سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ

شيخ اياز

صفحو : 6

 

ڌَرتَتِي پيئي ڌُڏي

ڪوٽُ سارو ٿو لُڏي

انقلاب ايندو ڪڏهن؟

ڪيتري ڳاڙهاڻ آ

لوههَ ۾ ٿي جا اُڏي-

انقلاب ايندو ڪڏهن؟

اچ هَلي اوڙاهه ۾

ڪير ڪَنڌيءَ تي ڪُڏي!

انقلاب ايندو ڪڏهن؟

آءٌ اي سيلاب آءٌ

جو ٻُڏي ٿو، ڀل ٻُڏي!

انقلاب ايندو ڪڏهن؟

انقلاب ايندو ڪڏهن؟

انقلاب ايندو ڪڏهن؟

 

 

رات، نِڪارا گُئا *

چنڊ پهاڙن مٿان.

ديس مٿان ڪيترا

روز ڪَمانڊو مُئا!*

 

ٻارَ هُيا، ديس جا

سَڏَّ جڏهن تن سُئا.

 

شال ٻَرن اوچتو

لونءَ اندر جي لُئا!

 

راتِ، نِڪارا گئا

چنڊ پهاڙن مٿان.

 


 

 

 

ماڳُ ڏسي جي مَرڪن ٿا

ڪاش!اُنهن سان مان به هجان.

منهنجِي جوتِ ته آهي جنهن جي

ڄَر ۾ هُو سڀ ڄَرڪن ٿا،

ڪاش!اُنهن سان مان به هجان.

جندڙي ٿورو ساٿُ ته ڏي، هُو

اُجيارو گهَرِ گهَرِ ڪَن ٿا !

ڪاش!اُنهن سان مان به هجان.

 

 

1995ع

لڪيو لَڪِّ چڙهن

ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

ڏسي وَرديون واٽَ تي لُوڪڙ جيئن لڪن،

سي به ته آهن ساٿَ سان نَٿُّون جِن نَڪن،

ڪارونجهر جي ڪورَ تان گوليون ڪَڙڪَڙڪَن،

ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي ڪانئر ٿا ڪَنبن،

هي جي اکيون اندريون ڪيڏو ڏُور ڏسن!

ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

 

 

سُوسيون سبايو

اجهو آيا گهوٽڙا.

ڪِٺُّ ڪُميتن تي اُٿِي، لونگيون لٽڪايون،

اجهو آيا گهوٽڙا.

اڪاري رات رمِي وئي سِجُّ ڪَنيءَ آيو،

اجهو آيا گهوٽڙا.

ڏسي رستا رَتَّ سان متان گهٻرايو!

اجهو آيا گهوٽڙا.

منهنجو تو لئه ديسڙا لايو سجايو،

اجهو آيا گهوٽڙا.

 


 

 

 

آهن بند ڪِواڙَ

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي.

پوءِ به ڪُوءِ ڪَلال جي، تاڙِيءَ لئه هيءَ تاڙَ!

سارا کوههَ کپي وڃن، ٻاڙَ به اهڙي ٻاڙَ!

منهنجِي آجائِي ٿيا، جيڪي منهنجِي ماڙَ،

اوشل! جيئَنِ جُوءِ سان لاڙِي منهنجا لاڙَ.

 

 

ٿر  ۾ ڇَٽڪي آهي

ڪانڪَهه تي چانڊوڪي. *

ساري رات اَسوءَ جا بادل

جن تان لَٽڪي آهي،

ڪانڪَهه تي چانڊوڪي.

چؤڏس واريءَ تي چانديءَ جيِئن

هيءَ جا ڍَٽڪِي آهي،

ڪانڪَهه تي چانڊوڪي.

تون جو کَٽَ تي ڪونه کِڙيل آن،

هر هر کَٽڪي آهي،

ڪانڪَهه تي چانڊوڪي.

 

 

اوچتو ويندينءَ مِلي

سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن. *

ڀاڪُرين پوندينءَ اچي

کِيرَ وانگر تون کِلي-

سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

چنڊ هيٺان پائبي

رات ڀر ساڳي رلِي-

سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

آهه ڄڻ آسائتي

ڳوٺ جي هر ڪا ڳِلي-

سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

 

 

اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،

ڏسن ٿا آڪاس کي.

اڃان ڳوليو ٿا پيا

مانڌاڻو ۽ مَڪَّ!

اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،

ڏسن ٿا آڪاس کي.

ڌرتي سڀ ڌونڌاڙجي

جَڪَّ به ايڏا جَڪَّ!

اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،

ڏسن ٿا آڪاس کي.

جهُوڙا جهنڊا ٿي ويا

لُوههَ گهُلِي جو لَڪَّ!

اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،

ڏسن ٿا آڪاس کي.

 

 

گَنديون ڇُپايو،

متان پَون مينهڙا.

اکيون اکين ۾ وجهي، ڳُجهو ڳالهايو.

ساٿاريو ساٿَ سان، ورلي ورجايو!

آزاديءَ کي ماڳَ تان، متان موٽايو!

 

 

هو اوچو آڪاس

اُٻَّ پَئِي اُڀري!

 

اڃان توکي سُپرين، ساري منهنجو ساسُ،

اُٻَّ پَئِي اُڀري!

 

اڃان مون انتهه-ڪَرنُ، ٿيو نه آهي ناسُ،*

اُٻَّ پَئِي اُڀري!

 

ساڳو مڙهيءَ ڌُوپ آ، ساڳو آهي واسُ،

اُٻَّ پَئِي اُڀري!

 

سانوڻ جئن سِرجي پيو،مون ۾ ڪو وشواسُ،

اُٻَّ پَئِي اُڀري!

 

 

جئن جئن گهڻي جاڙَ

تئن تئن ويجهي ماڙَ،

اجهو وُٺا مينهڙا.

ڪاڙهي ۾ ڪيڏانهن ويا،

سارا ڌَڻَ ڌراڙَ؟

اجهو وُٺا مينهڙا.

ٿَر تي ٿڌيري هوا

آندي آ آکاڙَ،

اجهو وُٺا مينهڙا.

اَڀرا وڻ اُکڙي ويا

ڪيئي جهُونا جهاڙَ،

اجهو وُٺا مينهڙا.

اڄ به آ آڙنگ ۾

تاڙي ساڳي تاڙ،

اجهو وُٺا مينهڙا.

 

 

ٻَهڪي ٿي ٻَڪرال،

مينهن وسن ٿا ڄيٺ جا.

اُڀرن ٿا آڙنگ ۾ ڪيڏا خواب خيال!

هُيا ابر آسري ماروُ توڙي مال.

آيا اُتر مينهڙا اَڄُ ته ڀلائي ڀال!

 

 

ڪالهه هُيا آڙنگَ،

اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

ڪيڏو مَنَ کي ڀانئيا

سانوڻَ رنگ سُرنگُ!

اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

مارو سارا موهيا

ڏسي وڄُن وَنگ-

اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

ريلي منجهه لُڙهي ويا

دنگ به ڪهڙا دنگ!

اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

اڳتي تنهنجي آسري

ننگِي تو تي ننگ!

اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

 

 

ڍَوَ ٿيندا ڍاٽيئڙا!

سنگَ سُڪن ٿا.

ٻاجهريُن ڄڻ ٻاجههَ ڪئي آ

لُنءَ لُنءَ آهي ليئَڙا،

سنگَ سُڪن ٿا.

تارن وانگر ٽم ٽم ڪن ٿا

ڏهر ڏهر ۾ ڏيئڙا،

سنگَ سُڪن ٿا.

اڄّ به تن جي سار اچي ٿي

دُور ويا سانگيئڙا،

سنگَ سُڪن ٿا.

ايندا ايندا نيٺ ته ايندا

جاڳُ اڃا ڪجهه جيئَڙا!

سنگَ سُڪن ٿا.

 

 

گَجن ٿا گجگاٽَ،

اچن پيون اوڙَڪُون.

اڃان تولئه ديسڙا آهي ساڳي واٽَ.

متان ماڳُ مُنجهيِ پَئي، اوچي رکو لاٽَ!

مينِهَنِ مانڊاڻا ڪيا،اڄ ڪهڙا گهر گهاٽ؟

اچن پيون اوڙڪون.

 


 

 

 

ويل آن ساهي پَٽِڻ جي

موتَ، منهنجي لاءِ تون

آخري منزل نه آهين.

 

مان اُٻَن ۾ ڪيئن رهندس

مون ڀُلائي نانههِ ڀُون!

 

هُو وسي ٿو وڏ- ڦُڙو

سايون ٿيون ٿَر ۾ ڀٽون!

 

جي اچان موٽي ته مون کي

ڪنهن هرڻ ۾ پاءِ تون-

 

موت منهنجي لاءِ تون

آخري منزل نه آهين.

 


 

*  نڪارا گئا  Nicaragua =

*  ڪمانڊو Commando =

نوٽ: نڪارا گئا ۾ 16-17 ورهين جا ٻار ڪمانڊو آهن.

* ڪانڪَهه = ٿر جو هڪ وڻ، جو ريٽائينءَ زمين تي ٿيندو آهي ۽ جنهن ۾ ڳاڙهيرا ڦُل ٿيندا آهن.

*  سامروٽي = ڏيپلي جي اُتر وارو ڀاڱو.

*  اَنتهه ڪَرُن = اندر جو آدمي، ضمير.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org