسجدون ان زماني ۾ حضرت حافظ الملت سيد العارفين عليه رحمت جن جي ارشاد مطابق سندن خليفن ٺهرايون.

ويٺل ساڄي کان: خان بهادر دلمراد خان کوسو، محمد خان

سٻايو، سردار نور محمد خان گولو، سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسو، ڪمشنر سنڌ، نامعلوم، ايڇ ٽي ليمبرڪ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد،ميمبر لوڪل بورڊ، سردار بهادر محمد بخش خان شيخ، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪنڌڪوٽ، هندو ميمبر، بيٺل: نامعلوم، خان صاحب سهران خاب سرڪي، محمد حيات خان استو، جمنو مل، نامعلوم، نامعلوم،آدم خان پنهور، هندو ميمبر، عبدالحڪيم خان شيخ 1932ع. غالباً 1895ع ۾ اهي مسجدون جڙي راس ٿي چڪيون هيون.1900ع جي شروع ٿيڻ کانپوءِ سياسي تحريڪون شروع ٿيون هيون، اول ”خلافت تحريڪ “ شروع ٿي پوءِ ”هجرت تحريڪ“ شروع

ٿي، مولانا عبيدالله سنڌي صاحب غالباً 1913ع ۾ ڪابل روانو ٿي ويو، سندس سفر جي ابتدا ڳوٺ ڪريم بخش کان ٿي، حضرت امروٽي صاحب جي جماعت جا ڪي جوان سندس ساٿي بڻجي کيس بلوچستان کان سرحد ٽپائي وڃڻ ۾ مددگار ٿيا، ڪريم بخش ڳوٺ به ” تحريڪ خلافت “ ۽ ”تحريڪ هجرت “ جو مرڪز هو، ڪريم بخش خان پڙهيل ”ملان طبع “ انسان هو، سندس فرزند محمد اسحاق خان ڀرچونڊي شريف جانقاهه وارو لباس پائيندو هو.

ڪريم بخش ڳوٺ حضرت مولانا امروٽي رحه ۽ امام انقلاب حضرت سنڌي رحه جي قدمن جو  مرڪز هو، سندن انقلابي ۽ اسلامي حريت جي جوش سبب صحبتي ماڻهن ۾ مجاهدانه جذبه جاڳي پيا، منهنجو والد بزرگوار ۽ سندس چاچو حاجي عظيم خان ”تحريڪ هجرت “کان متاثر ٿي وطن ڇڏي ڪابل ڏانهن روانا ٿي ويا پر اتي پٺاڻن جي غير همدردانه ۽ ناروا سلوڪ سبب مايوس ٿي موٽي آيا، حقيقت ۾ افغانستان جو فرمانروا اندروني طور انگريزن وٽ وڪا۾ل هو، اڳتي هلي هو حضرت مولانا عبيداله سنڌي لاءِ به ڏاڍو ڏنگو ثابت ٿيو هن جوءِ ۾ حضرت حافظ الملت مالڪ جن رحمت الله عليه ڏاڍو فيض رسايو هو، ڪيترا ماڻهو ذڪر ۽ فڪر جا مالڪ بڻيا، تمام جماعت جي ماڻهن ۾ بعد از مغرب ۽ تهجد وقت ذڪر جي تسبيح پوري ڪرڻ جو ذوق پيدا ٿيو، ڪيترن جي قلب مان ذڪر جو آواز نڪرندو هو، خليفو دلمراد کوسو انهن ان هڪ هن تر جو فقير هو، جنهن چوڪ جي جامع مسجد تيار ڪرائي، ان مسجد شريف لاءِ پاڪ بدن ۽ وضو سان ڪچيون سرون وڌيون ويون، ذڪر الاهي سان کورو پچايائون ۽ ذڪر سان سرون کڻي مسجد شريف جي اوساري ڪيائون، اهڙي طريقي سان اها مسجد شريف جڙي راس ٿي، اڄ به سئو سال گذرڻ بعد نئين نڪور ڏيکاءُ ڏيون بيٺي آهي.

طاب الله ثراه و جعل جنته مثواه

ڪوٽ جنگو جي مسجد وڏيرڪي پئسي سان جڙي ته اڄ تمام خسته حالت ۾ آهي، حاجي محمد هارون صاحب جڏهن جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته هن مسجد سڳوري جي مرمت لاءِ ٻه لک روپيا  منظور ڪيا پر ڪنهن ۾ به همت نه ٿي جو اهي پيسا ڪتب آڻي خدا جي گهر جي مرمت ڪرائي، جنگو ڳوٺ مان جنگواڻي کوسا لڏي وڃي پنهنجن زمينن تي ڌار ڳوٺ ٻڌي ويٺا ان ڪري ڳوٺ جي وسند به ختم ٿي وئي، حضرت حافظ الملت رحه جي دور ۾ اهو ڳوٺ تمام وڏو هو، سڀيئي جنگواڻي وڏيرا گڏ ويٺا هيا ۽ حضرت صاحب جن جا به قدم مبارڪ جلدي جلدي گهمندا هئا.

ڪاملن جي قرب ۾ هدايت جي روشني آ.

حضرت حافظ الملت رحه جي دورکان اڳ سنڌ ۾ طوائف الملوڪي  جو دور هو، ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ ئي انگريزن اچي پير کوڙيا، واپار جي بهاني سان سنڌ سڄي جي سڃاڻپ ڪري ويا، ڪمپني بهادر جي نالي سان واپار جو ڍونگ ڪيائون، شڪارپور ۾ تنهن زماني ۾ ٽن حڪومتن جا نمائندا رهندا هيا، ٽالپرن درانين ۽ خان قلات جا نمائندا رهندا هيا.1834ع ڌاري کوسن جو سردار رحيم خان کوسو، ٽالپري گورنر سيد ڪاظم شاهه سان گڏ کرڙي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو، اڳي به ڪلهوڙا دور ۾ ميان غلام شاهه، کوسن جي سردار جعفر خان کي شهيد ڪرايو هو، حاڪمن جي انهيءَ بي رخي سبب کوسا  تمام بدظن ٿيا ۽ پاڻ کي غير محفوظ سمجهيائون، انگريزن به هتي اثر پيدا ڪيو.

سو کوسن جي سردار قادر بخش خان انگريزن جو ساٿ ڏنو ۽ ساڻس تعاون ڪيو، کوسا اصل کان سياسي ۽ فوجي ماڻهو هيا، ٻڪرار يا ريڍار قسم جا ماڻهو نه هيا، نه ڪي ”دز د لنگا“ هيا، کيتي تي گذارو ڪندا هيا، انگريزن کين پنهنجي فوج لاءِ موزون سمجهي ڀرتي ڪيو، کوسا اهي سمجهي ويا هيا ته ڪي ٽالپرن جي حڪومت ۾ ڪو دم خم آهي، نڪي ڪابلي پٺاڻن وٽ پختگي آهي نه وري خان قلات جو هتي ڪو مضبوط قبضو آهي، انگريزن جا پير پختا ٿيندا وڃن ٿا، آئنده واري سياسي طاقت انهن انگريزن وٽ اچڻي آهي، سو کوسا سردار ۽ سندس خيل جي ماڻهن انگريزن وٽ فوج ۽ پوليس ۾  ڀرتي ٿي پنهنجي لاءِ تحفظ جو بندوبست ڪيو، 1834کان 1910ع تائين اهو سلسلو رهيو، ان بعد جڏهن حضرت مولانا امروٽي عليه رحمت ۽ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي عليه رحمت ڳوٺ ڪريم بخش اچڻ وڃڻ لڳا ته سندن انقلابي اثر کوسن جي جاماڻي خاندان مان ولياڻي پاڙي تي اڍو ٿيو، اڳتي هلي خان محمد امين خان کوسي جهڙو انقلابي پيدا ٿيو، جنهن مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي جلاوطني ختم ڪرائي انگريزن جون پاڙون پٽڻ لاءِ جوڳو طريقو ڪيو.

حضرت سنڌي 1913ع ۾ ڪابل ويا ۽ غالباً مارچ 1939ع ۾ واپس وطن جا وڻ ڏٺائون ۽ 1944ع ۾ وفات ڪيائون، سنه 1947ع ۾ انگريزن به هندستان مان پنهنجا ٽپڙ ٻڌا، انگريزن مولانا جي حڪمت عملي جي سٽ ڪا نه جهلي، نوي سالن اندر هندستان کي آزادي ڏنائون.مولانا جي مرقد تي انوار الاهي جاري  و ساري آهن.

پاڪستان ۾ هڪ دفعي جرمن مان ڪو وفد آيو هو ان وفد جي هڪ ميمبر معلوم ڪيو ته مولانا جي قبر کيس  ڏيکاري وڃي، هو دين پور شريف پهچي مولانا جي قبر تي پنهنجي ٽوپي لاهي گهڻي دير تائين خاموش بيٺو رهيو، بعد ۾ اخباري دنيا تي واضح ڪيائين ته هن مرقد نشين مجاهد جا جرمني ملڪ تي وڏا احسان آهن، سندس ئي پروگرام تي عمل ڪرڻ سان جرمن قوم زنده رهي آهي

ڪريم بخش ڳوٺ کان اتر ۾ ڪوٽ جنگو جو احوال:

      کوسن جي بکراڻي پاڙي جي جنگواڻي شاخ جو جنگو خان کوسو پراڻي جنگو مان نئون جنگو ڳوٺ  ٻڌايو، جتي هن هڪ  عاليشان مسجد جوڙائي، جيڪا اڄ  خسته حالت ۾ ڪلر کاڌل بيٺي آهي، جنگو خان وڏو زميندار هو، آسوده حال هو، حضرت ڀرچونڊي شريف وارن جي جماعت جو خادم هو، جماعت واسطي سندس ڳوٺ مرڪزي منزل جي حيثيت رکندو هو، نئين دور ۾ جنگواڻين جا  ڪي جوان ولايت پڙهي آيا پر سرڪاري عهدن تي ڪو نه اچي سگهيا، هينئر آبادڪاري ۾ رڌل آهن، باقي جنگو خان جا پوٽا ۽ پڙپوٽا ڊاڪٽري ڌنڌو ڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com