سيڪشن؛  مضمون

ڪتاب: چار مقالا

باب: --

صفحو :1

چار مقالا

محمد اسماعيل عرساڻي

ڇپائيندڙ پاران

 

”چار مقالا“ شاگردن لاءِ خاص طور تي ”گائيڊ بڪ“ ۽ استاد حضرات لاءِ ”معاون“ جي حيثيت رکي ٿو. جناب محمد اسماعيل عرساڻي مختلف مستند ڪتابن تان استفادو وٺي هيءُ ڪتاب جوڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ ”سنڌي ناول“، ”سنڌي ڊرامو“، ”سنڌي افسانو“ ۽ ”سنڌي مضمون“ جي عنوان سان چار مقالا درج آهن، جيڪي پنهنجي موضوع جي اعتبار کان سنڌي ادب ۾ جهڙوڪر ڪرنگهي جي هڏيءَ برابر آهن. جيستائين مٿين موضوعن بابت پڙهندڙ کي ڪا ڄاڻ نه هوندي، تيستائين هو ادب جو صحيح مطالعو ۽ ادب جو صحيح رس چس حاصل ڪري نه سگهندو.

انهيءَ ڪري بورڊ جي قيام کان وٺي اها ڳالهه هميشه ترجيح تي رهي آهي، ته سنڌي ادب جي اهم صنفن کي عام سنڌي پڙهندڙ لاءِ مهيا ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏينهن ۾ بورڊ طرفان لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي ويئي هئي، جنهن تي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب وڏي جاکوڙ ڪري انهيءَ رٿا تي اهم ۽ معياري ڪتاب تيار ڪري ڏنا هئا. هن وقت به سنڌ جي مختلف صنفن تي ڪم جي حوالي سان بورڊ جي آڏو اهڙي قسم جي رٿا غور هيٺ آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن کاهوڙي اديبن ۽ محققن سان ڳالهه ٻولهه جو سلسلو پڻ جاري آهي. اُميد ته انهيءَ نيڪ ڪم جي شروعات لاءِ ڪي چڱائيءَ وارا رستا نڪرندا، جنهن سان اڄوڪي دؤر جي جديد تقاضائن سان سنواريل سينگاريل جديد ترقي پسند ادب پڙهندڙ حضرات جي خدمت ۾ پيش ٿي سگهندو.

 

 

ڄام شورو_ سنڌ                            انعام الله شيخ

10- ربيع الثاني 1426هه                  سيڪريٽري

بمطابق 19- مئي 2005ع              سنڌي ادبي بورڊ

پيش لفظ

 

          هن منهنجي ننڍڙي ڪتاب ”چار مقالا“ جو پهريون مقالو ”سنڌي زبان ۾ ناول نويسي“ آهي، جو مون ادبي ڪانفرنس هالا ۾ آڪٽوبر 1952ع تي پڙهيو هو. ٻيو مقالو ”سنڌي زبان ۾ ڊرامي نويسي“ آهي، جو ادبي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ اپريل 1954ع تي پڙهيو هئم. ڪن دوستن جي مرضي ٿي ته هنن ٻنهي مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو وڃي. لهٰذا جنوري 1955ع تي ”سنڌي ڊرامو ۽ ناول“ نالي هڪ ڪتابچو ڇپائي دوستن جي ارشاد جي تعميل ڪئي ويئي. بفضل، خداوند تعاليٰ هن ڪتاب جي توقع کان زياده ساراهه ٿي ۽ ڪيترن اديب دوستن داد ڏيڻ سان گڏ مون کي هديهء مبارڪباد به پيش ڪيو.

سنڌ يونيورسٽي هن ڪتاب کي ايم. اي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ نهايت ڪارآمد ڄاڻي نصاب ۾ ريفرنس بوڪ طور منظور ڪيو ۽ تازو ان کي مڪمل طور ايم. اي جي نصاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي 10-فيبروري 1955ع تي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ فرمايائون ته ”سنڌي ڊرامي ۽ ناول جو تحفو مون کي پهتو آهي، اوهان کي هن تصنيف تي خاص طرح ۽ مسلسل ادبي خدمت تي عام طرح مبارڪباد هجي. سنڌي ناول جي ابتدا ۽ ارتقا تي هيءَ پهريون جامع تبصرو آهي. اُميد ته هن ڪتاب بعد جي ناول شايع ٿيا آهن، يا شايع ٿيندا رهن ٿا، تن تي پنهنجا تنقيدي نوٽ جمع ڪندا ويندا، جيئن ٻي ايڊيشن ۾ هن ڪتابچي کي ڪتاب بنائي سگهجي.“

ڊاڪٽر صاحب جن جهڙي اعليٰ اديب جي هر حڪم لاءِ مون کي هميشه وڏي عزت هوندي آهي. لهٰذا سندن ارشاد سبب مٿين ٻن مقالن سان گڏ، مزيد ٻه مقالا ”سنڌي زبان ۾ افسانه نويسي“ ۽ ”سنڌي زبان ۾ مضمون نويسي“ پڻ لکي پيش ڪيا اٿم ۽ چئني مقالن کي گڏي ”چار مقالا“ نالو ڏيئي ڪتاب مڪمل ڪري شايع ڪرايم.

”چار مقالا“ جا چند ايڊيشن ته پنهنجي سر شايع ڪرايم ۽ ان بعد هيءُ ڪتاب پڻ پنهنجي ڪتاب ”بدنصيب ٿريءَ“ وانگر ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سپرد ڪيو اٿم، جنهن جي سهاري اهو ڇپجي رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ئي سنڌ جو واحد نامور ادارو آهي، جنهن جي نگرانيءَ ۽ سرپرستيءَ ۾ هيءُ ڪتاب گهڻو اڳ ڇپجڻ لاءِ بيتاب هو، ليڪن هن باري ۾ منهنجي بلڪل همت افزائي نه ڪئي ويئي هئي.

خوش قسمتيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ کي هن وقت جناب محترم غلام رباني صاحب جهڙو ادبي قدردان ۽ ادب نواز سيڪريٽري نصيب ٿيو آهي، جنهن ڪري هن ڪتاب ”چار مقالا“ جو سنڌي ادبي بورڊ جي سرپرستيءَ ۽ سهاري هيٺ ڇپجڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي، مان صاحب موصوف جي هن ذرهء نوازيءَ لاءِ نهايت ممنون ۽ مرهون منت آهيان.

حيدرآباد                                      خادم ادب

16-5-1974ع                             محمد اسماعيل عرساڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org