سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :14

رات تائين اسان ڪفن دفن جو ڪم پورو ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين يعني ٽيجهي تائين ته آءُ رسم موجب فاتحه خواني لاءِ ايندڙن سان ملندو رهيس، مگر مون کي خبر نه رهي ته مون کي 18 ڪلاڪ بي هوشي رهي. جڏهن هوش ۾ آيس ته ڀرسان ٽپائي تي پيل ڪاغذ ڏٺو جنهن تي هر ٽن ڪلاڪن بعد منهنجي بخار جي تپاس لکيل هئي، اوائل ۾ 105 ڊگريون لکيل هو ۽ پوءِ آهسته آهسته لهندي جڏهن مان هوش ۾ آيس ته ان وقت 102 هو پوءِ آهسته آهسته هفتي کن ۾ لهي معمول تي آيو. زينت کي گهر جي بلڪل ويجهو100 کن قدمن تي هڪڙي بزرگ بخاري شاهه جي تربت ۽ مقام آهي ان ۾ دفن ڪيو ويو جو زينت ان بزرگ تي ڏڻ وار تي اتي اگربتيون ٻارڻ لاءِ موڪليندي هئي ۽ ختمو ڏيڻ ويندي هئي ۽ ختمي جي ماني موڪليندي هئي. ٽيجهي جي رسم جماڻو، بيگم پير غلام رسول شاهه ڪيو، جنهن کي زينت پنهنجي ڀيڻ ڪيو هو ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان ڀينرن وانگر هلنديون هيون ۽ هاڻي به ساڳي طرح پاڻ ۽ سندس اولاد اسان سان ائين هلندو اچي. چاليهي گذارڻ بعد تربت پڪيءَ طرح ٻڌائي وئي، جنهن جي مٿي طرف واري پٿر تي شاهه صاحب جو هي بيت لکيل آهي:

اڄ نه پسان سي آتڻ ڪتم جن سين،
هاڻي تني کي ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان.
 

هڪ دفعي مون کي ڪاغذ ۾ لکيو هئائين ته ”منهنجي فوت ٿيڻ بعد تون ضلع جو حاڪم هجين يا سنڌ جو يا ڪجهه ٻيو مگر منهنجي قبرتي رڳوهڪ دفعي ئي اچي فاتح خواني ڪجانءِ“ ۽ هميشه چوندي هئي، ته منهنجي هميشه اها دعا آهي ته تنهن جي حياتي مون کان وڏي ٿئي.

ٻارهن مهينن تائين آءُ هر روز شام جو وڃي تربت تي فاتحه خواني ڪندو هوس ۽ ان بعد هفتي ۾ 2-3 دفعه ويندو آهيان، هر ننڍي وڏي ڏڻ وارتي گلن جون چادرون چاڙهيندا آهيون ۽ ريشمي روا سندس تربت تي وجهندا آهيون ۽ اگربتيون ٻاريندا آهيون. روا ٻن ٽن روزن کان پوءِ غريب زالن کي خيرات طور ڏيندا آهيون ۽ زينت جي نالي روزانه هڪڙي ماڻهو کي خيرات جي ماني ڏيندا آهيون.

شوڪت ان وقت ڌاري آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ وڃڻ وارو هو، مگر پاڻ به اهو خيال ڪيائين ۽ سندس ڀيڻ به چيس ته بابا کي ڇڏي نه وڃ. ان ڪري وڃڻ جو خيال لاهي آمريڪا جي يونيورسٽي کي لکي موڪليائين ته هن واقعي جي ڪري آئون اچي نه ٿو سگهان. هفته کن بعد مون شوڪت کي چيو ته بابا مان تنهنجي آئينده جي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهڻ پسند نه ٿو ڪيان اها ته توکي ۽ تنهنجي ڀيڻ کي شابس آهي جو منهنجو ايترو خيال ڪيو اٿو. هاڻي جيئن ته تو هن کان اڳ يونيورسٽي آمريڪا کي لکي موڪليو آهي ته مان ڪونه ٿو اچان. ان ڪري هنن متان تنهنجي اسڪالر شپ رد ڪري ڇڏي هجي ان ڪري هنن کي تار ڪري موڪل ته مون پنهنجي ارادو بدلايو آهي آءٌ پڙهڻ لاءِ اچي رهيو آهيان ان ڪري منهنجي اسڪالرشپ بحال ڪئي وڃي، البت شايد ايترو ٿيندو  جو مان اول لنڊن مان پنهنجي  ڀيڻ وٽان ٿيندو  ايندس جا اتي وڏي ڊاڪٽر آهي. ان ڪري 2-3 روز دير سان پهچان ته اها دير معاف ڪئي وڃي  آمريڪا جي يونيورسٽيءَ  وارن هڪدم تار رستي همدردي جا لفظ به لکيا ۽ لکيائون ته تنهنجي اسڪالر شپ قائم آهي تون ڀلي اچ ۽ تنهنجي 2-3  ڏينهن جي دير به معاف ڪئي ويندي. خير  سان تڙ تڪڙ ۾ شوڪت پنهنجا ڪاغذ پٽ رواني ٿيڻ جا ٺهرائي  روانو ٿي ويو جتان 3 فيبروري  1976 واپس اچي ويو، جنهن بعد سندس شادي ٿي جنهن جو سندس ماءُ کي تمام گهڻو شوق هوندو هو. زينت کي غريبن جي مدد ڪرڻ جو گهڻو شوق  هوندو هو. ڪيترن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ساليانه امتحان وقت سال جي فيءَ جا پئسا نه هوندا هئا ته اهي هوءَ انهن کي ڏيندي هئي ۽ ڪن کي ته بي. اي ۽ ڊاڪٽري جي پنجن سالن تائين پڙهائي نوڪريون وٺائي ڏنائين. ان کانسواءِ لاڙڪاڻه ضلع ۾ ته ڪيترا زنانه انگريزي خواهه سنڌي اسڪول ڪڍايائين جي هاڻي سرڪاري  طرح هلندا هوندا.

هوءَ ڪيترن ادران ۾ مصروفتون رکندي هئي. جيئن ته اوائل ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شاديءَ کان اڳ ۾ هئي ۽ پوءِ   مسلم ليگ ۾ چڱو بهرو ورتائين ۽ پوءِ پيپلس پارٽيءَ ۾ شامل ٿي. تنهن کانسواءِ شاهه لطيف ڪلچر سينٽر جي ميلي جي ڪميٽي جي ميمبر ۽ لطيف يادگار ڪائونسل جي ميمبر، جيل ڪميٽي جي عورتن طرفان ميمبر، زنانه ڪلب حيدرآباد جي ڪجهه وقت پريزيڊنٽ ته ڪجهه و      قت وائيس پريزيڊنٽ، رائٽرس پاڪستان گلڊ جي ميمبر،  ايڊيٽر انڊس آرٽس ڪائونسل جي ڊائريڪٽر، پاڪستان سوويت ڪلچر سوسائٽي جي ميمبر، زنانه نيشنل گارڊ جي ميمبر ۽ ريڊيو جي صلاح ڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبر.

ريڊيو تي موقعن موجب تقريرن ڪرڻ لاءِ کيس دعوت ملندي هئي، حيدرآباد اپوا ۾ به شايد وائيس پريزيڊنٽ هئي. ڪاليجن ۾ تقرير ڪرڻ ۽ صدارت ڪرڻ لاءِ کيس دعوتون ملنديون هيون.

اڙدو خواهه سنڌي ڪتابن ۽ رسالن پڙهڻ سان گهڻو شوق هوندو هوس، ان ڪري ڪيترا سو ڪتاب وٽس هئا، جن کي لئبريري نمونا ٺاهي انهن تي نمبر ۽ قسم لکي هڪ ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين. انهيءَ نوٽبڪ تي لکيائين: ”زينت لئبريري جا ڪتاب“ انهن ڪتابن مان ڪيترا وٽانس پڙهڻ لاءِ وٺي ويا جن نه موٽايا ۽ ڪيترا هڪ گهر کان ٻي گهر تبديل ڪرڻ ڪري هيٺ مٿي ٿي ويا. مگر انهن ۾ هونءَ ته ڪيترا ڏاڍا چڱا ڪتاب هئا، مگر هڪ ڪتاب جو پاڻ لکيو هئائين ”پدمڻي“  جنهن ۾ تاريخي حوالو ڏئي ڏيکاريو هئائين ته علاءُ الدين خلجي تي جو الزام آهي ته هن چتور جي قلعه جو گهيرو تڏهن ڇڏيو جڏهن هن جي گُهر موجب پدمڻي جي شڪل کيس آئينه ۾ ڏيکاري وئي. انهي ڪتاب جي پروف ڪاپي ڏيپلائي صاحب مفت ۾ ڪيترن سالن کانپوءِ پنهنجي پريس ۾ ڇاپي ڏني، جا ڇپائڻ خاطر اسان پاڻ وٽ رکي. جڏهن زينت پنهنجي پريس ورتي ۽ ان ۾ ڪتاب ڇپائڻ جو خيال ڪيائين ته اهو ڪتاب ڳوليندي ڳوليندي  به نه لڌو، اهو ارمان اسان کي رهجي ويو.  شايد ڪنهن طرح اهو هيٺ مٿي ٿي ويو يا ڪو پڙهڻ لاءِ وٺي ويو ۽وري نه موٽايائين.

سال 1952ع ڌاري زينت وٽ ڪورٽ آف وارڊس وٽان شاهوڪارن جا ٻار پاڻ وٽ سنڀال ۽ رهائڻ لاءِ ۽ انهن جي پڙهائڻ جي بندوبست لاءِ رهايا ويا ۽ ان جو اجورو زينت کي چڱو ملندو هو. ان بعد خانگي طرح به ڪيترن خاندانن، ميرن ۽ پيرن ۽ سردارن جا ٻار به اچي رهيا، جي آخر وقت  تائين وٽس يا  ڪي سنڌ جا هئا ته ڪي ٻاهر جا. ان کانسواءِ زينت کي اهو به شوق هوندو ته هن کي پنهنجي ڪمائي جدا هجي جيئن هو گهرو خرچ کانسواءِ، باقي ٻيو خرچ جو پاڻ تي ڪرڻو هجيس، سو پاڻ پنهنجي اپت مان ڪڍي.  اوائل ۾ هن کي هڪڙي بجريءَ جي سرڪاري ٺيڪي ۾ ڀائيواري هئي، جنهن مان روزانه 15 کان 30 روپيه ملندا هوس. ڪيترا سال اهو ٺيڪو هليو. ان بعد پيٽرول پمپ ۾ ڀائيواري جنهن مان شروعات ۾ 50 هزار کن مليس ۽ پوءِ هر ماهه ساڍا 4 سو روپيه ملندا هيس. اهو ٺيڪو 30 سالن لاءِ هو جنهن مان سندس وفات بعد ڏهه سال گذريا هئا ۽ باقي ڏهه سال رهيل هئا جن جا پيسا هر ماهه چيڪ رستي اسان کي اڃا ملن پيا ۽ ڏهن باقي رهيل سالن لاءِ ملندا رهندا. هڪڙو پلاٽ 45 هزار روپين ۾ وڪيائين ۽ ٻيو پلاٽ ساڍا 5 هزارن ۾. 45 هزار روپين وارو پلاٽ پاڻ ساڍن چئن هزارن ۾ ورتو هئائين. ميهڙ جي طرف هڪڙي زمين جي ٺيڪي ۾ حصو هوس،  جنهن مان 3 سالن تائين هر سال 8 هزار روپيه  ملندا هوس ۽  اهي ڏهن سالن تائين مليس، اوائل ۾ بنگلو لطيف آباد ۾ ٿي ٺهرايائين جنهن جو اڌ ٺهرائڻ  بعد 8 هزار روپيه نفعي تي وڪڻي ڪجهه سالن بعد ڊاڪٽر ڪالوني ۾ پلاٽ وٺي ان ۾ جاءِ ٺهرايائين، جنهن لاءِ فنانشل ڪارپوريشن مان 35 هزار قرض باقي75 هزار پان ڪڍيائين ۽ گهر تي نالو ”زينت هائوس“رکيائين. هن کانپوءِ مون گهر جو خرچ ڏيڻ بند ڪيو جو پينشن مان ايترا پئسا ڪونه ملندا هئا. هن کانسواءِ سال1949 کان اول وڏي گاڏي ڪرايه تي نوڪر رکي هلارايائين پوءِ وري هڪڙي رڪشا رکي اهو نوڪر هٿان ڪرايه تي هلارايائين. انهن مان روزانه ڪجهه پئسا ملندا هوس ۽ پوءِ وري ڪي مهينا هڪڙو اڌوراڻو ٽرڪ وٺي، ان کي ٺيڪ ڪرائي ڪي مهينا ڪرائي تي هلارايائين جو پوءِ وڪڻي ڇڏيائين. انهيءَ اپت مان حيدرآباد کان11-12 ميلن تي هڪڙي زمين 150 ايڪڙ ورتائين، جا اڃا اسان وٽ آهي ۽ هاڻي راجه جي نالي آهي. هڪڙو پلاٽ ٻيو به هوس جو سندس وفات بعد گهر تي کنيل قرض ۾ رقم ڏني وئي، هڪ دفعه1960 ۾ جڏهن سرڪار مون کي حيدرآباد ميونسپالٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو، ته مون وٽ موٽر وٺڻ جيترا پئسا ڪونه هئا، مگر مون کي همٿائي موٽر پاڻ وٺي ڏنائين.

ساڳي طرح جڏهن1966 ۾ جنيوا ۾ هوس، ته نصرت جو آخر سال جو امتحان پورو ٿيو ۽ نتيجي ظاهر ٿيڻ تي سندس رخصتي  ڪيائين ۽ کيس لنڊن جي ٽڪيٽ ۽ رخصتي جو سمورو  خرچ پاڻ ڪيائين.

غريبن جي مدد ڪرڻ جا به ڪيترا نمونه هئس، جيڪي نوڪرياڻيون ماني پچائڻ لاءِ رکندي هئي ته انهن کي اڌ پگهار ڏئي باقي اڌ پاڻ وٽ جمع ڪري جڏهن هزار کن ٿيندو هو، ته انهن کي چوندي هئي ته هاڻي هن مان پنهنجي اپت وڌايو، انهن پئسن مان پوءِ اهي نوڪرياڻيون ڳئون يا مينهون ڌاري کير وڪڻي اپت وڌائينديون هيون. اهڙين ماين وٽ هاڻي ڪن وٽ 3- ڪن وٽ 6-7 ۽ ڪن وٽ 11- 12 مينهو آهن ۽ تمام خوش پيون گذارين.

گهر جو سمورو سامان هڪ نوٽبڪ ۾ لکيل هوس، ايتري قدر جو جڏهن آءٌ لاڙڪاڻه ڪليڪٽر ٿي ويس ته ان وقت جيڪي بسترا، چادرون، کيس، ٿانو، چمچا، چانهه جو سامان مطلب ته هر چيز لکيائين جا اڃا تائين ان نوٽبڪ ۾ لکي پئي آهي.

   (هلندڙ)

فهميده حسين

دنيا ۾ عورت بابت مروج مفروضا، وهم ۽ وسوسا

دنيا جي مختلف سماجن ۾ قديم دؤر کان جديد دؤر تائين عورت  کي هڪ گهٽ درجي جي مخلوق، ناپاڪ، منحوس ۽ تمام خراب هستي ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف قول اقوال، وهم وسوسا ۽ ريتون رسمون رائج رهيون آهن، هڪ نظر انهن تي وجهڻ سان ٻه ڳالهيون ذهن ۾ اچن ٿيون.

پهرين ته اها، ته عورت شايد پنهنجي ڪن خوبين ۾ بهتر خاصيتن جي ڪري مردنن جي ذات لاءِ هميشهه خطرو بڻجي رهي آهي، ان ڪري هن کيس ڪمتر ۽ گهٽ ثابت  ڪرڻ لاءِ شعوري طرح اهي سڀ ڳالهيون ويهي گهڙيون آهن جو اهي پڙهي يا ٻڌي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته هوءَ يا ته انسان ئي ڪانهي، يا وري هڪ تمام شرم لائق وجود رکي ٿي، ٻيو خيال اهو ٿو  اڀري ته، تاريخ ۾ ايڏي طويل عرصي تائين ۽ ايتري  وسيع پيماني تي سندس وجود جي نفي ۽ گهٽتائي ڪرڻ جي باوجود به هوءَ پنهنجو وجود قائم ۽ دائم رکندي آئي آهي،  سو ضرور  منجهس ڪي اهڙيون قدرتي خوبيون آهن، جن  سندس بچاءُ ڪيو آهي.

هڪ مفروضو جيڪو دنيا ۾ آيل اڪثر مذهبن ۾ ورجايو ويو آهي، سو آهي حوا جو آدم جي پاسراٽيءَ مان پيدا ٿيڻ ۽ بهشت  ۾ کيس ورغلائي اتان تڙائڻ بابت.... انهيءَ حوالي سان کيس ڦڏي،  فطرت ۽ مجرم ذهنيت وارو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، پر عيسائي ۽ يهودي مذهب ۾ انهيءَ ڳالهه کي اهميت هئي، پر اسلام ان ڳالهه کي رد ڪيو ۽ عورت بابت اهڙي ڳالهه ڪرڻ کان منع  ڪيو ويو، پر اڄ به اسان جا اڪثر عالم بنا تحقيق جي اها ڳالهه ورجائيندا آهن، قرآن ۾ ڪٿي به ائين لکيل ڪونهي پر مسلمانن ۾ اهو تاثر عام آهي ته  بيبي حوا ڏاڏي آدم جي پاسراٽيءَ  مان نڪتي ۽ کيس منع ٿيل ميوو کائڻ جي ترغيب ڏنائين. عربن ۾ ڇوڪريءَ جو ڄمڻ نه صرف ان گهر پر سموري ڪٽنب  ۽ قبيلي جي لاءِ نڀاڳ سمجهي کيس جيئري پوريو ويندو هو. جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڇوڪري جيئري پورجڻ کان بچي وئي، ته پوءِ سندس وجود سڄي ڄمار گهر  وارن لاءِ شرم جو باعث  هوندو هو.

مصر ۾ عيسوي سن جي آغاز کان به پهرين اهو رواج هوندو هو ته جڏهن به نيل نديءَ ۾ اٿل ايندي هئي يا ٻوڏ جو خطرو هوندو هو، ته ملڪ جا ماڻهو ڪنهن جوان خوبصورت ڇوڪريءَ کي ريشمي ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا پارائي، سورنهن سينگار  ڪرائي سندس ٻلي چاڙهڻ لاءِ درياهه داخل ڪندا هئا ۽ جيئري  ٻڏندڙ ڇوڪريءَ لاءِ سمجهندا هئا ته اها ڇوڪري وڃي درياهه بادشاهه کي برباديءَ کان جهليندي. ”گولڊن بائو“ نالي ڪتاب ۾ ان کانسواءِ ٻين ملڪن بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيل آهن.

مينهن وسائڻ بابت پڻ ڪيترين قومن وٽ اهڙيون رسمون ملن ٿيون. روس ۾ ڊور پٽ نالي علائقي ۾ توڙي پلاسڪا نالي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين کي اگهاڙو ڪري، رات جو ڳوٺ جي سرحد وٽ پاڻي ڇڻڪارڻ جي ڪم تي رکندا هئا ته جيئن برسات جو ديوتا راضي ٿي مينهن وسائي، سائيبريا واري پاسي وري ڪنهن هڪ ڇوڪريءَ کي اگهاڙو ڪري سندس بدن تي گل پن وغيره ٻڌي ان کي ”ڊوڊولا“ جو نالو ڏيندا هئا. پوءِ اها پاڻ جهڙين ٻين ڇوڪرين سان ڳوٺ جي گهرن تي در در وڃي نچندي هئي ۽ پوءِ انهن گهرن مان مٿن پاڻي هاريو ويندو هو، اهو سندس لاءِ مينهن وسائڻ جو سوڻ هو.

ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ ٻارن جو ميڙ ٺاهي، هڪ ڇوڪري کي وچ ۾ هڪ گلدستو هٿ ۾ ڏئي ان مٿان پاڻي ڇٽڪارڻ جي رسم ڪندا نچندا رهندا هئا، اهو مينهن کي پرچائڻ جو ڍنگ هو.

وچ آفريڪا  ۾ پيپلس نالي قوم جا مرد فصلن ۾ ٻج پوکڻ کان چار پنج  ڏينهن اڳ پنهنجي زالن جي پاڇي کان به پري  رهندا هئا، سندن خيال هو  ته ائين  هو پنهنجون سڀ قوتون ٻج پوکيندي ڌرتيءَ ۾ داخل ڪري سگهندا.

ڪجهه ٻين قبيلن ۾ ان جي ابتڙ رواج  به ملن ٿا، اهي ٻج ڇٽڻ کان اڳي اتي زالن سان گڏ اچي رهندا هئا.

وچ آفريڪا ۾ بگنڊا نالي قبيلي ۾ ٻج ڇٽجڻ کان وٺي، ان جي ڦٽڻ تائين اتان ڪنهن سنڍ عورت جو لنگهڻ بند ڪيو ويندو هو ۽ جاڙن ٻارن جي مائرن کي وٺي اچي اتان پير گهمرائيندا هئا. ڌرتيءَ ۽ عورت جي تخليق قوت بابت موهن جي دڙي جي ماڻهن وٽ  به اهڙا ئي ڪي رواج هئا.

اڪثر قومن ۾ عورتن لاءِ مهيني جي ڪن خاص ڏينهن ۾ توڻي ٻار ڄمڻ  واري عرصي بابت  ناپاڪيءَ جو تصور ملي ٿو. انهن عرصن دوران ڪنهن به قسم جي عبادت ڪرڻ، پاڪ  ڪتابن کي هٿ لائڻ ۽ ديون ديوتائن کي ڇهڻ کان منع  ٿيل هوندي آهي. مسلمانن ۾ مسجد ۽ ٻين مذهبي جاين تي وڃڻ جي جهل هوندي آهي. سنڌ ۾ به چوندا آهن ته انهن ڏينهن  ۾ آچار يا کٽان کي هٿ  لائڻ سان اهو خراب ٿي ويندو. ڪنهن گهر ۾ ٻار کي ماتا، ارڙي، ننڍي ماتا يا لاکڙو (همبسڙا) نڪتل  هجن ته ان گهر ۾ به اهڙي ناپاڪ  عورت کي وڃڻ کان جهليو ويندو آهي. انهن گهرن ۾ مڙسن کي زالن  کان دور رهڻ جي هدايت ٿيل هوندي آهي، اها ڳالهه ان دؤر جي يادگار ٿي لڳي جڏهن انهن بيمارين کي ديوي ماتا جو درجو ڏيندا هوندا (جهالت  سبب نه سمجهي سگهڻ ڪري)

سنڌ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇاپاڪي جي بيماري هجي، ته ان کي ڪنهن ڀنگياڻيءَ کي ڀاڪر پائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، عقيدو آهي ته ائين اها  بيماري لهي ويندي.

آسٽريليا جي ڪن هنڌن تي انهن ڏينهن ۾ عورت مرد جي استعمال جي ڪنهن به شي کي ڇهي نه ٿي سگهي. جتان مردن جو گذر هجي. ويم کانپوءِ وارو دؤر ناپاڪ ڄاڻي ان دؤر ۾ سندس استعمال ۾ آيل ٿانو ۽ ٽپڙ ساڙيا ويندا هئا.

امريڪا جي اصلوڪن رهاڪن جي قبيلن ۾ ڇوڪريءَ جي سامائجڻ وقت سندس پاڇو مردن لاءِ منحوس سمجهيو ويندو هو. تاهيٽي  ۾ ويايل زال کي ٻن ٽن هفتن لاءِ سڀني کان پري  ڪنهن عارضي ٺاهيل جهوپڙيءَ  ۾ رکندا هئا، ته جيئن ٻين تي ڪو اثر نه پوي.

الاسڪا ويجهو هڪ ٻيٽ ڪاڊيڪ ۾ به ائين ئي رواج هو. اتي مئل يا ڪچو ٻار ڄڻيندڙ يا ڪهائي واري عورت تي تمام گهڻيون  سختيون ڪيون وينديون هيون،  انهن سڀني هنڌن تي جتي به اڃا جهالت آهي، اهي رسمون رائج آهن. سنڌ ۾ ٻهراڙين ۾ سهانجي وقت عورت جي چوڌاري ڳوٺ جون  سڀ عورتون اچي جمع ٿينديون آهن. عقيدو اهو آهي ته ائين جلد ڇٽندي، سندس پيرن ۾ ڌاڳا  ٻڌنديون آهن ۽ ٻيا به گهڻا ساٺ سوڻ ڪنديون آهن. ڄم کان وٺي شادين مرادين تائين عجيب عجيب رسمون ملن ٿيون،  هندن ۾ مڙس کانپوءِ عورت جو زنده رهڻ بيڪار سمجهيو ويندو آهي ۽ ستيءَ جي رسم ان جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل آهي. هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪي گڏيل وهم به هندستاني اپکنڊ ۾ رائج آهن. انهن مان ڪي سنڌ ۾ به موجود آهن. مثال طور: وهانءَ جي موقعي تي گهوٽ ڪنوار سان ٿيندڙ ساٺن ۾ ڪا بيواهه يا ڏهاڳڻ حصو نه وٺندي آهي، ڪنوار گهوٽ تي سندس پاڇو پوڻ به نڀاڳ  سمجهيو  ويندو آهي.

هرڪو ساٺ سوڻ ست سهاڳڻيون ڪنديون آهن، سهاڳ سڀاڳ جي نشاني سمجهبي آهي، پوءِ اهو سهاڳ ڀلي ته صبح شام ڪٽيندو هجيس يا رت رئاڙيندو هجي. ان جي مرڻ تي مٿس زندگي حرام ٿي ويندي آهي. ٻانهن مان چوڙيون ڀڃي لاهيندا آهن، نڪ مان ڦلي يا نٿ پڻ لاٿي ويندي آهي ۽ اڇا ڪپڙا پائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي سهاڳڻ کي ڪاريون چوڙيون، ڪارا ۽ اڇا ڪپڙا پائڻ کان جهليو ويندو آهي،  سهاڳ جي تمام گهڻي اهميت آهي. ان ڪري ڪيتريون دعائون سهاڳ جي تصور جي چوگرد ڦرن ٿيون. پٽ کي دعا ڪئي ويندي آهي ته ”شل جئن وڏي ڄمار ماڻين،“ ڌيءَ کي دعا ڪبي ته شل نصيب چڱو ٿيئي (مڙس، ساهرا سٺا ملن) شل سدا سهاڳڻ هجين (معنيٰ مڙس مرد جيئي.) شل ستن پٽن جي ماءُ ٿين (معنيٰ مرد پئدا ڪري مرين)، شل ڀائرن تان صدقي ٿين (معنيٰ مرد جيئن- تون مرين)

مرد ڪهڙو به ڪپڙو پائين ڪيئن به سينگار ڪن مڙئي خير آهي عورت آڏي سينڌ ڪڍي ته قبر ۾ نانگ سينڌ کي ڏنگيندو، جيڪڏهن ٻه چوٽيون ڪيائين ته نانگ  ڳچيءَ ۾ ويڙهبس، مٿو اگهاڙو ڪيائين ته جن چڙهي ويندس يا حساب ٿي ويندس.

سنڌ ۾ عورت جي حيثيت بابت تاريخ تمدن سنڌ ۾ به چڱيون ڳالهيون بيان ٿيل آهن. مثلاً: هڪ عورت جي قيمت ڏاندن جو جوڙو يا ڦلن مٺ ٿي سگهي ٿي، ملهه وڙهڻ مهل زالن تي شرطون رکبيون  هيون، يونانين جي هتي اچڻ واري دؤر  ۾ بازار ۾ غلام ڇوڪرين جي ٻولي لڳندي هئي، زالن کي مڙس جي سڙندڙ چتا ۾ زوريءَ اڇليو ويندو هو.

سنڌ ۾ ان جي ابتڙ رواج به رهيا آهن. تاريج کان اڳ واري دؤر ۾ ماءُ آدرشي سماج هوندو هو، جنهن ۾ عورت جو درجو ماءُ ۽ ديوي جو هو ۽ ان کي پوڄا لائق ۽ عزت ڀريو رتبو حاصل هو. پوءِ جي دؤرن ۾ نياڻين کي اصولي طور وڏي اهميت حاصل  رهي آهي، نياڻي ميڙ وٺي وڃڻ تي خون به معاف ڪيا ويندا هئا. نياڻيءَ جي در تي اچڻ کانپوءِ ان کي موٽائڻ  گناهه هو. نياڻيءَ کي ست قرآن به سڏيو ويو آهي. پر عملي طورساڻس ڏاڍايون وڌيڪ نظر اچن ٿيون.

اسپين ۾ چوڻي آهي ته زال ۽ خچر ٻئي سونٽيءَ سان سڌا آهن.  مسلمانن ۾ عام طور چوندا آهن ته مڙس مجازي خدا آهي جي خدا کانسواءِ سجدو ڪرڻ جائز هجي ها، ته عورت کي چيو وڃي ها، ته مڙس کي سجدو ڪر. هندن ۾ پراڻن ڪتابن ۾ عورت کي بنا روح وارو وجود ڪوٺيو ويو آهي، لکن ٿا ته ”چريو، کيکڙو، روجهه، چمٽو ۽ استري برابر آهن.“ ”هوءَ شوخيءَ جو گهر بيباڪيءَ  جو شهر، گناهن جو مجموعو، هزارن مڪارن جو محل، بدگمانين جو ڍير ۽ جادوگر جي زنبيل آهي. هي اهو معمو آهي، جنهن کي وڏا وڏا قابل  ۽ نامور مرد به حل نه ڪري سگهيا آهن. هيءَ امرت مليل زهر آهي.“ ”عورت مرد جي پير جي جتي آهي وغيره.“ هندستاني اپکنڊ ۾ عورت جو عقل کڙيءَ ۾ هئڻ جو طعنو هنيو ويندو آهي سندس صلاح تي هلڻ واري کي بيوقوف سمجهيو ويندو آهي.  اها ٻي ڳالهه آهي ته سڀ مرد بنيادي طور عقل ماءُ کان ئي سکندا آهن. يونان ۾ قول هو ته ”ٻن موقعن تي عورت مرد لاءِ خوشيءَ جو باعث هوندي آهي. هڪ شاديءَ واري ڏينهن ٻيو سندس موت واري ڏينهن.“ هنن وٽ اهو به قول هو ته ”باهه سان سڙيل،  نانگ جي ڏنگيل جو علاج ممڪن آهي، پر عورت جي شر جو علاج ممڪن ناهي.“ کيس ”دنيا جي هر برائيءَ جي پاڙ“ به سڏيو ويو آهي، ”سنڌ ۾ ڌيءَ کي ڌڻ به چوندا آهن جنهن جو مطلب گگدام جانور به نڪري ٿو ته ملڪيت به، سو به پرايو ڌڻ“ عربن وٽ کيس شيطان جي ايجنٽ ۽ مصيبت جو دروازو ڪوٺيو ويو آهي،  ساڻس تعلق کي گناهه ڄاڻايو  ويو آهي، جيتوڻيڪ عورت سان تعلق ۾ بدنام به سڀ کان وڌيڪ عرب ئي آهن. يورپ ۾ کيس بي وفائي، ڪمزوري ۽ مڪاريءَ جي علامت ڪوٺيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com