سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :5

زيڊ . اي . شيخ

ڌنڌ کان پوءِ. . . . . !!

 

جنت ڪنڌ مٿي کنيو، ڪجهه چوڻ چاهيو پر لفظ نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيس، ڪجهه به اُڪلي نه سگهيس، من ۾ مانڌاڻ متل هئس، سوچ جي سمنڊ ۾ غرق هئي. . . هُن هڪ وار وري خان ڏانهن ڏٺو، اکين ۾ ڊپ ۽ خوف . . . . ڪنڌ جهڪي ويس ۽ اکين مان لڙڪ لڙي پيس. . . . جنت جي خاموشي . . . ڊنل اکيون. . . .  ۽ اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها. . . . خان جي دل ۾ متل اُڌمن  ۽ جذبن کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. . . .هو چپ هو. گهڙي پل جي خاموشيءَ کان پوءِ خان جي اندر مان پيار جي احساس اُڌمو کاڌو“ ”جنت“ مون هِن گهڙيءَ کي سميٽڻ چاهيو ٿي . . . ۽ اڄ آئون خوش آهيان. شايد حياتيءَ جي ڪنهن گهڙيءَ ۾ ايترو خوش نه هُئس“ . . .  خان جي اکين ۾ پيار جي ڇولين جي اُٿل پٿل هئي ۽ هن جي دل ۾ لڪل خوشيءَ جي بهار جو سڳنڌ هو. . . ؟ اِها ته جنت کي به خبر هئي ته خان کي ساڻس ڪيتري محبت هئي، جنهن لاءِ هن ايڏو وڏو قدم کنيو هو ”جنهن جي پٺيان هڪ ئي وقت ڪيترا طوفان هئا. . . .۽ هوءَ هڪ اهڙي طوفان جي اچڻ کان  خوفزده هئي. مون کي ڊپ آهي. . . . “ آئون ڊڄان پئي“ ! جنت کي پنهنجو ئي آواز ڪوهن تان ٻڌڻ ۾ آيو. ڇا  جو خوف ؟ تون ڇو پئي ڊڄين؟ خان حيران ٿي جنت کي ڏسڻ لڳو ۽ سندس انهيءَ هراس ۽ خوف جي پاتال تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. . . هن پريان رکيل لالٽين جي هلڪي زرد روشنيءَ ۾ خان جي اکين ۾ جهاتي پاتي. . . .۽ سندس ڏڪندڙ چپ چُريا. . . ”الائي ڇا ٿئي؟ هو هڪ ئي ساهه ۾ ائين چئي ويئي ڄڻ ته اندر ۾ ساهه ٿي منجهيس. . . . خان جي چهري تي مسڪراهٽ ڊوڙي ويئي، اعتبار ڏياريندي چوڻ لڳو.

مون تي ويساهه نه اٿئي؟

تو تي ته ويساهه اٿم. .. . شايد پاڻ کان به وڌيڪ، پر تنهنجي مائٽن تي نه“ خبر نه آهي ته اُهي مون کي پنهنجو ڪندا يا نه؟ . . . ۽ هُن جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. . . خان بي چين ٿي ويو. . . ۽ پوءِ . . . .هُن هٿ وَڌايو. . . .   ۽ جنت جي هٿن کي پنهنجي مضبوط هٿن ۾ جهلي چوڻ لڳو!

جنت، تون ائين ڇو ٿي سوچين؟ اسان جي شادي ٿي آهي. اسان ڏوهه ته نه ڪيو آهي اسان دنيا وارن جي رسم رواج جو رخ موڙيو آهي. . . ورهين جا ويڇا ۽ وير، قرب جي مضبوط زنجيرن ۾ ٻڌا آهن.“

نه. . . جنت نه. . . .  اُهي ته منهنجا، پنهنجا آهن. . . . منهنجو رت آهن، اُهي ضرور تو کي پنهنجي هانءُ سان لائيندا. . . . اهي ته غيرن سان به سدائين وڙ ڪندا رهيا آهن! خان جا لفظ پڙلاءُ ڪندا جنت جي ڪنن سان ٽڪرايا. . . . ۽ هو بي چين نظرن سان خان کي ڏسڻ لڳي. . . جڏهن کان . . . جنت کي خان ڏٺو هو، هو بي چين ٿي ويو هو. . . .جڏهن  شام جا اُداس ۽ ويا ڪل پاڇا ڊگها ٿي  ٿي ويا. . . ته هن جي سوچن جي سمنڊ ۾ وڌيڪ اُڌمن ۽ احساسن جون ڇوليون ڇُلي ٿي پيون. . . . خان وڌي انهن راهن تي ٿي آيو، جن راهن تي جنت جي قدمن جا نشان هُئا. . . . ڪڏهن شام جي ڌنڌلن ۽ ڊگهن پاڇن ۾ ته . . . ڪڏهن سڪل وڻن جي ٽڙيل پکڙيل پاڇولن ۾ . . .  ڪڏهن نڀاههُ جا واعدا، ساکون ۽ سُنهن ته ڪڏهن ڳوڙهن .  . سُڏڪن جي وچ ۾ دشمني . . . غير هُجڻ جا بي بُنياد شڪ شبها، ڪڏهن وڇوڙي جون وايون، ته ڪڏهن وري اُنهن شامن ۾ بهار جي سڳنڌ سان سرچاءُ. . . پر جڏهن سڄي ڳوٺ ۾ جنت ۽ خان جي قرب جا چرچا ٿيڻ لڳا ته خان همت ڪري وڌي اچي پنهنجي ڀاءُ کي چيو. . . ڀاءُ جو آواز آسمان جي بلندي کي ڇهي پڙاڏو ڪندي ڌرتيءَ جو سينو چيريندو رهيو. . . ۽ پوءِ . . . . ڌرتيءَ جي سيني مان ڪيترائي زهريلا چشما اُٿلي پيا، جنهن ۾ خبر نه آهي ته ڪيترا ظلم، ڪيتريون ناانصافيون نانگ  بڻجي خان کي ڏنگيندا رهيا. . . ڀاءُ خان کي ڪيترا نه ايلاز ڪيا هئا. . . هي ڏس اٻوجهه نياڻيون جن جي اوسيئڙي وارين اکين ۾ ڪيترن ئي ڏوراپن هوندي ڪو ڏوراپو نه آهي،  حالانڪه هُنن جا اڇا چمڪندڙ چانديءَ جهڙا وار“ ڏوراپو، ڏين ٿا ته هي نياڻيون حياتيءَ جون گهڙيون گهاريندي عمر جون حدون ئي ٽپي ويون آهن نه رڳو پنهنجن جي اوسيئڙي ۾“! آس تي. . . اُميد تي. . . ۽ پنهنجا ڌاريون غيرن جون آڻي ڄڻ ته سوڀ ٿا کٽين!!! خان گهٽ ۾ گهٽ تون ته ائين نه ڪر! هنن نياڻين جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ڇا؟ . . . هِنن جي اٿاهه اونداهي حياتيءَ ۾ زندگيءَ جي لاٽ نه  جرڪندي؟! ڇا؟ هنن کي جيئڻ جو حق نه آهي؟ ڇا؟ هِنن نياڻين جو اهو ئي نصيب آهي؟ ته هنن جا حق غير کسيندا رهن، . . . پر خان جي سوچ ۽ اکين تي ته موهه جو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو ڇانيل هو، . . . جنهن ۾ هن کي ڪجهه به نظر نٿي آيو. . . هو بي چين ٿي ويو. . . ۽ چوڻ لڳو ادا آئون جنت کان سواءِ جي نه سگهندس؟ ڀاءُ تڙپي پيو؟

ڇا؟ مريم انهيءَ قابل نه هئي جو تنهنجي دل ۾ جاءِ ٺاهي سگهي ها جيڪا تنهنجي لاءِ ننڍڙي هوندي کان ئي اوسيئڙي ۾ ويٺي آهي؟ جيڪا اسان جي پنهنجي آهي. . . ڀاءُ ته خان جي اڳيان تڙپندو رهيو. لڇندو رهيو. . . هر پل. . . هر گهڙي سمجهائيندو رهيو. . . ته اسان جي نياڻين جون حياتيون ۽ رشتا شايد اهڙن قربن ۽ خوشين کان وڌيڪ نازڪ آهن. . . .جن هميشه دلين تي داغ ڇڏيا. . . پر خان هر گهڙي . . . هر پل اِهو ئي چيو ته اِهي سڀ ڳالهيون پراڻيون آهن. . . . جيڪي هلنديون اچن!! ڀاءُ، جيڪا ڳالهه تون ڪرين ٿو اِها ڪا نئين نه آهي جو آئون، اهڙي طرح پنهنجي خوشين جوخون ڪري ڇڏيان!. . . .۽ پوءِ خان جي اندر ۾ ڄڻ ته خوشين ۽ ارمانن جي اُڌمن ڦاٽ کاڌو. . . هو ڀاءُ. . . کان منهن  موڙي جُرئت ساري سڌو جنت جي مائٽن وٽ آيو . . . . ۽ پوءِ  . . . . اڄ جڏهن جنت هُن جي آڏو ڪنوار بڻي ويٺي هُئي ته هُن کي پوري ڪائنات پنهنجي قدمن ۾ رقص ڪندي محسوس ٿيڻ لڳي، چئني پاسي بهار جي سڳنڌ جو واس هو.  . . . ڄڻ ته هُن دنيا وارن جي بڻايل دستورن سان جنگ جوٽي سوڀ کٽي هئي، هڪ اهڙي سوڀ جنهن هُن جي هنج خوشين سان ڀرڻ گهري ٿي. . . پر جنت هُن کي بي چين ڪري ڇڏيو. . . “ ”جنت تون اُداس آهين؟“

نه خان. . . مون کي خوف آهي.

”ڪنهن کان؟ خان حيرت مان جنت کي ڏسندي پڇيو؟

ايندڙ گهڙي کان. . . !! هن کي پنهنجي ئي اندر مان ڪيترن ئي خوفناڪ آوازن جا پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيا . . . ۽ پوءِ سچ ٿيو به ائين. . . خدا ڄاڻي، خان ۽ جنت جي نڪاح جي خبر ڪيئن باهه جيان سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي، ڀاءُ جڏهن خان ۽ جنت وٽ پهتو ته ڄڻ هُن جي اکين مان باهه جا اُلا ٿي نڪتا، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان هو ڏڪي رهيو هو، خان تو کي ايتري جرئت ڪيئن ٿي؟ ڀاءُ ڪاوڙ مان ڏڪي رهيو هو:

ادا، توئي ته مون کي جرئت ڏياري؟ خان آهستگيءَ سان جواب ڏنو!

نه خان، نه. . . مون ته توکي رڳو ناتن ۽ رشتن جي نزاڪت جو احساس ڏيارڻ ٿي چاهيو. . . پر تو نه هنن رشتن کي سمجهيو ۽ نه ئي اُنهن طوفانن جو اندازو لڳايو بس، تو ته رڳو دل جي ڳالهه ٻڌي ۽ سمجهي، ڀاءُ پريشان ٿيندي چيو!

ادا، دلين جا رشتا ايترا ڪچا ته نه هوندا آهن، جيترا تون سمجهين ٿو، خان وراڻيو. ڀاءُ جو هنياءُ ڇڄي پيو، ڄڻ هُن جو پورو وجود هڪ واريءَ جو  ڍير هو ۽ پوءِ هو ڪنڌ جهڪائي هوريان، هوريان چوڻ لڳو، خان تنهنجي ڪُڌي قدم، مون کي ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي، ڄڻ ته مان ئي ڏوهاري آهيان. . . پر خان ياد رک آءٌ ڏوهاري سڏائڻ برداشت نه ڪندس. . . .۽ نه ئي مون ۾ ايتري همت آهي. جو آءُ مريم جي آڏو وڃان، ۽ هُن جي اکين جي اٿاهه گهراين جي هزارن سوالن جو جواب ڏيئي سگهان. . . ۽ نه ئي مون وٽ هاڻي اهڙا لفظ باقي رهيا آهن. جن سان آءُ هن کي تسلي ڏيان. . . ۽ . . . . ۽ ٻئي لمحي هو اُٿيو . . . ڪاوڙ مان هن جو جسم ڏڪي رهيو هو. . . تو کي مون سان گڏ هلڻو پوندو. . . هن ئي وقت تون ٻي شادي ڪندين مريم سان.“ خان حيرانيءَ وچان ڀاءُ کي ڏسڻ لڳو. . . ڀاءُ جي اکين مان ڪاوڙ جي شعلن جي اٿل پٿل کي برداشت ڪرڻ جي سهپ نه هئي!!

ادا، ونيون به ڪنهن ڇڏيون آهن؟ دنيا ڇا چوندي؟ خان هيڻائي سان چيو! تو کي دنيا جو خيال هجي ها ته ڪڌو ڪم  ئي نه ڪرين ها جنهن سان آئون ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙو ئي نه رهان ها، پر خير، خان هاڻي تو کي هلڻو ئي پوندو!

آئون نه هلندس خان ضد ڪندي وراڻيو.

تنهنجو اهو آخري جواب آهي!! ڀاءُ شڪست خورده لهجي ۾ سوال ڪيو؟

ها مون جنت سان شدي ڪئي آهي!

پر تو کي مريم سان به شادي ڪري هُن جو حق ادا ڪرڻو پوندو؟

ڀاءُ جو آواز پڙاڏو ڪندو هڪ ڀيرو وري آسمان سان ٽڪرائڻ لڳو!

ادا، اڄ شاديءَ جي رات آهي. . . .۽ . . . . اڄ ئي ٻي شاديءَ جو اقرار ڪريان، ائين ڪڏهن ٿيو آهي. . . .؟

خان، جي اڳي نه ٿيو آهي. . . پر هاڻي ضرور ائين ٿيندو!! ڀاءُ رڙ ڪندي چيو! کن پل خاموشي رهي. . . پوءِ ڀاءُ تمام گهڻي هيڻائي مان چيو. . . جي . . .تون اڪيلو نٿو هلين ته ٻئي هلو. . .  آءُ هينئر نٿو هلي سگهان. . . خان اطمينان سان جواب ڏنو!

ڇو. . . ؟

آءٌ توهان سان سڀ رشتا ناتا ٽوڙي چڪو آهيان.. . . . خان فيصله ڪن انداز ۾ جواب ڏنو پر جنت جي اکين مان ڄڻ ته سمنڊ اٿلي پيو هجي.  . اندر جا وَهم .  . . .وسوسا حقيقت جي روپ ۾ اکين اڳيان ڦرڻ لڳس. . . هو تڙپي ويئي. . . . جيڪڏهن خان جو ڀاءُ هِن کي زوريءَ اڪيلو ئي وٺي ويو. . . ته پوءِ . . . هُن کان اڳ . . . هُن جو دماغ ڪجهه به سوچي نه سگهيو. . . .۽ . . . هو بي اختيار ٿي ويئي. . . هن جو آواز  اندرجي گهراين ۾ گونجڻ لڳو“ خان اُٿ ته هلون. . ..!

خان حيران ٿي جنت کي ڏٺو. . . لاچاري مايوسي هُن جي چهري تي نمايان هئي. . . هو پريشان ٿي ويو. . . .

جنت تون چري ته نه ٿي آهين. . . جيڪو چئين ٿي انهيءَ تي سوچيو به اٿئي؟

ها، مون سوچيو آهي، ادا اسان کي وٺڻ آيو آهي. اسان کي هلڻ گهرجي. . . “ ڀاءُ جي اکين جا شعلا جنت جي دل جي درد جو دونهون دُکائي چُڪا هُئا. . . پر خان کي ائين لڳو چڻ هُن جي سوڀ ۽ ڪاميابي سندس پنهنجي نظر ۾ شڪست ۽ خود فريبي کان سواءِ ٻي ڪا به اهميت نه پئي رکي. . . ۽ هو پاڻ سان اهڙو سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. . . .

هِتي پهچڻ کان پوءِ . . . ڄڻ جنت گونگي ٿي ويئي هئي. اندر ۾ آنڌ مانڌ ۽ عجيب پيڙا هوندي به هو خاموش هوندي هئي. . . . ؟ ۽ . . . خان کي ته ڄڻ سَپِ سونگهي ويو هو . . . هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن زبان مان ڪجهه ڪڇندو ته هُن کي سزا طور مريم سان شادي ڪرڻي پوندي، تنهن ڪري هو سارو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهندو هو، ۽ جڏهن شام جي اونداهي ۾ ورندو هو ته جنت هُن کي ٿڪل ۽ اُداس . . . مايوس. . . ۽ پريشان نظر ايندي هئي. خان کي محسوس ٿيو ته جنت اندر ئي اندر ۾ جُهرندي رهي ٿي، پر  واتان ٻڙڪ به نه ٿي ڪڍي. . . پر ڪيستائين؟. . . . هڪ ڏينهن اهو سڀ ڪجهه هن جي سهپ ۽ اختيار ۾ نه رهيو، جڏهن هن جنت جي ڀنل اکين ۾ ليئو پائي محسوس ڪيو ته جنت سارو ڏينهن روئندي رهي ٿي. . . ۽ پوءِ هُن جي اندر گهراين ۾ سمايل پيار اُٿل کاڌي ۽ هن وڌي اچي جنت کان پڇيو: ”تون هتي خوش نه آهين“؟ جنت حيران ٿي مڙس کي ڏٺو، هُن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو، اندر ۾ خاموشي ئي خاموشي هئي، هو ٽپ ڏيئي اُٿي وڃڻ لڳي ته خان ٻانهن کان جهلي ويهاريندي چيو تون هتي خوش نه آهين؟. .  جي نه! ته تون مون کي ٻڌائين ڇو نٿي؟ هو جنت جي اُداس ۽ وياڪل چهري ۾ ڪجهه ڳولڻ لڳو. . . پر جنت خاموش هئي. . . . آءُ هتي پنهنجي مرضيءَ سان ته نه آيو هوس. . . پر جنت  حيرت اٿم ته تو اهڙو ارادو ۽ ايڏو فيصلو ڪيئن ڪيو هو؟

”آءُ انهيءَ لاءِ ته تو کي ڏوهه نٿي ڏيان، باقي تون پنهنجن کان ٽٽين ۽ دنيا وارا مون کي ميارون ڏين ته ڌاريءَ پنهنجا ٽوڙيا. . . .! خان کي ائين لڳو چڻ جنت ڪوڙ پئي ڳالهائي.. . . جنت خان کي ڪجهه به نه ٻڌائڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. . . پر هو به ته انسان هئي. . . هن جي اندر ۾ عجيب ڇڪتاڻ هئي. هو نه ته خان کي ڇڏي پئي سگهي ۽ نه ئي مريم سان شادي لاءِ اجازت ڏيئي  پئي سگهي.. . . . قسمت کيس زندگيءَ جي ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو هو، جتي کيس ڪو به اختيار نه هو. سچ ته قسمت ساڻس تمام وڏي مذاق ڪئي هئي. . . .!!

جنت تون سچ ڇو نٿي ٻڌائين؟ ادا ڪجهه چيو اٿئي؟ خان جنت کي خيالن ۾ ٻڏل ڏسي وري کانئس پڇيو. . . جنت پري خلائن ۾ گهوريندي چوڻ لڳي. . . .! هڪ ادا هُجي ته چوان. . . پر هتي سڄو گهر. . . .سڄو سارو ڳوٺ آهي. . . ۽ آءُ اُنهن جي وچ ۾ ائين آهيان، جيئن جنڊ جي ٻن پُڙن ۾ اَنَ. ادا چوي ٿو ته . . . هو کن پل لاءِ چپ ٿي ويئي . . . ۽ خان کان جنت جي اهڙي بيوسي ۽ لاچاري ڏٺي نه ٿي. . . هن جو اندر ٽٽڻ ۽ ڀرڻ لڳو ته . . .. خان بي چيني سان جنت کان پڇيو؟ جنت جا چپ چريا ” ته، . . . چوٽي مان جهلي ڪڍي ڇڏيندوسانءِ. . . ۽ خان جي ٻي شادي . . . ڪرائيندس. .. . ڇا؟ خان تون ائين ڪندي؟ هن ائين سوال ڪيو ڄڻ ته هن کي خان تي ڪو به ويساهه نه رهيو هو.

جنت تو کي ائين يقين آهي؟ ته آءُ ائين ڪندس؟ خان جنت کي پيار مان ڏسندي وراڻيو ۽ ادا به ائين نه ڪري سگهندو؟ ڇوته رت راڻو آهي. هڪ ئي ابي، امان جا پٽ آهيون ۽ تون منهنجي عزت آهين، لڄ آهين. . . ۽ لڄ تان سر قربان ڪرڻ جي روايت اسان جي نس نس ۾ صدين کان ئي سمايل آهي. . . .

ڀاءُ هاڻ هڪ گهڙي به وڃائڻ نٿي گهري. . . ۽  هڪ ڏينهن اچي خان کي سوگهو ڪيائين خان هاڻي تنهنجي ڇا مرضي آهي؟

ڇا جي  لاءِ. . . خان حيراني مان پڇيو!!

تون ايترو بي خبر نه آهين؟ ٻڌاءِ مريم جو ڇا ٿيندو؟

ادا ٻين جو ڀلا ڇا ٿيو جو باقي مريم لاءِ سوچون؟ مريم به ته هتي ئي هوندي! اُنهن جي وچ ۾!

خان جي جواب ڀاءُ جو زخم چِڪائي وڌو. . . ڀاءُ جو سڄو وجود لڏي ويو. . . دل ٽٽي پُرزا پرزا ٿي پئي، اکين مان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ رت جا ڦُڙا بڻجي وهڻ لڳا. . . ڪيڏو نه تڪليف ده عذاب هو، جيڪو سندس جهولي ۾ اچي ڪريو هو. . . ڀاءُ کي ائين محسوس ٿيو ته خان جي اڳيان جهليل جهولي سندس هٿن مان ڇڏائجي ويئي هجي. . . پوءِ هن وڌي اچي جنت جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ زوردار آواز ۾ چوڻ لڳو. .. . آءُ جنت کي ڌڪا ڏيئي ڪڍندس. . . .ڇو ته هِن کي ڏسندي منهنجي اکين مان رت ٿو ٽِمي!

ڌڪن ڏيڻ جي ضرورت نه آهي ادا. . . خان ڀاءُ کي جواب ڏنو! هي منهنجو به گهر آهي، ادا، آءُ هتان مري نڪرنديس! جنت پهريون دفعو زبان کولي. آءُ مُئو آهيان جو تون نه نڪرندينءَ! ڀاءُ جي آواز جي گونج آسمان جي بلنديءَ سان ٽڪرائڻ لڳي. . . ۽ پوءِ. . . ڀاءُ خان کي جنت سوڌو ڌڪا ڏيئي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. . . .خان ۽ جنت هميشه لاءِ پنهنجن کان پري، هر حق کان هر خوشيءَ کان ڏورانهين ڏيهه هليا ويا، جتي نه خوف هو. . . ۽ نه ئي وري پنهنجن پراون جون حدون ئي مقرر هيون. . . وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو. . . موسمون بدلبيون رهيون. . . . قدرت کين هنج ۾ صرف هڪ ڌيءَ ڏني، سونهن جيڪا هُنن جي زندگي جي سڳنڌ ۽ هٻڪار هُئي. . . پر پنهنجن کان پري. . . پنهنجن جي وڇوڙي خان جي اندر کي ايترو ته جهوري وڌو جو هو اڪثر ڪري بيمار رهڻ لڳو هو. سوچون سندس ذهن کي بي پاڙي ول جيان وڪوڙينديون رهيون . . . اڪيلائي جو احساس وڇون بڻجي ڏنگيندو رهيس. درد جي پيڙا ۽ پنهنجن جي وڇوڙي سندس اندر کي اُڏوهي جيان کائڻ شروع ڪري ڇڏيو. . . . جڏهن به ٽهڪ ڏيئي کلڻ ٿي چاهيو ته سندس اندر روئڻ ٿي لڳو ۽ هن پاڻ کي غيرن ۾ اوپرو ٿي محسوس ڪيو! پر ڇو. . . ؟ جڏهن هُن پاڻ ئي چاهيو هو،. . . ٻئي لمحي آواز جي پڙاڏي سندس ڪنن تي ڄڻ ته  تاڪيون چاڙهي ڇڏيون. . . مون ته محبت جي . . . پيار جي تڪميل ۽ پريت جي پوڄا ڪئي هئي . . . ته پوءِ هي روح جون رڙيون ڇو؟ . . . روح جو رولاڪو ڇو. . . پيار، محبت ته غيرن کي به پنهنجو بڻائيندو آهي. . . پيار جيڪو دلين مان ڪدورت جي اوندهه کي دور ٿو ڪري. . . .تڏهن به پيار ۾ هي اکيون پنهنجن لاءِ آتيون ئي رهن ڪري. . . هُن پاڻ کي درياءُ جي ڪناري تي هوندي به اُڃايل ئي محسوس ڪيو. . . . ۽ پوءِ. . .  اوچتو ڄڻ وقت جون ويرون هڪدم رُڪجي ويون. . . سال سميٽجي، گهڙين ۽ لمحن جيان گذري ويا. . . .ها، ڀاءُ جو پٽ فيض سندس آڏو بيٺو هو.  . ڪاوڙ ڪروڌ نفرت، پيار سڀئي جذبا هُن جي اکين مان بي اختيار ٿي اوتجڻ لڳا. . . هُن وڌي فيض کي هنياءُ سان لاتو. .. اڪيلائي جو احساس. . . ورهين جا ويڇا  سڀڪجهه هُن جي ذهن تان ميسارجي ويا. . . هو تمام گهڻو خوش هو. . . پر فيض جو اچڻ وڃڻ جنت کي ڪُنڍي جيان هنياءُ ۾ چڀڻ لڳو. . . جو هُن جي ذهن مان اُهي گهڙيون نفرتون نڪري نه سگهيون هيون. . . .۽ پوءِ فيض کي ڏسي سر چوٽيءَ تائين نفرت بنجي ٿي ويئي. . . هُن جا چاڪ چڪي ۽ زخم وري اُٿلي پيا هئا . . . پر خان جي روش اُن جي برعڪس هئي. . . هو فيض سان گهڻي دير تائين ويهي پنهنجا ڏک، سُک اوريندو هو. . . هو پهرين کان گهڻو خوش ڏسڻ ۾ ايندو هو. . . ڀائٽيي جي محبت خان جي دل مان نفرت ۽ ويڇا چڻ ته ميساري ڇڏيا هئا پر جنت جي لاءِ ائين ممڪن نه هو، فيض جي پاڇي کي به برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ هڪ، ڏينهن جنت جي برداشت جون سڀ حدون ٽٽي پيون. . . هُن جي نفرت جا شعلا باهه بڻجي خان کي ڏنڀڻ لڳا. . . .

فيض ڇو ٿو اچي؟ جنت مڙس کي ڪاوڙ مان ڏسندي پڇيو؟

ڀائٽيو اٿم، اچي ٿو ته لوڌي  ته  نه ڪڍندوسانس! تنهنجي ڀاءُ جو توکي لوڌي ڪڍيو هو،؟! جنت نفرت وچان چيو!

انهيءَ ۾ ڀلا فيض جو ڪهڙو ڏوهه؟ خان تمام تحمل سان جواب ڏنو.

پيءُ کي هُئي لالچ. . . زمين جي. . . ۽ پُٽ کي  وري ڪهڙي لالچ آهي؟ مون کي خبر آهي تون اهڙي طرح ڇو ٿي سوچين؟ خان  ڀري خلا ۾ گهوريندي اُداس آواز ۾ چيو. . . جڏهن فيض ايندو هو ته خان جو من سرهو ٿي ويندو هو. . . ۽ سندس اندر جي لڇندڙ ڦٿڪندڙ روح جي پيڙا ۾ ڪي قدر ٺاپر اچي ويندي هئي. . . پر وقت جي بي رحم هٿن هن کي ويڳاڻو ڪري وڌو هو. . . .!!

فيض ايندو هو ته هُن جون اکيون سونهن جون متلاشي رهنديون هيون، پهريون دفعو جڏهن هُن سونهن کي ڏٺو. . . ته هُن کي پنهنجو وجود هڪ پٿر جي بت جيان محسوس ٿيو هو، . . . سونهن جا خماريل نيڻ. . . هر وقت اُتاولي . . . اُڃايل هرڻي جيان ڇال ڏيندي هن جي وياڪل روح کي ٽوڙي پرزا پرزا ڪري وڌو هو. . . هن کي لڳو ته هُن جي اندر مان هڪ ئي وقت ڪيترا پيار ۽ محبت جا چشما ڦٽي نڪتا هُجن. . . اُن وقت هُن کي پنهنجي پيءُ جي روش تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. . . هُن کي تمام گهڻو ارمان ٿيو هو ته رت جا رشتا . . . پنهنجا جگر. . . ڇا دنياوي لالچ ۽ خواهشن جي اڳيان اهڙا ئي هيچ لڳندا آهن!. . . .

خان ڪافي عرصي کان بيمار هو، هُن جي اندرجا زخم ناسور ٿي وهڻ لڳا هئا، . . . ضمير جي خلش هن جي اندر کي ڇني ڇڏيو هو. . . ۽ هو اندر ئي اندر ۾  ڳرندو رهيو. . . ! مريم به ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين جيان گهٽيل ماحول ۾ حياتيءَ جي ڪوهيڙي ۽ ڌنڌ ۾ دکندي، دکندي گهڙيون پئي گهاريون . . . زندگيءَ جي تلخ بٺيءَ ۾ لوساٽيل چهرو ۽ اُجهايل اکين ۾ آس نراس جا تاثر ۽ چمڪ هئي. . .  هو هر گهڙي . . . جيئن اُڃايل هرڻي . . . اهڙي اُڃ جا درياءُ ڪناري به نه اُجهامي . . . اڪيلائپ . . . پيار. . . ڇپر ڇانوَ جي اُڃ . . . جيڪا هر گهڙي هن جي اکين مان ڇلڪندي رهندي هئي. . . اُڃايل روح . . .۽ . . . متلاشي اکيون . . . خبر نه آهي ته ڪنهن وقت هميشه لاءِ اُجهامن . . . ۽ پوءِ هرڪو  . . . رڳو . . . پنهنجي روح جي تسڪين لاءِ ٻن ڳوڙهن جي چادر . . . هُن جي قبر تي چاڙهي ڇڏيندو . . . جيڪا هوا جي تيز تيز  جهَڪن ۾ کن پل کان پوءِ اُڏامي ويندي. . . .انسان ڪيترو نه ويڳاڻو آهي، اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به اڻڄاڻ آهي. . . حالانڪه خبر اٿس ته انسان هڪ خاڪ کان وڌيڪ ٻي ڪا به حيثيت نٿو رکي . . . ۽ . . . اهڙيون ارڏايون ڇو؟ فيض جذبات جي وهڪري ۾ اهو سڀ ڪجهه چوندو رهيو، ۽ خان جواندر ڄن سراب ٿي رهيو هجي. . . خان چپ رهيو. . . فيض جو هڪ هڪ اکر وڇن جيان ڏنگڻ لڳس. . . خان کي ائين لڳو هُن جي اندر ۾ ڄڻ ڪينسر ٿي پيو هجي ۽ اُن جو زهر سڄي جسم ۾ ڦهلجي ويو هجي. . . پوءِ هو تڙپڻ. . . لڇڻ . . . ۽ ڦٿڪڻ لڳو . . . هُن کي لڳو ته هن مريم جي ارمانن جو خون ڪيو آهي، اُن وقت هُن کي مريم هڪ بيجان جسم جيان نظر آئي. بنا ڪفن جي لاش . . . جنهن کي ڪفن ڏيڻ وارو ڪير به نه هو. . . ۽ پوءِهُن ڀائٽيي کي ڏٺو. . . ڄڻ چوندو هُجيس . . . آءُ ڏوهاري آهيان. . . پر فيض جون اکيون جهڪيل هيون. . . کن پل کان پوءِ هن ڪنڌ مٿي کنيو . . .اڳيان خان کي ليٽيل ڏٺو . . . جنهن جي اکين مان ندامت . . . پيار . . . پڇتاءُ جا سڀ جذبا جهاتي پائي رهيا هئا. . . . چاچا! مُون کي معاف ڪريو، مون کي اِهو سڀ ڪجهه چوڻ نه کپندو هو. . . پر خان چپ هو. . . هُن جون اکيون کليل هيون . . . چاچا سچ ته مون کي اِهو احساس آهي، آئينده آءُ ڪجهه به نه چوندس، پر خان خاموش کليل اکين سان فيض کي گهوري رهيو هو. . . فيض هٿ وڌائي چاچي جي ٻانهن کي ڇهيو. . .. ٿڌي برف جهڙي . . . بي جان . . . هُن کان رڙ نڪري ويئي. انسان هڪ خاڪ جو پتلو آهي، ۽ اُن پتلي کي  خدا دنيا جي نعمتن سان نوازي ٿو. . . ۽ زنددگيءَ جي رونق ۽ بهارون بخشي ٿو. . . زندگي ڇا آهي؟

هڪ پل . . . هڪ گهڙي . . . ڇا انسان کي خبر نه آهي. . . ته هي حياتي انسان جي ڪلهن تي هڪ بار آهي. ۽ پوءِ زندگيءَ جو بار ڪلهن تي  برداشت نه ڪندي زندگيءَ تان هميشه دستبردار ٿي ويندو آهي. . .  اڄ خان اهو حياتيءَ جو بار پنهنجن ڪلهن تان لاهي ڦٽو ڪيو هو.. . فيض جي اندر ۾ ڄڻ هڪ نئين انسان جنم ورتو. . . جنت اڪيلي ٿي ويئي. ڄڻ هن جي مٿان ڇپر، ڇانوَ هڪدم کڄي ويو هجي . . . ۽ هن کي اڪيلائي جو احساس کائڻ لڳو سونهن پيءَ جي پيار لاءِ ٻاڪاريندي رهي. . . فيض وڌي اچي آٿت ڏني. . . سونهن تپي ويئي . . . هُن جي اکين مان لڙڪن جي بدران نفرت ۽ حقارت ڇلڪڻ لڳي . . . ماءُ کي چيائين ته فيض کي اسان جي اڪيلائيءَ جو اونو ڇو ٿيو آهي . . . فيض جي لالچ آهي!! جنت ڌيءَ کي سمجهائيندي چيو اِها هُن جي ڀُل آهي!! سونهن جي زبان مان زهر ڀريا لفظ نڪتا . . . جيتوڻيڪ هِن دنيا ۾ ٻئي اڪيليون هيون . . . سونهن ته ڄڻ ويڳاڻي ٿي پيئي هئي. . .. سڄو ڏينهن جمال جي گهر ويٺي هوندي هئي. . . .۽ جنت هنجون پئي هاريندي هئي. .. پر فيض جي دلداري ۽ آٿت هُنن کي قبول نه هئي، جنت کي خبر هئي ته فيض جي من اندر ڇا آهي؟ پر هن کي هڪ ئي آنڌ مانڌ هئي. . . نفرت، حقارت، هن جو هتي اچڻ لالچ جي سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. . . ۽ پوءِ هڪ ڏينهن زخم اُٿلي پيا چاڪ چڪي پيا . . . نفرت حقارت اکين مان اوتجي باهه جي ڄر جيان فيض کي ساڙڻ لڳي!!

تون روز ڀڳو بيٺو آهين؟ ڇو؟ جنت ڪاوڙ مان فيض کان پيو!!

چاچي توهان ٻئي اڪيليون آهيو، مون کي اونو ٿو رهي، فيض جي آواز ۾ پنهنجائپ هئي، اسين ته سدائين اڪيلائي رهياسين!

چاچا“ ويٺو هو. . . ڇپر هو. . . !!

۽ هاڻي تون اسان جو ڍڪ ٿيڻ گهرين ٿو! نه فيض نه. . . تنهنجي پيءُ جا اکر ته منهنجي هنياءُ تي لکيل آهن. هاڻي سڀ رستا بند ٿي ويا. . . .!

چاچي . . . آءُ ڄاڻان ٿو. . . ته توهان جي دلين تان اُهي گهڙيون نه ميساربيون . . . پر رت راڻو آهي آءُ توهان جو رت آهيان. . . ۽ اِها به خبر اٿم ته اسان ۾ ورهين جا ويڇا آهن. . . فيض هڪ ئي ساهه ۾ چوندي نفرت ۽ حقارت کي پيار سان ڌوئڻ لڳو. . .

سالن جا ويڇا. . . انهيءَ لاءِ به ته سال کپن!! جنت ڏکياري آواز ۾ فيض کي ڏوراپو ڏنو!

چاچي . . . اسين چاهيون ته اهي سالن جا ويڇا هڪ ئي پل ۾ سميٽجي وڃن.

ايترا سال اهڙو خيال نه آيو“ هاڻي ڇو؟. . . جڏهن سڀ رستا بند ٿي ويا ته پوءِ ڇو ٿو اسان جو وڌيڪ ڪنڌ جهڪائين. . . ۽ پوءِ فيض جو من اندر ئي اندر سڏڪڻ لڳو . . .روئڻ لڳو . . . روح رڙيون ڪرڻ لڳو. . . هن جو من ته پيار جو پوڄاري هو. جيڪو مندر جي در تي ئي هوريان هوريان ٽٽي پرزا، پرزا ٿيڻ لڳو هو. . . هن جو من ويراڳي ٿي ويو. . . فيض ڄاتو ٿي ته سونهن هُن جي پنهنجي ته ضرور آهي. پر هُنن جي وچ ۾ ورهين جا ويڇا اهڙا ته اوچا ڪوٽ بڻجي چُڪا آهن، جن کي هو فتح ڪري نٿو سگهي. . . راهون ۽ رستا  ئي مختلف طرفن ڏانهن مڙي ويا. . . جن تي هلندي . . . هلندي، هڪ ٻئي جي قريب ايندي به دوري وڌندي ٿي ويئي. . . .فيض کي خبر هئي ته سونهن هِن ئي زمين تي اک کولي. . . غيرن جي هنج ۽ ٻانهن ۾ لڏندي وڏي ٿي هُئي. . . هُن کي ته اِها به خبر هئي ته جمال ۽ سونهن هٿ، هٿ ۾ڏيئي ويڪري ۽ ڪشادي آسمان جي هيٺان ڌرتيءَ جي سيني تي اک کولي. . . پيار ۽ قرب جي ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ اڳتي وڌي ويا هُئا. . . . تمام پري. . . سونهن جي دل ۾ هن لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي. سواءِ حقارت جي. . . اِهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به فيض حيران هو . . .پريشان هو . . . هُن جو من وياڪل ۽ اُداس هو.

هُن کي ڏک هو، چاچي ۽ پيءُ جو، جن ٻنهي هڪ ٻئي کي ڇني ڌار ڪيو هو . . . ڇو؟! هُن ڪيترائي دفعا پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو . . . اکين مان لڙڪ لڙي پوندا هئس. . . ڇو ته غيرن جي اڳيان پنهنجي ئي حق لاءِ دستنگر تصور ڪندو هو . . .هو تڙپي ويندو هو . . . بي چين ٿي ويندو هو. هن جو روح رڙيون ڪندو هو . . .  ۽ پوءِ ڊوڙي انهيءَ راهه تي ايندو هو . . . پر لاچار بيوس . . . هُن کي پنهنجن ئي هٿن ۾ هٿڪڙيون نظر اينديون هيون . . . تڏهن هو هڪ وار وري پوئتي موٽي اُنهن  راهن تي ايندو هو. جتي ازل کان هو. . . وقت وهڪري جيان اڳتي وڌندو ويو . . . ڪاوڙ ڪروڌ نفرتن، حقارتن هوندي به هو ايندو رهيو، هڪ ئي وقت ڪيترائي درد ڪيترا زخم سندس دل ۽ هُن کي وڪوڙيندا رهيا. . . ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هُن ڏٺو ته سونهن هُن جي آڏو هئي. . . اُداس . . . نماڻا نيڻ . . . ۽ ويڳاڻي، ائين جيئن هن کان ڪا شيءِ اونداهين راهن ۾ گم ٿي ويئي هجي. . . هن جا فيض جي اڳيان ٻئي هٿ کليل هئا. . . سندس ڏڪندڙ هٿن جي ترين تي ڪجهه چانديءَ سون جا چمڪندڙ زيور هئا.

فيض هي وڪڻي جمال کي ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکار . . . نه ته . . . هو مري ويندو. . . فيض ڪيتريون گهڙيون . .. . بي جان بت جيان هُن جي اڳيان بيٺو رهيو. . . ڄڻ ته وقت هُن جي قدمن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا هئا. . . . فيض کي سونهن ائين چپ ڏسي چوڻ لڳي!

فيض ڇا پيو سوچين؟ جمال بيمار آهي ۽ هن جو علاج نه ٿيندو ته هو مري .  . ويندو . .. ۽ آءُ جمال کان سواءِ جي نه سگهنديس. . . . هُن کي لڳو ته هن جي ذهن جي تارن کي کنوڻ جي تيزي ساڙي ريزا ريزا ڪري وڌو هجي. . . من اندر لوڇ پوڇ. . . درد جي پيڙا . . . ۽  پوءِ روح سڏڪي پيس . . . ڇو ته سونهن جي اکين ۾ سمنڊ اٿلي پيو هو . .. فيض ڇرڪي سونهن کي ڏٺو . . . تڏهن هن کي محسوس ٿيو ته سونهن ڪنهن اُتانهين هنڌ بيٺل هجي. . . .  جتي هُن جي نه ته سوچ پهچي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڇهي ٿي سگهي. . .. تڏهن هن کي پنهنجو ئي وجود تمام ننڍڙو . . . سونهن جي قدمن ۾ پرزا پرزا ٿيندو، نظر آيو. . . .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com