سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1968ع

مضمون:

صفحو :19

زير تبصره ڪتاب يادگيريون به انھيءَ سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي. ھي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آھي. سنڌي ادبي بورڊ، جيتوڻيڪ سنڌ جي تاريخ، ادبيات ۽ ٻين شعبن ۾ ساراھ جوڳي خدمت ڪئي آھي؛ پر ھي ڪتاب شايع ڪرڻ سان، ھن اداري، واديءَ سنڌ جي تاريخ جي اُن حصي کي نمايان ڪيو آھي. جنھن ۾ وطن فروش ماڻھن، ديس جي دشمنن، غير وطني حڪومتن جي ڇاڙتن جو ذڪر ڪيل ھوندو آهي. ھي ڪتاب ميرن جي نمڪخوار ۽ ان دؤر جي ھڪ نامور واپاريءَ ۽ سياسي جاسوس- سيٺ نائون مل- جي آتم ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھن پنھنجي ڪردار سان گڏ انھن ماڻھن جو به ذڪر ڪيو آھي. جيڪي ظاھري طور اميرانِ سنڌ جا درٻاري ھئا، جيڪي ظاھري طور ٽالپر حاڪمن جا سڄڻ، مشير ۽ دوست ھئا. پر اندروني طور ھو انگريزن جا ڇاڙتا ۽ جاسوس ھئا.

دنيا جي ھر ملڪ ۾ جتي وطن دوست ۽ محب وطن ھستيون ھونديون آھن، اتي ديس جا دشمن ۽ ڌارين جا ڇاڙتا به پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھندا آھن. واديء سنڌ، جتي دودي سومري، ٻاگھل سومريءَ، دولھ دريا خان، مخدوم بلاول، شاھ عنايت شھيد، شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر ۽ ھوشو شيدي جھڙيون جانباز، محب وطن ۽ بيباڪ ھستيون پيدا ڪيون آھن. اتي چنيسر، ڦوڳ، ميان عبدالنبي ۽ سيٺ نائو نمل جھڙا وطن دشمن، ڊڄڻا، خود غرض، لالچي، دوست جي روپ ۾ ٺڳ،  فريبي ۽ دشمن فرد به پيدا ڪيا آھن.

ھن ڪتاب ۾ ھڪ طرف ميرن جي دؤر جي اقتصادي، تعليمي، سماجي ۽ سياسي حالت جو ذڪر ڪيل آھي، ته ٻئي طرف سيٺ نائونمل پنھنجون حرفتون، حرڪتون، سازشون، چالاڪيون ۽ چالبازيون پنھنجن ئي لفظن ۾ پاڻ بيان ڪيون آھن. سيٺ نائونمل ٽالپر حاڪمن جو درٻاري ھو. ھن قبول ڪيو آھي. ته ٽالپر حاڪمن مٿس گھڻيون مھربانيون ڪيون ھيون، ھنن جو مٿس ڪيڏو نه اعتبار ھو- ايتريقدر جو ھو سياسي راز کيس ٻڌائيندا ھئا. ساڻس مشورو ڪندا ھئا: پر ٽالپرن کي اھا خبر ئي ڪانه ھئي ته ھو اندروني طور سندن دشمنن يعني انگريزن سان مليل ھو. ھنن کي خبر ئي ڪانه ھئي ته ڪو سيٺ نائونمل انگريزن جو ڇاڙتو ھو. در اصل ميرن جي شڪست جو وڏو ڪارڻ سيٺ نائونمل ئي ھو.

ھن ڪتاب جي منڍ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو آنرري سيڪريٽري صاحب لکي ٿو:

 

”سيٺ نائونمل لاءِ مشھور آھي ته ھن پنھنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بنائڻ ۾ اھم حصو ورتو. سنڌي ادبي بورڊ، نائونمل جون يادگيريون شايع ڪري، قوم آڏو تاريخ جي ھڪ اھم مسئلي کي پيش ڪيو آھي. پنھنجي تعريف ٻڌي ۽ پڙھي ھرڪو خوش ٿئي، اھو لازمي آمر آھي؛ پر فقط تعريف تي قانع ٿي ويھي رھڻ، پاڻيھي پاڻ سان بي انصافي ڪرڻي آھي. جيسين تصوير جي ٻنھي رخن جو صحيح علم نه ھوندو، تيسين حسن ۽ قبح جي سمجھڻ ۾ لغزش جو امڪان رھندو.“

حقيقت ۾ ھي ڪتاب سنڌ جي ھڪ دؤر جي تاريخ جي حيثيت ٿو رکي، جيڪا آتم ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪئي ويئي آھي.

ھن ڪتاب جو تعارف لکندي ان وقت جو گورنر، سرايوان جيمز لکي ٿو:

”انگريز سرڪار کي ڪيتري وقت تائين سنڌ جي مختلف محدود معلومات رھندي ھئي. ڇاڪاڻ ته ھنن سنڌ جي حڪمرانن سان ڪنھن لاڳاپي قائم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي ھئي. سنڌ پنھنجي جداگانه حيثيت جي ڪري، ٻاھرينءَ مداخلت کان پاڪ ۽ صاف رھي ھئي. ارڙھين صدي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاڙ جي ھڪ مشھور شھر يعني ٺٽي ۾ ڪوٺيون وڌيون ھيون. پر اھي قبل از وقت بند ڪيو ويون. انگريزن جا سفير جڏھن ٽالپرن ميرن جي ويجھو پوڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا ته ھو پريشان ۽ بدظن نظر ايندا ھئا.“

ھو اڳتي لکي ٿو، 1830ع ۾ اھو وقت آيو، جڏھن انگريز سرڪار ھنن جي ملڪ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.

ھو لکي ٿو:

”ھرڪو ماڻھو، جنھن کي به سنڌ جي سرزمين جو ڪجھ اونو آھي، سو سيٺ نائونمل جي ھن خود نوشته احوال کي دلچسپي سان پڙھندو، جنھن انگريز سرڪار جي ھڪ نازڪ وقت ۾ نمايان مدد ڪئي. سيٺ نائونمل جي انھن ڪوششن سان پنھنجيءَ ماتر ڀوميءَ کي آرام، انصاف ۽ سٺي انتظام وٺي ڏيڻ سان گڏوگڏ ظلم ۽ زبردستيءَ کي ھميشه لاءِ ٻُنجي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، جنھن ۾ خود سندس پيءُ به شڪار ٿيو ھو.“

اھڙي طرح ھن جي لکت مان ظاھر آھي ته سيٺ نائونمل ھڪ ڪٽر شخص ھو. ھن ٽالپرن جي حڪومت جي اندروني طور مخالفت مذھبي ڪٽرپڻي ۽ ميرن کان پنھنجي پيءُ جي انتقام وٺڻ لاءِ به ڪئي ھئي. سر ايوان جيمز جي لکت مان اھو به ثابت ٿو ٿئي ته سيٺ نائون مل جي اھا به مراد ھئي ته سنڌ جي ھندن کي مسلمان حڪمرانن جي غلاميءَ جي طوق مان آزاد ڪرائجي، ۽ انھيءَ مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ھن ڪڇ جي مقامي انگريزي سفير ڪرنل پاٽنجر سان 1832ع ۾ ملاقات ڪئي، ۽ پوءِ ان سان دوستيءَ جو ناتو ڳنڍيائين، تنھن کان پوءِ سيٺ نائونمل سر الينگزينڊر برنس سان واقفيت وڌائي ۽ ليفٽيننٽ جان ڪين کي مددون ڪيائين. مطلب ته ھن کي جڏھن به موقعو ملندو ھو تڏھن ڳجھ- ڳوھ ۾ انگريزن جي خدمت ڪندو ھو. اھڙو اظھار خود پاڻ به پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ ڪيو اٿس.

ھو صفحي نمبر 169 تي لکي ٿو:

”مون ڪيپٽن پريڊيءَ سان شڪايت ڪئي ته ڪرنل بائلو شايد مون کي مشڪوڪ نگاھن سان ڏسي رھيو آھي. تنھن تي ھن ڪرنل بائلو کي چيو ته ھي انگريزن جو شيدائي آھي. اسان جو ھن تي اھڙو اعتبار آھي، جھڙو ڪنھن پنھنجي ماڻھو تي ھجي.“

ٻئي ھنڌ ص 173 تي ھُو لکي ٿو:

”مان روز ڏھين بجي صبح جو ڇانوڻيءَ ۾ وڃي حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين حصن جي ماڻھن جي جذبات متعلق خبرون پھچائيندو ھئس، جي مون کي مختلف ذريعن سان ملنديون ھيون.“

سيٺ نائونمل، انگريز عملدارن جي مھربانيءَ مان فائدو وٺي پنھنجن مٽن مائٽن کي مختيارڪاريون ۽ ٻيون اھڙيون اعليٰ نوڪريون وٺي ڏنيون ھيون. ھنن سنڌ ۾ رشوت جو رواج وڌو ۽ پنھنجن مخالفن تي ظلم ڪيا. انھيءَ جو نتيجو اھو نڪتو جو سيٺ نائونمل تي بي ايمانيءَ، ٺڳيءَ خويش پروريءَ ۽ اقربا نوازيءَ جي تھمتن ھيٺ ڪيس ھليو.

ھو صفحي 197 تي لکي ٿو:

”ڪئپٽن پريڊيءَ کي اوچتو حڪم آيو ته مون کي معطل ڪري. ھن مون کي حڪم پڙھي ٻڌايو، ۽ مون اُن کي تسليم ڪيو. ٻن ڏينھن کان پوءِ سنڌ جي جج، ائڊوڪيٽ جنرل ڪئپٽن يگ کان عدالت ۾ تفتيش لاءِ حاضر رھڻ جو حڪم مليو. مان ڪورٽ ۾ حاضر ٿيس. مون کي ويھڻ لاءِ ڪرسي ڏيڻ کان انڪار ڪيائون.“

ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ سيٺ نائونمل ڪوشش ڪري پنھنجي انگريز آقائن کي ساراھڻ ۽ ميرن کي نندڻ جي ھرممڪن ڪوشش ڪئي آھي. ايتريقدر جو مياڻي ۽ دُٻي وارين جنگين کي اھم جڳھ ڪانه ڏني اٿس. ھن ڪوشش ڪري سنڌ جي عظيم سپوت شير سنڌ مير شير محمد خان کي ھڪ رواجي شخص، ڊڄڻو ۽ بزدل بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. حالانڪه ھوڏانھن سر چارلس نيپئر جي ڀاءُ سر وليم نيپئر پنھنجي جڳ مشھور تصنيف ”Conquest of Scinde“ ۾ مير شيد محمد ۽ سندس سپاھي ھوش محمد قمبراڻي جي شجاعت ۽ بھادري ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ صفحا لکيا آھن. حقيقت ته ھيءَ آھي ته سنڌ ۾ گوريلا لڙائي جو بنياد وجھندڙ مير شير محمد ئي ھو. ھن وادي سنڌ جي ماڻھن ۾ آزاديءَ جي جذبي جاڳائڻ لاءِ انگريزنن سان چڪريون کاڌيون، دُٻي واري لڙائي اھڙيءَ ڇتيءَ جنگ مان ھڪ ھئي، پر سيٺ نائونمل ھن لڙائيءَ کي ھڪ رواجي لڙائي بيان ڪندي لکيو آھي:

”مياڻي جي جنگ کان ڏيڍ مھينو پوءِ، ٽڙيل پکڙيل ٻروچ، شير محمد جي جھنڊي ھيٺيان اچي ڪٺا ٿيا ۽ ھن انھن جي مدد سان حيدرآباد کان اٺ ميل پري ٽنڊي الھيار واري رستي تي دٻاري (دٻو) جي ڳوٺ وٽ سر چارلس نيپيئر جو مقابلو ڪيو.“

سڀ ڪنھن کي معلوم آھي ته سيٺ نائونمل جي ھي راءِ ڪيتري قدر نه غلط حقيقت سان ڀريل آھي. دراصل ھيءَ ئي جنگ ھئي، جنھن ۾ ھوش محمد پنھنجن سڀني ساٿين سان، ولولي سان نعرا ھڻندو، شھيد ٿي ويو. ھيءَ جنگ اڄ به سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي قسمت ۾ فيصله ڪن واقعي جي حيثيت رکي ٿي.

سيٺ نائونمل پنھنجي آقائن جي فوجي تنظيم ۽ سپاھين جي بھادريءَ جي ساراھ ڪئي آھي، پر حقيقت ته ھيءَ آھي ته ميرن جي فوج ۾ نائونمل جا ڇاڙتا ۽ وطن دشمن عناصر شامل ھئا، جن کي نائونمل طرفان رشوت طور رقمون ملنديون ھيون. ھن دعويٰ جو ثبوت سر رچرڊ برٽن جي بيان سان ملي ٿو.

ھو لکي ٿو:

اسان کي سرڪاري دفتر مان نه وري ھيءُ زباني معلوم ٿي سگھيو آھي ته ميرن جون توبون ڇو ھوا ۾ گولا وسائينديون ٿي رھيون. نه وري اھو معلوم ٿي سگھيو اھي ته ٽالپرن جي ڪھڙي غدار سردار ميرن جي سوار فوج کي ڀاڄ تي مجبور ڪيو ھو؟ شايد اھو وقت اچي جو مورخ ھنن حقيقتن کي بي نقاب ڪن، ھن وقت جا تاريخ اسان وٽ پيش ڪئي ويئي آھي، سا محض ھڪ افسانو آھي.“

سچ پچ، سنڌي ادبي بورڊ، ھي ڪتاب ڇپائي، واديءَ سنڌ جي نئين نسل تي وڏو احسان ڪيو آھي. ھُو جڏھن ھي ڪتاب پڙھندا، تڏھين کين خبر پوندي ته ڪنھن به تحريڪ ۾ وطن دوست ماڻھن سان گڏ ڪي ڇاڙتا به موجود ھوندا آھن، جيڪي سيٺ نائونمل وانگر اڏوھي بنجي، وطن جي طاقت ۽ طاقتور بازوئن کي اندران ئي اندران کائي ڪمزور بڻائي ڇڏيندا آھن.

ھن ڪتاب جو ٽيون باب سنڌ جي قديم شھرن، بندرن، کارين واھن، ۽ ڍورن جي ھڪ تاريخ آھي، ھن باب ۾ ان دؤر جي تجارت ۽ تجارتي وسيلن جي تاريخ بيان ٿيل آھي. ھن باب ۾ اھو به ڄاڻايل آھي ته ان وقت ميرن جي ھٿ ھيٺ ڪھڙا ڪھڙا ڏن ڀرو، ڄام، ملڪ ۽ سردار ھئا. ھن باب ۾ پس پردھ اھو به بيان ٿي ويو آھي ته ڪيئن نه سنڌ جي سپوٽن، لغارين جاکرن، نومڙين، کوسن، ڪرمتين، بُڙدين  ۽ ٻين قبيلن انگريزين سان چڪريون کاڌيون ۽ تاريخ ۾ سنڌ جو سر اوچو ڪيو.

ھي ڪتاب انگزيري ٻوليءَ مان محترم حنيف صديقي صاحب ترجمو ڪيو آھي. ڊيمي سائيز، سفيد پني تي 280 صفحن تي مشتل ھن ڪتاب جي قيمت ڇھ روپيا آھي. صديقي صاحب ترجمي ڪندي نھايت سليس ٻولي ڪم آندي آھي.

خواجه غلام علي الانا

(ريڊيي پاڪستان جي شڪرئي سان)
 

پير علي محمد راشدي

آديسي اٿي ويا مڙھيون مون مارين

(شاھ)

لطف الله ”جوڳي“ (بدوي) مرحوم

 

[سنڌي ادب جي مشھور اھل قلم ۽ مصنف، شاعر ۽ محقق، پروفيسر لطف الله بدوي، 19 نومبر 68ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي آھي. مرحوم سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندي ساري عمر گذاري ڇڏي پوئين وقت تائين لکندو رھيو، سندس علمي ۽ ادبي ڪم سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھميشه لاءِ امر رھندو. شعر و شاعريءَ کان سواءِ ادب ۽ فن جي ھر صنف تي سندس قلم ھلندو رھيو. ديني ۽ علمي مقالا تاريخ ۽ سير، تحقيق ۽ تنقيد، ناول ۽ افساني، ڊرامي ۽ داستان، بھرحال ھر موضوع تي سندس ڪتاب ۽ مقالا موجود آھن. سندس علمي مقالا ’سنڌو‘، ’توحيد‘، ’نئين زندگي‘، ۽ ’مھراڻ‘ سماھيءَ ۾ سَوَن جي تعداد ۾ شايع ٿيا آھن. ڪتابن ۾ مختلف موضوعات تي ٻٽيھه ڪتاب آھن ۽ اڻڇپيل ذخيري ۾ نَوَاردو مسودا ڇھ فارسي مسودا ۽ تيرھن شعر جا ڪتاب آھن. سندس علمي ۽ ادبي شخصيت لاءِ مشھور اھل قلم جناب پير علي محمد صاحب راشديءَ جو تاثر پيش ڪجي ٿو                                - ادارو.[

جوڳي ويڙا جُوءِ ڇڏي وري اچن سي شال ڙي!

لطف الله بدوي مرحوم ”بدوي“ بعد ۾ بڻيو؛ ان کان اڳ ”جوڳي“ ھوندو ھو منھنجي ساڻس شناسائي جوڳ واري دؤر ۾ ٿي -اڄ کان اٺٽيھه سال اڳ.

آءٌ سنڌ زميندار سکر جو ايڊيٽر ھوس. انھن ڏينھن ۾ سنڌي مضمونن لکڻ وارن جي گھڻي اڻاٺ ھوندي ھئي. منھنجي اھا خاص ڪوشش ھوندي ھئي ته سنڌي مسلمانن ۾ اخباري مضامين لکڻ جي اھليت پيدا ٿئي ۽ اخبار نويسيءَ لاءِ منجھن دلچسپي وڌي ھندن ۾ گھڻائي اھل قلم ھوندا ھئا، اخبار نويسيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڇائنجي ويل ھئا ڄيٽمل پرسرام ۽ لالچند امر ڏنيمل جو خوب ڌاڪو ويٺل ھو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ميدان ۾ اچي ويل ھو. سکر جي شري ويرو مل بيگراج جو قلم ڪھاڙي وانگر ٿي ھليو. ميان جي ڳوٺ، تعلقي شڪارپور ۾ ”سنڌو“ رسالي جو مھتمم مسٽر راجپال مچٽ مچايو ويٺو ھو. ڪراچيءَ مان ”سنسار سماچار“ روزانه اخبار نڪرڻ شروع ٿي ھئي. ان اخبار وارن جو پروگرام ھو ته ھڪ طرف سنڌي زبان تي سنسڪرت کي سوار ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف ھندو اخباري ليکڪن جي ھڪ وسيع جماعت ساريءَ سنڌ ۾ پيدا ڪئي وڃي مقابلته مسلمانن ۾ ان زماني تائين چار- پنج ايڊيٽر ته اٿي کڙا ٿيا ھئا، پر عام علمي، ادبي ۽ سياسي مضمون نگارن جو ڏڪار ھلندو ٿي آيو. اُڙيو ٿڙيو ڪنھن مسلمان جو لکيل مضمون پھچندو ھو ته ان جو مطلب ھن کان مٿي ڪونه ھوندو ھو ته ضلعي جي ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جو ڌيان ھن حقيقت ڏانھن ڇڪايو وڃي ته ”فلاڻي غريب کي حد جا وڏيرا بدمعاشيءَ ۾ ڦاسائڻ جي بيجا ڪوشش پيا ڪن تڪرار جو اصلي بنياد ڪا رن روڳڙي آھي، تنھنڪري نوشيرواني انصاف کان ڪم وٺي، اُنھي جاچ ڪري مظلوم کي وڏيرن جي آزار کان بچايو وڃي“. ان قسم جي ليکن جي گھٽتائي ڪانه ھوندي ھئي. پر ظاھر ھو ته اھڙن مضمونن مان علمي، ادبي ۽ سياسي تحرير جون ضرورتون پوريون ڪين ٿي ٿيون.

انھيءَ زماني ۾ ھڪ ڏينھن مون وٽ ھڪ نوجوان لنگھي آيو ھيئت قدري نياري ھيس سنھو، ڊگھو، وڏيون اکيون، نمايان نڪ مٿي تي گيڙو رنگ جي مشھدي لونگي، جسم تي گيڙو رنگ جو وڳو ڏسڻ ۾ لڄارو گفتگو ۾ سنجيدو نالو ”جوڳي“.

مون پڇيس، اوھان جوڳي ته  آھيو، پر مرلي ڪٿي اَٿوَ؟

کيسي مان پينسل ڪڍي ڏيکاريائين ۽ چيائين ”اجھا ھيءَ آھي اسان جي مُرلي! اھا مرلي وڄائي ته ٻڌايو. ٻئي کيسي مان ھڪ مضمون ڪڍي، منھنجي اڳيان رکيائين: ”اسان جي مرليءَ مان ھي سُر پيا نڪرن!“ مضمون پڙھي ڏٺم اکر سھڻا عبارت وڻندڙ، مطلب صاف، خيال پاڪيزه ھاڻي ياد نه اٿم پر غالباً شعر- شاعريءَ متعلق ھو.

مضمون پڙھڻ کان پوءِ مون راءِ ڏنس ته منجھس مضمون لکڻ جو ڪافي ملڪو موجود آھي، تنھنڪري کيس اھا ڪوشش جاري رکڻ گھرجي. البت اھا صلاح به ڏنيمانس ته شعر- شاعريءَ کان سواءِ ٻين موضوعن تي به قلم آزمائي ڪندو رھي، ڇو ته موضوع گھڻا ۽ سنڌي لکندڙ ٿورا ھئا. ان کان پوءِ مون گھڻي توجھه سان ساڻس گفتگو ڪئي ۽ ڳچ وقت تائين اسان جي ڪچھري جاري رھي، سندس حوصلو ڪافي وڌيو وعدو ڪيائين ته ھو تاريخي ۽ تحقيقي مضامين به لکندو. مون وعدو ڪيس ته سندس مظامين منھنجي اخبار ۾ ضرور شايع ٿيندا رھندا.

اھا ھئي جوڳي صاحب سان منھنجي پھرين ملاقات ۽ سندس مضمون نگاريءَ جي ابتدا بعد جيترو وقت آءُ سنڌي اخبارون ايڊٽ ڪندو رھيس، سندس مضمون ايندا رھيا ۽ ڇپجندا رھيا. پاڻ تحرير جي طرز ۾ تڪڙي تڪڙي ترقي ڪندو ويو، ۽ منھنجي سنڌي اخبار نويسي ختم ٿي. تنھن کان اڳ ھو بطور مضمون نگار وڌي وڻ ٿي ويو ھو. ساڳي ئي زماني ۾ مون مولائي شيدائي صاحب کي به مضمون نگاريءَ جي تحريص ڏني، جنھنڪري ھو صاحب به ريل جون ڳاڙھيون سايون جھنڊيون ڦٽيون ڪري، قلم ڪلھي تي کڻي، لانگ بوٽن سوڌو صحافت جي ميدان ۾ ٽپي پيو. وقت گذرندي ھي ٻيئي صاحب جوڳي ۽ شيدائي سنڌي ادب ۽ صحافت جو سينگار بنجي پيا. مجھن اھي جوھر ڄائي ڄم کان موجود ھئا، پر منھنجي خوشقسمتي ھئي جو انھيءَ جنس جي سڃاڻپ پھريائين منھنجي دڪان تي ٿي.

”جوڳي“ صاحب گھڻن سالن کان پوءِ پنھنجو تخلص ”جوڳي“ بدلائي ”بدوي“ سڏائڻ لڳو پر مون کي ”بدوي“ کان وڌيڪ ”جوڳي“ پسند ھو، تنھنڪري آءٌ پڇاڙيءَ تائين کيس جوڳي سڏيندو رھيس.  ”جوڳي“ سنڌ جي شئي ھئي. ”جوڳي“ سنڌ جي ادب ۽ ڪلچر جو ھڪ رنگين جزو ھو ۽ آھي. جو ڳين کي شاھ صاحب پنھنجي غيرفاني ڪلام ذريعي غير فاني مقام بخشي ڇڏيو آھي. تنھنڪري جوڳين کي ڇڏي مون ’بدوي‘ سڳورن کي تڪليف ڏيڻ ڪانه ٿي گُھري.

ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪھڙا پرين!

ھونئن به ميان لطف الله مرحوم جي بدوين کان وڌيڪ جوڳين سان مناسبت ھئي. جوڳين وانگر سادو نماڻو جوڳين وانگر ئي ڪنھن تي بار ڪانه، جوڳين جي مرليءَ وانگر سندس نغما مٺا ۽ مڌر، جوڳين وانگر ڪم-سوال جوڳين وانگر ضرورتون مختصر، جوڳين وانگر بک ڏک ۾ ھڪجھڙو.

ويا نيرانا نڪري، جوڳي منجهان جُوءِ،

اوسر آجا اوءِ، اُٿي گوندر گڏيا.

آءُ سمجھي ڪونه سگھيس ته بدوين سان سندس ڪھڙي مناسبت ھئي، جنھنڪري پاڻ اھو تخلص اختيار ڪيائين. مون ته سندس ھٿ ۾ نه ڪڏھن تلوار ڏٺي  نه خنجر، نه ڪڏھن قافلو ڪڍندي ٻڌم نه ڪنھن جنگ جي ميدان ۾ وڙھندي ڏٺم. افسوس اھو اٿم ته سندس ’بدوي‘ بنجڻ واري زماني ۾  منھنجي ساڻس ملاقات ٿي ڪانه سگھي نه ته ھوند آءٌ به ڏوراپو ڏيانس ھا.

جوڳي وڏو محقق ۽ عظيم اھل قلم ثابت ٿيو ان کان وڌيڪ جنھن ڳالھه مون کي متاثر ڪيو سا ھيءَ ھئي ته ھو وڏو انسان ثابت ٿيو. انسان ۾ جيڪي خصلتون ۽ خوبيون ھجڻ گھرجن، سي سڀ منجھس موجود ھيون. آءُ نٿو سمجھان ته ھن ھَوس ۽ حيوانيت جي زماني ۾ مرحوم ڪڏھن ڪنھن ساھواري کي ڏکويو يا ڪنھن مالدار اڳيان ھٿ ڊگھو ڪيو، حد درجي جي فناعت ۽ انسانيت سان زندگي بسر ڪندو رھيو. اٿاھه صبر جو صاحب ھو. سندس صاحبزادو، مرحوم پروفيسر بدوي، حادثي جو شڪار ٿي گذاري ويو. مون سمجھيو ته ان صدمي وگھي ھاڻي ھوش حواس وڃائي ويھندو ۽ اھو ڪاپاري ڌڪ ھوس، عمر ۾ پڇاڙيءَ ۾ رسيو ھوس، ساريءَ عمر جي اميدن کي لحظي ۾ لوڙھي ويو ھوس، مگر معلوم ٿئي ٿو ته جوڳي مرحوم ان مقام کي پھچي ويل ھو، جنھن ڏانھن شاھه صاحب ھنن اکرن ۾ اشارو ڪيو آھي:

وڍ سر، ٿيءُ سرھو، مَ ڪي آءٌ مَ ڳاءِ،

جاجڪ تو مٿاءِ، ملڪ مَڙوئي گھوريان.

مان ان حادثي کان پوءِ جون سندس تحريرون به پڙھندو رھيس. مون کي انھن مان ڪابه علامت ڪانه ملي ته ان حادثي ڪري سندس دماغ متاثر ٿيو يا سندس صبر ۽ شڪر ۾ ڪو فرق آيو.

رھن رند رضا تي راضي، گھوٽ پيڙھيا توڙي گھاڻي:

رب ٿو ڄاڻي، عاشقن جا انصاف.

آءٌ انھن ماڻھن مان آھيان، جن جو ھي مشاھدو آھي ته اسان واري دؤر جي مقابلي ۾ موجوده دؤر اندر سنڌ ۾ گھڻا ۽ بھتر اھل قلم ۽ اھل سخن سطح تي اچي چڪا آھن، تنھنڪري آءٌ ھروڀرو ائين ڪونه چوندس ته علم، قلم يا ادبي ڪمال جي لحاظ سان جوڳي مرحوم جي خالي ڪيل جاءِ ٻيو ڪو ڀري ڪونه سگھندو پر ساڳئي وقت آءٌ ھيترو ضرور عرض ڪندس ته جوڳي مرحوم جھڙو انسان شايد وري ڪو ورلي نظر اچي. اھل قلم گھڻا اڀري ۽ اسري چڪا آھن ۽ اڃان به گھڻا اڀرندا ۽ اسرندا رھندا. پر انسانن جي اڻاٺ ھروڀرو  اھل قلم  لاھي ڪونه سگھندا، انسان وڏي شئي ٿئي ٿو. رعب انسان جو پوي ٿو، اھل قلم جو ڪونه ٿو پوي. منھنجي لاءِ ته جوڳيءَ جھڙي عمر جي علمي رفيق جو لاڏاڻو انتھائي ذاتي صدمي جو باعث آھي،

لنگھي پٻ پري ٿيا ڇڏي رڻ رائو،

ڏيئي ڦوڙائو، ويا ويچاري سپرين!

الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. سنڌ ڪھڙا ڪھڙا ماڻھو پيدا ڪيا، ۽ ڪھڙا ڪھڙا ماڻھو منجھائنس لڏيندا پيا وڃن

( روزانو عبرت حيدرآباد جي مھرباني سان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com