سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :7

3. جيڪڏهن ’رِڇَ‘ اسم کي اسم رکي، ’ماڻهو‘ اسم کي ضمير ۾ ادا ڪرڻو پوي ته هيٺيان جملا ٺاهي سگهبا. هنن مان به ڪي وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندا ۽ ڪي گهٽ.

        3. الف: جنهن ۾ رڇ فاعل هجي: (12 ممڪن جملا)

ضمير جي الڳ حيثيت قائم

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

1.رِڇَ هُو ڦٽيو.

2. هُو رڇَ ڦٽيو.

3. ڦٽيو رڇَ هُو.

4. ڦٽيو هو رِڇَ.

5. رڇَ هن کي ڦٽيو.

6. هن کي رڇَ ڦٽيو.

7. ڦٽيو رڇَ هن کي.

8. ڦٽيو هُنَ کي رِڇَ.

 

ضمير جي ادائگي فعل ۾ تصريف سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

9. رِڇَ ڦَٽيُس.

10. ڦَٽِيُس رِڇَ.

11. رِڇَ کيس ڦٽيو.

12. کيس رڇَ ڦٽيو.

13. ڦٽيو رڇ کيس.

14. ڦٽيو کيس رِڇَ.

3. ب: جنهن ۾ رڇ مفعول هجي (12 ممڪن جملا)

1_ ضمير جي الڳ حيثيت قائم

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

1. رِڇُ هُنَ ڦٽيو.

2. هُنَ رِڇُ ڦٽيو.

3. ڦٽيو رِڇُ هن.

4. ڦٽيو هُن رِڇُ.

5. رِڇَ کي هن ڦٽيو.

6. هُنَ رڇ کي ڦٽيو.

7. ڦٽيو رڇ کي هُن.

8. ڦٽيو هُنَ رِڇَ کي.

 

2_ ضمير جي ادائگي تصريفن سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

9. رِڇُ ڦٽيائين.

10. ڦٽيائين رِڇُ.

11. رڇَ کي ڦٽيائين.

13. ڦٽيائين رِڇَ کي.

4. هاڻي جيڪڏهن رڇ اسم ۽ ماڻهو اسم ٻنهي کي ضميرن ۾ ادا ڪرڻو پوي ته:

4. الف: جنهن ۾ رڇ فاعل هو: (11 ممڪن جملا)

 

1_ ضميرن جي الڳ حيثيت قائم

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظن سان

1. هِن هُو ڦٽيو.

2. هُو هِن ڦٽيو.

3. ڦٽيو هِنَ هُو.

4. ڦٽيو هُو هِنَ.

5. هِن هُن کي ڦٽيو.

6. هُن کي هِن ڦٽيو.

7. ڦٽيو هِن هُنَ کي.

8. ڦٽيو هُن کي هِنَ.

 

2_ ضميرن جي ادائگي تصريفن سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

9. ڦٽيائينسِ.

10. کيس ڦٽيائين.

11. ڦٽيائين کيس.

4. ب: جنهن ۾ رڇ مفعول هو: (11 ممڪن جملا)

(ساڳئي مٿئين انداز ۾ جملا ٺهندا، پر جيڪڏهن عدد، جنس يا شخص مختلف هوندا ته وڌيڪ بامعنيٰ فرق ظاهر ٿيندا).

        اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ هڪ قسم جي لاڳاپي، ساڳئي زمان، ساڳين عددن، ساڳين جنسن سان حساب لڳائبو ته جتي سنڌيءَ ۾ 88 صورتون ممڪن آهن، اتي اردوءَ ۾ صرف 12 صورتون ممڪن آهن، ۽ انگريزيءَ ۾ 5 صورتون ممڪن آهن. اهو ڪرشمو تصريفن ۽ ڪارجي لفظن جو آهي. (نسبت ٺهي 88:12:5 جي).

هتي ڏٺوسين ته جڏهن ڪنهن فاعل يا مفعول لاءِ ضمير استعمال ٿي رهيو هجي ته سنڌيءَ ۾ ان ضمير کي جملي ۾ قائم رکڻ بدران، گهڻو ڪري ڪيرائي ڇڏبو آهي_ انهيءَ ڪري جو ضمير پڇاڙي اڳئي فعل ۾ موجود آهي. ان جي مقابلي ۾ انگريزيءَ ۾ ڏسندؤ ته اهو ضمير وارو فاعل رڳو هڪ صورت، امريءَ ۾ ڪري ٿو، جڏهن ’تون هيئن ڪر‘ ۾ ’يو‘ (You) جي استعمال جي ضرورت نٿي رهي. ٻيءَ ڪنهن به حالت ۾ ڪهڙو به ضمير ورلي ڪيرائي سگهبو.

جن جملن تي ڊاڪٽر الانا صاحب اعتراض ڪيو آهي، انهن مان هڪُ آهي:

”اٿيو آهيان ننڊ مان...“

ڊاڪٽر الانا صاحب جن چون ٿا ته هن جملي ۾ فاعل منڍ ۾ هئڻ کپي ها، پوءِ مفعول ۽ ان کان پوءِ فعل. ’ننڊ مان‘ جو فقرو فاعل به ڪونهي ته مفعول به ڪونهي، اهو جري فقرو (prepositional phrase) آهي، ان ڪري ’ننڊ مان‘ کي جيڪڏهن جملي جي اڳيان آڻبو ته ڊاڪٽر الانا وارو اعتراض رهندو ته جملي ۾ فاعل پنهنجيءَ جاءِ تي ته ٺهيو، مرڳو آهي ئي ڪونه:

”ننڊ مان اٿيو آهيان.“

اڃا به فاعل ڄڻ ته جملي جي شروع ۾ ڪونهي. اهو تڏهن صحيح ٿئي ها، جڏهن چئون ها ’آءُ ننڊ مان اٿيو آهيان يا آءُ اٿيو آهيان ننڊ مان‘.

جيڪڏهن اسان جي ٻولي انگريزيءَ جهڙي ٻولي هجي ها، تاريخ جي ساڳين حادثن مان گذري اڄ تصريفن کان وانجهي، لُنڊي يا ٻُٽي ٿيل هجي ها ته پوءِ اسان لاءِ ’شايد‘ اهڙي ڳالهه لازم ٿئي ها، جنهن ۾ ”اٿيو آهيان“ کان اڳ ”آءُ“ لکڻ ضروري ٿي پوي ها، پر سنڌيءَ جو جيڪو فعل آهي ان ۾ فاعل جي تصريف هميشه آهي، ڪڏهن ڪڏهن منجهس مفعول به آهي ۽ ان هڪ تصريف مان زمان، فاعل ۽ مفعول جي شخصيت (person)، جنس ۽ عدد ۽ حالت سڀ ڄاڻايل هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ هيئن چوڻ صحيح آهي.

ماريو سونسِ (اسان هن کي ماريو.)

ڌڪُ هڻندِيسانءِ. (آءُ (مونث) توکي ڌڪ هڻنديس.)

ڇڏائيندوسانءِ. (آءُ هنن کي ڇڏائيندس).)

هنن جملن ۾ جيئن ته فاعلُ فعلَ جو هڪ تصريفي حصو آهي ان ڪري ’اسان‘، ’آءُ‘، ’مون‘ کي الڳ فاعل جي صورت ۾ لکڻ جي ضرورت ڪانه رهي ۽ نتيجتاً حذف ڪيا ويا. هاڻي، جملي ۾ جڏهن فاعل جي الڳ حيثيت ئي ڪانهي ۽ (گهڻو ڪري مفعول جي به الڳ حيثيت ڪانه رهي) ته پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهبو ته روزمره گفتار جي ٻوليءَ جي هر جملي ۾ پهريائين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو، پوءِ مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو.

اهڙي قسم جا جملا جيڪي ڊاڪٽر الانا صاحب جي ’فاعل _ فعل‘ يا ’فاعل _ مفعول‘ واري قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪري لکيا ٿا وڃن، نه رڳو شاهه جي ڪلام يا عام ڳالهايل ٻوليءَ ۾ ملندا، پر چڱن لکيل پڙهيل ماڻهن جي لکڻين ۾ به ملي سگهندا. انهن جملن ۾ ائين نٿو ٿئي جيئن ڊاڪٽر صاحب چاهي ٿو ته: ”عام سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ موجب ڪنهن به جملي ۾ پهرين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو آهي ۽ ان کان پوءِ مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو آهي.“ (49)

اچو ته هنن جملن ۾ ڏسون ته فاعل پنهنجي جاءِ ڪهڙي هنڌ وٺي بيٺو آهي:

1. ”ڪنهن خادم جي هٿان چوائي موڪليائين ته ڀلائي ڪري ڪو پاڻيءَ جو ڪوزو مون کي ڏياري موڪليو.“(50)

(يعني هُنَ ڪنهن خادم هٿان چوائي موڪليو ته اوهان ڀلائي ڪري....)

”جنهن خاندان سان دوستي ٿيس ته وري ڪانه ٽوڙيائين.“ (51)

(يعني: هن جي دوستي جنهن خاندان سان ٿي ته هُن وري اها دوستي ڪانه ٽوڙي)

        هنن ٻنهي جملن ۾ ڏسو ته ڊاڪٽر صاحب جي مرضيءَ جي خلاف فاعل پنهنجا مورچا ڇڏي ڪيئن وڃي فعل جي گهر ۾ لڪا آهن.

3. ”ساري عمر مرحوم جي اها حالت رهي.“ (52)

        (مرحوم جي اها حالت ساري عمر رهي.)

        4. ”اٺهتر ميل جي ڊسچارج وٺڻ لاءِ مون کي اختياري هئي.“ (53)

        (اٺهتر ميل جي ڊسچارج وٺڻ جي اختياري مون کي هئي.)

هنن ٻن جملن کي ڏسي فيصلو ڪريو ته فاعل ڪهڙا آهن ۽ ڪٿي ڇا ويٺا ڪن؟

وري هي چار جملا پڙهي هر هڪ ۾ ڏسو ته فقير فاعل آهي يا مفعول ۽ پنهنجي مورچي ۾ ويٺو آهي يا پرائي ۾:

5. ”فقير کي ٽي تهجد ڪرڻ گهرجن.“ (54)

6. فقير کي ٽي مانيون ڏنيون سين. (اسان ٽي مانيون فقير کي ڏنيون)

6. فقير کي ٽي تهجد ڪندي ڏٺم. (مون فقير کي ڏٺو، فقير ٽي تهجد ڪيا.)

8. فقير ٽي تهجد ڪيا.

خود ڊاڪٽر الانا صاحب معياري ۽ لاڙي اچارن بابت لکيو آهي، جن ۾ فاعل حذف ٿيل آهي ۽ جملو فعل کان شروع ٿئي ٿو يا فاعل حذف آهي ۽ جملو مفعول کان شروع ٿئي ٿو. (55)

ڏسين ٿو  = آءُ توکي ڏسان ٿو. (ڏِسئين ٿو)

ڏسين ٿو = تون ڏسين ٿو.

ڏسني ٿو (يا ڏِسَنِي ٿو‘) = هو توکي ڏسي ٿو.

گهر اڏرايو مانس = (مون هن کان گهر اڏارايو.)

اهڙيون ترڪيبون فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ به آهن، جن ۾ جدا فاعل حذف ٿيل آهي. فاعل جو اظهار رڳو تصريف سان ٿئي ٿو، جيڪا فعل کي لڳل هوندي آهي، ان ڪري عموماً مفعول سان جملو شروع ٿيندو آهي:

1. حيلت آن ساخت که چون گريزد

اٽڪل اها ڪيائين ته ڪيئن هٽي (يعني هن اها اٽڪل ڪئي ته ڪيئن ڀڄي.)

طبيبي از سامانيان راصلت نيکوداد،

        ويڄ هڪڙي سامانين جي کي صلو (بدلو) ٺاهوڪو ڏنائين

پنج هزار تومان،        پنج هزار تو مان

ومراورا دست گرفت    ۽ انهيءَ جو هٿ ورتائين

و عهد کرد     ۽ ٺاهه ڪيائين... (پوءِ گهوڙي تان ڪري بيماريءَ جو منهن ڪيائين)

وبہ پرسش امير آمد.“ (52)

        ۽ پڇا لاءِ امير آيو.

فاعل _ مفعول جا پوئلڳ هوند لکن ها:

”هُن اٽڪل اها ڪئي ته هو_ پاڻ ڪيئن هٽي. هن سامانين جي هڪڙي ويڄ کي ٺاهوڪو بدلو ڏنو، پنج هزار تو مان _ ۽ هن سندس هٿ ورتو ۽ هُن ساڻس معاهدو / ٺاهه ڪيو... ۽ امير سندس پڇا لاءِ آيو...“

2. ”پادشاهي  راشنيدم       بادشاهه کي ٻڌم

}مون هڪ بادشاهه جي نالي ٻڌو ته هن هڪ قيديءَ جي مارڻ جو حڪم ڪيو.{

بکشتن اسيري اشارت کرد“ (57)

        (ته) مارڻ لاءِ قيديءَ جي حڪم ڪيائين

پيره مرد! حالت چطوره!

(عزرائيل پَرئي مڙس کي چيو) ”پريا مڙس حال ڪهڙا اٿئي؟“ يعني تنهنجا حال ڪهڙا آهن.

اگر بازهم ميخواهي   جي اڃا به چاهين (جيڪڏهن

زندهه بماني   تون اڃا به چاهين)

        (ته جيئرو رهين)

حرفي ندارم“.  (ڪو) اعتراض ڪونهيم. (ته مون کي ڪو اعتراض ڪونهي)

(پرئي مڙس چيو:)

”اگر مرا قبض روح نگني      جي منهنجو ساهه نه وٺندين

شکايت را بخدا ميکنم“      (ته) ميار خدا وٽ پڄائيندس.“

عزرائيل هم فوري جانش را

 گرفت عزرائيل به جهٽ ساهه کي ورتو

ورا حتش کرد. (58)   ۽ سُکيس ڪيائين (۽ سکيو ڪيائينس) (58.1)

4. ”اين خانه را مجبور شديم بخريم.... يک خانه رفتيم بخريم بہ صد و چهل هزار تومان ولي هيف کہ يکروز زود تر خريدندش.“ (59)

(هن گهر کي مجبور ٿياسون (ته) وٺون... گهر وياسون (ته) وٺون _ هڪ سؤ چاليهه هزار تومان ۾ _ پر افسوس جو هڪ ڏينهن اڳواٽ خريد ڪري ويَسِ)

ڪتابي انداز ۾ لکبو:

”اسين مجبور ٿياسون ته اهو گهر وٺون... اسين هڪُ گهرُ هڪ سؤ چاليهه تومان ۾ وٺڻ وياسون پر افسوس جو ڪي ماڻهوهڪُ ڏينهن اڳ اُهو گهرُ وٺي ويا.“

5. تَتُ:

هن سڄي بحث ۾ اول ڏٺوسين ته لسانيات جي ماهرن جي ذميداريءَ جون ڪي حدون آهن، ۽ ڳالهائيندڙن کي جاهل ۽ لسانيات جي علم کان اڻڄاڻ سمجهي اهڙا قاعدا قانون مٿن نه مڙهڻ کپن، جيڪي ڌارين ٻولين جي پراڻي زماني جي لکندڙن پنهنجي علمي ڪم مايگيءَ جي زماني ۾ ٺاهيا هئا. لسانيات جي ماهر جو هينئر فرض آهي ته ڳالهايل ٻوليءَ جو مطالعو ڪري، پنهنجي گرامر جو نظريو ان جي مناسبت سان ٺاهي، ۽ ڏٺوسين ته جهيلار جي لحاظ کان ساڳي لفظي ترتيب ۽ اطلاع جا مرڪز الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا، ۽ انهن جي لحاظ کان جهيلار جا مرڪز به بدلجي سگهندا، ۽ وري اطلاع جو مرڪز ڪڏهن ڪڏهن جملي جي اول ۾ اچي موضوع به بنجي سگهندو آهي، جيڪو هونئن عموماً جملي جو موضوع نه هوندو آهي. ان لحاظ کان نه رڳو سنڌي، پر خود انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ به مقصد ادا ڪرڻ لاءِ اهڙي لفظ يا فقري کي جملي جي منڍ ۾ آڻبو آهي جيڪو هونئن جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ ايندو آهي. آخر ۾ ڏٺوسين ته ٻولين کي لازمي نحوي يا گرامري لاڳاپن جي اظهار جا جيڪي وسيلا حاصل آهن (تصريفون، ڪارجي لفظ ۽ لفظي ترتيب) تن مان سنڌي ٻوليءَ کي، تصريفي ٻولي هئڻ ڪري، حرڪت جي جيڪا آزادي حاصل آهي سا اردو ۽ انگريزيءَ کي حاصل نه آهي ۽ تصريفي ٻولي هئڻ ڪري ئي سنڌي ٻولي فاعل _ مفعول _ فعل جي لفظي ترتيب جي پابند نه آهي. انهيءَ لحاظ کان ائين چوڻ غلط ٿيندو ته ”روز مره گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ ۽ ڪهاڻيڪارن جي متعلق ائين چوڻ ته انهن ”جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو آهي“، يا ”سندن وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو رهڻ اشد ضروري آهي“، غير لسانياتي ۽ غير علمي آهي. اهڙيءَ طرح لسانيات جي علم کي عام ماڻهوءَ جي پهچ ۽ سمجهه کان مٿڀرو ”ڪارو علم“ ظاهري ڪري بلومفيلڊ ۽ ڊينيئل جونز (60) جي طلسمي نالن جي هٿيار سان نوجوانن کي هيسائي، کين لسانيات جي علم کان خائف ۽ متنفر ڪرڻ جي برابر ٿيندو.

حوالا ۽ تشريحون

 (1) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج: سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ابتي ٻوليءَ جي دعويٰ“، مهراڻ 1979ع شمارو 2، ص 125.

(2) ساڳيو حوالو: ص 131

(3) ساڳيو حوالو: ص 133

(4) ساڳيو حوالو: ص 138

(5) ساڳيو حوالو: ص 138

(5.1) ساڳيو حوالو: ص 125، 138، 139

(6) Randolph Quirk, Sidney Greenbaum, Geoffrey Leech, Jan Suartvik: A Grammar of Contemporary English. Seminar Press (H.B.J. Longman), London, 1972, p. 946.

(7) ‘Conventional point of view’ –in Charles carpenter Fries: American English Grammar, Appleton Century Croft, New York 1940, p.4.

(8) ‘Scientific point of view’-in Fries, above, p.4.

(9) Noam Chomsky: “Linguistic Theory” in Mark Lester, Readings in Applied Transformational Grammar, Holt, Rinehart & Winston, Inc. (1973, 2nd ed.), p.40-41.

(10) Naom Chomsky, above, p.41.

(11) Noam Chomsky, above, p.41.

(12) D.A. Wilkins: Linguistis in Language Teaching, The Massahusetts Institute of Technology, Cambridge, Mass 1972, p.2.

(13) Wilkins, above, p.10.

(14) Detroit “Free Press: Dec. 9, 1928 as cited in Fries, above, p.2.

(15) W. W. Charters: Teaching the Common Branches, Macmillan, New York. 1924, pp. 96, 98.

(16) Henry Sweet: New English Grammar, Vol I (Oxford, 1891).

(17) Otto Jespersen: A Modern English Grammar, Heidelberg, 1909, I Preface.

(18) Grattan and Gurry Our Living Language: Thomas Nelson and Sons, London 1925, p.25.

(19) H. C. Wyld: Elementary Lessons in English Grammar: Oxford, 1925, p.12.

(20) وِلڪنز، مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ ۽ جوشوا فشمن پنهنجي ڪتاب ۾ الڳ الڳ طرح لکيل ٻوليءَ کي غير فطري ۽ ڳالهايل ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت واري ٿا چون. اڄڪلهه جي لسانيات جي ڄاڻن جو گهڻي ڀاڱي اهو نظريو آهي. ولڪنز چوي ٿو (ص7):

“For the Linguistic Speech is the primary manifestation of Language, and writing in both secondary to it and dependent on it.”

۽ جوشوا فشمن توضيحي لسانيات جي توصيف ڪندي لکي ٿو:

“Its (Descriptive Linguistics’) emphasis is definitely on spoken language, the assumption being that written Language is both derivative and different from natural Language or speech”. Joshua Fishman: Advances in the Sociology of Language, Vol I, Monton, 1971, p. 372.

(21) Wilkins, cited above, p. 10.

(22) ڏسو: ڊاڪٽر غلام علي الانا: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1979ع.

(23) Social dialects or sociolects.

(24) Registers _ “Variety according to use” – M. A. K. Holliday, August Macintosh, Poter Strevens: The Linguistic Sciences and Language Teaching, Longman, London, 1964, Chapter 4, the users and uses of Language.”

(25) ‘Frozen, formal, consultative, casual, intimate’ styles. style is one of the four ‘usage-scales’ of native English:, the other three scales being age, breadth, responsibility: in Martin Joos: The Five Clocks, A Harbinger book, Harcourt, Brace & World, Inc., New York, 1967 (first Edition 1961): p. 11 disting; description in subsequent III, IV & V chapters p. 19-67. Quirk and others call these five styles rigid, formal, normal, informal and familiar.

(26) غلام علي الانا: مهراڻ 2/ 1979ع حوالو اڳ ڏنل، ص 138.

(27) دنيا جي ٻولين جي آفاقي پهلوئن بابت لسانيات جي متعلق اڄ جي هر ڪنهن ڪتاب ۾ جامع يا مفصل احوال هوندو. خاص طرح ڏسو:

a. Roman Jakobson: Child Language, Aphasia, and Phonological Universals, Mouton, the Hague, 1968;

b. Emmon Bach & Robert Harms (ed): Universals in Linguistic Theory, H. R. W. New York, 1968.

(28) جان جارج بورڊي، 1958ع ۾، يونيورسٽي آف ٽيڪساز (آسٽن) مان ”توضيحي سنڌي صوتيات“(A descriptive Sindhi Phonology)؛ نالي ٿيسز لکي پي. ايڇ. ڊي. ڪئي. لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي 1963ع ۾ پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، سندس ٿيسز جو عنوان هو ”هندوستاني سنڌيءَ جو هنديءَ کان متاثر ٿيڻ“ (Acculturation of Indian Sindhi to Hindi) . انهن کان سواءِ يمونا (يمنا) ڪاچرو ۽ احمد صديقي هندي ۽ اردوءَ متعلق يونيورسٽي آف الينوائز ۾ ٽرانسفرميشنل _ جنريٽو گرامر جي نوعيت تي ڪجهه ڪم ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ هندي ۽ اردوءَ جي جهيلار جو تجزيو به ٿيل آهي. هيءَ ڳالهه گرامر جي هتي انهيءَ ڪري ڄاڻايم ته جيئن پڙهندڙن کي خبر هجي ته دنيا ۾ ٻين هنڌن تي گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن جي اسان کي سُڌ رکڻ گهرجي.

(29) جيڪي به سوال ڪير، ڪنهن، ڪيڏانهن، ڪٿي، ڪيئن وغيره جهڙن لفظن سان شروع ٿا ٿين (جيڪي انگريزي ۾ WH سان شروع ٿيندڙ لفظن سان ٿيندا آهن) تن کي ’انفرميشن‘ (اطلاعاتي) سوال چئبو آهي، ڇو جو انهن جي جواب ۾ ڪو اطلاع ڏيڻو پوندو آهي. اهڙا سوال ها _ يا نه وارو جواب نه گهرندا آهن. انهن جي مقابلي ۾ جيڪي سوال انگريزيءَ جي موڊلز يا آگزلري فعلن يا Did، Do وغيره جهڙن لفظن سان شروع ٿين ٿا، تن جو جواب هميشه ”ها“ يا ”نه“ ۾ هوندو آهي؛ ان ڪري انهن کي ها _ يا _ نه سوال چئبو آهي. اطلاع طلب سوالن جي جهيلار جو نمونو ڪرندڙ ٿيندو؛ ها يا نه سوالن جي جهيلار جو نمونو اٿندڙ يا اڀرندڙ ٿيندو.

(30) هيءُ سڄو بحث ڪُوِرڪ ۽ سندس همڪارن جي ڪتاب (مٿي، نمبر ڇهون) جي چوڏهين باب ۾ ڏنل آهي.

(31) کليل ۽ بند ڪلاسن جو بحث مٿي ڄاڻايل ڪُوِرڪ ۽ سندس همڪارن جي ڪتاب (حاشيو نمبر ڇهون) ۾ 44 صفحي کان شروع ٿو ٿئي. کليل ڪلاس ۾ رسمي گرامر جا اسم، فعل، صفت ۽ ظرف اچي وڃن ٿا. هنن کي کليل انهيءَ ڪري ٿو سڏجي جو هن ڪلاس جا لفظ نوان نوان پيا ٺهن، ۽ هڪ جملي ۾ انهن لفظن مان استعمال ڪيل ڪنهن لفظ جي اڳيان پويان ٻيا لفظ وڌائي سگهجن ٿا. جملي ۾ جتي ’ماڻهو‘ لکيل هوندو، ان کي ڦيرائي ’سٺو پوڙهو ٿڪل ماڻهو‘ ڪري سگهجي ٿو. ’اڄ‘ کي ڦيرائي ”اڄ صبح جو ساڍي ستين بجي“ ڪري سگهجي ٿو، پر بند ڪلاس وارن لفظن جهڙا نڪي نوان لفظ ٿا ٺهن، نڪي جملي ۾ آيل انهن لفظن مان ڪنهن کي ٻيا لفظ اڳيان پويان ڏئي وڌائي سگهجي ٿو. انهيءَ گرامر جا حرف تعريف (انگريزيءَ جي آرٽيڪل the, a, an ضمير اشارو، ضمير، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا هن ڪلاس ۾ اچي وڃن ٿا.

(32) ڪُورڪ ۽ سندس همڪارن وارو ڪتاب (حاشيو ڇهون) ص: 945.

(33) ساڳيو حوالو: ص 945.

(34) ساڳيو حوالو: ص 946.

(35) غلام علي الانا: مهراڻ 2/ 1979ع حوالو ڏنل: ص 138.

(36) ساڳيو حوالو: ص 134، 135.

(37) ڪورڪ ۽ همڪار (حاشيو ڇهون): ”مرڪز، موضوع ۽ زور“ جي بحث بابت چوڏهون باب سمورو ڪارائتو آهي (ص 935 کان 972 تائين؛ جهيلار لاءِ  اپنڊڪس (ضمن) II ڏسو. (1032 کان 1052 تائين) Stress, Rhythm & Intonation جي نالي سان سمورو ڪارائتو آهي. گرامر جي ٻين مڙني پهلوئن کي جديد لسانيات جي نقطهء نظر سان ڏسڻ لاءِ هيءُ سڄو ڪتاب مفيد آهي. هن ضخيم ۽ مهانگي ڪتاب جو هڪ جامع اختصار به لانگمن وارن University Grammar of English جي نالي سان ڇاپيو آهي، جنهن ۾ اصل وارن سڀني بحثن جو مختصراً احاطو ٿيل آهي.

(38) ڪورڪ ۽ همڪار: ص 945 کان 950 تائين.

(39) غلام علي الانا: حوالو اڳ ڏنل: ص 135.

(40) ساڳيو حوالو ص 135.

(41) “Grammatical Ideas”- as in Fries (حاشيو ستون) Chapter X.

(42) فريز، مٿيون حوالو (حاشيو ستون): ص 248.

(43) tense جنهن کي زمان چئجي ٿو، گذريل، هلندڙ يا ايندڙ وقت ڏيکاري ٿو. Aspect زمان ۾ ٿيل ڪم جي نوعيت يا انداز جي وضاحت ڪري ٿو ته اهو ڪم لڳاتار (استمراري) (Continuous) نوعيت جو هو، يا غير استمراري: مطلق (perfective) هو يا غير مطلق. ڏسو ڪورڪ ۽ ٻيا ص 90 ۽ اڳتي.

(44) اردو ۽ سنڌي ٻوليون جيئن هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿي رهيون آهن تيئن سنڌيءَ مان فاعل ۽ مفعول کي پڌري ڪرڻ واري تصريفي حرڪت جيڪا رِڇَ ۽ رِڇُ جي زبر ۽ پيش ۾ موجود آهي، سا شهري ڳالهائيندڙن جي ٻوليءَ مان نڪرندي ٿي وڃي؛ ۽ سنڌي، اصل نسل، جي واتان اهڙا جملا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ”ڇوڪرَ انب کاڌو“، يا ”سليم هُن سان گڏ ويو.“ حالانڪه سنڌي ڳالهائيندڙ ’ڇوڪرَ‘ جي ’ري‘ تي زبر، انبَ جي ’بي‘ تي پيش، ’سليم‘ جي ’ميمَ‘ تي پيش، هُن جي ’نون‘ تي زبر، ۽ گڏُ جي ’ڏي‘ تي پيش ڏيندو. (نٿو ڏئي ته سنڌي ناهي). پر سنڌيءَ ۽ غير سنڌيءَ جو سَنڌو ائين وڃي ٽُٽندو. ٻئي طرف ڏسجي پيو ته سنڌ ۾ رهي اردو به پنهنجي اصل صورت کان گهڻو ڦري وئي آهي. انهيءَ جو احوال وري اهڙي ڪنهن هندوستاني مهمان کان پڇجي، جيڪو هتي جي مائٽن سان پهريون دفعو ملڻ آيو هجي. فاعل _ مفعول واري تصريف جي سلسلي ۾، اوهان ڪڏهن ڪڏهن ”بس مين بيڻهه کر جانا“ جهڙا جملا ٻڌندؤ، جنهن ۾ بس جي سين تي حرڪت اچي وئي آهي.

(45) فريز جي ڄاڻايل ڪتاب (مٿي، حاشيو ستون) جو ڏهون باب (The uses of word order) سڄو هن بحث لاءِ ڪارائتو آهي.

(46) فريز ص: 251.

(47) فريز ص 252.

(48) پراڻي انگريزي جي تصريف، انهيءَ زماني ۾ رڳو آرٽيڪل تي پوندي هئي. سنڌي ۾ اهي تصريفون خود اسم ۽ فعل تي ٿيون پون. جيئن ته فعل به تصريف ٿيل هوندو آهي، جڏهن فاعل يا مفعول ضمير هوندو آهي ته ان کي استعمال ڪرڻ يا حذف ڪرڻ  اختياري هوندو آهي.

هو انب نٿو کائي = انب نٿو کائي.

هُنن هِن کي ماريو = ماريائونسِ.

ڇوڪرهن کي ڪُٽيو = ڇوڪرن ڪُٽيُسِ.

(49) غلام علي الانا: حوالو ڏنل، ص 134.

(50) ”رسالهء ڪريمي“ قليچ بيگ، ص 76.

(51) پير علي محمد راشدي: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ (جلد پهريون) سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1973ع،   ص 591.

(52) راشدي: ساڳيو حوالو، ص 428.

(53) محمد صادق ميمڻ: ”تان ڪي ڏونگر ڏوريان“، مهراڻ 2/1979ع _ ص 91.

(54) رساله، ڪريمي: ص 84.

(55) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1974ع، ص 101، آخري مثال ص 79.

(56) گزيدهء تاريخ بيهقي از ابو الفضل محمد بن حسين بيهقي، شرکت سهامي کتابهاي حبيبي، تهران 1347هه (شمسي) ص 159. سامانين جي وزير ابوالمظفر برغشيءَ جي ڳالهه پئي هلي جنهن جڏهن ڏٺو ته ساماني اميرن جو راڄ پوين پساهن ۾ آهي ته رٿ ڪيائين ته ڪيئن آهستي آهستي امير جي نوڪريءَ مان نڪري به وڃي ۽ مٿس ميار به نه اچي.

(57) گلستانِ سعدي.

(58) عروسک سنگ صبور قصه هاي ايراني، جلد سوم: سيد ابوالقاسم انجوي شيرازي، امير ڪبير تهران 1354هه، ص 8. ”پير مرد و عزرائيل“ پوڙهو مرڻ کان نٽائيندو ٿو رهي ۽ عزرائيل کي هر سال ڏٽو ڏيو واپس ڪيو ڇڏي. نيٺ هڪڙي سال پُور پِيُس ته هاڻي مرڻ گهرجي، سو خدا کي چيائين ته ”هن سال آءُ تيار آهيان. عزرائيل اچي ٿو جيڪو اڃا به پوڙهي کي مهلت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر پوڙهو چئي ٿو ته هن سال مارڻ ۾ گيسر ڪيئي ته توتي دانهين ويندس رب وٽ.

(58.1) ميارءَ، ساهُسِ ۽ سُکِيُسِ جهڙا لفظ ڄاڻي واڻي ترجمي کي نباهڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اهڙيون ترڪيبون جيڪي فارسيءَ ۾ ڏسو ته اڃا به آهن، سنڌيءَ مان نڪرنديون وڃن.

(59) ايرج پزشکزاد: ”ننگ بي پولي“ در طنز آوران امروز ايران: تاليف بيزن اسدي پور و عمران صلاحي، انتشارات مرواريد، تهران 2536 (شهنشاهي!) ص 33.

(60) ڊينيئل جونز جو مشهور ڪتاب An Outline of English Phonetics جيڪو 1918ع ۾ لکيو ويو ۽ بلومفيلڊ جو ڪتاب Language جيڪو 1933 ۾ ڇپيو، لسانيات جي بحث ۾ هن وقت رڳو تاريخي حيثيت رکن ٿا. جونز جو ڪتاب هاڻي گمپسن سڌاري ٻيهر ڇپرايو آهي، جونز ۽ گمپسن ٻنهي جي نالي ڀائيواري سان. بلومفيلڊ جو ڪتاب پنهنجي وقت ۾ وڏي انقلابي حيثيت رکندو هو، پر خود بلو مفيد جي شاگردن پوسٽ بلو مفيلڊين ’اسٽرڪچرلزم‘ وارو انقلاب آندو، جنهن جو اثر 1950ع واري ڏهاڪي جي اڳين سالن تائين رهو. گذريل ويهن سالن کان ٽرنسفرميشنل _ جنريٽو گرامر جي نظريي جو راڄ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ڳالهيون نيون ٿي پراڻيون ٿي ويون آهن. يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ هينئر جيڪو لسانيات تي بحث هلي رهيو آهي، سو اڃان ڪنهن ٻئي انقلاب ڏانهن اکيون کڻي نهاري رهيو آهي. بلومفيلڊ ۽ ڊينيئل جونز هاڻي سقراط، افلاطون ۽ دانتي وانگي لسانيات جي ميوزيم (عجائب گهر) ۾ سينگار ۽ تاريخي حوالي جو ڪم ڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com