سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات خانائي

باب: --

صفحو :6

سيد عبدالقادر ٺٽوي/ نصرپوري(1)

(مؤلف: حديقته الاولياء سنڌ، تاليف: 1016هه/ 1607ع)

مرحوم سيد حسام الدين راشديءَ سن 1967ع ۾ فارسي زبان ۾ حديقته الاولياء سنڌ ايڊٽ ڪري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد طرفان شايع ڪرايو. انهيءَ ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ، راقم الحروف، پير صاحب کي خط لکيو، ته منهنجو گمان آهي ته حديقته الاولياء سنڌ جي مؤلف، سيد عبدالقادر جو تعلق ٺٽي سان نه، بلڪ نصرپور سان هو. پاڻ فرمايائون ته اهڙو تصديقي احوال هٿ ڪري مون ڏانهن ڏياري موڪليو، ته جيئن انهيءَ ڪتاب جي ٻيءَ اشاعت ۾ ان کي درست ڪري سگهجي. ان کان پوءِ، آءٌ انهيءَ سلسلي جي جستجوءَ ۾ لڳو رهيس.

        سن 1970ع ۾ مرحوم سيد قادر ڏني شاهه(2) سان اچانڪ نصرپور ۾ پهرئين ملاقات ٿي  ۽ سندس ڪتبخاني ڏسڻ جو پڻ شرف حاصل ٿيو. انهيءَ دوران، شجره طيبه سادات نصرپور (قلمي فارسي) نظر مان گذريو. انهيءَ کان علاوه، رضوي سادات جو ٻيو به ڪيترو ئي احوال قلمي ڪتابن تان نقل ڪيم. سن 1972ع ۾ حيدرآباد جي خانه فرهنگ ايران ۾ مرحوم پير صاحب سان ملاقات دوران اهو سمورو احوال عرض رکيم. پاڻ اهو مواد ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ان کي وڏين سلپن تي فيئر ڪري موڪلڻ لاءِ فرمايائون. گڏوگڏ، انهيءَ سلسلي ۾ خاطريءَ واري سند پڻ هٿ ڪرڻ لاءِ چيائون. افسوس جو ان کان پوءِ سندن وفات تائين، اهڙو ڪوبه مواد هٿ اچي نه سگهيو، جنهن جي بنياد تي سيد عبدالقادر کي ٺٽي جي بدران نصرپور جو ڄاڻائي سگهجي.

       تازو جولاءِ 1987ع ۾ مولوي محمد قاسم سومري(1) ساڪن چنهياڻي تعلقي ڪنڊياري جي قاسميه لائبريري ۾ قلمي ڪتابن کي اُٿلائيندي پٿلائيندي حديقته الاولياء سنڌ جو هڪ قلمي نسخو نظر آيو، جنهن جي آخر ۾ ڪاتب پوري چـِـٽائيءَ سان سيد عبدالقادر کي نصرپور جو ڪري ڄاڻايو آهي. ورهين جي آرزوءَ جي تڪميل ڏسي، اڳ واري هٿ ڪيل سموري مواد کي سهيڙي پيش ڪجي ٿو. افسوس جو سيد حسام الدين راشدي اڄ اسان وٽ موجود نه آهي. جيڪڏهن پاڻ هن دنيا ۾ زنده هجن ها ۽ هن ڪم جي تڪميل سندن هٿن سان ٿئي ها، ته منهنجي لاءِ باعثِ مسرت هئي. بهرحال، انهيءَ ڏس ۾، مون کان پنهنجيءَ ڄاڻ آهر جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو آهي، سو حاضر آهي. (ق .ح.خ)

 

سنڌ جي سرزمين، صدين کان وٺي بلند پايي جي عالمن، صوفي درويشن، اوليائن، ساداتن ۽ مشائخن جو گهوارو پئي رهي آهي.انهن صوفي بزرگن، درويشن ۽ ساداتن جي باري ۾، وقت به وقت ڪيترائي تذڪرا ۽ سوانح حيات تي وڏا نادر ۽ قيمتي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا ويا آهن. انهن مان ڪيترا عمومي تذڪرا آهن،  ته ڪي وري ڪن اعليٰ ۽ ارفع خاندانن جي نسبي شجرن تي لکيا ويا آهن. انهن مان ڪيترا ته زماني جي ناگهاني حادثن ۽ انقلابن جي نذر ٿي ويا ۽ وري جيڪي زماني جي نيرنگين جي دستبرد کان محفوظ رهيا، تن جي متعلق پڻ اڻپورا احوال ملن ٿا. مؤرخ سنڌ سيد حسام الدين راشديءَ وڏي جاکوڙ، جستجو ۽ تحقيق ڪري، انهن ناياب ۽ قيمتي املهه خزانن جو سير حاصل احوال پنهنجي تصحيح ڪيل فارسي تذڪري حديـقته الاولياء سنڌ جي منڍ ۾ بيان ڪيو آهي، جو پنهنجيءَ  جاءِ تي هڪ وڏو علمي سرمايو آهي.(1) انهن تذڪرن کان سواءِ، اڃا ٻيا به ڪيترائي تذڪرا ۽ خانداني نسب نامه، سنڌ ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن،  جي سنڌ جي وڏن خاندانن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ قلمي صورت ۾ ملن ٿا. ممڪن آهي، ته اڳتي هلي زماني جي رفتار سان گڏ، اُهي اسان جي لاپرواهيءَ جو شڪار ٿي، فنا ٿي وڃن ۽ ايندڙ نسل اُنهن جي نالن کي صرف تواريخ جي ڪتابن ۾ پڙهي حظ حاصل ڪن! مرحوم راشدي صاحب جو سنڌ مٿان وڏو احسان آهي، جنهن وڏيءَ محنت، جاکوڙ ۽ ڪشالي سان سنڌ جي تواريخ جي وڃايل ورقن کي ڳولهي ڦولهي ، انهن کي سهيڙي ۽ تصحيح ڪري سنڌ وارن جي اڳيان پيش ڪيو آهي. دراصل، اهي سنڌ جي قديم تواريخ جون گم ٿيل ڪڙيون آهن، جن کي ملائي، ايندڙ محققن لاءِ هڪ راهه هموار ڪئي ويئي آهي.

انهيءَ سلسلي ۾، حديقته الاولياءِ سنڌ سنڌ جي فارسي ادب ۾ هڪ قابل تعريف تذڪرو آهي، جنهن جي ڀيٽڻ ۽ تصحيح جي ڪم ۾ راشدي صاحب عرق ريزي ڪري، جا وڏي تحقيق ڪئي آهي، ان جو مثال سنڌ جي تواريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. مختلف قلمي نسخن ۽ بياضن کي ڀيٽيندي ۽ پرکيندي، سالن پڄاڻان صحيح متن کي تيار ڪري، آخرڪار ان کي سنڌ جي قومي اشاعتي اداري، سنڌي ادبي بورڊ، سن 1967ع ۾ ڇپايو.(1)

سنڌ جي تواريخ جي احوالن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي سر زمين تي سڀ کان پهريائين سنه 980هه/ 1572ع ۾ فارسي زبان ۾ سنڌ جي اوليائن ۽ اهل طريقت بزرگن جي باري ۾ هڪ تذڪرو لکيو ويو، جنهن جو مؤلف محمود ٺٽوي(2) هو. ليڪن افسوس! جو اهو تذڪرو سنڌ وارن جي لاغرضيءَ سببان هميشه جي لاءِ اکين کان اوجهل ٿي ويو، ۽ ان جو صرف تواريخ جي ڪتابن ۾ نالو باقي رهجي ويو آهي.

انهيءَ مٿئين تذڪري کان پوءِ، حديقته الاولياء سنڌ نالي سان تذڪرو ملي ٿو، جو سنه 1016هه/1607ع ۾ سيد عبدالقادر بن سيد هاشم بن سيد محمد تاليف ڪيو. انهيءَ تذڪري کي سنڌ ۾ تذڪره نويسيءَ جو پهريون ڪتاب سمجهڻ گهرجي، جو هن وقت تائين اسان کي صحيح صورت ۾ دستياب ٿيو آهي. انهيءَ فارسي تذڪري جا سنڌ ۾ ڪيترائي قلمي نسخا ملن ٿا. هن تذڪري جي تصحيح ڪرڻ وقت سيد حسام الدين راشديءَ جي اڳيان صرف چار قلمي نسخا موجود هئا، جنهن جي آڌار تي حديقته الاولياء سنڌ جو صحيح متن تيار ڪيو هئائين، ۽ انهن قلمي نسخن جي بنياد تي تذڪره نگار جي زندگيءَ ۽ ان جي خاندان جو اڻپورو احوال پڻ مرتب ڪيو هئائين. اسان هتي سڀ کان پهريائين انهن چئني قلمي نسخن جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا، جي راشدي صاحب جو معول ۽ مدار بڻيا، ۽ ان کان پوءِ پنجين قلمي نسخي جو احوال ڏينداسون، جو تازو هٿ آيو آهي.

1. سنڌ يونيورسٽيءَ وارو قلمي نسخو:

هيءُ نسخو قدامت جي لحاظ کان سڀ کان آڳاٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن نسخي جي ڪتابت 29- ربيع الاول 1178هه/26- سيپٽمبر 1764ع تي ٺٽي ۾ مڪمل ڪئي ويئي. اهو نسخو، اصل ۾ مرحوم مولوي ولي محمد ڏاهري (المتوفي: 1929ع) جي ملڪيت هو، جو بعد ۾ 2- فيبروري 1953ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ وارن خريد ڪيو. راشدي صاحب انهيءَ نسخي کي اساس بڻائي، ان کي ٻين قلمي نسخن سان ڀيٽيو آهي.(1)

2 . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو قلمي نسخو:

هيءُ قلمي نسخو، ٽنڊي قيصر واري قاضي فتح رسول ولد قاضي فتح محمد نظاماڻيءَ جي مليڪت هو. اصل ۾ اهو نسخو، غلام حسين ۽ غلام علي ولدان خدا بخش بن غلام علي فقير بن قيصر نظاماڻيءَ جي ڪتبخاني ۾ هو. هن نسخي جي ڪتابت قاضي محمد احسان، ساڪن هالا جي ٿيل آهي ۽ ڪتابت جي تاريخ 21- جمادي الثاني 1247هه/29- سيپٽمبر 1831ع ڄاڻائي ويئي آهي. هيءُ نسخو، سنڌ يونيورسٽيءَ واري نسخي جو هوبهو نقل آهي. هن نسخي ۾ ڪن جاين تي اضافا ڪيا ويا آهن، جي ٻئي ڪنهن به نسخي ۾ نه آهن. هيءُ نسخو  82 ورقن تي مشتمل آهي ۽ خط شڪسته نستعليق اٿس.(2)

3. هالن جو قلمي نسخو:

هيءُ نسخو، راشدي صاحب کي مرحوم پروفيسر محبوب علي چني جي معرفت مليو هو، جيڪو اصل ۾ هالن جي ڪنهن بزرگ جي ملڪيت هو. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ پنهنجي ڪتاب  Persian Poets of Sindh” جي تاليف ڪرڻ وقت هن نسخي کي استعمال ڪيو هو. هيءُ نسخو، مرزا قليچ بيگ جي مطالعي هيٺ پڻ رهيو. هن نسخي جا اڳيان توڙي پويان پنا ناقص آهن. وچ مان پڻ ڪيترن بزرگن جو احوال غائب آهي. هن نسخي ۾ 48 ورق آهن ۽ خط نستعليق اٿس.(3)

4. سيد حسام الدين راشديءَ جو قلمي نسخو:

هيءُ قلمي نسخو، راشدي صاحب کي منتشر ورقن جي صورت ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ کان مليو هو. وفائي صاحب کي اهي منتشر ورق، پير جهنڊي جي ڪتبخاني مان مليا هئا. خط ۽ ڪاغذ جي صورتحال مان هيءُ نسخو قديم معلوم ٿئي ٿو. هن نسخي جا 50 ورق آهن ۽ ان جو خط خوبصورت نستعليق آهي. هن نسخي مان پڻ ڪيترن ئي بزرگن جو احوال غائب آهي.(4)

 

5. مولوي محمد قاسم سومري جو قلمي نسخو:

هيءُ قلمي نسخو، مولوي محمد قاسم سومري صاحب کي خيرپور ميرس جي ڪنهن قديم ڪتبخاني مان دستياب ٿيو آهي. هيءُ نسخو، سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪيل حديقته الاولياء سنڌ جو گهڻي قدر هوبهو نقل آهي. پر جيئن ته ڇاپي نسخي جو صحيح متن، مٿي بيان ڪيل چئني قلمي نسخن جي ڀيٽا کان پوءِ تيار ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪري ڇاپي نسخي کي بنياد بڻائي، هن نئين مليل قلمي نسخي کي پرکيو ويو آهي.

ڇاپي نسخي جي هر لفظ، سٽ ۽ ورق کي هن قلمي نسخي سان ڀيٽيو ويو آهي. سواءِ ڪن جزوي جاين جي، هن نسخي ۾ ٻيا ڪي اضافا نه آهن. ڪتاب جي مــُـنڍ وارا پهريان ٻه ورق غائب آهن. ڇاپي نسخي جي ڀيٽا موجب هيءُ قلمي نسخو و صلوات ناکيات و تحيات طيبات، بر روحِ اقدسِ عندليبِ گلبنِ رسالت و نوباؤ. گلشنِ جلالت، اخترِ برجِ شرف و سروري، گوهرِ درجِ کرامت و مهتري- الخ(5) کان شروع ٿئي ٿو، ۽ آخر ۾ ذڪر درويش يعقوب پليجو مان ڇهه سٽون غائب آهن ۽  پوءِ باقي آخر تائين صحيح حالت ۾ آهي. هن نسخي جي سائيز 6X  9 آهي. هر صفحي ۾ سٽن جو تعداد هڪجهڙو نه آهي. ڪن ۾ 15 سٽون آهن، ته ڪن ۾ 16 ۽ ڪٿي وري 14 سٽون به لکيون ويون آهن. هر عنوان کي ڳاڙهي مس سان نروار ڪري لکيو ويو آهي. هن قلمي نسخي ۾ جملي 96 ورق آهن ۽ خط خوبصورت نستعليق اٿس. ڪتابت جي تاريخ 5- ربيع الثاني 1268هه/28- جنوري 1852ع ڄاڻائي ويئي آهي. هن نسخي ۾ ڪيترين جاين تي قيمتي ۽ معلوماتي حاشيا پڻ ڏنا ويا آهن. هن نسخي جي مطالعي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ نسخو، جنهن به بزرگ جي تصرف هيٺ رهيو آهي، اهو وڏي بلند پايي جو عالم، شاعر ۽ حڪيم هو. حاشيي ۾ ڪيترن هنڌن تي ناياب ۽ لاجواب طبي نسخا پڻ ڏنل آهن. ڪن جاين تي فارسي زبان جا عمدا شعر لکيل آهن. سنڌ جي ڪيترن بزرگن ۽ درويشن جي وفات جا تاريخي مادا پڻ ڏنل آهن.

هن قلمي نسخي جي وڏي خصوصيت اها آهي، جو ڪتاب جي آخر ۾ ڪاتب پنهنجي نالي جي بدران هن ڪتاب جي اصل مؤلف، سيد عبدالقادر جو نالو ۽ ان جو وطن ڄاڻايو آهي. انهيءَ ڪري، هن نسخي جي اهميت ۽ افاديت، مٿي بيان ڪيل نسخن جي ڀيٽ ۾ وڏيءَ اهميت واري آهي. مؤلف جي اصل وطن جي باري ۾، سڀ کان پهريائين هن ئي قلمي نسخي جي ذريعي نشاندهي ٿئي ٿي، هن نسخي جي آخري صفحي تي ڪاتب هيءَ عبارت لکي آهي:

تمام شد نسخه حديقته الاولياء سنڌ، - تصنيف سيد عبدالقادر نصرپوري سن 1016هه.

هيءُ قلمي نسخو 1268هه/1852ع ڌاري ڪنهن معتبر ۽ مستند قلمي نسخي تان نقل ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي واري قلمي نسخي ۽ هن پوئين مذڪور نسخي جي وچ ۾ اٽڪل 90 ورهين جو زمانو گذريل معلوم ٿئي ٿو. انهيءَ لحاظ کان اهو وچ وارو عرصو ايڏو ڪو گهڻو ڪونهي. مؤخرالذڪر قلمي نسخو، نصرپور جي رضوي سادات جي ڪنهن فرد جو نقل ڪيل ٿو ڏسجي. هن نسخي ۾ جيڪو خط نستعليق استعمال ڪيو ويو آهي، انهيءَ ساڳئي خط ۾ نصرپور جي مصري شاهه لائبريريءَ ۾ ٻه ٽي خطي نسخا بنده راقم جي نظر مان گذريا آهن. انهيءَ ڪري، اسان جو گمان غالب آهي ته هن قلمي نسخي جو ڪاتبُ نصرپور جو ئي هو، جنهن انهيءَ نسخي جي آخر ۾، مؤلف جي وطن متعلق، اڳين قلمي نسخن جي ڀيٽ ۾، صاف لفظن ۾ نشاندهي ڪري، هڪ منجهيل مسئلي کي حل ڪري ڇڏيو آهي.

انهيءَ پوئين قلمي نسخي جي نشاندهيءَ جي آڌار تي اسان حديقته الاولياء سنڌ” جي مؤلف ۽ سندس خاندان جو احوال مرتب ڪيو آهي ۽ مؤلف جي باري ۾ هن کان اڳ جيڪي به شڪ ۽ شبها هئا، تن کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سيد عبدالقادر ۽ سندس خاندان

مؤرخ سنڌ سيد حسام الدين راشديءَ حديقته الاولياء سنڌ جي ڇاپي نسخي ۾، مؤلف کي ٺٽي شهر جو ڪري ڄاڻايو آهي ۽ انهيءَ نسبت سان ڪتاب جي ڇاپي نسخي جي مٿان حديقته الاولياء - تاليف: سيد عبدالقادر بن سيد هاشم  بن محمد تتوي ڪري لکيو ويو آهي. حالانڪ، سيد عبدالقادر جو ٺٽي شهر سان ڪوبه خانداني تعلق ڪونه هو.

قدم دؤر ۾، ٺٽو علم جو هڪ وڏو مرڪز هو. هن شهر ۾ وڏا عالم، اديب، شاعر ۽ صوفي بزرگ اچي ڪٺا ٿيا هئا. انهن مان اڪثر عالمن ۽ بزرگن جي باري ۾ صحيح احوال نه ملڻ جي ڪري، تذڪره نگارن پنهنجي تزڪرن ۾ انهن کي ٺٽي جو ڪري ڄاڻايو آهي. حالانڪ انهن مان ڪيترن جو تعلق ٺٽي شهر سان نه رهيو آهي. ساڳيءَ طرح، سنڌ جي تذڪره نگارن حديقته الاولياء سنڌ جي مؤلف، سيد عبدالقادر جي باري ۾ پڻ اڻپوري احوال ملڻ جي ڪري، هن کي ٺٽي شهر جو ڪري ڄاڻايو آهي. حديقته الاولياء سنڌ جي مطالعي مان ايترو ظاهر ٿئي ٿو ته مؤلف جي ٺٽي جي وڏن عالمن، بزرگن ۽ اهل طريقت وارن سان تمام گهڻي عقيدت هئي ۽ ڪيترن سان سندس ملاقاتون ۽ صحبتون پڻ ٿينديون رهنديون هيون. اهو ئي سبب آهي، جو مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجن تذڪرن تحفته الڪرام مقالات الشعراء“ ۾، سيد عبدالقادر کي راوين جي بيان ڪيل احوالن جي آڌار تي ٺٽي جو ڪري لکيو آهي. سيد حسام الدين راشدي، حديقته الاولياء سنڌ جي مقدمي ۾، مؤلف جي زندگيءَ جي متعلق لکي ٿو:

مؤلف سيد عبدالقادر جي سلسلي ۾، معلومات نهايت محدود آهي. پاڻ پنهنجي باري ۾ ڪجهه به ڪونه لکيو اٿس. فقط مير علي شير قانع جي ٻن ڪتابن ۾ سندس متعلق چند سٽون ملن ٿيون.(6)

انهيءَ مٿئين بيان مان اهو صاف ظاهر آهي ته سيد حسام الدين راشدي صاحب کي خود انهيءَ ڳالهه جو اعتراف هو، ته مؤلف جو صحيح ۽ مستند احوال ملي ڪونه ٿو سگهي. راشدي صاحب، مؤلف جي زندگيءَ ۽ خاندان جي احوال لکڻ لاءِ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٻن ڪتابن تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعراء“ کي بنياد بڻايو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو مؤلف جو وڌيڪ مفصل احوال اچي نه سگهيو آهي.

اها به هڪ حقيقت آهي ته سيد عبدالقادر خود پنهنجي ۽  پنهنجي خاندان جي باري ۾، حديقته الاولياء سنڌ ۾ ڪٿي به ظاهري طرح يا اشاري طور ڪجهه به نه لکيوآهي. پاڻ پنهنجي باري ۾ صرف ايترو لکي ٿو:

اما بعد، مي گويد عبدِ حقير و بنده پـُـر تقصير، اضعفِ عبادالله الغني القوي، عبدالقادر بن هاشم بن محمد الحسيني غفرالله لــَـه والوالديه و احسن اليهما واليه بغفرانه اللائق بجناب فضله والناشي من محض فضله وکرمه ... الخ.(7)

مؤلف جي انهيءَ مٿئين مختصر ۽ اڻپوري عبارت مان سندس باري ۾ ڪجهه به معلوم ڪونه ٿو ٿئي، ته پاڻ سيدن جي ڪهڙي پيڙهيءَ مان هو؟ يا سندس اصل رهڻ جو هنڌ ڪهڙو هو؟ وغيره.

مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ ٺٽي جي متفرق سادات جي سري هيٺ لکي ٿو:

سيد محمد ۽ سندس اولاد: هن بزرگ جي اصل وطن جي ڪابه خبر ڪانه پئجي سگهي آهي. سندس اولاد مان به سواءِ ذڪر ٿيل نالن جي ٻئي ڪنهن جو پتو ڪونه آهي. باقي انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته پنهنجي وقت جو ناليرو سيد آهي. سندس پٽ سيد محمد هاشم، مرزا جاني بيگ ترخان جو همعصر آهي. ساڳئي مرزا جي  شان ۾ مدح ۽ قصيدا چيل اٿس. هن جي تاليفات مان هڪ نسخو نالي سير السلاطين، جو نهات عمدو  چيو اٿس ۽ مرزا جاني بيگ ڏانهن منسوب ڪيو اٿس،يادگار آهي. مٿئين سيد محمد هاشم جو فرزند سيد عبدالقادر پنهنجي وقت جو ناميارو سيد هو. سنڌ جي بزرگن جي بيان ۾  رسالو حديقته الاولياء“ سندس نشاني آهي.(8)

مير قانع ٺٽوي پنهنجي ٻئي ڪتابمقالات الشعراء“ ۾، سيد عبدالقادر جي والد، سيد محمد هاشم جي باري ۾ پڻ لڳ ڀڳ ساڳئي تحفته الڪرام واري عبارت بيان ڪئي آهي. فرق صرف اهو آهي، جو هن ڪتاب ۾ سيد محمد هاشم جي بيان کان پوءِ، مرزا جاني بيگ لاءِ سندس چيل قصيدي جا ڪجهه بند نموني طور ڏنا ويا آهن، جنهن جو اسان اڳتي هلي تفصيل سان ذڪر ڪنداسون.

مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي مٿي بيان ڪيل ٻنهي ڪتابن جي عبارتن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سيد محمد جي اصل نسل ۽ وطن جي باري ۾، خود مير قانع ٺٽويءَ کي به ڪا خبر ڪانه هئي. اهو ئي سبب آهي، جو مير قانع ٺٽويءَ تحفته الڪرام ۾، ٺٽي جي بزرگن ۽ ساداتن جي احوال کان پوءِ، ٺٽي جي متفرق سادات جي عنوان هيٺ انهن بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي.

نصرپور جا رضوي سادات:

سنڌ ۾ حسيني سادات جون ڇهه شاخون آهن، جن مان رضوي سادات جو وڏو ڏاڏو، سيد محمد مڪي(540هه/1145ع کان 646هه/1248ع) پنهنجن معتقدن ۽  مريدن جي هڪ جماعت سان گڏ، سلطان التمش جي عهد ۾ سن 625هه/1228ع ۾ سنڌ جي قديم شهر بکر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. (9) ان کان پوءِ، سندس اولاد سنڌ اندر روهڙيءَ، ٺٽي ۽ نصرپور ۾ آباد ٿيو.

نصرپور، سنڌ جو هڪ قديم تواريخي شهر آهي. ٺٽي وانگر هن شهر ۾ پڻ وڏا بلند پايي جا عالم، اديب، شاعر، حڪيم، بزرگ، صوفي درويش ۽ طريقت جا صاحب ٿي گذريا آهن. نصرپور ۾ سيدن جا ڪيترائي مکيه گهراڻا ۽ خانوادا هئا، جي شهر جي الڳ الڳ حصن ۾ پنهنجين حاويلين ۾ رهندا هئا. نصرپور جا اهي محلا ۽ پاڙا، انهن ساداتن جي نالن پوئتان سڏجڻ ۾ آيا. هتان جي رضوي سادات جو پاڙو ڏاڍو مردم خيز هو. هن گهراڻي مان ڪيترائي بلند مرتبي وارا عالم، اديب، شاعر، حڪيم، مصنف ۽ مؤلف ٿي گذريا آهن. رضوي سادات جو اهو محلو اڄ به قائم آهي ۽ هن وقت مصري شاهه جي محلي جي نالي سان مشهور آهي. نصرپور جا رضوي الحسيني به چوائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن نسب جو سلسلو حضرت امام حسين رضي الله عنه سان وڃي ملي ٿو.

نصرپور ۾ رضوي سادات جي اچڻ جي باري ۾، اهو يقين سان چئي نٿو سگهجي ته سڀ کان پهريائين ڪهڙي سيد سڳوري بکر مان لڏي اچي هن شهر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾، نصرپور جي رضوي سادات جي شجرن ۽ خانداني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد علاؤ الدين بن سيد ابراهيم(ثاني) جي اولاد مان سيد سلطان بايزيد بن محمود بن فخرالدين ۽ سندس فرزند سيد مبارڪ (اول) بکر مان لڏي اچي نصرپور ۾ سڪونت پذير ٿيا. اهو پڻ پوريءَ تصديق سان چئي نٿو سگهجي ته اهي سادات نصرپور ۾ ڪڏهن آيا! نصرپور جو اوج ۽ عروج اٺين صدي هجريءَ جي آخر ۾ شروع ٿيو. ڏهين صديءَ جي شروع ۾، شاهه بيگ ارغون جي حملن، بکر تي سندس قبضي ۽ قلعي جي نئين سر تعمير سببان غالباً اتي جي خاندانن هجرت اختيار ڪئي. انهيءَ ڪري، اهو چئي سگهجي ٿو ته رضوي سادات جي انهيءَ شاخ، اندازاً 752هه/1351ع کان 928هه/1522ع واري عرصي ۾ بکر مان لڏي اچي نصرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي هوندي.(10)

هن وقت نصرپور جي رضوي سادات جا مختلف پاڙا ٿي ويا آهن، جن مان سيد مبارڪ (اول) جي پٽ سيد محمد ۽ سندس پوٽن، سيد اسماعيل، سيد مبارڪ(ثاني)، سيد جلال الدين ۽ سيد عباس جي پــُـٺ مان پيڙهيون پڌريون ٿيون، جي اڄ تائين محمد پوٽا“ ”اسماعيل پوٽا، مبارڪ پوٽا“ ”جلال پوٽا (1) جي نالن سان مشهور آهن.(11)

انهيءَ مٿئين نامور ۽ علمي گهراڻي مان سيد مبارڪ(اول) رضوي سنڌ جي تواريخ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. هن سيد سڳوري جي پــُـٺ مان سنڌ جو تذڪره نگار ۽ حديقته الاولياء سنڌ جو مؤلف، سيد عبدالقادر ٿي گذريو آهي. سيد عبدالقادر، نصرپور جي رضوي سادات جي محمد پوٽا شاخ مان هو. رضوي سادات جي انهيءَ محمد پوٽا شاخ جي سلسليوار عالمن ۽ بزرگن جو اسان کي جيڪو به احوال هٿ اچي سگهيو آهي، اهو هتي ڏجي ٿو:

سيد سلطان بايزيد بن سيد محمود:

سيد سلطان بايزيد بن سيد محمود پنهنجي دؤر جي بلند مرتبي وارن عالمن، درويشن ۽ مشائخن مان هو. پاڻ سمن جي صاحبيءَ جي پوئين دؤر ۾ بکر مان لڏي اچي هميشه  لاءِ نصرپور ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. اسان جو گمان غالب آهي ته سيد سلطان بايزيد، شاهه بيگ ارغون جو همعصر هو. انهيءَ ڪري، اندازو آهي ته سندس وفات، شاهه بيگ ارغون جي وفات (سن 928هه/1522ع) کان پوءِ ئي ٿي هوندي. نصرپور جي اُتر ۾، اڄ تائين سلطان بايزيد جو قبو موجود آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو اڪثر ڪري بايد به ڪري چوندا آهن. سندس مزار قبي جي اندر گنبذ هيٺ آهي، جنهن جي احاطي کي ڪنهن زماني ۾ چوڌاري ديوار ڏنل هئي. وقت گذرندي، هاڻي اهو قبو ڪافي ڪمزور ٿي چڪو آهي.

سيد مبارڪ بن سيد سلطان بايزيد:

سيد مبارڪ بن سيد سلطان بايزيد، زماني جي اڪابرن ۽ وقت جي نيڪ ۽ ڀلارن ماڻهن مان هو. بکر شهر جو قاضي ۽ صاحبِ اختيار هو. پاڻ وقت جي حاڪمن ۽ سنڌ جي خادمن سان محبت رکندڙ هو. سيد مبارڪ جي باري ۾ شجره طيبه سادات نصرپور(1) وارو صاحب لکي ٿو:

سيد مبارڪ بن سيد سلطان بايزيد مردي اکابر عصر و اماجد دهر بود. با ملوکان و با خادمان سند الفت داشت، صاحب اختيار بهکر بود. (12)

سيد مبارڪ پڻ پنهنجي والد، سيد سلطان بايزيد سان گڏ، نصرپور ڏانهن لڏي آيو هو. سندس وفات جي سن جو ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي. رضوي سادات جو قبرستان هن وقت تباهه ٿي ويو آهي. انهيءَ ڪري، سندس مزار جو پڻ پتو ڪونه ٿو پوي.

سيد محمد بن سيد مبارڪ:

سيد محمد بن سيد مبارڪ، نصرپور جي رضوي سادات جو جدامجد آهي. رضوي سادات جي محمد پوٽا پيڙهيءَ وارا سيد سڳورا، سندس ئي نالي پوئتان سڏجڻ ۾ اچن ٿا. سيد محمد، پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو عالم، فاضل، درويش ۽ اهل الله هو. سندس باري ۾ شجره طيبه سادات نصرپور وارو صاحب لکي ٿو:

سيد محمد بن سيد مبارڪ وڏي فضل ۽ ڪمال جو صاحب، ظاهري خواه باطني علمن جو جامع ۽ بي نظير هو. صاحبِ هدايت، ڪشف ڪرامت جو ڌڻي ۽ سـُـٺين عادتن ۽ خوارق جو جامع هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ هو. سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ بزرگن کانئس ظاهري خواههباطني علم جو فيض پرايو هو. شيخ المشائخ عرب يمنيءَ جي نيڪ خصلت دختر سان عقد ڪيو هئائين. انهيءَ بيبي سڳوريءَ جو نالو خاتون هو. (13)

مير علي شير قانع ٺٽويءَ تحفته الڪرام ۾، سيد محمد جي باري ۾ جيڪو مبهم احوال ڏنو آهي، تنهن جو اسان مٿي شروع ۾ بيان ڪري آيا آهيون. مير قانع ٺٽويءَ پڻ ٻـُـڌ ســُـڌ جي روايتن جي آڌار تي سيد محمد جي علميت جي ڪافي ساراهه ۽ واکاڻ ڪئي آهي.

نصرپور جي رضوي سادات جي خانداني روايتن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سن 928هه/1522ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ مرزا شاهه حسن ارغون جي تاج پوشيءَ جي رسم(رمضان المبارڪ جي مهيني ۾) نصرپور ۾ بجا آندي ويئي هئي. نصرپور جا قاضي ۽ رضوي سيدن مان سيد محمد، مرزا شاهه حسن ارغون کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ وٽس قلعي ۾ ويا هئا.

شجره طيبه سادات نصرپور خواه مير قانع ٺٽويءَ سيد محمد جي سن وفات جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي. ليڪن، روايتن جي آڌار تي ايترو چئي سگهجي ٿو ته سيد محمد غالباً مرزا شاهه حسن ارغون يا مرزا عيسيٰ تــُـرخان جي دؤر (سن 967هه/1560ع - 980هه/1572ع) ۾ وفات ڪئي هوندي! سندس مزار جو هن وقت ڪوبه پتو ڪونه ٿو پوي.

سيد محمد هاشم بن سيد محمد:

سيد محمد هاشم بن سيد محمد پنهنجي زماني جو وڏو عابد، زاهد، فضل ۽ ڪمال جو صاحب هو. پاڻ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جو مؤلف ۽ مصنف هو. صاحبِ ديوان شاعر پڻ هو. سندس فارسي ڪلام گهڻو هو، پر وقت جي انقلابن جي لهر ۾ لــُـڙهي ويو. نصرپور ۾ سندس ديني علمن جو مدرسو هو. سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن سندس علمي فضيلت مان استفادو حاصل ڪيو ۽ وٽانئس علم جي تحصيل ڪئي. شجره طيبه سادات نصرپور جو صاحب سندس باري ۾ لکي ٿو:

هاشم بن سيد محمد وڏو عابد، زاهد، فضل ۽ ڪمال جو صاحب هو. صاحبِ تصنيف بزرگ هو. ڪيترن ئي سندس علمي فضيلت مان استفادو ڪيو ۽ وٽس علم جي تحصيل ڪئي. کيس ٻه پٽ ڄاوا: سيد عبدالخالق شاهه ۽ سيد عبدالقادر شاهه، جي وقت جا ناليرا  ٿي گذريا آهن.(14)

سيد محمد هاشم جي باري ۾، مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو:

نصرپور شهر ۾ رضوي سيدن جي بکري شاخ مان سڀ کان پهريائين سيد محمد هاشم رضوي هتي آيو. پاڻ هن وقت جي رضوي سيدن جو ڏاڏو بزرگوار آهي. وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل ٿي گذريو آهي. هن کان اٽڪل (تحفته الڪرام جي لکڻ وقت) ٽيهه ۽ ڪي سال اڳ پاڻيءَ  جي اُٿل ڪري، سندس لاش ٻين سيدن جي لاشن سان گڏ اصلوڪي جاءِ تان ڪڍي کڻي آيا. جيڪي معتبر ماڻهو انهيءَ ڪامل جي لاشي سان گڏ هئا، تن کان روايت آهي ته باوجود هن جي، جو مٿئين سيد جي وفات کي ٻه سؤ ويهه سال گذري چڪا هئا، قبر مان صحيح سالم نڪتو.(15)

مير قانع ٺٽويءَ جي انهيءَ مٿئين بيان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته سيد محمد هاشم سڀ کان پهريائين نصرپور ۾ اچي آباد ٿيو. حالانڪ کانئس اڳ، سندس ڏاڏو سيد مبارڪ بن سيد سلطان بايزيد پهريائين نصرپور ۾ اچي آباد ٿيو، جيئن اسان مٿي تفصيل سان بيان ڪري آيا آهيون.

مير قانع ٺٽوي تحفته الڪرام ۾، هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته سيد هاشم، مرزا جاني بيگ ترخان (سن 993هه/1585ع - 1008هه/1599ع) جي دؤر جو شاعر ۽ مصنف هو.(16)

مير علي شير قانع ٺٽويءَ، سيد هاشم جو ٻن هنڌن تي مختلف انداز سان بيان آندو آهي. حالانڪ، انهيءَ تذڪري ۾ مير قانع ٺٽويءَ کان غلطي ٿي آهي. دراصل، سيد هاشم اهوئي ساڳيو بزرگ آهي، جنهن جو ٻن هنڌن تي ذڪر ڪيو ويو آهي. سيد محمد هاشم جا مرزا جاني بيگ سان چڱا مراسم قائم هئا. پاڻ مرزا جاني بيگ جي مدح ۾ هڪ قصيدو چيو هئائين. سيد هاشم جي تاليفات مان سيرالسلاطين نهايت ئي عمدو ڪتاب آهي، جنهن کي مرزا جاني بيگ ڏانهن منسوب ڪيو هئائين.(17) مير قانع ٺٽويءَ اهو ڪتاب خود پاڻ ڏٺو هو. هن وقت انهيءَ ڪتاب جو ڪٿي به ڪو پتو ڪونه ٿو پوي. سيد حسام الدين راشديءَ جو انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ خيال آهي، ته انهيءَ ڪتاب جي نالي مان پتو پوي ٿو ته اُن جو مضمون شايد نظام الملڪ جي سياست نامه جهڙو هجي.(18)

مير علي شير قانع ٺٽويءَ مقالات الشعراء“ ۾ سيد محمد هاشم جي باري ۾ ساڳئي تحفته الڪرام واري عبارت لکي آهي. مرزا جاني بيگ جي متعلق، سندس چيل قصيدي جا هيٺيان فارسي اشعار پڻ نموني طور ڏنا اٿس:

اي بر درِ رفيعت کيوان کمينه دربان
وي حارس حريمت باشد سپهرِ گردان
از طبع فيض بخشت دريا خجل بصد رو
وز دست در فشانت شرمنده ابرِ نيسان
گلبانگِ همتِ تو بگرفت ربعِ مـسکون
صيتِ سخاي جودت گشت
ه محيطِ گيهان
معجز نماست رُصحت همچون عصاي موسيٰ کشور کشاست تيغت چون تيغِ شاه مردان
بر قتلِ دشمنِ دين تيغت دليلِِ قاطع
برکسرِ اهلِ بدعت رمحِ تو هست برهان(19)

 

سيد محمد هاشم جي سن وفات جي باري ۾ ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهيو آهي. پاڻ جيئن ته مرزا جاني بيگ ترخان جو همعصر هو، انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سن 1008هه/1599ع تائين زنده رهيو هوندو، يا ان کان ڪجهه ورهيه اڳ وفات ڪئي هوندائين!

سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم:

سيد عبدالقادر(1) بن سيد محمد هاشم بن سيد محمد وڏو متورع، ولايت ۽ ڪرامت جو صاحب هو. پاڻ پنهنجي دؤر جو يگانو عالم ۽ شاعر هو. علم فقه، حديث ۽ تفسير ۾ وڏو  عبور حاصل هوس. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف هو. سندس مسندِ درس تان ڪيترن ئي علم حاصل ڪيو.(20)

سيد عبدالقادر جي باري ۾، سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو:

سيد عبدالقادر نثر نويس ۽ شاعر هو. نثر ۾ سندس ڪتاب حديقته الاولياء سنڌ پاڻ وٽ موجود آهي ۽ نظم جا فقط اُهي نمونا باقي بچيا آهن، جيڪي هــُـن مذڪور ڪتاب جي ديباچي ۾ ڪم آندا آهن، مثلاً:

جمالِ صورتِ معنيٰ، کمالِ دين و دول
نهالِ دولتِ جاه و گلِ حديق
ه جان.
......

از فيض نشاءِ کرمِ او، جهانيان
با ماي
ه نشاط و طرب، همدم و نديم.

 

يا اهي شعار، جيڪي هــُـن قلندر لعل شهباز، پير پــُـٺي، شيخ جـِـئي، پير مراد ۽ سيد علي شيرازي جي شرح حال ۾ درج ڪيا آهن، يا شاهه جميل گرناريءَ جي مدح ۾ چيا اٿائين(21)

مير علي شيرقانع ٺٽوي مقالات الشعراء“ ۾، سيد عبدالقادر جي باري ۾ لکي ٿو:

سيد عبدالقادر ولد سيد محمد هاشم ابن سيد محمد الحسيني: مصنفِ حديقته الاولياء سنڌ. معاصرِ اميرِ خسرو خان بود. و اين چند ابيات در آن کتاب کـه بنامِ اميرِ مذکور موشح ساخته، در مدحِ او مينويسد منه:

جمالِ صورت معنيٰ، کمالِ دين و دول
نهالِ دولتِ جاه و گلِ حديـق
ته جان.
خليلِ خلق، و مسيحا نفس، علي همت
جليلِ قدر، و رفيع المکان، عظيم الشان
زهي کريم ک
ه دستِ سخاش غارت کرد
هم
ه ذخايرِ بحر و همه دفاينِ کان
سحابِ دستِ نوالش چو قطره بار شود
ز قطره قطره شود رشح
ه قلزمِ عمان(22)

 

سيد عبدالقادر جي باري ۾، شجره طيبه سادات نصرپور ۾ آهي ته هن هاليپوٽا ذات جي هڪ نيڪ مرد، حاجي صدر جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس چار فرزند ۽ هڪ نياڻي تولد ٿيا. سندس فرزندَ پڻ پنهنجي پيءُ وانگر وقت جا ناليرا بزرگ، عالم، درويش ۽ صاحبِ تصنيف ٿي گذريا آهن.

سيد عبدالقادر جي سن وفات جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي، ته پاڻ هن فاني جهان مان ڪڏهن رحلت ڪيائين.  سيد عبدالقادر پنهنجو تذڪرو، حديقته الاولياء سنڌ سن 1016هه /1607ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ پنهنجي انهيءَ تاليف کي وقت جي امير ۽ صاحبِ اقتدار شخص خسرو چرڪس(1) ڏانهن منسوب ڪيو هئائين. خسرو چرڪس جو اقتدار قريباً سن 1019هه/ 1610ع تائين سنڌ مٿان قائم رهيو. انهيءَ لحاظ کان اسان جو گمان آهي، ته سيد عبدالقادر يارهين صدي هجريءَ جي پهرئين چوٿائيءَ ۾ وفات ڪئي هوندي!

نصرپور جي اوڀرندي ۾ سيد نورالله شاهه نوري جي نالي سان هڪ قديم قبرستان آهي، جيڪو قديم دؤر جي رضوي سيدن جو مقام آهي. انهيءَ مقام کي چوطرف پڪين سرن جي ديوار ڏنل هئي. هن وقت اهو سمورو قبرستان ڊهي تباهه ٿي ويو آهي. مزارون ۽ مقبرا منهدم ٿي ويا آهن. ديوار پڻ ڊهي مٽيءَ جو ڍير ٿي ويئي آهي. هن قبرستان ۾ چوکنڊيءَ واري دڙي تي هن وقت صرف سيد عبدالقادر جي ڀاءُ، سيد عبدالخالق ۽ اُن جي فرزند سيد نورالله شاهه نوري جون ٻه مزارون قائم بيٺيون آهن. گمان غالب آهي ته سيد عبدالقادر جي مزار به انهيءَ چوکنڊيءَ جي اندر هئي، جا هن وقت ڊهي زمين دوز ٿي ويئي آهي. افسوس، جو مير علي شيرقانع ٺٽويءَ وانگر، سنڌ جي هن پهرئين تذڪره نگار جي مزار جي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي!

سيد عبدالقادر، فارسي شاعريءَ سان گڏ نثر ۾ به چڱو خاصو عبور رکندڙ هو. هن سن 1016هه/1607ع ۾ فارسي زبان ۾ پنهنجو تذڪرو حديقته الاولياء سنڌ جي نالي سان لکيو. انهيءَ تذڪري کان علاوه، سندس ٻي ڪابه تصنيف يا تاليف دستياب ٿي نه سگهي آهي ۽ نه ئي وري اُن جو ڪو اهڙو احوال ملي ٿو.(1) انهي مٿئين تذڪري ۾ سنڌ جي 44 عالمن، صالحن، بزرگن ۽ صوفي درويشن جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندن ڪرامتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن بزرگن مان اٽڪل ويهارو کن بزرگ اهڙا آهن، جن جو تعلق نصرپور ۽ ان جي آس پاس سان آهي. سيد عبدالقادر جو قول آهي ته هــُـن وقت جي صالح ۽ ڀلارن بزرگن جي باري ۾، صحيح ۽ سچن راوين ۽ معاصرن کان روايتون پڇي ۽ ٻڌي، تحقيق سان گڏ ڪري، هڪ سال جي اندر اهو تذڪرو لکيو آهي، ته جيئن اهو زماني ۾ يادگار رهي.(23) ڪتاب جي آخر ۾، تاليف جو سال هن ريت ڏنل آهي:

به تائيدِ عناياتِ الاهي
رسيد اين نامه در حدِ تناهي
ز هجرت بود الف و شانزده سال
که شد آراسته اين شاهدِ قال(24)

 

سيد عبدالقادر پنهنجي تذڪري ۾ خسرو چرڪس، جنهن سان سندس بهترين مراسم قائم هئا، جي هن طرح ساراهه بيان ڪئي آهي:

امير خسرو خان زماني جي فاضلن جو مرجع، معرفت ۽ يقين جو صاحب هو. سندس مبارڪ ۽ سڀاڳي دؤرِ اقتدار ۾ عام رعيت خوشحال ۽ فارغ البال  هئي ۽ زماني جي ڏکن ۽ سورن کان آزاد هئي. ماڻهو امن امان سان پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيا هئا.(25)

امير خسرو چرڪس جو اُن زماني ۾ ٺٽي کان وٺي نصرپور ۽ پوريءَ سنڌ تي اثر هو. نصرپور، سندس طاقت جو اهم مرڪز هو. مرزا غازي بيگ ترخان، پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ، سن 1013هه/ 1604ع ۾ اڪبري دربار ڏانهن وڃڻ وقت سنڌ ملڪ جو سمورو ڪاروبارُ خسرو چرڪس جي حوالي ڪري ويو هو. سيد عبدالقادر، جنهن سال (1016هه) حديقته الاولياء سنڌ لکيو، اُن وقت مرزا غازي بيگ قنڌار واريءَ مهم تي هو. ان دؤر ۾ به سنڌ جو سمورو علائقو خسرو چرڪس جي هٿ هيٺ هو. خسرو چرڪس کي آخرڪار بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ڪري، جهانگيري عملدارن کيس آگري ڏانهن روانو ڪيو.

حديقته الاولياء سنڌ خواه سنڌ جي ٻين تواريخن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته خسرو چرڪس جو طبعاً صوفي درويشن، مشائخن ۽ الله وارن بزرگن ڏانهن گهڻو لاڙو هو. پاڻ هميشه انهن جي صحبت ۾ رهندو هو. انهيءَ ڪري ئي سيد عبدالقادر پنهنجي ڪتاب کي خسرو چرڪس ڏانهن منسوب ڪرڻ  بهتر سمجهيو. خسرو چرڪس جي ساراهه ۽ نيڪ خصلتن جي تعريف ۾ ، سيد عبدالقادر پنهنجن جذبن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:

خسروا خاني تو در وقتيکه از جانِ کرم
هر صباح و شام ميخواني بسي اهلِ همم
خاين درگاهِ رب العالمين باشي اگر
از تو ناراضي رود جاني ز تن سوي عدم
جهد کن گرد آر دلهاي خلائق و آنگهي
هرچ
ه باشي باش يکسانست گدا و محتشم(26)
 

بهرحال، ترخاني دؤر ۾، سنڌ اندر خسرو چرڪس جي شخصيت هر لحاظ کان پنهنجي پوري عروج تي هئي، سيد عبدالقادر جو حديقته الاولياء سنڌ کي خسرو چرڪس ڏانهن منسوب ڪرڻ مان ان ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته پاڻ خسرو چرڪس جي ظاهري اقتدار کان ڏاڍو متاثر هو. خسرو چرڪس نصرپور واري هنگامه خيز دؤر ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، انهن حالتن جو سمورو نقش مؤلف جي اڳيان هو. ساڳئي وقت، مؤلف ان دؤر جي سنڌ جي سمورين سياسي حالتن ۽ فڪري لاڙن کان پڻ پوريءَ ريت واقفيت رکندڙ هو.

سيد عبدالسلام بن سيد عبدالقادر:

سيد عبدالسلام بن سيد عبدالقادر وڏو عالم ۽ زماني جو فاضل ٿي گذريو آهي. صاحبِ وجد، ارشاد جو ڌڻي ۽ روحانيت جو صاحب هو. سندس دل جي ڪـَـلـِـي کــُـليل هئي ۽ اَنواراِلاهيءَ جي پالوٽ سان پلٽيل هئي. پاڻ 28 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪيائين.(27)

سيد عبدالخالق بن سيد محمد هاشم:

سيد عبدالخالق بن سيد محمد هاشم وڏو جيد عالم، زاهد، متشرع، متورع، مصنف ۽ شاعر هو. پاڻ هڪ ڪامل مرشد ۽ ڪرامت جو صاحب هو. وقت جا حاڪم سندس آستاني تي اچي حاضري ڀريندا هئا. سيد عبدالخالق جي مزار، نصرپور شهر جي اوڀرندي طرف رضوي سيدن جي مقام ۾، سندس لائق فرزند، سيد نور الله شاههنــُـوري جي ڀرسان هڪ وڏي مٽيءَ جي دڙي تي واقع آهي. سندس مزار تي ڪاشيءَ جو ڪتبو لڳل آهي، جو پوئين دور جو معلوم ٿئي ٿو. ڪتبو هن ريت آهي:

تاريخ وفات حسرت آيات مرحوم مغفور شاهه عبدالخالق
ڪرم ڪر يا رب، محمد مصطفيٰ جي واسطي،
سيد ڪونين، شاهه انبياءِ جي واسطي.

 

سيد نور الله شاههنوري بن سيد عبدالخالق:

سيد نور الله شاهه بن سيد عبدالخالق ظاهر خواه باطني علمن جو جامع ۽ ڪرامت جو صاحب هو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون حياتيءَ خواه مماتيءَ ۾ مشهور آهن. پاڻ فارسي زبان جو هڪ وڏو قادرالڪلام شاعر هو ۽ نــُـوري تخلص استعمال ڪندو هو. هتي سندس فارسي ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:

(الف)

دل پر ز تماشا است به گلزار نصرپور
با آب هوا هست شکر بار نصرپور
دريائي کناري و مزاري اشجاري
هم مقبره مرقد ابرارِ نصرپور
خاصه که مزار شه هاشم سلف من
صد فيض و شفا بخش ز انوار نصرپور
گر حب هوائي وطن مرقد ابرار
يارم نه شد و مي شد ادبار نصرپور
در عين خزان نغزنوا بلبل
نــُـوري
از گل ساختم با خار نصرپور(28)

 

(ب)

چالاک تر از چشم تر خونريز که ديده است
از ناوکِ مرٍگان تو بکريز که ديده است؟
ميم دهنت معجزه عيسيٰ و مريم
در مکه جز اين زمزمه لب ريز که ديده است
من رند خراباتم از صوفي سرکش
بامفلسي اکسيرهم آميز که ديده است
افتاده ز تير نگهش مرغ هواگير
پرتابي و پيکان بچنين تيز که ديده است
شد ثاني شيراز نصرپور ز
نــُـوري
اين رونقِ در پارس و تبريز که ديده است(29)

 

سيد نور الله شاههنــُـوريءَ جي مزار رضوي سيدن جي قبرستان ۾، پنهنجي والد سيد عبدالخالق جي مزار کان پوءِ، ٽئين نمبر تي اوڀرندي کان واقع آهي. سندس مزار تي ڪاشيءَ جو هيٺيون ڪتبو لکيل آهي، جو پوئين دؤر جو معلوم ٿئي ٿو:

تاريخ وفات حسرت آيات مرحوم مغفور
ميون شاهه نورالله شاهه بادشاهه
ڪرم ڪر يا رب، محمد مصطفيٰ جي واسطي
سيدِ ڪونين، شاهه انبياءِ جي واسطي.

 

سيد محمد هاشم(ثاني) بن سيد عبدالخالق:

سيد محمد هاشم(ثاني) پنهنجي وقت جو وڏو ولي ڪامل، درويش ۽ ڪشف ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي.(30) پاڻ فارسي زبان جو هڪ عمدو شاعر هو. شعر ۾ سندس تخلص رضوي ۽ ساغر هو. پاڻ صاحبِ ديوان شاعر هو. سندس ديوان مصري شاهه لائبريري، نصرپور ۾ موجود آهي. سيد محمد هاشم (ثاني) جي باري ۾، مير علي شيرقانع ٺٽوي لکي ٿو:

مير محمد هاشم نام از سادات رضوي بهکري ساکن موضع نصرپور بوده، صاحب آيات و کراماتِ باهره. محمد حسين شوقي از مريدان وي ست. چنانچه در نغمات خود بيان کرده ست - منه.

طالبِ دل شو که دل مرشد بود در راهِ حق
هرک
ه اين معنيٰ ندارد قابلِ ديدار نيست
دلبرِ من چون بنازَ، جلوه فشاني کند
مرغ دلم در قفس، گرم عناني کند
پا زحنا ارغوان، چون بکند شاهِ من
رنگِ حنا بر کفش، پاي گراني کند
دفترِ جرمِ چنان کرد پريشان نياز
آنچ
ه ببرگِ چمن، بادِ خزاني کند
چونک
ه بغارت شود ترکِ نصرپور من
عشوه کند تيغِ کين، غمزه سناني کند
جذب
ه عشقق ربود هوش و دلم از خرد
کيست کـ
ه غير از نگار داد ستاني کند
رو
رضوي بر درش مير، که ناگه نگار
آمده بر تربت فاتح
ه خواني کند (31)
*

 حوالا

(1) سيد عبدالقادر: حديقته الاولياء“ (فارسي)، مرتب: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ،1967ع، ڏسو مقدمو، ص 84 ۽ 85

(2) ايضاً، ص 86 کان 89

(3) ايضاً، ص 86 کان 90

(4) ايضاً، ص 91

(5) ايضاً، ص 5

(6) ايضاً، ڏسو مقدمو، ص 69

(7) ايضاً، ص 6

(8) مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 517

(9)انصاري الهجڙيو: بکر جي بزرگن جو سياست ۾ حصو، ڪمال پرنٽنگ پريس، سکر سنڌ، 1981ع، ص 33

(10) بلوچ نبي بخش خان ، ڊاڪٽر:ميين شاهه عنات جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1963ع، ص 26

(11) ايضاً، ص 26 ۽ 27

(12) شجره طيبه سادات نصرپور (قلمي فارسي)

(13) ايضاً

(14) ايضاً

(15) ڏسو حوالو نمبر (8)، ص 396

(16) ايضاً، ص 517

(18) ڏسو حوالو نمبر (1)، ڏسو مقدمو، ص 71

(19) مير علي شير قانع ٺٽوي: مقالات الشعراء“ (فارسي)، مرتب: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 44- 843

(20) ڏسو حوالو نمبر (12)

(21) ڏسو حوالو نمبر (1)، ڏسو مقدمو، ص 71 ۽ 72

(22) ڏسو حوالو نمبر (19)، ص 25 - 424

(23) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 11

(24) ايضاً، ص 240

(25) ايضاً، ص 12 ۽ 13

(26) ڏسو حوالو نمبر (19)، ص 202

(27) ڏسو حوالو نمبر (12)

(28) ايضاً

(29) ايضاً

(30) ڏسو حوالو نمبر (8)، ص 396

(31) ڏسو حوالو نمبر (19)، ص 255

*

(ماهوار نئين زندگي حيدرآباد سنڌ، فيبروري 1988ع - سنواريل ۽ وَڌايل)

 


 

(1) هيءُ مقالو سن 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري جي سنڌي شعبي پاران منعقد ڪيل بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيو ويو.

(2) سيد قادر ڏنو شاهه، نصرپور شهر جي قديمرضوي سادات گهراڻي جو چشم و چراغ هو. اسان جي  ساڻس سندس بنگلي ۾ ملاقات ٿي هئي. وٽس پنهنجن وڏن جو هڪ عاليشان ڪتبخانو هو، جنهن کي پاڻ ساهه سان سانڍيندو پئي آيو. پاڻ وڙ ڪري، مون کي پنهنجي انهيءَ نادرالوجود ڪتبخاني جو ديدار ڪرايائين. ڪافي نادر قلمي نسخن کي نظر مان ڪڍڻ جو موقعو مليو. شاهه صاحب، تازو وفات ڪري ويو آهي. مرحوم کي خداتعاليٰ  ستن پٽن سان نوازيو، جي پڻ پنهنجي والد وانگر نيڪ ۽ صاحبِ اخلاق آهن.

(1) مولوي محمد قاسم سومرو، ڳوٺ چنهياڻي تعلقي ڪنڊياري  ضلعي نواب شاهه (هن موجوده وقت ۾ نوشهري فيروز ضلعي) جو ويٺل آهي. ساهتي پرڳڻي جو قديم شهر سيدو باغ انهيءَ ڳوٺ جي اُتر ۾ آهي. مولوي صاحب عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن جو ڄاڻو آهي. پاڻ پرائمري استاد آهي. سندس والد، محمد ادريس سومرو ۽ چاچو مولوي محمد عالم سومرو پنهنجي وقت جا وڏا جيد عالم ۽ بهترين خطاط ٿي گذريا آهن. مولوي محمد قاسم کي اهو علمي ورثو  پنهنجن وڏن کان مليو. وٽس هڪ بهترين ڪتبخانو  پڻ آهي، جنهن ۾ اٽڪل اٺ هزار کن ڪتاب آهن. سندس ڪتبخاني ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن جا ناياب خطي خواه ڇاپي نسخا موجود آهن. مولوي صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف پڻ ڪيا آهن، جي سنڌ جي ديني ادب ۾ چڱو اضافو ڪن ٿا.

(1) راشدي صاحب انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾، سنڌ جي اٽڪل 82 تذڪرن جو سير حاصل احوال ڏنو آهي.

(1) سنڌ جي نامور عالم ۽ محقق، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب حديقته الاولياء سنڌ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري سنڌ طرفان اشاعت هيٺ آهي.

(2) قاضي محمود ٺٽوي، ٺٽي جي عباسي خاندان جو هڪ چمڪندڙ هيرو هو. پاڻ ڏهين صدي هجريءَ جو هڪ وڏي بلندپايي جو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. پاڻ مولانا عبدالخالق گيلانيءَ جو شاگرد هو. مولانا گيلاني قنڌار مان بکر ۾ مير محمد معصوم بکريءَ وٽ اچي رهيو، جتان پوءِ ٺٽي ۾ ميرڪ جي مڪان ۾ وڃي رهيو. قاضي محمود ٺٽي شهر جو مفتي پڻ هو. مرزا عيسيٰ ترخان ۽ مرزا باقي ترخان جو همعصر هو. مرزا عيسيٰ ترخان جي فوج جو قاضي به ٿي رهيو. انهيءَ مذڪور تذڪري کان علاوه، ٻيا به ڪيترائي  درسي ڪتاب لکيا هئائين. شاعريءَ ۾ به مشق ڪندو هو.

- مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفته الڪرام (سنڌي)، ص 532

- وفائي دين محمد مولانا: تذڪره مشاهير سنڌ جلد 3، ص 32، 33

(1) وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو، راقم جو ڪتاب تواريخ نصرپور (قلمي)

(1) انهيءَ  مذڪور قلمي نسخي جي آخر ۾ هيءَ عبارت لکيل آهي: “تمت کتاب بعون الملک الوهاب نقل من الشجره المبارکه لسادات النصرفور که در سن 1149هه هجري مرحوم ميان سيد ضياءُ الدين مرقوم فرموده است و من منقول عنه نزد سلاسله السادات النجبات قدوهِ الحفاظ حافظ سيد مدد علي شاهه ولد غفران شاهه قدوهِ العلماءِ المتبحرين والکاملين حضرت سيد محمد صديق رضوي تحرير يافت در سن 1215 هجري.

            انهيءَ مٿئين عبات جي هيٺان وري هيءَ عبارت تحرير ٿيل آهي: اين کتاب مستطاب شجره طيبه ساداتان نصرپور حسب فرمائش عاليجناب دستگاه شرافت پائگاه خضر عمر فيض اثر حضرت سيد مصري شاهه زادالله تعاليٰ شرفا ِّ و تعظيما بن خلد مکان جنت آشيان حضرت سيد بلند شاه قدس سره العزيز رضوي بيد هرسيه کار اقل العباد ايزد.... آمرزاد آخوند عبدالکريم بن محمد بچل اصل متوطن حيدرآباد سنده حال ساکن نصرپور زيب و تحرير و زينت تسطير گرفت درماه ربيع الاخر 1313هه.

            شجره طيبه سادات نصرپور جو اهو قلمي نسخو، ميين شاهه عنايت جو ڪلام مرتب ڪرڻ وقت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي استعمال هيٺ پڻ رهيو آهي.

(1) سيد عبدالقادر ۽ سندس خاندان جي شجري لاءِ ڏسو، ضميمو(4)

(1) هيءُ امير، چرڪس خان جي اولاد مان هو، جو چنگيز خان جي بنياد مان هو. چرڪس خان جي حڪومت قبچاق جي بيابان ۾ هئي. خسرو خان پنهنجي وطن مان لڏي، مرزا عيسيٰ ترخان جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو هو. پنهنجي فضيلت ۽ چالاڪيءَ باعث مرزا عيسيٰ وٽ ڏاڍو مانُ پاتائين. مرزا محمد باقيءَ جي دؤر ۾ به وڏي مرتبي وارو هو. مرزا جاني بيگ جي وقت ۾ خاص درٻاري اميرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. وڏو سخي ۽ خيرات ڪندڙ هو. ٺٽي شهر، مڪلي ۽ ان جي آس پاس ڪيترائي کوهه، پـُـليون، تلاءَ ۽ مسجدون تعمير ڪرايائين.

- مسافر محمد صديق: سنڌ جي تاريخ- ڀاڱو پنجون، المعروف سنڌ ۾ مغلن جا نواب، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ، 1942ع، ص 41

(1) تازو سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي قديم ڪتبخانن ۾ موجود قلمي نسخن جي فهرستن تي مشتمل هڪ ڪتاب خزينته المخطوطات جي نالي سان شايع ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب جي ص 206 تي سيد عبدالقادر جي هڪ ٻئي فارسي ڪتاب رياض العارفين جو نالو ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو، استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود هو. هن وقت، اهو قلمي نسخو سنڌ آرڪائيوز ڪراچيءَ ۾ محفوظ آهي. دراصل، هيءُ ڪتاب صوفي بزرگ ۽ درويش عبدالله اليافعي (المتوفي: 786هه/1367ع) جي عربي ڪتاب روضته الرياضين في حڪايت الصالحين جو فارسيءَ ۾ ترجمو آهي. اهو عربي ڪتاب نزهته العيون النواظر و تحفته القلوب الحواذر جي نالي سان پڻ معروف آهي. هن ڪتاب ۾ پنج سؤ صوفي بزرگن جو تذڪرو ڏنو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org