سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :12

ڪهاڻي/آتم ڪهاڻي/ليک

(قسط-13 الف)

”سامـِي سـِڄَ وَڙاءُ“

(سلسليوار ناول)

مراد علي مرزا

واهوندن جي مُند شروع ٿيڻ واري هئي. هوا ڪڏهن اُتر جي ٿي لڳي ته ڪڏهن ڏکڻ جي. سياري جا سيءَ جهڪا ٿي ويا هئا. سنڌ جي هن ڏاکڻي حصي ۾ سيءُ ته ڪو ورلي پوندو هو، پر هن ڀيري سيءَ جي ٿڌي لهر ڪٿان ڪا ڊوڙندي آئي ۽ ڊوڙندي وڃي سمنڊ جي گرم لهرين سان ملي هئي.

ٺٽي ننگر مان رواني ٿيڻ کان پوءِ لطيف ڪنهن ڳوڙهي فڪر ۾ ڪنڌ جهڪايو، هڪ پاسي نڪري پيو هو. هو اُنهن پَٽن جو سُونهون ته ڪونه هو، پر تڪيي جو گوڙ، شهرين جي هَنَ وَٺ ۽ ڀَڄ ڀڄان کان بيزار ٿي اُن جُوءِ کي ئي ڇڏي وڃڻ ۾ کيس چڱائي نظر آئي هئي. سندس ذهن ۾ ٽـِمڪو هو، جنهن سبب زمين تي هر ڪا شيءِ لڪل هوندي به پڌري هئي. هوريان هوريان اوڀرپاسي هلڪو هلڪو اُهاءُ ٿيو. آسمان جي ڪاراڻ ميرانجهڙي ٿيندي ٿيندي اڇاڻ ۾ ڦرندي ويئي ۽ گهڻو مٿي ڪا اڪيلي اڪيلي سرڻ ڪرڪندي، پَرڙا هڻندي آسمان جي هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلي ويئي. اُن جا پَرَ کليل هئا ۽ هوءَ هوا جي وهڪري ۾ ڄڻ ته وهندي ٿي ويئي. لطيف آسمان ۾ سرڻ کي اُڏامندي ڏٺو ۽ پوءِ جڏهن هيٺ نهار ڪئي ته سامهون پري پري سنڌونديءَ جي پتڻ تي ڪيترين ئي ننڍين وڏين ٻيڙين جي کُوها نظر آيس. ان پاسي اڃا سانت لڳي پئي هئي. هو تڪڙو ان طرف وڃڻ لڳو ۽ جلد پَتڻ تي پهچي ويو.

پَتڻ تي ڪو قافلو لٿل هو-وڻجارن ۽ مسافرن جو قافلو، جيڪو سوداگري وکر جي ڏيتي ليتي ۽ وڻج واپار جي سانگي ننگرپارڪر تائين وڃڻو هو. پَتڻ سان لڳ ميدان تي ننڍا وڏا خيما ۽ تنبو لڳل هئا. ماڻهو اڃا پوريءَ طرح ننڊ مان ڪونه اُٿيا هئا. ڪي ڪُراڙا جاڳڻ کان پوءِ کنگهه کُڙڪو ڪندا پَتڻ کان پرتي جهنگ جي خيال سان ٻُوڙن ڏانهن پئي ويا. ڪن خيمن مان ڪُڪڙن هڪٻئي جي پٺيان ٻانگون پئي ڏنيون. لطيف پنهنجن ئي خيالن ۾ جڏهن اُنهن خيمن جي ويجهو پهتو ته اوچتو هڪ پاسي کان ڪو ڪُتو باهوڙ ڪندو ظاهر ٿيو، پر لطيف کي ڏسندي ئي ماٺ ٿي ويو ۽ ڪُون ڪُون ڪرڻ ۽ پڇ لوڏڻ لڳو. لطيف اڳتي وڌي ويو ۽ درياهه جي ڪپ تي پهچي اُتي ويهي رهيو ۽ درياءَ مان ٻُڪَ ۾ پاڻي کڻي هٿ منهن ڌوئڻ ۽ گُرڙيون ڪرڻ لڳو. پوءِ بوڇڻ سان هٿ منهن اُگهندي هو ڄڻن اُتي پنڊپهڻ ٿي ويو. سندس سامهون سنڌو درياهه هو. سنڌوندي، جيڪا هماليه جبل تان لهندي پهاڙ ٽڪريون ٽپندي،لاهيون چاڙهيون چڙهندي، ميدانن مان وهندي، سنڌ کي سيراب ڪندي هاڻي سمنڊ سان ملڻ لاءِ وڃي رهي هئي.

لطيف سوچ جي ساگر ۾ هليو ويو. پاڻي جيڪو وَهي ٿو وڃي اُهو ٻيهر نه ٿو وهي؛ وقت جيڪو گذري ٿو وڃي اُهو ٻيهر نه ٿو گذري. هَل هلان آهي-وهڪرو وهندو رهي ٿو، وقت ويندو رهي ٿو. جيڪو هينئر آهي اُهو پوءِ ڪونهي. لطيف ٿڌو ساهه کنيو ۽ پنهنجي سامهون درياهه جي مٿاڇري ڏانهن نهار ڪئي. ننڍڙيون ننڍڙيون لهريون وچ سير مان هلنديون ڪناري ڏانهن ڊوڙنديون آيون ۽ اُتي بيٺل ٻيڙيون ۽ ٻيڙا ٿورو لُڏي ٿي ويا. اُهي لهريون موٽ کائي گم ٿي ويون ٿي. ’اُهي ڪهڙي پاسي ويون؟‘ لطيف سوچڻ لڳو؛ ’شايد انسان به ائين آهي-الائي ڪٿان اچي ٿو ۽ پوءِ الائي ڪهڙي پاسي غائب ٿيو وڃي؟ عجب اسرار آهي؛ نه سمجهڻ جو نه سمجهائڻ جو!‘ هاڻي لطيف جي چوڌاري آهستي آهستي زندگي ڪَرَ موڙي جاڳي اُٿي هئي. وڻجارا هيڏانهن هوڏانهن اچڻ وڃڻ لڳا، تڙ تي وهنجڻ ۽ اشنان ڪرڻ لڳا. ڪيترائي هندو ڌرم جا ماڻهو درياهه جي ڪپ تان سج پاسي منهن ڪري پنهنجو سيس نمائي، پنهنجن پنهنجن لوٽن مان جَل هاريندي، هٿ ٻڌي اُن کي پرنام ڪندا، چپن ۾ ڪي چوندا رهيا.

ايتري ۾ خيمن ۽ تنبن جي ويجهو ۽ ٻيڙين مان دونهان اُٿڻ لڳا. وڻجارن ويرم رکي نيرن پاڻي ڪرڻ شروع ڪيو. واندا ٿي هنن پنهنجا سامان سوريا ۽ هڪٻئي جي پٺيان خيمن مان ٻاهر اچي پَتڻ تي بيٺل ٻيڙين ۾ چڙهڻ لڳا.

لطيف جنهن وقت پَتڻ تي بيٺل هو، اُن وقت راول فجر جي نماز پڙهي رهيو هو. نماز پڙهڻ کان پوءِ جيئن ئي هو پنهنجي خيمي مان ٻاهر آيو ته درياهه جي ڪپ تي کيس هڪ سٻاجهي صورت وارو نوجوان ڏسڻ ۾ آيو. هو راول جو همعصر ٿي لڳو، جيڪو پنهنجو منهن گوڏن تي رکيو نظرون درياهه ۾ کپايو ويٺو هو. خبر نه آهي ته ڇو هن کي ڏسندي ئي راول کي اهڙي ڇڪَ محسوس ٿي جيڪا لوهه کي چقمق ڏانهن ڇڪي ويندي آهي. مڻيادار ۽ روشن اکيون، کليل پيشاني، ڊگهو ۽ سنڌو نڪ، گلابي رنگ، گهاٽا ۽ وڏا وار جيڪي سندس ڪلهن تائين ٿي آيا، ڪاري ۽ سهڻي سونهاري-ائين ٿي لڳو ته هو ڪنهن ڳوڙهي فڪر ۾ ويٺو هو. هن کي ان خيال ۾ ڏسي راول جا پير زمين ۾ کُپي ويا. غور سان ڏسندي ئي هو هن کي هڪدم سڃاڻي ويو. هو اُهو ئي لطيف شاعر هو، جنهن جي ننگر ۾ هاڪ پکڙ جي ويئي هئي ۽ جنهن جي جوڙيل وائي هڪ راڳي ڳائي ماڻهن کي مست ڪري ڇڏيو هو. راول هن سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ۽ سندس ڌيان ڇڪائڻ خاطر هن لطيف کي مولوي رومي ۽ فارسي ٻوليءَ جي ٻين شاعرن جا بيت ٻڌايا. لطيف اهي بيت ٻڌي راول ڏانهن ڏٺو. هن کي لڳو ته لطيف جي اکين ۾ گهڻي چمڪ ۽  نماڻائي هئي. راول همت ڪندي هن کان پڇيو ته تون ته سيلاني ٿو لڳين؛ هاڻي ڪهڙي پاسي وڃڻ جو ارادو اٿئي. جواب ۾ لطيف رڳو ايترو چيو ته، ”بس، تقدير جيڏانهن وٺي وڃي. واڳ ڌڻيءَ جي وَس آهي!“ راول به هن کي ٻڌايو ته ”آءٌ مارئيءَ جي ملڪ ٿر ۽ جسودن جي ديس جيسلمير ۾ وڻج واپار ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي خيال سان قافلي ۾ شريڪ ٿيو آهيان. راول هن کي اهو به ٻڌايو ته ”قافلو سڀاڻي درياهه اُڪري ٻيءَ ڀر ويندو، جتي ٻيا قافلا تيار هوندا ۽ پوءِ سڀئي گڏجي سفر تي روانا ٿينداسين. جيڪڏهن تون به هلڻ گهرين ته توکي آءٌ پاڻ سان وٺي هلندس.“ اهو ٻڌي لطيف جي منهن تي مرڪ پکڙجي ويئي، جنهن کي ڏسي راول جي دل ۾ هن جي لاءِ عجب جهڙو ادب ۽ احترام جاڳي اُٿيو.

لطيف ۽ راول به اُن ٻيڙي ۾ چڙهيا، جنهن ۾ راول جو سامان رکيل هو. ٻئي هڪٻئي جي ڀرسان ٿي ويٺا. ٻيا وڻجارا به پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺي ويٺا. ٻيڙن پتڻ کنيو ته لطيف راول ڏانهن نهاريو. هو اڃا ويهن ورهين جي عمر کي مس پهتو هوندو: کُليل رنگ، قداور، بت نه ٿلهو نه سنهو ۽ منهن تي پکڙيل مُرڪ. لطيف کي لڳو ته راول ڪو ننڍي کان ئي سندس ساٿي هو. هن وري درياهه جي وهڪري ڏانهن نظر ڪئي. پاڻي ڏاڍي سانت سان پئي وهيو، پر درياهه جو پيٽ پکڙيل جو ۽ وچ وهڪري ۾ تـِکَ هئي. سڀئي ماٺ ڪيو ويٺا هئا. شايد سڀني دل ئي دل ۾ دعائون پئي گهريون ته شال سک ۽ سلامتيءَ سان ٻي ڪنڌي تائين پهچون.

درياءُ جي ٻيءَ ڀر وڻجارن جو هڪ ٻيو قافلو اڳ ۾ ئي تيار هو. ٻيڙا جيئن ئي ڪناري تي پهتا ته حمالن هنن جا سامان ٻيڙن مان لاهي اُتي بيٺل اُٺن تي رکيا. جڏهن سمورو سوداگري سامان اُٺن تي پلاڻجي ويو، تڏهن قافلي چُرڻ شروع ڪيو. قافلي جي سرواڻ جو اُٺ سهڻو سينگاريل هو. اُن جي اڳين ٽنگن ۾ ڇير ٻڌل هئي ۽ ڳچيءَ  ۾ ڳاڙها پيلا ڳانا پيل هئا، جن ۾ ٽَليون هيون. اُن جي ٻنهي پاسن کان سامان جا ٻورا هئا ۽ وچ ۾ ڪجائي تي اوٺار ويٺل هو. اُن جي پٺيان پلاڻيل اُٺن جي هڪ ڊگهي قطار هئي. سڀني اُٺن جي ڳچين ۾ ڳانا ۽ ٽَليون هيون. جيئن ئي قافلو روانو ٿيو ته ڇيرين ۽ ٽَلين جي موسيقي ماحول ۾ پکڙجڻ لڳي. ڪن اُٺن تي هڪ ماڻهو ۽ ڪن تي وري ٻه ماڻهو ويٺل هئا. آخري اُٺ جي پويان ٻه هٿياربند ماڻهو پيرين پنڌ پئي ويا. لطيف ۽ راول هڪڙي اُٺ تي سوار هئا.

وڻجارن جو قافلو پنهنجيءَ منزل ڏانهن وڌڻ لڳو. وڻجارن فجر جي نماز پڙهي ۽ پرارٿنا ڪري منزل کڻندا هئا ۽ ٻپهري ٿيڻ کان اڳ ئي ڪنهن وڻڪار هيٺ ٿڌي ڇانوَ ۾ ماني کائڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ ترسي پوندا هئا. ڏينهن ٺرڻ تي قافلو وري منزل ڏانهن روانو ٿيندو هو. رات جو قافلو ڪنهن کليل ميدان ۾ منزل ڪندو هو، جتي رڌ پچاءُ ۽ کاڌي پيتي کان پوءِ ٿوري گهڻي ڪچهري ڪندي وڻجارا پنهنجي پنهنجي وکر جي سلامتي ۽ ايندڙ ڏينهن جي سفر بابت ڳڻتيون پچائيندي سمهي پوندا هئا. چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن هيٺ زمين تي هر طرف کير جهڙي اڇاڻ پکڙيل هوندي هئي، تڏهن ڪي نوجوان بينون وڄائي ۽ ڪي وري مورا ڳائي دل وندرائيندا هئا. اهڙن موقعن تي کل ڀوڳ به ٿيندو هو، جنهنڪري وڻجارن جي ذهن تان ڳڻتي ۽ ڊپ جو بار لهي ويندو هو. لطيف ۽ راول به اهڙين ڪچهرين ۾ هوندا هئا يا وري اُتان اُٿي پري پري تائين پسار پيا ڪندا هئا. اوسي پاسي ڪٿي وڻ هوندا هئا ته ڪٿي کيٽ. کليل ۽ پکڙيل ميدانن تي وڻن ۽ ساوڪ جي چانڊوڪيءَ جي ورکا کي ڏسي لطيف جي دل لُڏي ويندي هئي. هو لاڳيتو چنڊ کي پيو چتائيندو هو ۽ وري رکي رکي جڏهن اکيون ٻوٽيندو هو ته سندس نظرن اڳيان مغل زاديءَ جو منهن منور اُڀري ايندو هو. اُهي ماڳ مڪان پيو ڏسندو هو، جتي هن اُن جي ٻيهر ديدار ڪرڻ لاءِ ڦيرا ڏنا هئا. لطيف ٿڌا ساهه ڀري ڪڏهن اکيون کوليندو هو ته ڪڏهن وري پوري ڇڏيندو هو، پر لطيف کي هن جو لفظ ئي ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو ۽ هو ماٺ ڪيو پيو چنڊ کي چتائيندو هو.

سجاول مان رواني ٿيڻ کان پوءِ قافلي جي پهرين منزل ’مغلڀين‘ هئي. ”اُها وستي ڪنهن سمي سنڌو درياهه جي اُڀرندي واري ڇوڙ لڳ هئي.“ لطيف کي راول ٻڌايو، ”اُن وقت اُها کاري مٺي هئي، جنهن کي ’مٺيءَ جو نائو‘ چوندا هئا. هينئر عام لوڪ اُن کي مغلڀين وارو نائو سڏين ٿا. نائو جي معنيٰ آهي کاري.“ ٿورو ترسي راول وري چيو ته ”هوڏانهن ٺٽي ننگر جي بازارين ۾ صرافن ۽ وينجهارن جا ڪيترائي دڪان آهن، جتي سچن موتين جو واپار عام جام ٿيندو آهي. وينجهار سمنڊ مان آندل موتين کي گهڙي اُجرو ڪندو آهي ۽ هيرا لعل ونڌيندا آهن. صراف وري اکين تي ڪَنير پائي پاڻيٺ کي پرکيندا آهن ۽ اُنهن جي نازڪ نفيس ڪنارن کي غور سان ڏسي اُنهن جي مزاج، قدر ۽ قيمت جي ڪٿ ڪندا آهن. مغلڀين ۾ وڏا وڻجارا رهن ٿا. اُهي اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ به آهن، جيڪي هڪڙن ڏيساورن مان قرڦل، ڦوٽا، پارچا گهرائي ٻين ڏيساورن ڏانهن موڪلين ٿا. اهڙيءَ ريت موتين ۽ ماڻڪن جو به چڱو خاصو واپار ڪري گهڻو ڌن دولت ڪمائين ٿا.“

هنن اڃا اهي ڳالهيون پئي ڪيون ته سج اولهه ۾ ٽٻي هڻي نظرن کان اوجهل ٿي ويو ۽ چوڌاري ڏينهن جي اڇاڻ جي بدران هوريان هوريان رات جي ڪاراڻ پکڙجڻ لڳي. ماني کائڻ کان پوءِ سڀئي هڪ کليل ميدان ۾ دائرو ٻڌي ويٺا. ڪن اوٺارن ۽ راڳين ڏوهيڙا ٻڌايا ۽ وايون ڳائي سڀني کي وندرايو.

اهڙيءَ ريت اهو قافلو سک ۽ سلامتيءَ سان هڪڙي منزل اُڪرندو ٻيءَ منزل جي ويجهو ٿيندو ويو. هڪڙي ڏينهن قافلي هڪ ڦٽل شهر جي ويجهو منزل هنئي. لطيف کي راول ٻڌايو ته ”اهو شهر ’طور‘ جي نالي سان مشهور هو. ڪنهن سمي هت راجا چنيسر جي راڄڌاني هوندي هئي. چنيسر جي مرڻ کان پوءِ اهو شهر به ڦٽي ويو.“ لطيف اُن ڦٽل شهر جي ويران ۽ ڀڙڀانگ دڙن ڏانهن نهاريو. اُتي هاڻي مٽي پئي اُڏاڻي! ’ڪنهن سمي هـِت باغ بستان هوندا، محل ماڙيون هونديون، راجا هوندو، پرجا هوندي، وڻج واپار هوندو، خوشيون هونديون، راڳ رنگ هوندا.“ لطيف لاڳيتو سوچيندو رهيو، ’۽ هاڻي هتي رڳو رَکَ آهي، جنهن کي وقت جي لوسائيندڙ هوا پئي ڦيريون ڏياري!‘

”سيد زادا! ڇا پيو سوچين؟“ لطيف کي ڳوڙهي فڪر ۾ غلطان ڏسي راول پڇيو.

”راجا چنيسر ڪير هو ۽ سندس هيءَ راڄڌاني ڪيئن ويران ٿي؟“ لطيف ڦٽل دڙي ڏانهن ويندي راول کان پڇيو.

ٻئي دوست قافلي کان پرڀرو ٿيندا ’طور‘ جي ڦٽل آثارن جي ويجهو پهچي هڪ هنڌ هڪٻئي جي سامهون ٿي ويٺا. رات گهڻي ٿي ويئي هئي ۽ آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ پئي چمڪيو.

”راجا چنيسر پنهنجي وقت جو هڪ ها ڪارو حاڪم هوندو هو.“ راول وراڻيو، ”پر هن جي اصل هاڪ حقيقت ۾ سندس پَٽ راڻي ليلان جي ڪري ٿي، جنهن کي ڪونئروءَ نالي هڪ مغرور ۽ مڪريلي عورت ڌوڪي ۽ دُلبي سان قيمتي هيرن جواهرن واري هار جي لالچ ۾ سوگهو ڪري سندس ڀتار راجا چنيسر سان هڪ رات دل وندرائڻ جو سودو ڪيو. ليلان اُن  هار تي اهڙو ته هر کجي ويئي هئي، جو اُن کي هٿ ڪرڻ خاطر راجا چنيسر کي جيڪو گهڻو مَڌپيئڻ جي ڪري پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺو هو، پاڻ وٺي ڪونئروءَ جي حوالي ڪري ويئي. پر چنيسر غش کائي ڇپر کٽ تي ڪـِري پيو ۽ ڪونئرو تارا تڪيندي رهي، تان جو فجر ٿي وئي. جڏهن چنيسر جي اک کُلي ۽ خبر پيس ته ليلان مڻيي تي موهجي کيس ڪونئروءَ جي حوالي ڪيو هو، تڏهن ليلان تان سندس دل کڄي ويئي ۽ پوءِ ڪونئروءَ جي قرب ۾ قابو ٿي ويو. هاڻي ليلان گهڻائي وس ڪيا پنهنجي ڀتار کي پرچائڻ جا، پر سنديس ڪا به حرفت هلي نه سگهي ۽ دل هاري پنهنجي اَباڻي گهر موٽي ويئي. ڪن ڏينهن پڄاڻان چنيسر ۽ ليلان جي وزير جکري جي سياڻپ سان هڪ ڀيرو وري چنيسر ۽ ليلان کي اهڙو مُکاميلو ٿيو. ليلان تي نظر پوندي ئي چنيسر جي دل کي اهڙو ته جـِهٻو آيو جو هو اُتي جو اُتي ڪري گذاري ويو. اهو ڏسي ليلان به مورڇا تي مٿس ڪري پئي ۽ دم ڏنائين!“

راول ڳالهه پوري ڪري لطيف ڏانهن نهاريو. لطيف جون نظرون اُنهن ويران دڙن ڏانهن هيون ۽ هو سوچي رهيو هو ته ڪنهن سمي هتي جي مٽيءَ ليلان ۽ ڪونئروءَ جا مينديءَ رَتا پير چُميا هوندا. هنن جا هار سينگار ڏٺا هوندا ۽ سندن گلن جهڙن نرم نازڪ جسمن مان اُٿندڙ مست ڪندڙ خوشبو جا واس ورتا هوندا.

مغلڀينءَ جي پريان ’ڪوري کاري‘ هئي. ٻئي ڏينهن وڻجارن جو قافلو اُن پاسي روانو ٿيو. قافلو اُها کاري اُڪري ڪَڇَ جي حدن ۾ داخل ٿيو، جيڪو سمنڊ جي ويجهو هو. ڪَڇَ جي اُلهندي پاسي کان عربي سمنڊ هو ۽ ڏکڻ کان ڪَڇَ جي نار جون ڇوليون ڇُلڪا ڏينديون اُتي جا پَٽ پُسائي رهيون هيون. اُن طرف ڪٿي واري هئي ته ڪٿي وري ٽڪريون هيون؛-ندي يا ڍوري وغيره خيرڪي هئي. قافلو اُنهن پٽن تان تکو هلندو ’لکپت بندر‘ جي ويجهو پهتو. اُن سامونڊي بندر جي چوڌاري هڪ عالم پناهه ڏنل هئي. لکپت جي ويجهوئي ’ابراسو‘ نالي ڳوٺ هو. اُن ڳوٺ ۽ لکپت جي وچ ۾ هڪ جبل هو. جنهن جو نالو اتي جي ماڻهن ’چتراڻو‘ ٻڌايو هو.

شام ٿي ويئي هئي ۽ سج اولهه ۾ ٽٻي هڻڻ وارو هو. سڄو ڏينهن سفر ڪرڻ کان پوءِ وڻجارن جو قافلو اُن ڳوٺ جي ويجهوئي منزل انداز ٿيو. رات ٿي ته رڌپچاءُ ۽ کاڌي پيتي کان واندا ٿي ورونهن خاطر وڻجارا ڪچهري ڪرڻ لڳا. هڪ ڳوٺاڻي اُنهن پَٽن جون خبرون ٻڌائيندي چيو ته ڪنهن زماني ۾ اُن ڳوٺ جي ڀرسان درياهه وهندو هو، جنهن جو نالو ’پٽيهل‘ هو. اُهو درياهه مانڊوي جي ويجهو ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ هيءُ ڳوٺ ۽ اوسو پاسو سائو ستابو ۽ سرسبز هو. هت باغ بستان هئا. پر سندن اها آسودگي قدرت کي ڪين وڻي ۽ اوچتو اوچتو زمين ڌڌڪا ڏيندي ڌٻڻ لڳي. ڪيترائي انسان اجل جو شڪار ٿي ويا، محلن ماڙين جو نالو نشان به نه رهيو. پٽيهل درياهه جو پار پتو به الوپ ٿي ويو ۽ اُن جو پيٽ سُڪي ڊٻون ٿي ويو. هاڻي اُن جي جاءِ تي ڪنڊيءَ جا وڻ آهن ۽ اَڪ جا ٻوٽا ڦلهاريا بيٺا آهن. اها ڪچهري دير تائين هلندي رهي. پر لطيف جي دل بي چين ٿيڻ لڳي ۽ هو اُتان اُٿي اُن پاسي ويو جتي ڪنڊيءَ جي وڻن جي سڪل ۽ ٺوٺ ٽارين ۽ ٿڙن ۾ خشڪ ۽ بي رحم هوا سوساٽ پئي ڪيا. لطيف جي زبان مان بي اختيار هي لفظ نڪتا ته:

ڪر ڪي ڳالهڙيون، ڪنڊا! ڍور ڌڻين جون،

ڪيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏينهن گذارئين؟

ڪچهريءَ مان ويندي ڏسي راول به هن جي پٺيان ويو. لطيف جي عجب ڪيفيت هئي اُن وقت. هن راول کي ڪيترائي بيت ٻڌايا ۽ آخر ۾ هڪ وائي ٻڌائي:

مون کي ننڊ نه نيڻين نيڻين، ڪالهون پوءِ لڪن ۾،

موٽ تون آيل منهنجي ماءُ! تان تو ڏک نه ڪيڻين ڪيڻين،

هو نه نينم پاڻ سين، جا ويندڙي سيڻين سيڻين،

ڪالهوڻيان اڄ گهڻي، جهورڙي جهيڻين جهيڻين،

ٻيون سڀ واڳيون وَرن سين، آئون جا واڳڙي ويڻين ويڻين،

هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن، روئي رتڙو نيڻين نيڻين،

اَلا عبداللطيف چئي، محب اسان تون ميڙين ميڙين.

 

وائي ٻڌائڻ کان پوءِ لطيف ۽ راول اُنهن ويران ۽ ڀڙڀانگ دڙن ۾ لاڳيتون گهمندا رهيا.

ٻئي ڏينهن فجر ٿيندي ئي وڻجارن جو قافلو اُتان روانو ٿيو ۽ ڀُڄ جي پاسي وڃڻ لڳو. سمورو پنڌ خشڪيءَ جو هو. ڀُڄ ڏاڍو ڀريوڀڪليو، سکر ۽ خوشحال شهر هو. اُتي ڳچ آباديءَ جا گهر پَڪِسـرا هئا. شهر جي هڪ پاسي باغن جي وچ ۾ ڀُڄ جي راءِ جو محل هو. اُن شهر ۾ وڻجارن ڪيتروئي واپار ڪيو. هنن ڪي وکر وڪيا ته ڪي خريد ڪيا. هنن اُتي ٻه ڏينهن ترسي آرام به ڪيو ۽ ٽئين ڏينهن فجر جو اهو قافلو اُتان روانو ٿيو. هنن جي اڳين منزل هالار نالي هڪ ننڍي وستي هئي.

”سومرن جي صاحبيءَ واري زماني ۾ ابڙو نالي هڪ سمو سردار هالار جو حاڪم هوندو هو.“ لطيف کي راول ٻڌايو. اُن ننڍڙي وستيءَ ۾ وڻجارن حُلواڻ جا ڪيترائي تاڪيا خريد ڪيا. لطيف کي خبر پئي ته اُن وستيءَ هالار جا نيروٽي استاد ڪاريگر آهن، جيڪي بافتي کي ڳاڙهو رنگ اهڙو ته پڪو ڏين ٿا جو ڌوٻي اُن کي کنڀ تي چاڙهيندو ته به ان جو رنگ نه ڦٽندو. اُن ڪپڙي جي اُڻت، نرمي ۽ رنگ جي پڪائي لطيف کي ڏاڍي پسند آئي. هن هڪڙي دڪان تي پنهنجي هٿ ۾ حُلواڻ کڻي اُن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو:

رَچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ،

کُنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،

توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته لالي تنهين نه لهي.

اهو بيت ٻڌي دڪاندار جون اکيون ڦاٽي ويون. هو اهڙو ته خوش ٿيو جو هن حُلواڻ جو هڪ سٺو تاڪيو ڪڍي سوکڙي ڪري لطيف کي ڏنو، پر هن دڪاندار جا ٿورا مڃي اها سوکڙي وٺڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ته اُن بيت جي سڄي وستيءَ ۾ واکاڻ پکڙجي ويئي ۽ سڀني ور ور ڏئي اُهو بيت پئي چيو. هاڻي وڻجارن کي به خبر پئي ته لطيف نه رڳو هڪ رمتوپر هڪ سگهڙ به آهي.

جلدئي قافلي اُتان وڃڻ جي سنبت ڪئي ۽ هڪڙيءَ فجر جو قافلي جي قطار پنهنجي ٻيءَ منزل ڏانهن چرڻ شروع ڪيو ۽ ڪَڇَ جي نارِ اُڪري دوارڪا ڏانهن وڌڻ لڳو. اُتي موسم ٿوري وڌيڪ گرم هئي. لطيف ۽ راول هڪڙي ئي ڪرهي تي سوار پنهنجن مٿن تي رکيل پوتڙن ۽ پٽڪن جي ڇانوَ هيٺ پينگهه جهڙن لوڏن ۾ جهوٽا ۽ پنڪيون کائيندا رهيا. اک کلڻ تي هنن پاڻ ۾ ڳالهيون ٿي ڪيون. راول ته اُنهن پَٽن جو سونهون هو، جو هن اڳ هڪ ڀيرو ان پاسي جو سفر به ڪيو هو. لطيف جي پڇڻ تي راول هن کي ٻڌايو ته هاڻي پنهنجي منزل دوارڪا ۾ ٿيندي. اهو رڳو هڪ وڏو واپاري شهر آهي، پر هندو لوڪن جو هڪ مشهور تيرٿ پڻ آهي. هر سال هزارين هندو دوارڪا ’ناٿ‘ جي درسن لاءِ هت ايندا آهن. هت دوارڪاناٿ جو هڪ ڪشادو ۽ اوچو مندر آهي، جنهن جي وچ واري حصي کي سٺ ٿنڀا ڏنل آهن. جوڳي هت تيرٿ ڪندا آهن ۽ ٻانهن تي ’دوارڪا‘ نشان هڻائيندا آهن.

اوچتو هوا جو رُخ ڦري ويو. پهرين هوا ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ مان لڳي رهي هئي، پر هاڻي ان جو رُخ اُتر اوڀر جي ڪنڊ وٽان هو. رکي رکي اُٺي جي خوشبو به ٿي آئي، جنهن سبب هـِتان هُتان اُٺن به رڙيون ٿي ڪيون. اها حالت ڏسي قافلي ۾ چؤٻول ٿي ويو. ”آيوڪي آيو“، هڪ وڻجاري رڙ ڪري چيو. ”مينهن برابر اچي پيو. اتي ئي منزل ڪيو. ڪَرهن کي هُشايو. سامان جي سنڀال ڪريو،“ هڪ ٻئي وڻجاري وراڻيو.

اُتر جي ٿڌڙي هير ۽ اُٺي جي خوشبو ماڻهو توڻي مَين کي مست ڪري ڇڏيو. خوشيءَ وچان ماڻهو ڦيريون پائڻ لڳا ۽ ڪَرها رڙيون ڪرڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي آسمان تي ڪارن ڪڪرن جا پهاڙ پکڙجي ويا. سڄو آسمان ڍڪجي ويو. تيز اُس جي جاءِ تي ٿڌڙي ڇانوَ هئي. اوچتو ٻه ٽي ڪڻيون ڪـِريون. ٿوري ڦُڙ ڦُڙ کان پوءِ هڪ دم زوردار شپڪو ٿيو ۽ ويرم ئي نه ٿي ته مينهن بند ٿي ويو. مينهن کي هوا ڪنهن ٻئي پاسي گهليندي ويئي. اوڀر پاسي انڊلٺ جي ست رنگي سهڻي ونگ ڏسجڻ لڳي. ڪهڙو نه من موهيندڙ نظارو هو. سڀني جا مُنهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳا. لطيف جي دل ته اُڇلون ڏيڻ لڳي. ذهن ۾ خيالن جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زبان مان لفظن جي پالوٽ ٿيڻ لڳي. هو ان ڪيفيت ۾ راول کي ڪيترائي بيت ٻڌائيندو ويو، جيڪو حيرت وچان اکيون ڦاڙيو لطيف کي چتائيندو رهيو:

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس،

وڄون وسڻ آئـِيون، ڪري لعل لبيس،

پرين جي پرديس، مون کي مـِينهَنِ ميڙيا.

 

گام گُنديءَ گنجَ، اَبر ۾ اُهاءُ ٿيو،

شال وسندي سنجَ، ڏُور ٿيا سڀ ڏنجَ،

شال وسندو سنجَ، عاشق تي اوهيرا ڪري.

 

سڄڻ سانوڻ مينهن جنءَ، جهڻڪن پاسي جهوڪ،

ڏيندا پاهه پٽن کي، منجهان مينهن موڪ،

لس پيارين لوڪ، آگم ڪيو اکين سين.

اُنهن بيتن ته راول کي ويتر جهومائي ڇڏيو. لطيف هن کي هڪ وائي به ٻڌائي:

آئي مُند ملارَ، آئون کهنبا ڪنديس ڪپڙا،

وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ پڻ منهنجي يارَ،

لارَلائيندي وَڇڙا ڀـِنڙس ڀنڀا وارَ،

پکي آءُ پرين تون، لهه منهنجي سيد سارَ.

پوءِ جڏهن آسمان تان ڪَڪرن پلاند کنيو ته شام جا پاڇولا ڊگها ٿي ويا هئا. قافلو اُتي ئي ترسي پيو ۽ رات جو ڪيتري دير تائين خاصي ڪچهري به ٿي، جنهن ۾ وڻجارن جي وري وري چوڻ تي لطيف هنن کي ڪيترائي بيت ٻڌايا.

 ٻئي ڏينهن فجر ويل قافلو اُتان روانو ٿيو. هاڻي ان جي منزل ’پُوربندر‘ هئي. وڻجارن جو خيال هو ته اُن شهر ۾ گهڻي ڏيتي ليتي ٿيندي. پُوربندر کان ٿورو پَرتي ’ڇايا‘ نالي شهر هو. ”اُهو شهر پُوربندر جي راڄڌاني آهي. اُتي راجا جو محل ۽ باغ آهن.“ راول لطيف کي ٻڌايو، ”جيئن ته اُتي گهڻي وڻڪار آهي، انڪري ان جو نالو ’ڇايا‘ يعني ڇانوَ رکيو اٿن.“

قافلو شام ڌاري پُوربندر پهتو. اُن ويل اولهه پاسي آسمان تي ڪڪر هئا، انڪري سج اُنهن جي پٺيان لڪي ويو هو ۽ چوڌاري روشن ڇانوري تي اونداهه پکڙيل هئي. ايتري ۾ سامونڊي تَڙتي هوا گُهمرو ڏئي هلڻ لڳي ۽ سامونڊي ڇوليون تيزيءَ سان ڊوڙنديون آيون ۽ تَڙ سان ٽڪرائي ڪڙڪاٽ ڪنديون پوئيتي هليون ٿي ويون. جلدئي رات ٿي ويئي ۽ رات جي سانت ۾ هوا جي سوساٽن ۽ ڇولين جي ڪڙڪاٽن جا آواز ويتر ڀوائتا ٿيندا ويا. ساري رات ڪن وڻجارن جاڳندي ۽ ڪن جهوٽان کائيندي گذاري. فجر ويل سڀ جاڳي اُٿيا ته سمنڊ سانتيڪو هو ۽ ڪناري تي پري پري تائين اڇن پکين جا ولر پئي اُڏاڻا.

پُوربندر ۾ ڪي وڻجارا ترسي پيا ته ڪي وري اُتي جا سوداگر قافلي ۾ شامل ٿيا. ٻه ڏينهن چڱو خاصو واپار ڪرڻ کان پوءِ قافلو اتان روانو ٿيو. هاڻي اڳين منزل جهوناڳڙهه هئي. لطيف ۽ راول جنهن ڪَرهي تي سوار هئا، اُن جي پينگهه جهڙي لوڏ تي هنن کي ڪڏهن ننڊ ٿي آئي ته ڪڏهن وري جاڳ ٿي ٿـِي. اهڙي ئي هڪ جاڳ ۾ لطيف کي سامهون ڪيتريون ئي ٽڪريون نظر آيون. ان وقت راول به سجاڳ ٿيو هو.

’پاڻ ڪٿي پهتا آهيون؟ لطيف ٽڪرين کي ڏسي راول کان پُڇيو.

راول پهرين چَوڌاري نظر ڦيرائي ۽ پوءِ چيو ته، ”اسين هاڻي جهوناڳرهه پهتا آهيون. سامهون ٽڪرين تي ڪيترائي شوالا ۽ مندر، غار ۽ غفائون آهن. هت هندو لوڪ تيرٿ ڪرڻ ايندا آهن.“ ايترو چئي راول ڪي سوچڻ لڳو ۽ پوءِ لطيف ڏانهن ڏسندي هن ٻڌايو ته، ”هيءَ وستي راءِ ڏياچ جهڙي ڏاتار ۽ سخي سردار/راجا جي سخاوت جي ڪري مشهور آهي. اُهو راجا ڪنهن زماني ۾ گرنار جو حاڪم هوندو هو. هن کي هڪڙي ٻيجل نالي مڱتي پنهنجي ڪينري جي وڄت سان اهڙو ته موهي وڌو هو جڏهن ٻيجل هن کان سندس سـِرَ جو دان گهريو ته سخي راءِ ڏياچ ويرم ئي نه ڪئي ۽ هن کي پنهنجي سر جو دان ڏئي پاڻ موکيو.“

راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جو اهو قصو ٻڌي لطيف کي ماٺ وڪوڙي ويئي. هو ڪنهن ڳُوڙهي سوچ ۾ هليو ويو. راول کي لطيف جي طبيعت جي ڄاڻ ٿي هئي ته شاعر هجڻ جي ڪري هن جي دل تي اهڙين ڳالهين جو ڳُوڙهو اثر ٿئي ٿو. هن لطيف ڏانهن غور سان ڏٺو. اهو اڃا تائين ماٺ ڪيو شوالن ۽ مندرن جي ڪلسن ڏانهن ڏسي رهيو هو، جيڪي سج جي ڪرڻن ۾ پئي جرڪيا.

”ڇا پيو ويچارين سيد زادا؟“ راول هن کان پڇيو.

”اهوئي پيو ويچاريان ته ٻيجل ڪيڏو نه وڏو سازندو هوندو، جو سندس سُرندي جي وڄت راءِ کي ريجهائي ڇڏيو!“ ايترو چئي هو وري ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”منهنجي ذهن ۾ ته بيتن جا واچوڙا اُٿيا آهن.‘

محلين آيو مڱڻو، کڻي ساز سـِري،

لڳي تَند تُنبير جي پيا ڪوٽ ڪري،

هنڌين ماڳين هُوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجل دانهن ٻُري،

سسي تنهن سلطان کان، اچي گهوٽ گهُري،

جهوناڳرهه جُهري، پوندو جهانءِ جهروڪ ۾.

لطيف جي واتان بيت ٻڌي راول جو ڪنڌ جهولڻ لڳو. هو ڪيتري ڪيتري دير تائين لطيف ڏانهن ڏسندو رهيو، جيڪو اکيون پوري ڪا ڳالهه ويچاري رهيو هو. راول کان رهيو نه ٿيو، هن اڳتي وڌي لطيف جي پيشانيءَ تي پنهنجا چپ رکيا. لطيف جي اکين ۾ پاڻي تري آيو.

پوءِ جڏهن قافلو اُتان روانو ٿيو ته ان وقت آسمان اڇو اُجرو هو ۽ فرحت ڏيندڙ هوا پئي لڳي. پر هوريان هوريان اها هوا تيز ٿيندي ويئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڦري واچوڙو ٿي پيئي. سڀئي واچوڙي جي وچ ۾ وڪوڙجي ويا. زمين کان آسمان تائين واري ئي واري هئي، جيڪا هر جاندار ۽ بي جان کي ساڳيءَ طرح ڌونڌاڙي رهي هئي. ماڻهن پنهنجا وات ۽ مٿا بوڇڻن سان ڇڱيءَ طرح ڍڪي ڇڏيا، پر واچوڙي جي زوزاٽن تي واري هنن جي وات، نڪ، اکين، ڪنن ۽ ڪپڙن ۾ زوريءَ گهڙندي ويئي. ماڻهو ساهه به نه ٿي کڻي سگهيا. اوٺارن اُٺن کي ويهاري ڇڏيو. اُٺ رکي رکي رڙندا رهيا ۽ پنهنجون ڳچيون ڌونڌاڙي مٿن پيل واري ڪيرائيندا رهيا. ايتري ۾ واريءَ جا اهي واچوڙا جهڪا ٿي پري ٿيندا ويا ۽ اُنهن جي بدران وري اڳوڻي فرحت ڏيندڙ هوا لڳڻ شروع ٿي. سڀني سک جو ساهه کنيو ۽ پوتڙن سان پاڻ تان ۽ اُٺن تان واري ڇنڊي لاٿي. ٿوري دير کان پوءِ قافلو پنهنجيءَ منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.

”واهوندن جي مند ۾ اهي واچوڙا هت عام هوندا آهن،“ راول چوڌاري ڏسندي لطيف کي ٻڌايو. ”ڪڏهن ڪڏهن اهي واچوڙا ايترا ته تيز لڳندا آهن جو واريءَ جون پهاڙ جيڏيون ڀـِٽون به پنهنجيءَ جاءِ تان کڄي ٻئي هنڌ وڃي ٺهنديون آهن.“

لطيف غور سان چوڌاري نهار ڪئي. قافلو جنهن ڀـِٽ جي ڪنڌيءَ تائين پهتو هو، اُها هاڻي اُن هنڌ موجود نه هئي. ٻيون به اوسي پاسي واريون ڀـِٽون ڪي ننڍيون ٿي ويون هيون ته ڪي وري وڏيون‘ سڀني وڻجارن جي اهائي صلاح هئي ته جيترو جلد ٿي سگهي اتان نڪري ڪنهن ڏهر تائين پهچي اُتي منزل ڪجي. گهڻي گهڻي دير تائين سفر ڪرڻ کان پوءِ وڻجارن کي پَريان وڻن جون چوٽيون نظر آيون. قافلو تڪڙو تڪڙو اُن پاسي وڃڻ لڳو. اهي چوٽيون نم جي وڻن جون هيون. ويجهو پهچڻ تي هنن ڏٺو ته اُتي ڇانوَ ۽ ساوڪ سرس هئي. زمين وارياسي نه پر سنئين، ڪٿي نرم ته ڪٿي سخت هئي. پريان مال جي چاري لاءِ چراگاهه به هئا، جن جي ڪري ماڻهن توڙي چوپاين کي فرحت محسوس ٿي. وڻجارن ان ڏهر ۾ منزل ڪئي. هنن اُٺن کي هُشائي اُنهن تان سوداگري وکر جو بار لاٿو ۽ پوءِ سندن منهن چراگاهه ڏانهن ڪيا ته ڀلي اُتي وڃي گاهه چرن ۽ آرام ڪن. اُن ڏهر جي چوڌاري پري پري تائين واريءَ جون ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي ڀـِٽون هيون، جن جي وچ ۾ اهو کليل ۽ وڻڪار وارو ميدان هو. سڀئي ٿڪ لاهڻ خاطر اُن ڇانوري ۽ ٿڌڪار ۾ زمين تي بوڇڻ وڇائي اُنهن تي ليٽي آرام ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ وڻن جا پاڇولا ڊگها ٿي ويا ۽ ماڻهو رڌ پچاءُ ۾ لڳي ويا.

اُنهنن پَٽن ۾ سج لهڻ جو ڏيک لطيف لاءِ هڪ نئون نظارو هو. هو ان پاسي ڌيان سان نهارڻ لڳو، جتي سج هوريان هوريان واريءَ جي ڀـِٽن پٺيان لهندو پئي ويو. پري پري کان ڪيترائي پکي اُڏامندا آيا ۽ نم جي گهاٽن ۽ پکڙيل وڻن جي ٽارين ۾ لڪندا ويا. فضا ۾ عجب جهڙا آواز اُڀريا ۽ آهستي آهستي اُنهن کي سانت وڪوڙي ويئي. سموري مانڊاڻ تي دلين کي جهوري ڇڏيندڙ هڪ اُداس ويڳاڻپ پکڙجڻ لڳي. ڏينهن جي روشني ٽمڪندي ٽمڪندي، رات جي اونداهيءَ ۾ ٽٻي هڻي غائب ٿي ويئي ۽ آسمان تي تارا هڪٻئي جي پٺيان روشن ٿيندا ويا. ڏينهن جو جڏهن قافلو اُتي پهتو ته ٿوري تابش ۽ گُهٽ هئي، پر رات ٿيندي ئي واريءَ ۾ ٿڌاڻ پکڙجڻ لڳي ۽ هوا ٿڌي ٿي ويئي. لطيف ۽ راول اُن کلئي ۽ ٿڌي ڏهر ۾ پئي گهميا. هنن پيرن مان کرڪڻا لاهي ڇڏيا جو اُتي اُگهاڙي پيرن هلندي هنن کي فرخت پئي محسوس ٿي. ٻئي گهمي ڦري جڏهن واپس آيا ته وڻجارن وٽ ڪچهري لڳي پئي هئي. هڪ ٿري سگهڙ ڳاهن سان ڳالهه شروع ڪئي هئي. لطيف ۽ راول به هڪ ڪنڊ جهلي ويٺا سگهڙامرڪوٽ جي راجا عمر سومري ۽ ٿر جي هڪ مسڪين، وينگس مارئيءَ جو قصو ٿي ٻڌايو.، اها مسڪين مارئي سونهن سوڀيان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ننڍي لاڪر ئي سنديس سڱ پنهنجي ويجهي عزيز کيت سان ڪيل هو، پر ڳوٺ جو ڦوڳ نالي هڪ نوجوان هن تي ڇڪن ٿي پيو هو. هن مارئيءَ جي سڱ جي گهر ڪئي. مارئي جي مائٽن انڪار ڪيو. ڦوڳ ڪاوڙ جي پيو ۽ وير وٺڻ جون سوچون ڪرڻ لڳو. نيٺ هن کي هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هن عمر نالي سومري حاڪم کي لالچائي مارئيءَ کي اُن وقت کوهه تان کڻايو، جڏهن هوءَ اُتان پاڻي ڀرڻ ويئي هئي. مارئي پورو هڪ سال عمر سومري جي قيد ۾ بند رهي. ان عرصي ۾ هن کي ريجهائڻ جي عمر سومري هرڪا ڪوشش ڪئي، پر مارئي هن جي هر لالچ ٿُڏي پنهنجي لَڄ بچائي. مارئي پنهنجن اباڻن ڪکن ۽ مسڪين ماروئڙن جي ياد ۾ نه کاڌو نه پيتو ۽ نه وري ڪنهن هار سينگار ڪرڻ جي ڪا ڳالهه سوچي. هوءَ رات ڏينهن پئي روئيندي هئي ۽ حالت اهڙي ٿيس جو مرڻ ڪنڌيءَ تائين وڃي پهتي. مارئيءَ جو اهڙو حال ڏسي عمر سومرو به پشيمان ٿيو ۽ نيٺ هن کي پنهنجي اباڻي ڏيهه ڇڏي آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com