سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 1995ع

 

صفحو :6

ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون/ غلطيون

امداد حسيني

 

اسين انسان آهيون ۽ غلطيون ڪريون ٿا. اسان کي انهن غلطين مان سکڻ گهرجي، چاٻيون، عينڪ، پين، رومال، پرس/ٻٽون، ڊرائيونگ لائسنس، ضروري ڪاغذ پٽ، نه کڻڻ يا ڪٿي رکي وساري ڇڏڻ جي غلطي، اسان مان هر ڪنهن کان ٿي هوندي. گهر مان نڪرڻ وقت، هر شيءِ سنڀارڻ کان پوءِ به، در بند ڪبو آهي، ته ياد ايندو آهي ته چاٻيون ته اندر رهجي ويون! ڪار مان در لاڪ ڪرڻ کان پوءِ خبر پوندي آهي ته چاٻيون ته سيلف ۾ لڳل رھجي ويون! اسان جي ڏيهاڙيءَ جي زندگيءَ ۾ اهڙيون ڳالهيون/ غلطين ٿينديون رهنديون آهن. توهان به اهڙا واقعا اسان کي لکي موڪليو ته ”سرتيون“ جي پڙهندڙن کي انهن مان ڪجهه پرائڻ جو موقعو ملي. ادارو

_________________________________________

حيدرآباد جو هڪ تتل ڏينهن. تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ايس آر ٽي سي جون بسون هلنديون هيون. اولڊ ڪئمپس واري اسٽاپ تي بس بيٺل هئي. فٽ پاٿ تي ڪمند جي رس وارو بيٺل هو. (اڃا به آهي). ڪاڙهو هو، انڪري به ڪمند جي رس لاءِ رش هئي. منهنجي اها عادت آهي ته آءٌ شيءِ وٺڻ لاءِ پيسا اڳ ۾ ڏيندو آهيان. سو اتي به اڳ ۾ ئي پيسا ڏنم. رَسُ پي گلاس واپس ڪيم ته هن مون کان پيسا گهريا. ”پيسا ته همراهه جنهن جي هٿ ۾ رس جو گلاس هو، تنهن به هن جو پاسو ورتو. نيٺ مون کي ٻيهر پيسا ڏيڻا پيا. ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته جنهن همراهه مون تي شاهدي واري هئي ۽ ٽي گلاس ڏوڪيا هئا، سو ڏاڍي آرام سان بنان پيسن ڏيڻ جي، مون ڏانهن هڪ سوڀاري مُرڪ اڇليندو، کنگهڪار ڪندو، منهنجي پاسي مان لنگهي رهيو هو....!

 

شگفته شاهه

ٽڙي پوندا ٽاريئين (ناول قسط-7)

پوءِ فيضان چيو:

آءٌ توکي ٻڌائي نه ٿو سگهان ته توکي ائين اوچتو سامهون ڏسي مون کي ڪيڏي خوشي ٿي آهي.

رابيل مسڪرائي چيو: ”ٻڌائڻ جي ضرورت به ڪانهي. اها ته توهان جي چهري مان ظاهر آهي. اڄ سوچيم ته ائين اوچتو اچي توهان کي سرپرائز ڏيان سو. فون ڪري توهان کي اطلاع نه ڏنم.“

فيضان چيو: ”پر آءٌ توکان سخت ناراض آهيان. مون کي ڪاوڙ پئي اچي. ان ڏينهن منهنجي ايتري چوڻ جي باوجود به نه آئي هئينءِ؟“

رابيل چيو: ”مون توهان کي ٻڏايو ته هو نه ان ڏينهن منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ يقين ڪريو ته طبيعت ته اڄ به مزي ۾ ڪونهي پر، توهان سان اچڻ جو واعدو ڪيو هئم، ان لاءِ همت ڪري اچي وئي آهيان.“

فيضان چيو: ”مونکي ڪاوڙ لڳندي آهي جڏهن توتي ڪنهن جي به ڳالهين ۽ حُجتن جو اثر ئي نه ٿيندو آهي. ٻيو ته ان ڏينهن اچڻو نه هو ته پوءِ فون ڪري مون کي ائين بي چين ڪيو هيئي؟“

رابيل چيو: ”آءٌ مڃان ٿي ته مون کان اها غلطي ٿي چڪي، ڀلا جيڪڏهن آءٌ اچڻ لاءِ تيار ٿي هئس ته توهان کي ته خبر به نه پوي ها نه ... بهرحال هاڻي ڪجهه ڪم بابت ڳالهه ٻولهه ٿي وڃي، توهان کي ڪهڙي ڳالهه ڊسڪس ڪرڻي هئي؟“

فيضان چيو: ”اهو ڪم پوءِ ٿيندو. اڄ ايڏي عرصي کان پوءِ مَس مَس ته هٿ آئي آهين.... ۽ راڄ ... توکي ائين نه ڇڏيندس. اڃ ڪجهه ڳالهيون واضح ڪرڻيون پوندئي. آمهون سامهون ويهي.“

رابيل چيو: ”ڇا مطلب؟ ڪهڙيون ڳالهيون؟“

فيضان چيو: ”هيءَ جيڪو تون هر هر صفيه ناز جو حوالو ڏيندي آهين، اهو ڇا قصو آهي؟“

رابيل چيو: ”هوءَ توهان بابت ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندي رهندي آهي.“

”مثال طور؟“ فيضان پڇيو

رابيل چيو: ”هن جو چوڻ آهي ته توهان پنهنجي ڳالهين ۽ رويي سان هن کي محسوس ڪرايو آهي ته توهان هن کي پسند ڪريو ٿا ۽ اهو به ته توهان هُن کي پروپوز ڪيو آهي.“

فيضان ڪاوڙ ۾ چيو: ”ڇا؟.... هن اهو سڀڪجهه چيو آهي .... ۽ ... توکي به هن جي چيل ڳالهين تي اعتبار آهي!“

رابيل چيو: ”توهان پاڻ ئي سوچيو ته هڪ ڇوڪري، خود پنهنجي زبان سان اهڙي ڳالهه چوي ته ڀلا ڪنهن جي ڳالهه تي اعتبار ڪجي؟! توهان جي ڳالهه تي يا وري هن جي؟!“

فيضان هڪ گهرو ساهه کڻندي چيو: ”دراصل هوءَ هاڻي مون کي بدنام ڪرڻ چاهي ٿي.“

”پر...ڇو...!؟“ رابيل پڇيو.

فيضان چيو: ”ڏس رابيل! اها حقيقت آهي ته هوءَ پنهنجي لکڻين جي اصلاح مون کان اچي ڪرائيندي هئي ۽ مون نه پر هن پنهنجي ڳالهين ۽ حرڪتن سان اهو ظاهر ڪيو هو ته هوءَ مون کي پسند ڪري ٿي. دراصل ڪجهه ماڻهو ڪنهن مان پاڻمرادو گهڻيون ئي اميدون وابسته ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙا اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي اميدن کي پورو ٿيندي نه ڏسي خاموشيءَ سان پوئتي هٽي ويندا آهن ۽ هڪڙا وري اهي هوندا آهن جيڪي پنهنجون اميدون پوريون نه ٿيندي ڏسي پوءِ جن سان اميدون وابسته ڪندا آهن، انهن کي بدنام ڪرڻ شروع ڪندا آهن. صفيه ناز جو ڪيس به اهڙو ئي هو. هوءَ ڪجهه اميدون کڻي مون ڏانهن وڌي هئي، پر سندس جذبو One Sided  هو، سو جڏهن هن محسوس ڪيو ته سندس اميدون پوريون نه ٿي سگهنديون ته هن ردعمل طور مون سان ڪوڙيون ڳالهيون منسوب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، پر آءٌ سمجهان ٿو ته سندس اهو رد عمل فطري آهي، ڇو ته اسين ليکڪ، انساني جذبن، احساسن ۽ نفسياتي کي عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ بهتر سمجهي سگهندا آهيون. انڪري مون کي صفيه ناز جي ان ردعمل تي ڪاوڙ نه ٿي اچي. منهنجي لاءِ هوءَ اڄ به احترام لائق آهي.“

رابيل حيرت مان هن کي ڏٺو. ان مهل هو کيس ڪيڏو عظيم ۽ سلجهل شخص لڳو هو. پوءِ هن چيو: ”باءِ دي وي! توهان جو شمار ڪهڙي قسم جي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو؟“

فيضان چيو. ”ذڪر صفيه جو هو، منهنجو نه؟“ .. ۽ هاڻي ٻيو سوال.

رابيل چيو. ”جي پڇيو.“

فيضان چيو: ”تون شادي ڇو نه ٿي ڪرين؟“

رابيل بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ مان چيو: ”پليز، فيضان صاحب! مون کي ان موضوع کان ئي چڙ آهي.“

فيضان کيس تنگ ڪرڻ خاطر چيو: ”توکي ڪهڙي ڳالهه کان چڙ ڪانهي؟ تو ڪڏهن غور ڪيو آهي ته تون ڪيڏي چيڙاڪ ٿي وئي آهين؟ ڀلا ڪنهن آئيڊيل جي تلاش آهي؟“

رابيل چيو: ”ائين ئي کڻي سمجهو.“

فيضان: ”هن ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟“

رابيل: جيڪو عورت کي انسان سمجهي ۽ اها ڳالهه سمجهي ته عورت جي به پنهنجي ڪا سوچ هوندي آهي، مرضي هوندي آهي ۽ شخصيت هوندي آهي.

فيضان: ”هاڻي آءٌ اهو پڇندس ته ڀلا منهنجي ڪردار بابت تنهنجا وهم، وسوسا ۽ شڪ ختم ٿيا يا نه؟“

رابيل: ”نه اهڙي ڳالهه ته ڪانهي، منهنجي دل صاف آهي.“

فيضان: ”آءٌ تنهنجي واتان ٻڌڻ چاهيان ٿو ته آءٌ توکي ڪيئن ٿو لڳان.“

رابيل ڪنفيوز ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ ڪو به جواب نه ڏنائين، فيضان وري چيو: ”رابيل! تو ۾ گهٽ ۾ گهٽ سچ ڳالهائڻ جي همٿ ته هئڻ گهرجي.“

”ڇا مطلب؟“ رابيل هن ڏانهن ڏسندي چيو.

فيضان چيو: ”مطلب ته آءٌ توکي سٺو لڳان ٿو؟“

رابيل وري نروس ٿي وئي ۽ هن سان نظرون نه ملائي سهگي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري آهستي چيائين”ها“

فيضان کي هوءَ ان وقت ڏاڍي معصوم ۽ پياري لڳي.

رابيل چيو: ”هاڻي آءٌ وڃا؟ ٻاهر منهنجي گاڏي بيٺي آهي.“

فيضان جي چهري جي رونق هڪ لمحي ۾ اهو ٻڌي غائب ٿي وئي ۽ هن چيو: ”هاڻي ئي ته آئي آهين ۽ ايڏي تڪڙي هلي به ويندينءَ؟“

رابيل آهستي چيو: ”اڄ ته آءٌ ائين ئي آئي هئس، باقاعدي سڀاڻي ويهي ڪم بابت ڊسڪس ڪنداسين.“

ٻئي چپ هئا. رابيل جو ڪنڌ هيٺ هو ۽ فيضان پنهنجي سوچن ۾ هو. ٻئي خاموش هئا پر ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي ڪا ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي، نيٺ رابيل وري چيو:

”پوءِ ... آءٌ هلان ٿي.“

فيضان ڪنهن ننڍڙي ٻار وانگر ڦُو ڪجي چيو: تنهنجي پنهنجي مرضي آهي، باقي آءٌ پنهنجي زبان سان توکي وڃڻ لاءِ نه چوندس.

رابيل چيو: ”توهان ته ناراض ٿي ويا، هينئر نه پر ٿورو ترسي نيٺ ته وڃڻو آهي.“

فيضان هڪ گهرو ساهه کڻي چيو: ”جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو؟“

رابيل وڃڻ لاءِ اٿي بيٺي ۽ چيائين: وڃان؟

فيضان ٻئي پاسي منهن ڪري چيو: ”پنهنجي مرضي اٿئي، باقي مون کان نه پڇ.“

رابيل هن کان موڪلائي دروازي تائين پهتي ته فيضان کيس بيچينيءَ مان سڏيو: ”رابيل!“

رابيل جا قدم اتي ئي رڪجي ويا ۽ پوءِ هن فيضان ڏانهن مڙي ڏٺو هو، سندس چهري تي عجيب مليل جليل تاثر هئا.

ناراضگي

بي تابي

بي چيني.

”جي!؟“ رابيل وري چيو.

فيضان ٻئي پاسي منهن ڪري چيو: نه ... ڪجهه نه.

رابيل تيزيءَ سان سندس آفيس مان ٻاهر نڪري وئي ۽ هو آخر تائين کيس ويندو ڏسندو رهيو.

۽ .... پوءِ .... فيضان جي چوڻ تي هن ادبي پرچي جي آرٽ سيڪشن جي انچارج جي حيثيت سان چارج سنڀالي. فيضان کيس چيو هو ته هو جلد سندس لاءِ آفيس سيٽ ڪرائيندو، في الحال کيس هڪ جاءِ عارضي طور تي ويهڻ لاءِ ڏنائين. آفيس ۾ ڪم ڪندڙ گهڻو ڪري نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هُيون. هي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انتهائي بولڊ، Active  ۽ سمارٽ هئا. پاڻ ۾ مزي سان ۽ روانيءَ سا انگريزي ڳالهائيندڙ ڇوڪرن ۽ ماڊرن ۽ فيشن ايبل ڇوڪرين کي ڏسي رابيل کي حيرت ٿيندي هئي ته ڇا واقعي، اسان جي قوم ايڏي ترقي ڪري ورتي هئي ۽ نوجوان نسل ايڏو پُراعتماد ۽ Talented  آهي! جڏهن ته ايڏي عرصي کان پوءِ ائين ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڪندي هوءَ پاڻ کي ڏاڍو Un-easy محسوس ڪري رهي هئي ۽ عمر ۾ ميچوئر هئڻ جي باوجود هوءَ ڪنهن ڪنهن مهل ڪنفيوز ٿي پئي وئي. ائين پهرئين ڏينهن ئي ان ماحول ۾ کيس گهٻراهٽ پئي ٿي ۽ سندس ڌيان سندس ڪم ۾ لڳو ئي نه پئي ۽ پوءِ نيٺ هميشه جيان اهڙي حالت ۾ کيس وري چڪر اچڻ لڳا ۽ گهٻراهٽ شروع ٿي وئي ۽ پوءِ جڏهن پنهنجي حالت گهڻي خراب ٿيندي محسوس ٿيس ته نيٺ فيضان جي آفيس ۾ پهتي ته سندس حالت، چهري تي وکريل پيلاڻ ۽ پريشان ڪندڙ صورتحال ڏسي فيضان پريشان ٿي پنهنجي سيٽ تان اٿندي چيو: ”رابيل! خير ته آهي.... تون ايڏي پريشان ۽ گهٻرايل ڇو آهين؟“

رابيل ٻئي هٿ مٿي تي رکي صوفي تي ويهي رهي ۽ فيضان به پنهنجي سيٽ تي ويٺو. ٿوري دير خاموشي رهي. رابيل جي حالت اها هئي جو ائين ٿي لڳو ته هوءَ ڄاڻ رني. پوءِ هن ڏاڍي مشڪل سا فيضان کي چيو: ”منهنجي طبيعت وري خراب پئي ٿئي. مون کي شديد گهٻراهٽ پئي ٿئي. آءٌ گهر وڃڻ ٿي چاهيان. توهان پليز گهر فون ڪري چئو ته گاڏي موڪلين.“

فيضان چيو: رابيل! ڪجهه ڪونهي، سڀ ٺيڪ آهي، تون ڪجهه ديرويهه ته سهي. ٿوري دير اڳ ته آئي آهين ۽ هينئر ئي وڃڻ ٿي چاهين؟

رابيل روئڻهارڪو ٿيندو چيو: ”في الحال مون کان ڪو به ڪم ٿي نه سگهندو. پليز! آءٌ گهر وڃڻ ٿي چاهيان.“

فيضان کيس سمجهائيندي چيو: ”چڱو تون ٿوري دير هتي منهنجي آفيس ۾ ويهه، آءٌ تنهنجي لاءِ فريش جوس ٿو گهريان، ان سان طبيعت ۾ فرحت اچي ويندئي. ڀلا پوءِ به جيڪڏهن پاڻ کي بهتر نه سمجهين ته پوءِ ڀلي گهر هلي وڃجانءِ.“

فيضان ٻه فريش جوس جا گلاس گهرايا. رابيل جو جوس جو گلاس ٽيبل تي رکيو رهيو. هوءَ اڃان به پريشان هئي. سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو هو، جنهن کي هن روڪڻ خاطر ڏاڍو ضبط پئي ڪيو. ٻئي پاسي مٿي ۾ ڦيريءَ سبب کيس پنهنجو وجود ڀوانٽيون کائيندي محسوس پئي ٿيو. فيضان هن جي حالت ڏسي واقعي تمام پريشان ٿي ويو ۽ پوءِ کيس وري سمجهائيندي چيائين:

”رابيل! پاڻ کي سنڀال، ٿورو بولڊ ٿي، ائين زندگي ڪيئن گذرندي؟..... ماڻهو زندگيءَ ۾ الائي ته ڇا ڇا سهندا آهن، تون ته هاڻي ئي همٿ هاري ويٺي آهين. ”رليڪس ٿي... سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“

۽ پوءِ فيضان جي زور ڀرڻ تي هن ڏاڍي مشڪل سان جوس جو گلاس ختم ڪيو. هو کيس مسلسل سمجهائيندو به رهيو. ڌيمي ۽ پيار ڀرئي لهجي ۾ خبر ناهي ته اهو فريش جوس جو اثر هو يا فيضان جي ڳالهين جو يا پنهنجي ٽيبل تي اچي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ تي هن فائل فيضان کي ڏيندي موڪلايو ته هن چيو:

”شڪر آهي جو هيستائين ويٺينءَ ته سهي، نه ته مون سمجهيو ته تون گهر هلي ويندينءَ!“

رابيل اداسيءَ مان مُرڪي وڃڻ لڳي ته کيس فيضان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”پنهنجو خيال رکجانءِ رابيل!“

***

پر وري ٻئي ڏينهن به هن پنهنجي طبيعت بهتر نه سمجهي ته هن فيضان کي فون ڪري چيو:

”سوري فيضان! اڄ آءٌ اچي نه سگهنديس. طبيعيت صحيح نه آهي. مون سوچيو ته توهان کي اطلاع ڪري ڇڏيان. توهان به ڇا سوچيندا ته هڪ ڏينهن اچي ٿي ته هڪ ڏينهن نه.“

فيضان کيس تنگ ڪرڻ واري انداز ۾ چيو: ”آءٌ ڇا سوچيندس. خبر اٿم ته پيريءَ ۾ اهڙا ئي حال ٿيندا آهن.“

رابيل چڙندي چيو: ”مون کان وڏا ته توهان آهيو پوءِ توهان جي به ته پيري اچي وئي آهي.“

فيضان زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو: ”عورت پوڙهي ٿي ويندي آهي، جڏهن ته مرد ڪڏهن به پوڙهو نه ٿيندو آهي. ان لاءِ منهنجي ڳالهه نه ڪر. ۽ ..... هاڻي هي ”توهان“ وغيره جو تڪلف ڇڏ. سنئون سڌو ”تون“ چئو. ها! ... مون کي تنهنجو تيار ڪيل فيچر ڏاڍو پسند آيو. باقي آرٽ جي حوالي سان سرگرمين جون رپورٽون ۽ انٽرويو اڃا ڪرڻا آهن.“

رابيل چيو: ”ها مون سوچيو پئي ته اڄ کان ڪيئي سال اڳ منهنجي ڪيل ڪم جو فائيل آءٌ توهان کي.... اوهه سوري! توکي ڏيکاريندس. ان مان توکي وڌيڪ آئيديا ملندا. سڀاڻي آچر آهي، موڪل آهي سو اڄ ۽ سڀاڻي چڱي طرح آرام ڪندس ته سومر کان باقاعدي ڪم لاءِ اچي سگهان.“

پوءِ ٻنهي موڪلائي فون رکي ڇڏي.

اهڙي طرح ٻن ڏينهن کان پوءِ هوءَ وري آفيس وڃڻ شروع ٿي هئي. هن پنهنجو فائيل فيضان کي ڏنو هو ۽ واپسي مهل جيڏي مهل هوءَ فيضان کان موڪلائڻ آئي هئي ته فيضان کيس ويهڻ لاءِ چيو هو. پوءِ چيائين:

”رابيل! اڄ تنهجو ايڏا سال اڳ ڪيل ڪم جي فائيل جو مطالعو ڪري آءٌ واقعي حيران ٿي ويو آهيان. ان کي پڙهڻ کان پوءِ هڪ بااعتماد، ڦڙت ۽ سوشل ڇوڪريءَ جو تصور ذهن ۾ اچي ٿو جنهن جي هڪ ڀرپور شخصيت هئي.... پوءِ اڄ منهنجي سامهون هڪ مختلف رابيل ڇو آهي؟ هيسيل ڊنل ۽ پريشان. آخر تنهنجو اهو اعتماد ڪيڏانهن ويو؟“

رابيل هڪ ٿڌو ساهه کڻي چيو: فيضان! هر انسان جو هڪ دور ۽ هڪ عمر اهڙي هوندي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي اکين ۾ ڪيئي خواب سجائيندو آهي. سندس اندر جوش ۽ جذبو هوندو آهي ۽ هو مستقبل مان پراميد هوندو آهي. هو سمجهندو آهي ته هو سماج جي غلط ريتن ۽ رسمن کي ۽ ماڻهن جي غلط سوچ ۽ روين کي بدلائي سگهي ٿو.....پر .... وقت گذرڻ سان گڏ کيس احساس ٿيندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ نه فقط ڏکيو بلڪه ڪڏهن ته ذري گهٽ ناممڪن هوندو آهي. آءٌ به ڪڏهن بولڊ هوندي هس، بااعتماد ۽ باهمت هوندي هيس. اڪثر ماڻهو مون کي هڪ مخبوط جبل سمجهندا هئا جنهن کي ٽوڙڻ مشڪل هوندو آهي. پر....درحقيقت منهنجي اندر هڪ ميڻ کان به نرم ۽ حساس ڇوڪريءَ جو وجود هو. وقت ۽ حالتن ۽ ماڻهن جي منفاقت واري روين مون کي اندران ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي... آءٌ اها رابيل آهيان ئي ڪونه ... منهنجي دل ٽُٽَل آهي ۽ منهنجو وجود ڀور ڀور ٿي چڪو آهي. منهنجو هاڻي ماڻهپي تان ايمان ئي کڄي ويو آهي.“

فيضان جيڪو ايڏي دير کيس خاموشيءَ سان ٻڌي رهيو هو. هن جي ماٺ ڪرڻ تي چيائين: ”غلط سوچ آهي تنهنجي. تون صرف Self-Centrad  ٿي پئي سوچين. بهرحال مون کي تنهنجي ماضيءَ سان ڪابه دلچسپي ڪانهي. منهنجي لاءِ اها رابيل اهم آهي جيڪا هن وقت  منهنجي سامهون آهي. مون تنهنجي ٽيبل سيما جي آفيس ۾ رکرائي آهي. هوءَ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي انچارج آهي. مون کيس چئي ڇڏيو آهي ته هوءَ توکي به ڪمپيوٽر آپريٽنگ ۽ انٽرنيٽ آپريٽنگ جي ٽريننگ ڏيندي ڇو ته اڄ جي دور ۾ هر شعبي ۾ پر خاص طرح پبلشنگ ۽ پرنٽنگ ۾ ڪمپيوٽر جي سکيا اهم آهي ۽ انٽرنيٽ سکڻ کان پوءِ پاڻ انٽرنيٽ تي به رابطو رکي سگهنداسين.“

۽ پوءِ رابيل فيضان کان موڪلائي گهر هلي آئي.

پوءِ رابيل شام جو روز ٻه ڪلاڪ فيضان جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. هوءَ سيما جي آفيس ۾ ويهندي هئي. سيما تمام پياري ۽ سٺي طبيعت جي ڇوڪري هئي. هن کيس ڪمپيوٽر جي سکيا ڏيڻ به شروع ڪئي هئي. رابيل کي هاڻي آس پاس جو ماحول سٺو لڳندو هو ۽ کيس محسوس ٿيو ته هوءَ ته هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي محدود ٿي وئي هئي. ۽ کين احساس ئي نه ٿيو ته سوسائٽي جي ماحول ۽ ماڻهن ۾ ڪيڏي تبديلي اچي چڪي هئي. ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي ڇوڪري ناهيد به سيما وٽ اچي ويندي هئي جيڪا الٽرا ماڊرن هئي ۽ پنهنجي ادائن سبب رابيل کي پسند نه آئي هئي پر هن پنهنجي رويي مان ڪڏهن به اها ڳالهه هن کي محسوس ٿيڻ نه ڏني هئي. هوءَ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرن سان تمام فري ٿي ڳالهائيندي هئي. ۽ روز روز سان ٽهڪ ڏيندي هئي. بهرحال رابيل، هاڻي ڪافي سيٽ ٿي وئي هئي. سڀ سندس عزت ڪندا هئا ۽ سيما هن سان ڪافي Frank  ٿي وئي هئي پر پوءِ به هن کي ”ميڊم“ سڏيندي هئي.

هڪ شام جڏهن هوءَ واپستيءَ مهل معمول جيان فيضان کان موڪلائڻ لاءِ آئي ته فيضان کيس چيو:

”تو ته پاڻ کي به آفيس جو ڪو عام ورڪر سمجهي ورتو آهي. ڪڏهن ٿورو ٽائيم ڪڍي مون وٽ به اچي ويهندي ڪر. هينئر ويهه ته گڏجي چانهه پيون، پوءِ هلي وڃجانءِ.“

”جيئن تنهنجي مرضي.“ اهو چوندي رابيل هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهي. ۽ پوءِ جڏهن پٽيوالي کين چانهه ڏئي ويو هو ته فيضان رابيل کي چيو:

”رابيل! ايڏو پري ڇو ويٺي آهين. هيڏانهن اچي ويهه.“

رابيل چيو: ”نه، آءٌ هتي ٺيڪ آهيان.“

فيضان چيو: ”دراصل تون هميشه هن صوفي تي ئي ويهندي آهين ۽ اها جاءِ ڄڻ تنهنجي لاءِ مخصوص ٿي وئي آهي، ان ڪري پيو چوان.“

رابيل مرڪي پئي ۽ پوءِ ڪرسيءَ تان اٿندي صوفي تي ويهندي چيائين: ”بس! هاڻي ٺيڪ آهي نه.“

”هون!“ فيضان چيو ۽ پوءِ ٻئي خاموشيءَ سان چانهه پيئندا رهيا. ان ڏينهن رابيل آسماني رنگ جي پرنٽيڊ سوٽ ۾ ۽ نيچرل ميڪ اپ ۾ ڪافي سٺي لڳي رهي هئي. رابيل محسوس ڪيو ته فيضان ڪنهن ڪنهن مهل هن جي چهري ڏانهن ٿي ڏٺو ۽ ڪنهن مهل وري دريءَ کان ٻاهر. رابيل کي فيضان ٻين مردن کان مختلف ۽ سٺو ان ڪري ئي لڳندو هو جو سندس نظرن ۽ انداز ۾ عام مردن جيان ڪو جذبو نه هوندو هو. بلڪه هن ته ڪڏهن به رابيل کي گهُور وجهي نه ڏٺو هو، بلڪه هُو هميشه سهڻي سلوڪ ۾ ئي هن سان پيش ايندو هو. هن وقت رابيل محسوس ڪيو ته هو کيس ڏسڻ چاهي به پيو پر سندس فطري سادگي ۽ شائستگيءَ جي ڪري هو روايتي مردن جيان کيس گهُوري نه سگهيو ۽ پوءِ نيٺ هن پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ چاهي ۽ چيائين:

”لڳي ٿو ته تنهنجي طبيعت هاڻي ٺيڪ ٿي وئي آهي.“

رابيل چيو: ”اهو وري ڪيئن؟ ڇا منهنجي ڳالهائڻ مان ائين پيو لڳي؟“

”هون!.....ها!....شايد.“ هُن رابيل جي چهري ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ دريءَ کان ٻاهر ڏسندي چيائين ته رابيل کي سندس ان معصوم ادا ۽ سادگيءَ تي ڏاڍو پيار آيو هو ۽ هن سوچيو ته ”هن چوڻ ڪجهه ٻيو پئي چاهيو پر چئي نه سگهيو.“ ٿوري دير بعد فيضان وري چيو:

”سوچيان پيو ته اڳي مون جيڪو پروگرام ٺاهيو هو اهو هاڻي ڪينسل ڪري ڇڏيان.“

”ڪهڙو پروگرام!؟“ رابيل حيران ٿيندي پڇيو.

فيضان تنگ ڪرڻ واري اسٽائيل ۾ چيو: ”تنهنجي لاءِ پاگل خاني ۾ ڪمرو بُڪ ڪرائڻ وارو. پر....! نه..... متان اڳتي وري ضرورت پوي.“

رابيل چڙندي چيو: ”مون به اڳ ۾ چئي ڇڏيو هو ته اڪيلي ته آءٌ به نه وينديس، ٻئي گڏجي هلنداسين.“

فيضان“ اهو ته ظاهر آهي آخر توکي attendant  جي ضرورت ته پوندي نه.“ رابيل کي کل اچي وئي ۽ فيضان به هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو.... ۽ هر پاسي ڄڻ گل ٽڙي پيا هئا.

***

وقت ڄڻ پر لڳائي اڏامي رهيو هو. فيضان جي آفيس ۾ رابيل کي ڪم ڪندي اڍائي ٽي مهينا ٿي ويا هئا. هوءَ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ آپريٽ ڪرڻ سکي چڪي هئي ۽ گهر ۾ به هن پنهنجو ڪمپيوٽر وٺي رکيو هو ۽ انٽرنيٽ جو ڪنيڪشن به. هوءَ اڳي کان ته ڪافي بهتر هئي پر پوءِ به يا ته شايد سندس وهم هو يا الائي ڪا حقيقت يا سندس نفسياتي مسئلو. جو هن اڪثر اهو محسوس ڪيو هو ته هوءَ جڏهن به فيضان جي آفيس ۾ ڪم ڪار لاءِ ويندي هئي يا آفيس مان ٻاهر نڪرندي هئي ته اتي جا هڪ ٻه مرد ورڪر معنيٰ خيز انداز ۾ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي مرڪندا هئا ۽ رابيل کي ڪڏهن ڪڏهن ته هنن جون نظرون طنزيه مُرڪون پنهنجي وجود جي آرپار گذرندي محسوس ٿينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ فيضان جي آفيس ۾ ويٺل هوندي هئي ته کيس ائين محسوس ٿيندو هو ته ديوارن، درن ۽ درين مان به کيس ڪجهه نظرون گهُوري رهيون آهن. طنزيه نظرون

شڪي نظرون

جسم کان آرپار ٿيندڙ

معنيٰ خيز نظرو

....۽ پوءِ اهي نظرون ڄڻ مين گيٽ تائين سندس پيڇو ڪنديون هيون ۽ پوءِ جڏهن هوءَ گهر پهچندي هئي ته کيس ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ هوءَ هڪ محفوظ پناهه گاهه ۾ پهچي چڪي هجي ۽ پوءِ هوءَ سک جو ساهه کڻندي هئي. اڃا هوءَ پنهنجي اندر جي ان احساس جي سبب ئي پريشان هئي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ واقعي سندس سڪون وري برباد ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن سيما کيس چيو: ”ميڊم اڄ ناهيد مون کي فيضان صاحب بابت عجيب ڳالهه ٻڌائي آهي.“

”ڪهڙي ڳالهه؟“ رابيل جو هٿ لکندي لکندي بيهي رهيو.“

”هوءَ چوي ٿي ته فيضان صاحب هن ۾ Interested  آهي. اڪثر هو کيس بهانن سان آفيس ۾ سڏائيندو آهي ۽ اڪثر سندس آفيس جي ٻاهر واري لائونج ۾ سند آفيس ۾ اچڻ ۽ واپسيءَ جي ٽائيم تي بيچينيءَ سان هن جو انتظار ڪندو آهي.“

 

شبانه سنڌي

جيون _ هٿ، درد _ ريکائون

 

”اڃان ٻار آهي نه! هن کي ڪهڙي خبر ته ماما ڇا ٿيندا آهن. وڏي ٿيندي ته پاڻهي خبر پئجي ويندس.“

مامي جي ائين چوڻ تي نميءَ جي دل تان بار لهي ويو. هوءَ مرڪي ماسيءَ ڏي ڏسڻ لڳي.

نمي هاڻي وڏي ٿو وئي هئي.

ماسيءَ، نميءَ لاءِ کوڙ سارا رشتا ڳوليا، پر نمي هر ڀيري انڪار ڪندي رهي. ماسيءَ چاهيو ٿي ته جيترو جلد هوءَ ان فرض کان آجي ٿي وڃي اوترو سٺو. ماسيءَ چاهيو ٿي ته نمي خوش گذاري. نميءَ جو هر وقت اداس رهڻ ماسيءَ کان ڏٺو نه ٿي ٿيو.

پر نمي، مسلسل هر رشتي کان انڪار ڪندي رهي ۽ ماسيءَ کي نميءَ جو ائين هر رشتي کان انڪار ڪرڻ سمجهه ۾ نه ٿي آيو.

هڪڙي رات نمي ماسيءَ جي کٽ تي اچي ويٺي، بيحد نماڻي لهجي ۾ چيائين، ”ماسي، ڇا تون مون مان ڪَڪ ٿو پئي آهين؟“ ماسيءَ ڇرڪي چيو، ”اهو تون ڇا چئي رهي آهين نمي. مان ڇو ڪڪ ٿينديس تو مان.“

”ته پوءِ منهنجي شادي ڇو ٿي ڪرائڻ چاهين؟“ نميءَ جي ائين چوڻ تي ماسيءَ مرڪي چيو، ”شادي ته هر ماءُ ڪرائيندي آهي پنهنجين ڌيئرن ۽ پٽن جي.“

”ڇا زوريءَ به؟!“ نميءَ جون اکيون ڀرجي آيون.

”نه نمي، تون جي راضي ناهين ته مان ڪڏهن به تنهنجو نالو نه وٺنديس،“ ماسيءَ چيو.

”مان توسان گڏ رهڻ چاهيان ٿي ماسي. هڪڙي ماءُ کي وڃائي ٻيءَ کان ڌار ٿيڻ نه ٿي چاهيان. مان ڪومليءَ کي ڇڏي نه ٿي سگهان. ڪومليءَ جي شادي ٿي وڃي ته پوءِ مان هلي وينديس.“

نميءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.

”ڪاڏي ويندينءَ نمي، پنهنجي ماءُ کي ڇڏي ڪيڏانهن ويندينءَ، پنهنجو گهر ڇڏي ڪيڏانهن ويندينءَ؟“

ماسيءَ نميءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري روئي ڏنو.

نمي، ڏسي رهي هئي ته ڪوملي جيئن جيئن وڌندي پئي وئي، تيئن گهڻي خود غرض ٿيندي ٿي وئي. نميءَ کي ته ڇا پر ماسيءَ کي به جواب ڏئي ڪڍندي هئي. نمي سمجهائڻ لڳندي هئس ته وڙهي پوندي هئس. واڪا ۽ دانهون ڪري سڄو گهر مٿي تي کڻندي هئي، تون مون کان سڙين ٿي، مان توکان وڌيڪ سهڻي آهيان نه! تڏهن توکي ساڙ ٿو ٿئي.

نميءَ کي ڪومليءَ جا اُهي لفظ ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. هوءَ سوچيندي هئي، مون جنهن کي پنهنجي زندگي وڃائي پاليو. پاڻ کان وڌ سندس خيال رکيو، اڄ اُها ئي ڀيڻ ٿي مون کي چوي ته مان کانئس سڙان پئي. اڄ اها ڀيڻ مون مان عيب ٿي ڪڍي ته مان ڪني آهيان ۽ پاڻ مون کان خوبصورت آهي. هوءَ سمجهي ٿي ته مان ساڻس پيار نه ٿي ڪريان. جنهن جو مون ايترو خيال رکيو اڄ اها ئي ڀيڻ منهنجي سمجهائڻ تي مون سان وڙهي ٿي. سمجهي ٿي ته مان سندس ڀيڻ نه دشمن آهيان. ڪومليءَ جي ان غلط سوچ نميءَ جي دل درد سان ڀري ڇڏي هئي، سمجهه ۾ نه ايندو هئس ته ڪومليءَ جي اهڙي رويي جو ڇا سبب آهي.

ڪوملي، فرمائشون به اهڙيون ڪندي هئي جيڪي پوريون ڪرڻ هنن جي وس ۾ ئي ڪونه هوندو هو.

ڪومليءَ جون اهڙيون فرمائشون هنن کي پريشان ڪري وجهنديون هيون. هنن کي اها خبر هئي ته ڪومليءَ جي ڪا فرمائش پوري ٿيڻ کان رهجي وئي ته هوءَ ٻائتال مچائي ڇڏيندي. انڪري ماسي ۽ نمي پنهنجين ضرورتن کي گهٽائي به ڪومليءَ جون اجايون فرمائشون پوريون ڪنديون رهنديون هيون.

هڪ ڏينهن ته ڪومليءَ حد ڪري ڇڏي، اسڪول مان هڪ ساهيڙيءَ کي سوني چوڙي پاتل ڏسي آئي ته گهر اچي چيائين، مون کي به اهڙي چوڙي کپي نميءَ گهڻو ئي سمجهايس ته، ”ڪوملي، ڏاهي ٿي، هروڀرو ضد ڇو ٿي ڪرين. تون هاڻي ٻار ته ناهين، سمجهه واري آهين، ڪجهه عقل ۽ هوش کان ڪم وَٺُ. اسان جي ايتري سگهه آهي جو توکي اهڙي سوني چوڙي وٺي ڏيون!؟“

پر ڪوملي مڃي ڇا، چوڻ لڳي، مون پنهنجي ساهيڙيءَ سان شرط هنيو آ ته مان اهڙي چوڙي توکي وٺي ڏيکارينديس. هاڻي جي مون کي اهڙي چوڙي نه ملي ته پوءِ مان ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته مان اسڪول به نه وينديس. منهنجي ساهيڙين آڏو ڪيڏي بيعزتي ٿيندي. مان پاڻ کي ماري ڇڏينديس.

ماري ڇڏڻ جو ٻڌي نميءَ هڪ زوردار ٿڦڙ ڪومليءَ جي ڳل تي وهائي ڪڍيو ته هوءَ اڃا وڌيڪ مڇرجي پئي. ”مار، ڀلي مار مون کي. ماري ڇڏ ته سٺو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڇوڪرين جي مهڻن ۽ ٽوڪن کان ته بچي وينديس. مون کي خبر هئي ته توهان مون کي اهڙي چوڙي ڪڏهن به نه وٺي ڏيندؤ. منهنجي سڳي ماءُ جيئري هجي ها ته وٺي ڏئي ها نه! هيءَ ماءُ ٿورئي آ جو منهنجو احساس ٿيندس.“ ڪومليءَ جي اهڙن لفظن نميءَ کي ويتر ڪاوڙ ڏياري ڇڏي، خبر ئي نه پيس ڪومليءَ کي هن مارڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ اُهو به چوندي رهي ته، ”توکي ماءُ جو ڪهڙو قدر ڪوملي. توکي ڪهڙي خبر ته ماءُ ڇا هوندي آهي. ڀيڻ ڪنهن کي چئبو آهي. توکي رڳو پنهنجين فرمائشن سان مطلب آهي. توکي ان ڳالهه جو ڪهڙو احساس ته تنهنجون فرمائشون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ماسي ڪيتري پريشان رهندي آهي.“ نمي اڃا به ڪومليءَ کي ماريندي رهي ها پر ماسيءَ وچ ۾ پئجي ڪومليءَ کي ڇڏايو. ڪوملي، سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. نميءَ کي اهو سوچي ڏک ٿي رهيو هو ته هن پنهنجي ڀيڻ تي هٿ ڇو کنيو. ڇو ڪومليءَ کي ماريو. پر ڪومليءَ جيڪي لفظ ڳالهايا هئا. اهي نميءَ جي برداشت کان ٻاهر هئا. هوءَ پنهنجي لاءِ هر ڳالهه برداشت ڪري سگهي ٿي پر ماسيءَ کي ڪير ڪجهه چوي اهو هن جي برداشت کان ٻاهر هو.

نمي پٽ تي ويهي رهي ۽ روئندي چيائين: ”ڪوملي! اڄ جي امان جيئري هجي ها ۽ تون ان جي سامهون ماسيءَ جي لاءِ اهڙا لفظ ڳالهائين ها ته هوءَ توکي اهڙي مار ڪڍي ها جو تون عمر ڀر ياد رکين ها. اها ماسي آهي جو ڏکيا ڏينهن گذاري به تنهنجين خواهشن ۽ فرمائشن کي پورو ڪري ٿي. امان هجي ها ته اها تنهنجون اهڙيون فرمائشون هرگز پوريون نه ڪري ها، جيترو دادُ ماسيءَ ڪيو آهي تنهنجو، ائين ته ڪا سڳي ماءُ به نه ڪري، پر توکي ڪو قدر ڪونهي. تون احسان فراموش آهين ڪوملي ۽ اڳتي هلي پڇيائيندينءَ.“

”هاها، مان بري آهيان. مان ئي غلط آهيان احسان فراموش آهيان. هروڀرو ضد ٿي ڪريان، بدتميز آهيان، مان ڇا ڪريان مون کان اهو وسري ٿو وڃي ته منهنجي ماءُ مري وئي آهي. مون کي ڪا به فرمائش، ڪا به خواهش ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي. تون به منهنجي ڀيڻ ناهين. اَڄُ تو مون کي ماري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته تون منهنجي سڳي ڀيڻ ناهين. ماءُ کڻي هڪڙي هئي پر پيءُ ته ٻه هئا نه! تون پنهنجي بيءُ تي وئي آهين. ناهين منهنجي ڀيڻ ۽ نه مان تنهنجي ڀيڻ آهيان.“

ائين چئي ڪوملي ڪوٺيءَ جو دروازو زور سان بند ڪري ٻاهر نڪري وئي. نميءَ جي حالت صفا خراب ٿي وئي. هن کي ڪومليءَ مان اها اميد نه هئي. هوءَ پنهنجو ڪنڌ گوڏن ۾ هڻي ڪيتي دير تائين سڏڪا ڀري روئندي رهي. ماسي هن جو روئڻ بڌي اچي سنڀاليس ته هوءَ ان کي ڀاڪر پائي اڃا وڌيڪ روئڻ لڳي ۽ داهنه ڏيڻ لڳي، ”ماسي، ٻُڌئي ڪوملي ڇا پئي چيو، چوي ٿي ته مان سندس ڀيڻ ناهيان. ڪوملي4 کي ڇا ٿي ويو آماسي! هوءَ اهڙي ڇو ٿي وئي آهي. ها، مون هن کي مار ڪڍي نه، تڏهن ٿي هوءَ ائين چوي. پر ماسي، ماريومانس به حق تي. ڪومليءَ جيڪي لفظ چيا، اهي ڇا صحيح هئا. اهڙا لفظ بچي ڇا مون کي ماٺ ڪري ويهي رهڻ گهرجي ها. هن توهان کي وڌ گهٽ ڳالهايو، منهنجي به عزت نه ڪئي، ڇا مون هن تي هٿ کڻي غلط ڪيو  ۽ هن جيڪو ڪجهه ڪيو صحيح ڪيو؟“ نمي، روئندي رهي ۽ ماسي کيس پرچائيندي رهي.

رات جو ڪومليءَ ماني کائڻ کان انڪار ڪي ڇڏيو. ماسيءَ منٿون ڪيس پر هوءَ ضد تان نه لٿي. نيٺ نميءَ ماسيءَ جي هٿن مان ماني ورتي ۽ مومليءَ وٽ آئي. ماني آڏو رکندي چيائينس، ”تنهنجي ڪاوڙ مون سان آنه؟ مانيءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي.“ڇو نه ٿي ماني کائين. ماسيءَ توکي هيتريون منٿون ڪيون ته به چوڻ نه ڪيئي. ڏاهي ٿي ڪوملي، وڏن جو چوڻ وٺبو آهي.“

”هاها ڇو نه، وڏا مارين ته به انهن جو چوڻ وٺجي.“ ڪومليءَ کي اڃا ڪاوڙ هئي.

”ڪوملي، تون سمجهين ڇو نه ٿي. وڏا، ننڍن کي ڪنهن چڱائيءَ تان ئي ڪجهه چوندا آهن نه. هروڀرو ٿوروئي ماريندا آهن. انهن جي مارَ ۾ به پيار هوندو آ ۽ دڙڪن ۾ به سمجهاڻي هوندي آهي.“

”ڪو نه ٿو کپي مون کي اهڙو پيار ۽ سمجهاڻي.“ ڪومليءَ ڪاوڙ مان چيو.

”ڏاهي ٿي ڪوملي، ماني کاءُ، ضد نه ڪر. ڏسُ مان ڪيتريون منٿون پئي ڪيانءِ ڪاوڙ پنهنجي جاءِ تي، ماني نه موٽاءِ ڪوملي. رزق کي نه ڌڪاربو آ. الله ناراض ٿيندو آهي.“ نميءَ سمجايس.

”مون چيو نه ته مان نه کائينديس. مري وڃان ته توهان جي جان ڇٽي پوندي.“ ڪوملي منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.

”تون سمجهين ٿي ته اسين تو مان بيزار آهيون. اسان کي تنهنجو ذرو به خيال ڪونهي. تون ڀليل آهين ڪوملي، ائين ڪونهي. تنهنجي ان ڪاوڙ جو سبب جيڪڏهن، منهنجي مارَ آهي ته پوءِ اچ تون به مون کي مار. حساب برابر ڪر، پوءِ ته تنهنجي ڪاوڙ لهي ويندي نه؟ اچ، مار اچي مون کي. مون جيترو ماريو مانءِ، ان کان ٻيڻ تي مون کي مار. پر خدا جي واسطي، ڪاوڙ ختم ڪر ڪوملي. اٿي ماني کاءُ“، نميءَ جي اکين مان ڳوڙها پئي ڪريان پر ڪومليءَ تي انهن جو ذرو به اثر نه ٿيو.

”مارڻ سان جي تنهنجي ڪاوڙ گهٽجي سگهي ٿي ته پوءِ مار نه مون کي، مارين ڇو نه ٿي؟ مون کي مارڻ سان تنهنجي ڪاوڙ ختم ٿي ويندي نه، مان تنهنجي ڀيڻ ٿورئي آھيان. توکي سمجهائڻ جو حق ٿورئي آ مون کي. هلي آءٌ، اچي مار  مون کي جيترو وڻيئي مار. اچ نه ڪوملي، مارين ڇو نه ٿي مونکي. حساب برابر ڇو نه ٿي ڪرين؟ اچ ڪوملي، مان پاڻ ٿي چوانءِ ته اچي مار مون کي، جذبات ۽ ڏک وچان نمي ڏڪڻ لڳي. ماني هٿن مان ڪري پيس. پاڻ تي ضبط نه ڪري سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئي پئي. ماسيءَ اچي کيس سنڀاليو. ڪوملي به ڪجهه ڪجهه پريشان ٿي وئي. ٻيو ڪجهه نه سُجهيس ته پٽ تي ڪريل مانيءَ جا ٿانوَ کڻي نميءَ ڏانهن نهاريندي چيائين. ”روءُ نه، مان ماني کايان ٿي.“ ائين چئي هوءَ رڌڻي طرف هلي وئي.

ڪومليءَ جي ڪري رُڳي نمي ئي نه ماسي به سخت پريشان رهندي هئي. ڪوملي ڏينهون ڏينهن بگڙجندي پئي وئي. اسڪول مان دير سان موٽندي هئي. پڇا ڪرڻ تي وڙهي پوندي هئي ۽ رکي لهجي ۾ جواب ڏيندي هئي. ”ڪم سان سهيليءَ جي گهر وئي هيس انڪري دير ٿي وئي.“ ڪڏهن ڪڏهن بنان ٻُڌائڻ جي گهر مان نڪري ويندي هئي ۽ سج لهڻ کان پوءِ پئي موٽندي هئي. نمي، ٿوري ڪاوڙ ڪندي هئس ته هڪدم تيز ٿي ويندي هئي. چوندي هئي، ”تون شڪ ٿي ڪرين مون تي، مان جي وڃان ٿي ته به پنهنجين سهيلين جي گهر ٿي وڃان. ڪنهن ٻئي هنڌ، ڪنهن ڇوڪري سان ته ڪو نه ٿي ملڻ وڃان جو تون ڪاوڙ ٿي ڪرين. تنهنجي نوڪرياڻي ته ناهيان جو توکان موڪلائي پوءِ وڃان. مون کي تنهنجي اها سختي ۽ روڪ ٽوڪ پسند ناهي. مان پنهنجو برو ڀلو سمجهان ٿي. ڪا ضرورت ناهي مون کي سمجهائڻ يا نصيحتن ڪرڻ جي. مان ڄاڻان ٿي منهنجي زندگي.“ ڪومليءَ جا اهڙا لفظ نميءَ کي چپ ڪرائي ڇڏيندا هئا. ڪومليءَ جو رويو رڳي هنن سان ئي نه پر وليءَ سان به ٺيڪ نه هوندو هو. هو موڪلن ۾ ايندو هو ته ڪوملي ڳالهه ڳالهه تي ساڻس وڙهي پوندي هئي. ٽوڪون ۽ مذاق ڪندي هئس.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com