سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: --

صفحو :1

ادب - ٻولي - تعليم

محمد ابراهيم جويو

 

 

”جِت نه پَکيءَ پيرُ اُت ٽمڪِي باهِڙِي،

ٻيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙڪي کيرَ ري.“

 

”هوءَ جا ٻري هير، ڪاڇي ڏونگَر ڪنڌئين،

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کيرَ ري.“

 

”ڏونگر منجهه ڏياٽُ، صبح ڏٺم سُڃ ۾،

کاهوڙين کاٽُ، هَنيو در حق جي.“

 

 

ساهه جيئن پيارن ساٿين

محمد عثمان ڏيپلائي

۽

مولوي نور محمد سنڌيءَ جي نالي

 

 

”ڏونگرُ ڏُکارو ڏٺم ري ڏوٿئين

پَهڻن رُنو پاڻ ۾ سڄو ڏينهن سارو

ڳُجهو تِن ڳارو، چَپَرَ هُو، ڇَٽَ هئا.“

 

پيش لفظ

”تاريخ ۾ فرد جي ڪردار“ تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو، ڳالهايو ۽ بحث ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هڪ مضبوط، صحتمند ۽ مربوط معاشرو ئي اهڙو بنياد ۽ سبب پيدا ڪندو آهي، جنهن ۾ اهڙا نسل پيدا ٿي سگهن جيڪي نه رڳو اُن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ افرادي قوت فراهم ڪن، پر ساڳئي وقت جڏهن قومون ۽ معاشرا پنهنجن داخلي توڙي خارجي سببن ڪري زوال، پستي، ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿيندا آهن ۽ سندس روايتي ادارا اڪارج ٿي ويندا آهن. تڏهن به اُهي غير معمولي فرد ئي هوندا آهن جيڪي زمانن جا ذهن ۽ ضمير روشن ڪري، قومن جون تقديرون بدلائي، کين جياپي، جاڳرتا ۽ آجپي جا آدرش ڏيندا آهن. قومن ۽ معاشرن جي تاريخ ۾ اهڙن ڏکين وقتن ۽ دورن جو اچڻ هڪ معمول جي ڳالهه آهي، ۽ اهڙن دورن ۾ سندن ڏاها ۽ غير معمولي فرد ئي هوندا آهن جيڪي معاشرن کي بحرانن ۽ خطرن مان ائين ڪڍي ايندا آهن. جيئن ننڍڙن ٻارڙن کي چيچ مان جهلي، صحيح دڳ تي هلائبو آهي. هلندڙ ويهين صدي سموري انساني تاريخ جي ڏاڍي هڪ اهم صدي شمار ٿئي ٿي، هن ئي صديءَ ۾ ٻه عالمگير جنگيون لڳيون، سوين ننڍيون توڙي وڏيون قومون غلاميءَ تي صدين جي سنگهرن مان آزاد ٿيون. دنيا ۾ انيڪ فڪري انقلاب آيا. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظلوم ۽ محڪوم طبقن سياسي اقتدار جون واڳون سنڀاليون. هن ئي صديءَ ۾ سرمائيداري نظام آڏو سوشلزم هڪ وڏو متبادل (Alternate) ٿي آيو ۽ نتيجي ۾ سرمائيداري نظام ۾ به گهڻيءَ حد تائين پنهنجو روايتي انسان دشمن رويو تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽ دنيا ۾ ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور نه رڳو اُڀريو پر اُن عملي شڪل به ورتي. هن ئي صدي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ ايڏا وڏا ۽ غير معمولي انقلاب آيا، جو فطرت به انسان جي تخليقي سائنسي شعور آڏو هيڻي ٿي پئي آهي. ائين، جي هن صديءَ ۾ آيل تبديلين ۽ انقلابن جي وچور کڻبي، ته اُها شايد تمام ڊگهي ٿي وڃي. اسان جي وطن پاڪ، سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان به هن صديءَ کي خاص اهميت آهي. ٻين ڳالهين سان گڏ اُن جي ’سائيءَ‘ ڪُکُ هن صديءَ ۾ ئي برک عالم، مشاهير، تدبر، ڏاهپ ۽ بصيرت جا صاحب، بهادر ۽ اڻ موٽ انسان پيدا ڪيا. رشي ڏيارام گدومل، ديوان هرچندراءِ وشنداس، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، دادا ڄيٺمل پرسرام، مولانا عبيدالله سنڌي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، سائين جي ايم سيد، الله بخش سومري، ذوالفقار علي ڀُٽي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسي، شيخ اياز، استاد بخاريءَ، الهداد ٻوهيي، رسول بخش پليجي، سراج ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه تائين اهڙن ماڻهن جي وڏي Galaxy آهي، جن نه رڳو سنڌ کي شعور ڏنو پر جديد سنڌ جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ۽ مان پنهنجيءَ پوري ذميواريءَ سان اهو چئي سگهان ٿو ته ان سفر جي هلندڙ پنڌ ۾ هڪڙي جنهن ”اُلوپ“ ۽ آدرشي انسان جو بنيادي هٿ ۽ ڪردار رهيو آهي- اهو آهي سائين محمد ابراهيم جويو. سنڌ جي نئين نسل کي پوريءَ طرح معلوم نه آهي ته روايتي معنائن ۾ نه پر سچ پچ به هن اُتم انسان سنڌ جي وجود جي بقا، همه گير اوسر ۽ اڏاوت لاءِ ڪيتريون نه اَڻ وسرندڙ ۽ اڻ ورج خدمتون سرانجام پئي ڏنيون آهن. تاريخ ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ڪي غير معمولي ڪردار رکندڙ ماڻهو پنهنجي ماٺيڻي مزاج، طبقاتي پس منظر ۽ حالتن جي جبر سبب حقيقي معنيٰ ۾ قومي سرواڻ هئڻ جي باوجود سدائين پس منظر ۾ ۽ ڪارڪن ٿي رهندا آهن. اسان جو جويو صاحب به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي. جديد سنڌ جي فڪري، ادبي بلڪ قومي تحريڪ جو هيءُ حقيقي سپہ سالار پنهنجيءَ وضعداريءَ ۽ ارپنا تمڪ (Dedicated) مزاج سبب سدائين هڪ ”سپاهيءَ“ جيان هليو آهي. لطيف سائينءَ سچ پچ به اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي:

”نانگ ٻڌي نينهنَ جي، ڪڇين ڪاڇوٽي،

جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،

تنين جي چوٽي، پوربَ ٿيندي پڌري.“

(شاهه)

يعني اهڙن ماڻهن جي عظمت جون بلنديون تڏهن ظاهر ٿينديون جڏهن جهالتن، غلامين ۽ اونداهين جا ڌُنڌ لهندا ۽ آزاديءَ، شعور ۽ روشنين جا پوربَ پڌرا ٿيندا.

* سنڌ ۾ جويي صاحب جو بنيادي ڪردار ۽ حيثيت، هڪ فڪري استاد ۽ سوُنهين واري آهي. سماجن ۽ قومن کي هڪڙي نفسيات ته سندن ڪلچر جي حوالي سان کين ورثي ۾ ملندي آهي، جڏهن ته سندن شعور جي تشڪيل ۽ قومي شخصيت (National Personality) جي تعمير انهن جا حقيقي دانشور ۽ مفڪر ڪندا آهن. ان جي ثابتيءَ لاءِ يورپ جي گذريل پنج سؤ سالن جي تاريخ ئي وڏو مثال آهي. پنڌرهين صديءَ تائين يورپ دنيا جو هڪڙو پس مانده ترين خطو هو پر سورهين صديءَ کان وٺي روشن خياليءَ ۽ نئين سجاڳيءَ (Enlightenment and Renaissance) جون تاريخ ساز ۽ لڳاتار فڪري تحريڪون ئي هيون، جن يورپ کي ترقيءَ جي اؤج تي رسائي ڇڏيو. ان سڄي عمل ۾ سندن مفڪرن ۽ دانشورن جو بنيادي ڪردار هو. سنڌ پنهنجي ڪلچر جي مزاج جي حوالي سان اڳ ئي هڪ ماٺيڻو ۽ ويڳاڻو سماج رهيو آهي، ٻيو ته سنڌ صدين کان دنيا کان ڪٽيل ۽ ڪنڊائتي رهي آهي. هڪ طرف سماجي ۽ سياسي سرشتو نهايت فرسوده ۽ ٻيو دنيا جي جديد سائنسي شعور جي پاڇي کان به پري. اهڙي پس منظر ۾ سنڌ جي هڪ غريب ۽ ڳوٺاڻي گهراڻي ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي ڏاهي ۽ اهل فڪر ماڻهوءَ جو پيدا ٿيڻ سنڌ لاءِ ڪنهن بخت ۽ ڀاڳ کان گهٽ نه هو. هيءَ ويهينءَ صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن جي ڳالهه آهي. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ آهستي آهستي سنڌ ۾ به شروع ٿي رهي هئي پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو سوال اڃا ڪنهن جي ذهن ۾ به نه هو. خود جناح به ڪانگريس جو رُڪن هو. سنڌ ۾ علم ادب جي شعبن کان وٺي پارلياماني سياست تائين سنڌ ۾ قوم ٿي فقط هڪ حصي يعني هندن جي پيشقدمي هئي. مسلمانن جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو طبقو نسورو جاهل ۽ ڪوتاهه ذهن هو. سنڌي مسلمانن ۾ وچون طبقو اڃا پيدا ئي نه ٿيو هو. اهڙي ماحول ۽ پس منظر ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي مفڪر شخص جي پيدا ٿيڻ کي مان سچ پچ، هڪ غير معمولي واقعو ٿو سمجهان. سنڌ به سياسي ۽ فڪري رجحان طور ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ طرف ڪانگريس هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ سنڌ ۾ ٻيون به ننڍيون ننڍيون تحريڪون ضرور هيون پر بنيادي طور فڪري حوالي سان اهي ٻه ڌارائون هيون. هي اُهو ئي دور آهي جڏهن سوويت يونين ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي چڪو هو. دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ سوشلسٽ تحريڪون تيز ٿي رهيون هيون. هندستان ۾ علم ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو آغاز ٿي رهيو هو. فڪري حوالي سان هندستان ۾ ايم اين راءِ (M. N. Roy) جي فڪري لهر به اُڀري رهي هئي. اُن سڄي ماحول ۾ ڇاڪاڻ ته راءِ جي فڪري تحريڪ ٻين سمورين تحريڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ترقي پسند، سائنسي ۽ فلسفيانه شعور رکندڙ، عوام دوست ۽ مظلوم قومن جي حمايت ڪندڙ هئي، ان ڪري جويو صاحب ان ۾ شامل ٿيو. مان سمجهان ٿو ته هو شايد سنڌ بلڪ هن خطي جو پهريون ماڻهو هو جيڪو 'Royist' ٿيو. يعني هن جڏهن پنهنجي شعور جون اکيون کوليون ته هن جي مفڪرانه تخليقي نظر پنهنجي دور جي سڀني کان اڳتي وڌيل شعور ۽ ان جي نمائنده تحريڪ تي پَئي. رڳو ننڍي کنڊ جي حوالي سان ئي نه پر عالمي حوالي سان به هو هڪ اهڙي فڪر جو سنڌ ۾ مُهندار هو، جيڪو نه رڳو انسان جي صدين جي فڪري پورهيي جو معروضي ۽ منطقي نتيجو هو پر پنهنجي عالمي تاريخي دور (World Historic Age) جو به سڀني کان اڳتي وڌيل، سائنسي، عقليت پسند ۽ عوام دوست فڪر هو. اهو محمد ابراهيم جويو ئي هو جنهن صدين کان اوهام پرستيءَ ۽ خود فريب روحانيت پرستيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل سنڌي سماج ۾ سائنسي ۽ مادي شعور جو ڦهلاءُ ۽ ان جي ترويج ڪئي. هن ئي سڀ کان پهرين سنڌ ۾ ڪائنات، فطرت ۽ تاريخ جي مادي نظرين يعني ”جدلي ماديت“، ”تاريخي ماديت“، ”حياتيءَ جي ارتقائي نظريي ۽ ان جي سماجي اطلاق“ ۽ ”سيڪيولرزم“ کي متعارف ڪرايو. هن ئي سڀني کان پهرين سنڌي ادب ۾ ترقي پسند رُجحان کي هٿي ڏني. يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ سائنسي شعور جي نشاط الثانيه (Renaissance) جا بنياد سڀني کان پهرين سائين محمد ابراهيم جويي وڌا ۽ اُنَ منجهان ئي سنڌ بابت جويي صاحب جي غير معمولي نگاهه (Vision) جي پروڙ پوي ٿي. اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه علمي، ادبي، سياسي ۽ فڪري سطح تي تازو پختو شعور آهي، ان جي بنياد وجهڻ ۾ محمد ابراهيم جويي جو به وڏو هٿ هو. جيئن بنگال ۾ سماجي نشاط الثانيه جا بنياد راجا رام موهن راءِ وڌا هئا. راجا رام موهن راءِ بنگالي سماج ۾ تمام گهڻا ۽ بنيادي سڌارا آندا پر هو فڪري طرح روايتي مذهبي ۽ روحانيت پرست شخص هو. جڏهن ته جويي صاحب سنڌ ۾ جنهن جاڳرتا جا بنياد وڌا، اُها روايتي اوهام پرستي نه پر جديد سائنسي سوچ ۽ شعور جي حامل هئي ۽ آهي. مان جويي صاحب کي سنڌي سماج جو محض هڪ فرد نه پر فڪري فنامنا (Intellectual Phenomenon) سمجهندو ۽ سڏيندو آهيان- جيئن شيخ اياز به منهنجي نظر ۾ رڳو هڪ شاعر نه پر جديد سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو فنامنا هو. جديد يورپ جي تاريخ ۾ يعني پنڌرهين کان اوڻيهين صدي تائين فڪري سطح تي ٽي بنيادي راهون روشن ٿيون، جن انسان جي ذهني تاريخ جو روايتي مزاج ۽ رُخ ئي ڦيري ڇڏيو ۽ اُهي هيون- يورپي عيسائي سماج ۾ مذهبي سڌارن جي تحريڪ (Reformation)، ارڙهين صديءَ جي آزاد خياليءَ (Liberalism) ۽ عقليت پسنديءَ (Rationalism) جي تحريڪ ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ ڊارون جو حياتي فطرت بابت ارتقائي نظريو ۽ مارڪسزم جو ڪائنات، فطرت ۽ سماجي تاريخ بابت مادي ۽ جدلي نظريو. جويو صاحب بنيادي طور انهن ٽنهي فڪري ڌارائن جي اجتماعي جوهر جي پيداوار آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو قومي سماج جنهن پستيءَ ۽ غلاميءَ جي حالت ۾ آهي، اُهو اهڙي ئي فڪر آڌار، پنهنجيءَ موجوده پست حالت مان نڪري، نئون جنم وٺي، اوسر، آجپي ۽ وقار جي اُتاهينءَ منزل کي رَسي سگهي ٿو.

* هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجيءَ قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا والهانه وابستگي هجڻ گهرجي ۽ ان جي آئيندي جي سلامتيءَ ۽ شانَ لاءِ جيڪا بي لوث اونَ ۽ دور انديش نگاهه هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ مثال سائين محمد ابراهيم جويو آهي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جو سوال وڏيءَ شدت سان اُڀريو ۽ مسلم حڪمران طبقن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو، ته جويو صاحب پهريون مستقبل بِين ۽ دور انديش ماڻهو هو جنهن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن، ڇو ته مسلمانن جي جنهن حڪمران طبقي ان ڏس ۾ سرگرم ڪردار ادا ٿي ڪيو، ان جي سياسي تاريخ ۽ مقصد ٻڌايو ٿي ته سندن نيتون ۽ نگاهون صاف نه هيون. جويي صاحب ان زماني ۾ ”سنڌ بچايو – وڏو کنڊ بچايو“ (Save Sindh, Save the Continent) نالي هڪ ڪتاب لکيو ۽ تفصيل سان سمجهايو ته سنڌ جي سياسي قيادت کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جويو صاحب شايد واحد سنڌي دانشور هو، جيڪو ان مسئلي تي ايترو واضح هو. ان کان پوءِ پاڪستان جي قيام کان فقط ٻه ٽي مهينا پهرين جويي صاحب سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو ۽ کين سمجهايو ته ننڍي کنڊ ۾ ايندڙ سياسي تبديلين جو ادراڪ رکي، نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ غير مشروط طور شامل ٿيڻ بدران هڪ کليل ۽ باضابطه معاهدي ذريعي، پنهنجن قومي مفادن ۽ تحفظ جي تقاضائن پٽاندر، مشروط طور شامل ٿيڻ گهرجي. جويي صاحب پنهنجي اُن خط ۾ اُهي شرط به واضح ڪيا پر ان زماني ۾ سنڌ جي جاهل وڏيرن ۽ سياستدانن ۾ ايترو شعور ۽ قومي فرض شناسي نه هئي (۽ اها صورتحال بدقسمتيءَ سان اڄ به بدستور ساڳي آهي). ان حوالي سان مان اِها حقيقت به رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته جويو صاحب اُهو کليل خط ڇپرائي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ورهائڻ لاءِ پاڻ کڻي ويو هو، پر اُتي ساڻس هتڪ آميز سلوڪ ڪري کيس اُهي پمفليٽ ورهائڻ نه ڏنا ويا. جيتوڻيڪ اڄ ان واقعي کي اڌ صدي گذري چڪي آهي ۽ اسين اهو سڀ ڀوڳيون ويٺا، جنهن جي امڪانن کان سنڌ کي جويي صاحب خبردار ڪيو هو. ان کان پوءِ به ۽ ويندي اڄ تائين سنڌ جي سموري قومي تحريڪ ۾، بظاهر پس منظر ۾ هجڻ باوجود به، جويي صاحب جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. هن ئي سنڌ ۾ وطن دوست ۽ قومي حوالي سان فرض شناس سياسي دانشمنديءَ جا بنياد وڌا. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن وطن دوست دانشورن جو سياسي ڪردار متعين ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان اهو واضح ڪيو ته جيڪو سڄاڻ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي پنهنجيءَ قوم، وطن ۽ عوام ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ بقا لاءِ نٿو جاکوڙي، اهو ڪڏهن به تاريخ ۾ پاڙون هڻي نٿو سگهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ جو سوال هجي، ون يونٽ جو نفاذ هجي يا هر اهو موقعو ۽ مسئلو (Issue)، جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي وجود ۽ مستقل تاريخي مفاد کي خطرو درپيش آيو هجي، تڏهن جويو صاحب هڪ دانشور طور سدائين اهڙين تحريڪن جو روح روان رهيو آهي. اڄ به جڏهن جويو صاحب 83 ورهين جو ٿي چڪو آهي، تڏهن به هو فڪري توڙي عملي طرح واضح ۽ بلند آهي. هن جي چهري تي اڄ به علم، شعور ۽ پنهنجيءَ قوم سان اٿاهه وابستگيءَ سبب اورچائيءَ ۽ عزم جا اهڃاڻ عيان آهن. هو اڄ به هن ضعيف العمريءَ ۾ هر موقعي تي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. پنهنجيءَ قوم جي نئين نسل کي اوهام پرستيءَ ۽ رجعت پسنديءَ بدران سائنسي علم ۽ فلسيفانه شعور جا سبق ڏئي ٿو، کين بدظنيءَ ۽ مايوسيءَ ۾ اُلجهڻ بدران اُتساهه ۽ جدوجهد جون راهون ڏسي ٿو.

* سنڌي سماج جي پست حاليءَ جو هڪ بنيادي سبب ان جي علمي غربت به آهي. ڪنهن به سماج جي علمي ۽ ذهني غربت (Intellectual impoverishment) ئي هر قسم جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي غربت ۽ محروميءَ جو سبب هجي ٿي. سنڌي سماج به صدين کان علمي غربت جو شڪار رهيو آهي. هڪ طرف اسين پاڻ ماضيءَ ۾ ڪي غير معمولي عالم ۽ صحيح سائنسي سُرتِ جا صاحب پيدا نه ڪري سگهياسين، ته ٻئي طرف ٻاهرين دنيا ۾ جيڪي سماج علمي ۽ فڪري تحرڪ جا ڳڙهه ۽ مرڪز هئا، تن سان به پوري لاڳاپي ۾ نه اچي سگهياسين. نتيجي ۾ هڪ طرف طويل علمي ۽ فڪري ويڳاڻپ جو شڪار رهياسين ته ٻئي طرف اسان ۾ شعور جي اُها پختگي پيدا ٿي نه سگهي، جيڪا تبديليءَ ۽ ترقيءَ جو جوهر هوندي آهي. هلندڙ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اهو جمود ادبي ميدان ۾ ڪنهن حد تائين مرزا قليچ بيگ ٽوڙيو ۽ اڳتي هلي فڪري ۽ علمي ميدان تي اهو جمود اسان جي هن ڏاهي انسان محمد ابراهيم جويي ٽوڙيو. جيئن مرزا قليچ بيگ کان پهرين شيڪسپيئر، بيڪن ۽ ائڊيسن سنڌ لاءِ قطعي اوپرا هئا، تيئن محمد ابراهيم جويي کان پهرين پليو ٽارچ، روسو، جارج پوليزر، پائلو فراري، بلائيٽن، برٽالٽ بريخت، هاوَرڊ موئر، اسٽيَن زويگ، لارڊ بائرن ۽ ايم اين راءِ به اجنبي هئا. جويي صاحب پنهنجن مثالي ترجمن ۽ فڪري جاکوڙ ذريعي هڪ طرف سنڌ جي صدين جي علمي ۽ فڪري غربت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، ته ٻئي طرف دنيا جي جديد علم ۽ سائنسي توڙي فلسفيانه فڪر کي سنڌي سماج ۾ دخلڪار ڪري، سنڌ کي صدين جي روايتي فڪري ويڳاڻپ مان ڪڍڻ جي شروعات ڪئي. اهوئي سبب آهي، جو شيخ اياز کان وٺي سراج تائين، حسام الدين راشديءَ کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائيءَ تائين، رسول بخش پليجي ۽ الهداد ٻوهيي کان وٺي ويندي فقير محمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا هن دور جا لڳ ڀڳ سڀ اڪابر جويي صاحب کي پنهنجو فڪري ۽ ادبي استاد سڏيندا رهيا آهن ۽ اهڙو اعزاز قومن جي تاريخ ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي.

* جويي صاحب جو هي ڪتاب ”ادب، ٻولي، تعليم“، سندس چونڊ لکڻين جي چئن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جي سلسلي جو ٻيو ڪتاب آهي جيڪو روشني پبليڪيشن جهڙي سٺيءَ ساک رکندڙ اشاعتي اداري طرفان شايع ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هن سلسلي جو پهريون جلد نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچيءَ، هٿان شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جي سنجيده پڙهندڙن وٽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. هن سلسلي جو هي ٻيو جلد (ادب، ٻولي، تعليم) به پنهنجي مواد جي علميت ۽ افاديت، چونڊ ۽ خاص رٿا ۽ ترتيب سبب وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. ڪتاب جي سموري مواد کي موضوعن ۽ مزاج جي لحاظ کان درجي بند ڪري پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو ۽ ترتيب ڏنو ويو آهي. جيئن پنهنجي عنوان مان ظاهر آهي، هيءُ ڪتابُ ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم جي ڪارج بابت جويي صاحب جي ويچارن، روين ۽ نقطهء نظر جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو.

ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ”ادبي سنگت“، ”مهراڻ“ ۽ ”سنڌو“ بابت ڊاڪٽر دائودپوٽي، رحيمداد مولائي شيدائي ۽ احمد بشير جي لکيل مضمونن جي ’آراڌنا‘ (دعائيه پيشبنديءَ) کان پوءِ 1-1955ع کان وٺي 4-1956ع تائين ”مهراڻ“ جي اٺن اشاعتن ۾ غلام محمد گراميءَ ۽ جويي صاحب جي لکيل ايڊيٽوريلن، ٻارن جي ادبي پرچي ”گل ڦل“ ۾ غلام ربانيءَ ۽ جويي صاحب جي ادارين ۽ ”مهراڻ“ ۾ شيخ حفيظ، رسول بخش پليجي، جمال ابڙي، شيخ راز، محترمه شمس صديقيءَ، بشير مورياڻيءَ، ثميره زرين ۽ ٻين ادب دوستن جي ادبي خطن ۽ پڙهندڙن جي پيغامن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ ”مهراڻ“ ۽ ”گل ڦل“ جا اداريا ۽ انهن ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جا خط ۽ پيغام شامل ڪرڻ جو هڪ خاص مقصد آهي- ۽ اُهو هيءُ آهي ته جيئن اها ڳالهه ادبي اتهاس جي ريڪارڊ تي به رهي ۽ هن دور جي نوجوانن کي معلوم به ٿي سگهي ته جويي صاحب اُن زماني ۾ جڏهن هو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ”مهراڻ“ جو سرپرست ۽ ايڊيٽر هو، تڏهن هُن ڪهڙيءَ سوچ ۽ ساڃاهه تحت سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهُري ۽ اُها عملاً ڪري به ڏيکاري. محمد ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي اچڻ، سنڌي ادبي، ٻولي ۽ پس و پيش سنڌي عوام لاءِ ڀاڳ سڀاڳ ثابت ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ، دنيا جي جديد علمن ۽ فڪري سرچشمن جي ڦهلاءُ جي مرڪز ۽ ذريعي طور، انيڪ ڪتابي رٿائن، دنيا جي شاهڪار ڪتابن جي سنڌيءَ ۾ ترجمن ۽ مهراڻ ۽ گل ڦل وسيلي دنيا جي جديد فڪري ادب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو مُهندار بڻجي ويو. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ان جو آئينه دار آهي. مهراڻ جي ادارين ۽ ان ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جي راين، تبصرن ۽ خطن جي مواد مان ئي پتو پوي ٿو ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏين نه بلندين تي کڻي ويو هو. اُنهيءَ ئي زماني ۾ جمال ابڙو هڪ افسانه نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور اڀريو، رسول بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو ۽ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي بلوغت کي پهتي. مهراڻ جا هي اداريا ۽ پڙهندڙن توڙي اديبن جا تبصرا ۽ خط پڙهي محسوس ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ئي اُهو دور هو، جڏهن جديد سنڌي ادب ۽ شعور جا بنياد پئجي رهيا هئا ۽ ان سڄي سفر جي سرواڻي سنڌي ادبي بورڊ، مهراڻ ۽ پس و پيش سائين محمد ابراهيم جويي ٿي ڪئي. اڄ جڏهن اسان جي ادبي ماحول ۾ سنجيدگي، علميت ۽ فضيلت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي تڏهن مهراڻ ۽ گل ڦل ۾ ڇپيل هي مواد تِهائين وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو، جو اُنَ مان پروڙ پوي ٿي ته اُن دور ۾ جويي صاحب جهڙا ماڻهو ادب جي شعور ۽ تنقيدي روايت کي ڪيترو نه مٿاهين درجي ۽ سطح تي کڻي ويا هئا. ادب ۾ سنجيده رويا، روايتون ۽ رُجحان ئي اعليٰ ۽ معياري ادب جي تخليق جو سبب بڻبا آهن. ان لحاظ کان اُنَ زماني کي سنڌي ادب جي معيار ۽ افاديت جي حوالي سان سونهري دؤر چئي ۽ قرار ڏئي سگهجي ٿو.

ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ادب بابت آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد سنڌ، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جا ۽ ٻيا جويي صاحب جا لکيل ادبي پڌرناما، مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ اجتماعن جي موقعي تي سندس پڙهيل صدارتي خطبا ۽ ادب بابت متفرقه مضمون ڏنا ويا آهن. جيتوڻيڪ جويو صاحب پاڻ اعليٰ پايي جو اديب آهي پر ادب بابت هن جو نظريو توڙي رويو عام رواجي قسم جو ۽ سطحي ناهي. جويو صاحب هڪ انسان دوست ۽ وطن دوست دانشور ۽ اديب آهي ۽ ساڳئي وقت هو فلسفي ۽ تاريخ جو شاگرد به آهي، ان ڪري هن جو ادبي نقطي نگاهه ڏاڍو گهرو، وسيع، لطيف ۽ بيحد ذميوارانه آهي. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو، جيڪو ادب بابت آهي، دراصل جويي صاحب جي ادبي شعور ۽ ادراڪ جو آئينه دار آهي. اچو ته ان لاءِ سندس ئي بيان ڪيل بنيادي ڳالهين تي هڪ نظر وجهون:

”ادب رڳو واندڪائيءَ جي وندر نه آهي، پر ان سان گڏ انسان جي ذهن کي اڇي اُجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي جو پڙهندڙن جي دلين ۾ جذبا ۽ اُمنگ اُڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشناس ٿو ڪري. ادب ئي آهي، جو پنهنجي آسپاس جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪُڌاين، اوڻاين اَڍنگاين تان پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن بڇڙاين سان ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا اُمنگ ۽ ارادا پيدا ٿو ڪري ۽ سندن سامهون اُهي رستا ۽ طريقا پڻ روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو پنهنجي زندگيءَ جي نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي آڻي سگهن.“

”ڪافي وقت کان ۽ ويندي هيلتائين، سنڌي ادب جي دنيا ۾ جيڪا چرپر يا واڌ ڏسجي ٿي، اُها گهڻي قدر هڪ خاص قسم جي ادبي پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام پسند، نيم سياسي ۽ داخلي سرچاءَ جو ادب چئي سگهجي ٿو. علمي، سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص اسان وٽ نه اڳ پيدا ٿيو آهي ۽ نه هاڻي ئي ڪو گهڻو پيدا ٿو ٿئي، پر خالص ادب جي ذخيري ۾ پڻ، جنهن ۾ شعر، افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهن، ڪي ڳاڻ ڳڻيا اضافا ٿي سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف علمي، سائنسي، فني ۽ ادبي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي ڪيل ٻولين، خاص طرح انگريزيءَ، مان ترجما ٿي پڌرا ٿيڻ گهرجن...“

”ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حسن ۽ عشق آهي، سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تت آهي ئي زندگيءَ جي ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي سونهن کي وڌائڻ. اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو اُٿي ئي اِنهيءَ لاءِ ٿو ته جيئن زندگيءَ جي ڪنهن ڪنڊ، ڪنهن پاسي، ۾ حسن پيدا ٿئي. شعر شاعري، اسٽيج ۽ ناٽڪ، مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي- اها سڄي ڪاوش زندگيءَ ۾ حسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. حسن جي تلاش عشق آهي؛ عشق جي منزل حسن آهي. جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي پنهنجي ڏات جي ڏيهه ۾ حسن ۽ عشق جي ڳالهه نه ڪئي، ته ڄڻ زندگيءَ جي مقصد جي نه سڃاڻپ ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ نه ان جي ڪا حاصلات ئي ٿي سگهي ٿي.“

”اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو ۽ رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو، ته اهو هڪ رنگو ۽، هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُجسوٿي پوندو، ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻَئي ڪَڪ ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽ مهاڄار ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون (هڪ رنگيءَ جون) اثر انداز آهن، پر اڳتي هلي ادب ۽ فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئيندي کي اونداهو ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي گهڻ – پاسائون ۽ همه گير ٿيڻ گهرجي. ان کي اسان جي جملي زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ کپي.“

”سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو آهي ته اهو پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي، سو انهيءَ معنيٰ ۾ ته اُهو هڪُ ڪرندڙُ وڏيرا شاهي، يڪ پيرو شاهوڪار شاهي، بيٺڪي سماجُ آهي. هاڻي، ان جا ماڻهو ۽ ان جا اڳواڻ پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن اهو ئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻ ڀَرو ٿئي، ته سندن ادب کي اهو ئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو. يعني هڪ نجات ڏيندڙ ۽ اڳتي نيندڙ ادب جو رول- نجات ڏيندڙُ ذهني ۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود اعتماد، پُر اميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن: ۽ ائين خود ان جو پنهنجو آئيندو به اُنهيءَ ئي انداز ۾ اُنهيءَ ئي معيار جو ٿيڻو آهي: بلڪ اهو سنڌي سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي فرض آهي ته پنهنجي ادب جي انهيءَ علم دوست، فڪر آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رُخ کي مستحڪم ڪن ۽ اُن کي انهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين- ڇو ته ان جي آئيندي جي راههَ اها ئي آهي ۽ ان جو آئيندو نجات، امن ۽ سلامتيءَ جي انهيءَ ئي منزل سان ڳنڍيل آهي، جيڏانهن اُها راهه وڃي ٿي.“

هاڻي اندازو لڳائي ۽ تصور ڪري سگهجي ٿو ته جويي صاحب وٽ ادب ۽ ان جي سماجي ڪارج جو تصور ڪيڏو نه سنجيده، ذميوارانه، گهڻ- پاسائون، لطيف ۽ بامقصد آهي. دراصل هيءُ ئي ادب جو اُهو اعليٰ تصور آهي، جنهن ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ادب تخليق ٿي سگهي ٿو جيڪو نه رڳو اسان جي ماضيءَ ۽ حال جو ترجمان هجي، قومي زندگيءَ جي سمورن تاريخي، سماجي، ثقافتي، سياسي، تخيلاتي، فطري ۽ آدرشي پاسن جي عڪاسي ڪري، پر آئيندي لاءِ به شعور، جاڳرتا، حُسناڪي، لطافت ۽ اُتساهه جو اهڃاڻ بڻجي. يعني ٿورن لفظن ۾ اهڙو ادب جيڪو لطيفي روايت جو امين هجي. جويي صاحب جي ادب بابت هنن سمورين تحريرن ۽ تقريرن ۾ نه رڳو اسان کي اهڙي ادب جو واضح ۽ وسيع تصور ملي ٿو پر پراُها رٿا بندي به ملي ٿي، جنهن وسيلي سنڌي ادب کي اُنَ گهربل معيار ۽ منزل تي رسائي سگهجي ٿو. خود جويي صاحب جو پنهنجو سمورو ادبي پورهيو ادب جي اهڙي سنجيده تصور ۽ روايت جو پاسبان آهي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهوَند ليکڪن تي جيترو اثر جويي صاحب جي ادبي فڪر ۽ شعور جو پيو ۽ پوندو رهيو آهي، ان جي ساک ۽ ثابتيءَ لاءِ اهوئي ڪافي آهي. جيستائين ادب ۽ ان جي ڪارج جو تصور واضح نٿو ٿئي تيسين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهو ادب پيدا ٿيڻ محال آهي، جيڪو قومن جي شخصيت جي تعمير ڪندو آهي، ۽ ڪتاب جي هن ٻئي ڀاڱي ۾ اهو تصور بلڪل چٽو ٿي سامهون اچي ٿو.

ڪتاب جو ٽيون حصو ”ٻوليءَ ۽ تعليم“ بابت آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم بابت جويي صاحب جا مختلف مضمون، ادبي محفلن ۾ پڙهيل خطبا، ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ، ۽ ٻيون لاڳاپيل موضوعن بابت، متفرقه لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن.

ٻولي جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماج جي شعور توڙي تحت الشعور جي ترجمان ۽ زبان هوندي آهي، ان ڪري جويو صاحب، هڪ اديب ۽ اسڪالر جي حيثيت ۾، سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي، ۽ ٻوليءَ بابت هن جي اِها حساسيت ئي آهي جنهن سبب هن جي سڄي ڄمار سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري ۽ صحت لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ، ان جي اصلوڪي حيثيت ۽ هيئت جي احياءَ، وياڪرڻي ٺاههَ- ٺوهه، نجُ ۽ نباز لفظن جي سنڀالَ سان گڏ نون لفظن، محاورن ۽ اصلاحن جي ٺاهڻ ۽ اُنهن جي سنڌي ٻوليءَ جي صوتي مزاج موجب گهَڙَ، سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو دائرو شاعريءَ، افسانن ۽ آکاڻين سان گڏ فلسفي، سائنس ۽ اهڙن ٻين شعبن تائين وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اِن قابل بنائڻ لاءِ جاکوڙڻُ ته جيئن اِهي شعبا پوريءَ طرح اسان جي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري سگهن- اِن سڄي سلسلي ۾ جويي صاحب کان وڌيڪ عملي ڪم، مان نٿو سمجهان ته گذريل 50 سالن ۾ ٻئي ڪنهن ڪيو هجي. جويي صاحب پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽ سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي وَهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس ان جي حسن ۾ هُڳاءَ ۽ جوڀن جو رَسُ ڀريندا آهن.“ پر مون سميت گهڻن سنجيده ليکڪن جي راءِ آهي ته جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي نثر کي جوانيءَ تائين رسايو. ٻوليءَ جي پختگيءَ، لفظن جي ذميوارانه استعمال ۽ سٽاءَ، ٻوليءَ جي وياڪرڻي ٺاههَ- ٺُهَه ۽ صوتي اثرن جي نفاست ڀريي نڀاءَ، ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ، لطافت ۽ هڳاءَ کي نه رڳو برقرار رکڻ پر ان ۾ تخليقي واڌارن جي لحاظ کان جويي صاحب جي ٻولي اسان جي ادب جو مثالي نثر آهي. اِن ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ جويي صاحب جو لکيل طبعزاد مواد توڙي سندس نگرانيءَ ۽ نظر هيٺ ايڊٽ ٿيل ۽ شايع ٿيل رسالا ۽ ڪتابَ ڏسي ۽ پرکي سگهجن ٿا. سائين جي ايم سيد کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ حسام الدين راشديءَ کان وٺي الهداد ٻوهيي تائين، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان وٺي انيڪ ليکڪن تائين، جويو صاحب ئي سندن ٻوليءَ جي تصحيح ۽ تاليف ڪندو رهيو آهي ۽ اِهو ڪو معمولي اعزاز ناهي. ڪتاب جي هن حصي ۾ جتي جويي صاحب سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخ، ان جي خاص مزاج، شاهوڪاريءَ ۽ زرخيزيءَ کي نروار ڪيو آهي اُتي هن موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي امڪاني خطرن کان پڻ خبردار ڪيو آهي ۽ نيٺ اُهي گسَ به ڏسيا آهن، جن رستي اسين پنهنجي سدا ملوڪ ۽ سدا حيات ٻوليءَ جو نه رڳو بچاءُ ڪري سگهون ٿا پر ان کي جديد دور جي ضرورتن ۽ تقاضائن سان به هم آهنگ ڪري سگهون ٿا.

ٻوليءَ  سان گڏ ڪتاب جي هن حصي ۾ جويي صاحب جا تعليم بابت به ليک شامل آهن، جيڪي تعليم بابت هُنَ جي سوچ، نگاهه ۽ ادراڪ جو احاطو ڪن ٿا. جويو صاحب پيشي ۽ ذهني رجحان سبب پاڻ به سدائين هڪ استاد ۽ معلم رهيو آهي. هڪ اهڙو استاد ۽ معلم جيڪو ساڳئي وقت دانشور، مفڪر ۽ اديب به هجي، پنهنجيءَ قوم، عوام ۽ وطن جي سڌاري، واڌاري ۽ آجپي لاءِ سوچيندو، لوچيندو ۽ ووڙيندو هجي، ان جو تعليم بابت تصور لازمي طور منفرد ۽ وسيع ئي هوندو. جيئن جويو صاحب ادب ۽ ٻوليءَ جي سمورين سرگرمين کي پنهنجي وطن، قوم، عوام ۽ پس و پيش سموريءَ انسانذات لاءِ ذميوار ۽ انهن جي اجتماعي مفادن سان مشروط سمجهي ٿو، تيئن هو تعليم کي به محض روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه پر قومي اڏاوت جو بنياد تصور ڪري ٿو. اهوئي سبب  آهي جو جويي صاحب پائلو فراري جو جڳ مشهور ڪتاب  Padagogy for the Oppressed، ”علم تدريس- مظلومن لاءِ“ جي نالي سان، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته جيئن سنڌي سماج ۾ تعليم جو روشن خيال ۽ عوام دوست تصور متعارف ٿي سگهي ۽ تعليم رياستي مشينريءَ لاءِ پرزن پيدا ڪرڻ بدران سماج جي قومي تعمير جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهي.

ڪتاب جو چوٿون حصو، جويي صاحب جي مختلف تنقيدي مضمونن، تبصرن ۽ اڀياسي ليکڪن تي مشتمل  آهي. جيتوڻيڪ جويي صاحب پاڻ ڪڏهن به ”نقاد“ هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري گهڻي ڀاڱي سنڌي ادب ۾ نقادن جي صف ۾ کيس ڳڻيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو محمد ابراهيم جويو ئي هو، جنهن پنهنجي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ واري زماني ۾ ”مهراڻ“ معرفت جديد سنڌي ادب ۾ تنقيد جو بنياد وڌو ۽ ادب ۾ اُنَ بنيادي اهميت جي حامل شعبي ۽ لاڙي کي نه رڳو پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ ۽ ذميواريءَ سان متعارف ڪرايو، پر اُهي قدر، معيار ۽ مُحرڪ به واضح ڪيا، جن کي بنياد بڻائي سنڌي ادب ۾ رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙا زبردست ۽ بي مثال ادبي نقاد پيدا ٿيا. هن رڳو تنقيد لاءِ سنجيده معيار، قدر ۽ مُحرڪ ئي واضح نه ڪيا پر پاڻ به انيڪ تنقيدي ليک لکيا. جن مان ڪجهه ڪتاب جي هن چوٿين حصي ۾ ڏنا ويا آهن. جويي صاحب جي پنهنجي شخصيت وانگر، هن جي تنقيد جي انداز ۽ لهجي ۾ به شائستگيءَ، دلي ڪُشادگيءَ ۽ فضيلت جا عنصر نمايان آهن. جيئن جويو صاحب ذاتي زندگيءَ، ادب، سياست توڙي هر سماجي وهنوار ۾ اخلاقي قدرن جو قائل آهي، تيئن هو ادب ۽ خاص طور ادبي تنقيد ۾ به اخلاقي قدرن ۽ لحاظ جو بيحد قائل رهيو آهي. جويي صاحب جي تنقيد جو لهجو ۽ ڏانءُ مخالف جي هتڪ ڪرڻ نه پر هن جي رهنمائي ڪرڻ هوندو آهي. يعني تنقيد ۾ به جويو صاحب هڪ ڄاڻو ۽ وضعدار استاد وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي ثابتي هن جون ڪتاب جي هِن ڀاڱي ۾ شامل تنقيدي لکڻيون آهن. مثال طور هِن حصي جو پهريون مضمون جيڪو 1954ع ۾ مولانا گرامي صاحب جي ادارت هيٺ شايع ٿيل ادبي مخزن ”شاعر“ تي تنقيد آهي، سوئي جويي صاحب جي اِن انداز ۽ ڏانوَ جو مظهر آهي. مضمون ۾ جويي صاحب مولانا گراميءَ سان مخزن جي مواد، ان جي سٽاءَ، ايڊيٽر جي ادارتي ذميوارين ۽ اهڙين ٻين ڳالهين بابت سنجيده اختلاف رکندي، ساڻس پنهنجن تحفظات ۽ اعتراضن جو اظهار ڪيو آهي، پر مضمون جي آخر ۾ جنهن دل جي ڪشادگيءَ ۽ مثبت رويي سان بحث کي سهيڙيو آهي، ان جو مثال اسان وٽ تنقيد ۾ گهٽ رهيو آهي. مثال طور تي هو لکي ٿو:

”گرامي صاحب وڏي مرتبي جو شاعر ۽ اهلِ قلم آهي. سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪٺن ڪم آهي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اديبن جون ناراضگيون، دوستن جون ڪاوڙيون، بارُسوخ ماڻهن جا رعب تاب سِرَ تي سهڻا پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي هڪ محدود دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي- ۽ اُنهيءَ دائري ۾ جيڪڏهن هڪ محنتي ۽ باذوق ايڊيٽر پنهنجي صحيح ۽ پخته اعتقادن ۽ پنهنجي تربيت يافته ادبي پرک کان همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته هو پنهنجي رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش ڪري سگهي ٿو. اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به پنهنجي انيڪ تڪليفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن اورچائيءَ ۽ محنت سان، پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن جي روشنيءَ ۾، ’شاعر‘ جي ترتيب ڪندو، ته هو ان جي موجوده علمي، ادبي ۽ فني سطح کي گهڻو گهڻو بلند ۽ بهتر ڪري سگهي ٿو.“

اهڙيءَ طرح هن ڀاڱي ۾ جويي صاحب جنهن انداز سان پليجي صاحب جي ڪهاڻي ”پسي ڳاڙها گل“ جي پرک ڪئي آهي، ڪهاڻيءَ جي موضوع، ٻوليءَ ۽ اهميت کي تنقيدي شعور سان ساراهيو آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيءَ سان نڀاءَ جي سلسلي ۾ رهجي ويل ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي، ان ۾ به تنقيد جي حوالي سان جويي صاحب جو ساڳيو رويو نظر اچي ٿو. مثال طور هو لکي ٿو:

”هڪ ٻن هنڌِ، افسانه نويس جي قلندري طبع سبب، يا مسودي جي نقل نويس جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب، افساني ۾ ڪي خسيس تضاد ۽ خسيس نقص به رهجي ويا آهن. مثلاً افساني جي ثانوي مک ڪردار، پاروءَ، کي ’هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اُوچين ٽارين‘ تي چڙهي ويٺل ڏيکارڻ، حالانڪ ديويءَ جو وڻ عام طرح نه ايڏو ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نه ان جون ٽاريون ايتريون اوچيون ٿينديون آهن، جن تي ائين چڙهي ويهي سگهجي. يا پهرئين مُک ڪردار، ملوڪان، جي ماءُ کي اّر ۾ هڪ ئي وقت جيئرو ڏيکارڻ، جڏهن ملوڪان جهلجي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آندي وڃي ٿي، ۽ اُتي ئي اُن کي ملوڪان جي واتان مري ويل بيان ڪرڻ، جڏهن ملوڪان، نيئرن ۾ قابو، ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي، ڪري پئي آهي، ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جمعي، جي ننڍپڻ جو پيار وارو زمانو ياد ڪري ٿي، جيڪو ساڳيو جمعو اڄ هن کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري، بنهه سرڻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو.

”اهڙيءَ طرح، شايد ڪجهه قدر، افساني جي ڇپائيءَ ۾ پڻ ڪي اوڻايون اتفاق سان رهجي ويل آهن. مثلاً ان جي بنهه پڇاڙيءَ واري پئرا- جيڪا ان کان اڳ واريءَ پئرا جي ٻئي جملي کان پوءِ لاڳيتي مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ گهربي هئي ۽ افساني جو خاتمو اُتي ئي ٿيڻ کپندو هو، جڏهن ’تڏي تي پيل ڦٽيل ۽ سُڄيل، بدن چچريل ۽ زخمي روح واريءَ‘ ملوڪان ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ايڏو ته قياس اچي ٿو، جو پاڻ کي پاڻ کان الڳ ٻي ڪا ڇوڪري سمجهي، اُن سان همدردي ڪري ٿي ۽ افسوس وچان سوچي ٿي ته هيتري سُورَ سهڻ کان پوءِ ’هوءَ ويچاري ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي‘ ۽ پوءِ آٿت ڏيندي چويس ٿي: ’..... سمهي رَهُه، ملوڪان ادي سمهي پئو! ....‘

”اِهي ۽ اهڙا ٻه چار نقص ان افساني ۾ ايڏا ته ڏٺا وائٺا ۽ ساڳئي وقت ايڏا ته بنهه معمولي ۽ خسيس آهن، جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي ائين ڪو لوڏو رسي ٿو، ڄڻ ڪنهن مصور جي عظيم تصوير ۾ ڪٿي ڪنڊ تي ڪو ليڪو پئجي ويو هجي يا ڪنهن حسين چهري تي ڪٿي ڪو هڪ اڌ ڪارٺ جو داغ اچي ويو هجي. اِنهيءَ خيال کان، اِهي معمولي نقص افساني جي تاثر کي پاڻ وڌائين ٿا- بلڪ ائين جيئن ڪو ڪاروتِرُ معشوق جي گلابي ڳل کي شاعرن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي. افساني جي مجموعي رٿا، ان جي موضوعي ۽ جذباتي پهچ ۽ ان جي پيشڪش ۽ اظهار جي شاعرانه پرواز تي اِنهن هڪ اڌ بنهه رواجي اوڻاين سبب ڪنهن به قسم  جو ڪو اثر ڪونه ٿو پيدا ٿئي.“

مون مٿي اُهي ٽُڪرا اِن ڪري ڏنا آهن، جيئن تنقيد ۾ جويي صاحب جو اسلوب، ڏانءُ ۽ رويو پوريءَ طرح واضح ٿي سگهي. ۽ ائين ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي ۾ شامل سمورين تحريرن، تقريرن ۽ تبصرن ۾ جويي صاحب جو اهوئي انداز ۽ لهجو اسان کي نظر اچي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هڪ ادبي استاد کي اهڙو ئي انداز ۽ رويو سُونهين ٿو.

ڪتاب جو پنجون حصو- ”پيغام ۽ شعر“  جي نالي سان جويي صاحب جي مختلف علمي تنظيمن ۽ ادبي مجسلن ڏانهن موڪليل پيغامن، ۽ سنت فرئنسيس آسيسي، پي. بي. شيلي (1832 – 1792ع)، جي ايم مهڪريءَ، سروجني ديويءَ ۽ ندَي وَرما جي نظمن جي تخليقي سنڌي ترجمن ۽ سندس پنهنجي هڪ طبعزاد اصلوڪي نظم ’او سنڌ!‘ ۽ ٻن مختصر انٽرويوز تي مشتمل آهي. ذهني ۽ فڪري طور هڪ صاف ۽ واضح دانشور ۽ ڪميٽيڊ مفڪر جي زندگيءَ جي هر سوچ، لوچ، اُن جو هر قدم ۽ قلمي پورهيو، سندس زندگيءَ جي متعين ڪيل بنيادي مُحرڪ ۽ مقصد تي ئي مرڪوز هوندو آهي. جويو صاحب به ائين آهي. هن ڀاڱي ۾ شامل مواد، پوءِ پيغام هجن يا دنيا جي مختلف شاعرن جا چونڊ نظم، يا سندن انٽرويوز ۾ ڪيل ۽ چيل ڳالهيون هجن، اُنهن جي پويان مُحرڪ ۽ مقصد به اهوئي ساڳيو آهي. ۽ اُهو آهي ’زندگي سان ڪمٽمينٽ، سرسيتائي‘ سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي، ان سان اٿاهه وابستگي: سنڌ جي آزاديءَ ۽ ان جي عوام جي دائمي سلامتي، خوشحالي ۽ شانَ لاءِ سوچڻ، لوچڻ، ۽ ان عظيم مقصد ۽ آدرش جي حاصلات جي جُهد ۾ سدائين جنبيل رهڻ ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويهڻ. هن ڀاڱي ۾ شامل سندس اصلوڪو نظم ”او سنڌ“ سندن اِنهن ئي آدرشن جو آئينه دار آهي. هو چئي ٿو:

نظم (او سنڌ)

او سنڌ!

منهنجي پنهنجي سنڌ!

اڄ ٿو آءٌ توکان پڇان،

ٻڌاءِ!

تون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا طلبين؟

آءٌ ڪير آهيان؟

تون ٿي مون کان پڇين؟

…… ماءُ!

آءٌ …… تنهنجو اولاد!

تنهنجي مامتا جي گهراين،

تنهنجي شادابين، سبزين،

تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا،

۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ!

تنهنجو اولاد ……!

تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!

منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،

تو مون کي ڄڻيو،

تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،

تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:

تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،

تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،

تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان،

تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،

تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ-

هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت-

منهنجا ڀائر،

هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،

هي تنهنجي تلائن ۽ ڍنڍن ۾،

ڀانت ڀانت جون مڇيون، ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت،

هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾،

گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:

هي اسان جا رنگ، اسانجا آواز، هي اسان جون نگاهون؛

…… تنهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!

هي سڀئي!

هي ۽ آءٌ … اسين سڀئي تنهنجوئي ته اولاد آهيون!

اسان سڀني جو ساهُه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!

اسان سڀني جو جسمُ، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي

اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ توسان ڳالهائي ٿو،

… تو کان ڪجهه گهري ٿو، تو کان ڪجهه طلبي ٿو:

۽ تون،

جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،

سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي،

اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پَئي ٿي هميشہ ڏين!

۽ آءٌ ……

انهيءَ جي عوض ڪجهه ڏيان،

ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،

- ۽ ڪجهه ڏيندس-

اهو ڪجهه، جو توکان،

تنهنجي وسعتن مان،

تنهنجي شادابين مان،

چورائجي ويو ……

ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو!

۽ تون هڪ سوال بنجي وئينءَ،-

منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ،

ڪمين، ڪاسبين ۽ پورهيتن لاءِ!

جيجل …!

اهوئي سوال ……

… تڏهن ٿو اڄ توکان آءٌ پڇان!

سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!

منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!

ٻڌاءِ ……

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

۽ اِن کان اڳ، جو ڌرتي ماءُ هُن کان ڪجهه طلبي ها- هُنَ ڌرتيءَ جي هڪ فرض شناس ۽ ڏاهي پُٽَ جي ثابتي ڏيندي. پنهنجي سموري حياتي ۽ سگهه سندس آجپي، جياپي ۽ اوسر کي ارپي ڇڏي. ان لحاظ کان جويي صاحب جو هي ڪتاب سندس انهيءَ مقصد حيات جواحاطو ڪري ٿو.

* مجموعي طرح سائين محمد ابراهيم جويي جو هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سنجيده ادب جو اهم ورثو ۽ اسان جي پڙهندڙن لاءِ وڏي وَٿُ آهي- جنهن ۾ ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم بابت عقليت پسند ۽ فلسفيانه نقطهء نگاهه کي نه رڳو واضح ڪيو ويو آهي پر مستقبل لاءِ قومي زندگيءَ جي اِنهن ٽنهي شعبن جي حوالي سان، رٿابندي به ڪئي وئي آهي، ۽ اُها واٽ به ڏسي وئي آهي، جنهن تي هلي اسين سنڌي سماج کي پستين، جهالتن، اونداهين، غلامين ۽ محرومين جي ڪُنَ مان ڪڍي، هر قسم جي آجپي، ذهني توڙي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي آسودگيءَ جي حاصلات لاءِ هڪ زندهه ۽ متحرڪ قوم طور اڳتي وڌي سگهون ٿا، ۽ دراصل اهوئي ته قومن جي حقيقي سُونهن ۽ سرجڻهارن جو ڪم ۽ ڪردار هوندو آهي، جيڪو اسان جي ڏاهي ۽ سٻاجهي ڪاتار اسان لاءِ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ سڄي ڄمار پئي ڪَتيو آهي.

منهنجي لاءِ هيءَ ڳالهه شايد زندگيءَ جي تمام وڏي ذاتي خوشيءَ ۽ فخر جو باعث آهي، جو هِنَ سڄيءَ سنڌ جي استادَ، مون کي ان قابل سمجهيو ۽ هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جو اعزاز بخشيو. اِها هُنَ جي وڏائي ۽ محبت آهي. جويي صاحب سان پنهنجي دلي سُٻنڌ ۽ اٿاهه دوستيءَ باوجود، مان سدائين پاڻ کي هن جو شاگرد ۽ هن جي ئي فڪري پيداوار سمجهندو آهيان. مون کي اِها عزت بخشي دراصل هن پنهنجي فڪر جي عظمت جي مڃتا ڪئي آهي. هن پنهنجي شاگرد کان وڌيڪ ڄڻ ته پنهنجيءَ ”استاديءَ“ تي بي پناهه اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. مون کي افسوس آهي، جو هن ڪتاب جو مسودو مهاڳ لاءِ مون وٽ ڪيترن مهينن کان پيو رهيو ۽ هن مُهاڳ لکجڻ ۾ گهڻي تاخير ٿي وئي، پر اِها جويي صاحب جي دل جي ڪشادگي ۽ وضعداري آهي، جو هن منهنجين ڪوتاهين کي درگذر ڪيو ۽ ان غير ضروري تاخير لاءِ پاڻ ڪڏهن به برهم نه ٿيا.

مون لاءِ اِها وڏي سرهائيءَ جي ڳالهه آهي، جو مون جويي صاحب جهڙي اُتم انسان کي نه رڳو پنهنجي سانڀر ۾ اکين سان ڏٺو، پر هن سان ڳچ عرصو گڏ گذارڻَ، کيس نهايت ويجهڙائيءَ سان ڏسڻَ ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو. جويو صاحب سنڌ مٿان آخري ڇانوَ وڃي بچيو آهي. منهنجي دعا آهي ته:

”ڪاش! اِهي سنڌ جي صدين جي پيڙائن جون شاهد اکيون سلامت رهن. اِهي اکيون جن سدائين سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏٺا. اِهي نم ۽ بَڙَ جي گهاٽن وڻن جهڙيون ٻاجهاريون اکيون ۽ سندن عُشاق نظرون سدائين سنڌ تي علوم ۽ ادراڪ جي ڇانوَ ڪنديون رهن. اِهي اکيون جن کي ’پيرَ‘ ڪري شايد سنڌُ اتهاس جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهي.“

- جامي چانڊيو

اربعا، 25 فيبروري 1998ع

1/2، صبا ڪمرشل – II،

عبدالله ٽائون هائوسز،

قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ

”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جي سلسلي جو ٻيو ڪتاب

 

ٻولي – ادب – تعليم

 

ترتيب

 

مهراڻ ۽ گل ڦل

(تصويرن جون اٺ پليٽون ۽ ص ص 1-210)

 

ادب

(ص ص 211 – 306)

 

ٻولي ۽ تعليم

(ص ص 307 -  422)

 

مطالعا ۽ تبصرا

(ص ص 423 – 498)

 

پيغام ۽ شعرَ

(ص ص 499 – 526)

 

ٻه انٽرويو

(ص ص 527 – 534)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org