سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :1

هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

هادي بخش ڀٽ

 

 

 

”جِتِ نه پکيءَ پيرُ اُت ٽِمڪِي باهِڙي
”ٻيو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙِڪي کير ري.

 

”هوءَ جا ٻري هير، ڪاڇي ڏونگَر ڪنڌئين،
”ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کيرَ ري.

 

”ڏونگر منجهه ڏياٽُ، صبح ڏٺم سُڃَ ۾،
”کاهوڙين کاٽُ، هَنيو در حق جي.“
 

 

 

روحَ ۾ رهندڙَ دلنواز دوستن

جمال صديقيءَ

۽

فقير محمد لاشاريءَ

جي ساههَ- سُڌيرَ يادِ ۾

 

”ڏونگرَ ڏکارو ڏٺم ري ڏوٿئين،
پَهڻن رُنو پاڻ ۾ سڄو ڏينهَن سارو،
ڳُجهو تِن ڳارو، ڇَپَرَ هُوءِ ڇَٽَ هئا.“
 

 

 

اداري پاران

 

سنڌ جي علمي، اديب ۽ فڪري تحريڪ ۾ پنهنجو نور نچوئي روشني ڪندڙ عالم ۽ ڏاهي شخص سائين محمد ابراهيم جويي جو هيءُ ڪتاب توهان تائين پهچائيندي خوشي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته هي سٻاجهو ليکڪ پنهنجي خاص ۽ نرالي انداز ۾ ڪتاب جي پهرين صفحي کان ويندي آخر تائين اسان سڀني سان مخاطب ٿيندي، متوجهه ڪندي، سمجهائيندي ۽ محسوس ڪرائيندي، بلڪل دوستاڻي نموني ۽ هڪ مهربان استاد وانگر سندس تخليقيل ۽ چونڊيل تحريرن جي هڪ اهڙي وسيع، ڪشادي ۽ روح کي ولوڙيندڙ، دنيا ڏانهن وٺي ٿو هلي، جتي علم، ادب، سياست، فلسفي ۽ تاريخ جون ڪيئي ڏياٽيون راهه روشن ڪري جرڪي رهيون آهن، ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد پڙهندڙ پنهنجي اندر ۾ ڪنهن نئين روح، اعتماد ۽ ڀروسي کي ڪر موڙيندي محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ مرادو ئي منزل ۽ مقصد ڏانهن پنڌ ڪرڻ شروع ڪري ٿو.

اداري طرفان اڳ ۾ ئي رهبر سنڌ سائين جي – ايم- سيد جو ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ (انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾) پڻ پڌرو ٿي چڪو آهي. ۽ هاڻي هيءُ ڪتاب ”هوءَ جا ٽِمڪي باهڙي“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. اداري جي ڪوشش آهي ته سنڌ اندر وري نئين سر انقلابي ۽ فڪري تحريڪ  جو مچ مچائجي ته جيئن اسان جي قوم نه رڳو تاريخ جي انقلابي شعور سان مالا مال ٿئي پر ان سان گڏوگڏ تاريخ جي شرطن ۽ ضرورتن جي پوراءَ لاءِ شعوري طرح تيار به ٿئي.

اڄ جي حالتن ۾ رڳو باشعور ۽ روشن خيال ٿيڻ ڪافي نه آهي بلڪه ان کان گهڻو اڳتي وڌي پنهنجي قومي تاريخ کي نئين سر اڏڻ ۽ ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

اسان جو پڪو پختو ارادو آهي ته اوهان تائين اهڙا بامقصد، معياري، علمي، ادبي ۽ نظرياتي ڪتاب پهچايون، ۽ اهو سلسلو سدائين جاري رکون.

سائين محمد ابراهيم جويي جي ذهني، روحاني پورهئي،  توڙي سندس زندگيءَ جي سڄيءَ جستجوءَ کان اوهان پڙهندڙ اڳيئي خبردار آهيو. سندس مهربان شخصيت ۽ رهنمائي ڪندڙ لِکتون سامهون رکي، ماڻهو سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ته پهرين ۽ وڌيڪ قدر ڪهڙي شيءِ جو ڪجي، سندس سٻاجهي شخصيت جو يا سندس روحاني پورهئي جو؟

بس هوبهو، سچل سائينءَ جي هنن سٽن واري ئي ڪيفيت ٿئي ٿي.

”سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان“

سو اسان سڀني کي اهڙا اَملهه سبق پاڙهيندڙ سنڌ جو هي سڄڻ شخص شل سدائين اسان جي رهنمائي ڪندو رهي.

توهان تائين اهڙن معياري ڪتابن پڄائڻ جو سلسلو جاري رهندو.

 

حق موجود- سنڌ موجود

آصف بالادي

سيڪريٽري نئين سنڌ اڪيڊمي

ڪراچي

 

 

سڀاڻي جي سج- ورن سنڌ جو سٻاجهو ڪاتار

 

سنڌ جي سموريءَ ادبي ۽ فڪري تحريڪ ۾، جن ماڻهن جو ڪردارَ ۽ قدُ، بلند نظر اچي ٿو، اُنهن ۾ هڪڙو ماڻهو پنهنجيءَ سٻاجهائپَ، سادگيءَ، حليم طبيعت، نرم رويءَ، وابستگيءَ (Commitment) ۽ ڪردار جي خيال کان سڀني کان قداور، اڳرو ۽ بَڙ جي گهاٽيءَ ڇانوَ وانگر، ڪلهه کان اڄ تائين ڌرتيءَ تي مضبوط ڄَميو ۽ ٿَميو بيٺو آهي. هيءُ سٻاجهو، سادو، حليمي، نهٺو ۽ مِٺو ماڻهو، ڏيکاءَ کان ڏور، نون لکندڙن کي همٿائيندڙُ، پاڻ پُٺيان رهي، ٻين کي اڳيان ڪري، اُتساهيندو ۽ اُڀاريندو رهيو آهي. هيءُ ذات ۽ ڪردار ۾ ادبي انجمن ۽ فڪري اداري واري حيثيت رکي ٿو، جنهن ماڻهو ٺاهيا، بلڪه تخليق ڪيا آهن. هن، جو به پورهيو ڪيو آهي، جو به ڪاپو ڪيو آهي، جو به سبيو ڪيو آهي، سچائيءَ، سُچيتائيءَ، اورچائيءَ، قومي وابستگيءَ ۽ قومي فرض جي احساس هيٺ ڪيو آهي. اهڙي ڪامل ڪردارَ ۽ مڪملتا جي علامت ۽ اُهڃاڻ رکندڙ فردن لاءِ ئي شايد لطيف چيو آهي ته:

ڍڪي اُگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻُ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ”اِبرَ“ جي اوصاف کي.

عبدالواحد آريسر جي لفظن ۾: ”هن شخص جي عظمت ۽ اڏولتا اِها آهي ته هن جي سنڌ سان نسبت ۽ وابستگي، زماني جي تيز ۽ تُند طوفانن ۾ به نه جهڪي ٿي آهي، نه ٽُٽي آهي. ڪلهه (1947ع ۾) به هن جي هٿ ۾ “Sage Sindh Save the Continent” ڪتاب هو ۽ اڄ به سندس هٿ ۾ ساڳيو ڪتاب ۽ سندس زبان تي ساڳيو نعرو آهي.“

هن اَڇن وارن ۽ اُجرن ڪپڙن پائيندڙَ پيرسنَ، پر ذهنَ ۽ دل جي لحاظ کان جوانَ ڏاهي، دانشور ۽ عالم شخص جي سوچَ، ڏاهپَ، فڪرَ ۽ تخليقن جي ڇاپ، اسان جي سموري جديد ادب ۽ قومي تحريڪ تي آهي. هن جون علمي، ادبي، تعليمي ۽ قومي خدمتون، سنڌ جي ”نئين دؤر“ جي تاريخ جي سُونهن آهن.

13 آگسٽ 1915ع ۾، ضلعي دادوءَ، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ جنم وٺندڙ ”نئين سنڌ“ جو هيءُ ڏاهو شخصُ، محمد ابراهيم جويو، هڪڙي هاريءَ جو پُٽَ آهي. ابتدائي ڪجهه درجا ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهيو، اُن بعد ڀرپاسي واري شهر لڪي تيرٿ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1927ع جي اپريل مهيني ۾، سَنَ جي انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو. اُن زماني ۾ عام ماڻهو، تعليم ڏانهن ڌيان ڪونه ڏيندا هئا، پر جويي صاحب جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو سندس چواڻي: ”هڪ ڏينهن ڏاڏو (محبوب) ڪنهن ڪم سان سَنِ ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا مُنهنجي نئين جنم جو سبب بڻي.“ اها ڳالهه، سندس انگريزي پڙهڻ لاءِ سَنَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي هئي، جتي ٽي درجا انگريزي پاس ڪيائين. جون 1930ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويٺو، جنهن جو پرنسپال ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو هو. مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي دادو ضلعي (اُن وقت ڪراچي دادو ضلعي ۾ شامل هئي) ۾ ٻيو نمبر اچي اسڪالرشپ کنيائين. 1934ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ 1938ع ۾ اُتان بي اي ڪيائين. ڪاليج جي تعليم کان پوءِ 1938ع ۾ ئي سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيو. 1940ع ۾ بمبئيءَ بي- ٽي پڙهڻ ويو. سنڌ مدرسي ۾ نوڪري ڪندي، 1947ع ۾ ڪتاب “Save Sindh…..”  لکيائين، جنهن تان ڪاوڙجي مدرسي جي صدر، پير الاهي بخش، کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جويي صاحب سنڌ مدرسي ۾ ڏهه سال ماستري ڪئي. 1948ع ۾ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ورتائين ۽ اُتي به ٻه سال کن ماستري ڪيائين، ۽ جڏهن اُهو اسڪول، سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ته ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ بدلي ٿيس.

1951ع ۾ کيس ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ (جو بعد ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ سڏيو) جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي رهي، 1961ع تائين سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تاريخ جي وڏي خدمت ڪيائين. 19961ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ واپس ٿيو، جتي رهندي 1963ع ۾، اضافي طور، کيس بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جويو صاحب ڪجهه وقت جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر، ڪجهه وقت گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال، ڪجهه وقت لاءِ رجسٽرار اگزمنيشنس، انسپيڪٽر آف اسڪولس خيرپور ميرس، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو پهريون سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر به رهي چڪو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ دوران سنڌي ٻوليءَ، لغت، ادب ۽ تاريخ بابت ڇپجندڙ اڪثر ڪتاب، سندس نظر مان نڪرڻ کان پوءِ ئي ڇپجڻ جوڳا سمجهيا ويندا هئا. نبي بخش کوسي چواڻي: ”جويي صاحب جو سڀ کان اهم ڪارنامو، سنڌي ادبي بورڊ کي سنڌ جي ماضيءَ جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار بڻائڻ آهي، پر مان ڀانيان ٿو، جويي صاحب جو اُن کان به اُتم ڪارنامو ”مهراڻ“ جي ايڊيٽري آهي.“

سائين جي ايم سيد محمد ابراهيم جويي جي سوانح لکندي، پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته، ”جويي صاحب، بورڊ ۾ پگهاردار جي حيثيت ۾ ڪم نه ڪيو آهي، بلڪه سنڌي زبان جي مِشنريءَ ۽ هڪ قومپرست سنڌيءَ طور ڪم ڪيو آهي.“

جويو صاحب هن صديءَ جو وڏو اديب، مفڪر ۽ تعليمي ماهر آهي. ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي هلچل، آخري فيصلي ڪُن ڏينهنِ دوران جويي صاحب جو علمي- ادبي محاذ تان وڏو ڪردار آهي. ان وقت سنڌ جي سياسي ميدان جا شهسوار- مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الهه بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد هئا، جڏهن ته علمي ۽ ادبي محاذ جي ٻين ڪيترن سجاڳ ذهنن سان گڏ سرواڻي محمد ابراهيم جويو ڪري رهيو هو. هن سنڌ جي ”ڇڙوڇڙ اديبن“ کي ”هوائن ۾ اُڏامڻ“ بدران ”ڌرتيءَ تي هلڻ“ سيکاريو. سنڌي ادبي سنگت جي ”نئين بيداري“ (نشاة ثانيه- Renaissance) ۾ جويي صاحب جو رهنما ڪردار رهيو آهي. هن سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ رستي ”جديد سنڌي ادب“ جي آبياري ڪئي. 56-1955ع جي ”مهراڻ“ رسالن جا سندس لکيل ايڊيٽوريل، خاص ڪري: ”آزادي، ون يونٽ، اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ“ ”ٻولي“، ”سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا“، ”فنڪار جا ڳوڙها“، ”ٻولين جي ڏي وٺ“، ”نج سنڌي لفظ“، ”ٻه پُور“، ”ادب جي درگاهه“، ”انسانيت“- وغيره پڙهڻ وٽان آهن. ”آزادي ۽ ون يونٽ“ واري ادارتي نوٽ بابت، ناز سنائيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته اُن ۾ جويي صحب ون يونٽ جي حمايت ڪئي آهي. خبر ناهي اها ڳالهه، هِن اُهو ايڊيٽوريل پڙهڻ کان سواءِ لکي آهي يا نا سمجهيءَ جو شڪار ٿي لکي آهي- ڇو ته ون يونٽ جي خلاف سنڌي اديبن پاران يا سنڌي ادبي سنگت جي محاذ تان جيڪا تحريڪ هلي هئي، اُن جو محرڪُ جويي صاحب جو اُهو ايڊيٽوريل، ۽ سياسي محاذ تان سائين جي ايم سيد جي جدوجهد هئي. جويي صاحب جو ون يونٽ خلاف ڪردارُ، ڪنهن کان به ڳُجهو نه آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته جويي صاحب جي ان ايڊيٽوريل جو هڪ اقتباس هتي ڏيان، ته جيئن ڳالهه رڪارڊ تي رهي، ۽ غلط بيانيءَ جو ازالو ٿئي:

”آزاديءَ جي وسڪاري کان پوءِ اڄ وري اسان جي مُلڪ ۾ ٻيهر آسمان آگميو آهي، کنوڻيون کِنوِنيون آهن، ۽ ڀريل بادل بڻجي برسڻ وارا ئي آهن.، مغربي پاڪستان يعني بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ جي ”وحدت“ قائم ٿي رهي آهي. مينهوڳيءَ ۾ سنڌ جا ڌنار، پنهوار ۽ هاري ناري، وسندڙ آسمان ڏانهن نهاري، ”ڀيڄ، مولا ڀيڄ“ پيا ڪندا آهن، ته وِڄن جا چمڪاٽ ۽ گوڙين جا ٽِڙڪاٽ ٻُڌي، پنهنجي ٽِمندڙ ٽوئن ۽ جهُرندڙ جهوپڙن ۾ خوف وچان، ڀنل پکيئڙن وانگر، مَٿڙا لڪايو، ”الله صمد، الله صمد“ به ويٺا پڙهندا آهن. سنڌ ۾ ”ون يونٽ“ جي مخالفن توڙي حمايتن جي، اڄ اها ساڳي حالت آهي، چوڌاري دِلين ۾ اِهي اُڊڪا ٿي بيٺا آهن ته هاڻي اسان جي ادب، اسان جي ثقافت، ۽ اسان جي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو!“

جويي صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سُڌاري جو سدائين وڏو اونو رهيو آهي، هُو وقت به وقت اِن ڏس ۾ پنهنجن مضمونن ذريعي صحيح، نج ۽ نبارُ سنڌي لکڻ، سنڌيءَ کي فارسيءَ ۽ عربيءَ جي بيجا ٽُنب ٽُنبان کان بچائڻ، صحيح جملن لکڻ ۽ گرامر جي غلطين کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ”مهراڻ“ جي مختلف پرچن ۾ سندس ڇپيل اداريه، مضمونَ، ۽ 1972ع ۾ ”ملير ڊائجيسٽ“ ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ“ عنوان وارو مضمونُ، پڙهڻ وٽان آهي.

نصابي ڪتابن جي ترتيبَ، تشڪيلَ ۽ تياريءَ ۾ هڪ وڏي عرصي کان وٺي، جويي صاحب جو خاص هٿُ رهيو. هن سنڌ جي مڃيل تعليمي ماهر جي صلاح، مشوري ۽ نظرثانيءَ کان سواءِ، اڪثر ڪتابن کي مُستند نه سمجهيو ويندو آهي. هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪريءَ دوران قلمَ سان تمام گهڻن اديبن/ ليکڪن جي ڪتابن ۽ ترجمن جي نوڪ پلڪ درست ڪئي، ۽ سندن ٻوليءَ کي سنواريو ۽ سڌاريو. ٻيو ته ڇڏيو، خود سائين جي ايم سيد جي ڪيترن ڪتابن جي مسودن جي تصحيحَ، ويا ڪرڻي، ٺاهه ٺوههَ، اختصارَ، پروفنگ ۽ ڇپائيءَ ۾ جويي صاحب جي علمي نظر جو وڏو دخل رهيو آهي.

جويي صاحب طبعزاد ۽ تخليقي مضمونن ۽ ڪتابن کان سواءِ دُنيا جي ادب مان انتهائي ڪارائتيون تخليقون چونڊي، وقت به وقت ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي جهوليءَ کي مالا مال پئي ڪيو آهي. ٽي ايس ايليٽ جو مضمون ”شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، يونان جي اديب ۽ تعليم دان پليو ٽارچ جو مضمون ”ٻارن جي تعليم“، فرانس جي انقلابي مفڪر روسو جو مضمون ”ايميلي“، جارج پوليزر جو ڪتاب، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“، پائلو فِراري جو ڪتاب ”علم تدريس مظلومن لاءِ“، اينڊ بلائيٽن جو ”ٻارن جو مسيح“، ايمل ايرِڪمَن ۽ اليگزانڊر چيتريان جو ”فرينچ انقلاب“، برٽالٽ بريخت جو ڊرامو ”گيليلو“، هاورڊ موئر جو ”وحشي جيوت جا نشان“، جي ايم مهڪريءَ جي مضمونن جو مجموعو ”محڪريءَ جا مضمون“، اسٽيفن زويگ جو ”فڪر جي آزادي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪلاسيڪي تخليقون، ترجمو ڪري، جويي صاحب، سنڌ ۾ ”علمي، ادبي ۽ فڪري غربت“ کي ختم ڪرڻ طرف وڏو قدم کنيو آهي.

جويي صاحب جي ترجمي جي فن تي روشني وجهندي، نامور دانشور سراج ميمڻ لکيو آهي: ”آزاديءَ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمي جو فنُ ڏاڍي اوج تي هو..... آزاديءَ کان پوءِ ترجمي جي اهميت، جيڪڏهن ڪنهن محسوس ڪئي ۽ ڪرائي، سو ابراهيم جويو هو. هن کي پاڻ به ترجمي جو فنُ ايترو ته مٿاهين معيار تي کڻي ويو آهي، جو هِن جا ترجما، اصلوڪيون ۽ طبعزاد تحريرون ٿيون ڀانئجن..... سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هن ڏينهن رات ڪوشش ڪري، ادبي بورڊ جي ترجمن جي اسڪيم کي اڳتي وڌايو. اُن اسڪيم ۾ دُنيا جي علم ۽ ادب جا بهترين ڪتاب چونڊيل هئا..... ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل آهي. ۽ اُهو فڪر هو ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو سنڌي ادب ۾ اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾، ٻه قدم اڳتي نِين.“

سنڌ جا چوٽِيءَ جا اديب، ڏاها ۽ دانشور، جويي صاحب کي پنهنجو ادبي استاد ۽ گائيڊ تسليم ڪن ٿا، اُنهن ۾ شيخ اياز، سراج ۽ رسول بخش پليجي جا نالا اهم آهن. هونئن به جويو صاحب بنيادي طرح اُستاد، معلم رهيو آهي. جويي صاحب کي، سراج، راجا چچ جي دؤر جي اُن پروهت سان ڀيٽ ڏني آهي، جنهن جي سِسي لُڻائڻ لاءِ چچُ مٿس چڙهي ويو هو، پر اُن ”ڄاڻ جي ديوتا“ جي ”ڏيا ۽ حشمت“ ڏسي، هوش خطا ڪرائي موٽيو هو. سراج لکي ٿو: ”ائين ٿو لڳي ته اُهي علم ۽ ڄاڻ جا پروهت جوڻِ مٽائي، هر دؤر ۾ ابراهيم جويي جهڙا ماڻهو بڻجيو پون.“

جويي صاحب جي علمي ڄاڻ، ڏاهپ ۽ فڪري بلنديءَ جي جهلڪَ، سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل سوين مضمونن، مهاڳن، تنقيدي نوٽن ۽ تقريرن مان پسي سگهجي ٿي. جديد سنڌي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري خوبين، سماجي ڪارجَ ۽ وطن پرستيءَ جي جذبي جي پرٽَ، اسان کي شيخ اياز جي شعري مجموعن- ”وِڄون وسڻ آئيون“، ۽ ”جل جل مشعل جل“، ”هي گيت اُڃايل مورن جا“ (جي ٻئي ڪتابچا، وڄون وسڻ آئيون ۾ شامل آهن)، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“، ”لڙيو سجُ لڪن ۾“، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“- خاڪي جويي جي شعري ڳٽڪي ”آزاد گهرجي وطن“، ابراهيم منشيءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب، ”گوندر ويندا گذري“، اياز گل ۽ مختيار ملڪ جي شعري مجموعن ”پيلا گل پلاند“ ۾ ۽ ”ٽم ٽم ٽانڊاڻا“، نرنجن دوداڻيءَ جي شعري مجموعي ”اباڻي اُڪير“ ۽ پارو چاولا جي شاعريءَ ”آءٌ اڪيلي“، وغيره ٻين اتم ڪتابن جي مهاڳن ۾ نظر ايندا، جيڪي مهاڳَ جويي صاحب جي انقلابي قلم جا شاهڪار آهن. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتيءَ- شاهه، سچل ۽ ساميءَ- تي، ۽ ”ٻارن جو شاهه“ ڪتابن جا مهاڳُ، ”ساميءَ جا سلوڪ“ (ٻن ڀاڱن) جا ٻه اکرَ، ۽ ”شاهه، سچل ۽ ساميءَ“ جي ڪلام جي ٽن جلدن (Trilogy) جي هڪ خاص اشاعت جي مهاڳ طور لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ”شاهه- سچل- سامي، هڪ مطالعو“، تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. اهڙيءَ طرح، سراج ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“، پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وٺڻ جون“، رسول بخش پليجي جي ادبي پرک بابت ڪتاب ”سندي ذات هنجن“ ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جا مهاڳَ، جويي صاحب جي ترجمو ڪيل سمورن ڪتابن جا فڪر انگيز پيش لفظَ، رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي يادگيرين ”ڪيئي ڪتاب“ ۽ پليجي جي جيل ياترا ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ تي ڪيل تبصرا، ”ماڻهوءَ جو ڀاڳُ“ ۽ ترتيب ڏنل ڪتابُ ”مُٺ مُٺ موتين جي“ (جنهن ۾ جويي صاحب جا لکيل ست ايڊيٽوريلَ، ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي نَوَ ترجمو ڪيل مضمونَ، ۽ ٻيا متفرقه مضمون ۽ شعري ترجما شامل آهن)، جويي صاحب جي مثالي، دلپذير ۽ تنقيدي شعور سان ڀرپور نثر جو اعليٰ نمونو آهي. سندس لکڻي، نج سنڌي ٻوليءَ جو نمونو آهي. پليجي جي افساني ”پسي ڳاڙها گل“ جي تنقيدي اڀياسَ ڪندي، جويي صاحب نثر نويس جي اهميت هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي: ”اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽ سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي وَهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس، اُن جي حُسن، هُڳاءُ ۽ جوڀن ۾ رَسُ ڀريندا آهن.“ - ۽ واقعي جويي صاحب جي نثر ۾ اُهو حُسن ۽ اهو هڳاءُ موجود آهي، ۽ پاڻ ٻوليءَ جي جوڀن ۾ رَس ڀريو اٿن.

افساني ”پسي ڳاڙها گل“ تي جويي صاحب جي تنقيدَ، پنهنجي وقت ۾ وڏو مقام رکيو ٿي، ۽ ان ۾ ڪوبه شڪُ نه آهي ته جويو صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو وڏو نقاد آهي. شيخ اياز، جويي صاحب جي ان حيثيت کي، هِنن لفظن ۾ مڃتا ڏني آهي: ”ابراهيم، ايترو ته وڏو آهي، جو مُون کي هن جي (ادبي) فتويٰ، قاضيءَ ازل جي فتويٰ وانگر لڳندي آهي“- ايازَ، جويي جي مهانتا کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”طالب علميءَ جي دؤر ۾ مون سان ٽي اهڙا ڪاپڙي مليا، جن ٽنهي جي باري ۾ مون کي ڀٽائيءَ جي هيٺين سِٽ ياد ايندي آهي: جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري! ۽ اُهي هئا- سوڀو گيانچداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو ڪيولراماڻي.... جڏهن سنڌڙيءَ لائون لڌيون، تڏهن ڪيرُ چوندو ته اُن جو سارو لباسُ، هِن جي اُڏاڻي جو اُڻيل آهي! هيءُ اُهو آدي جڳادي الوپ ماڻهو آهي، جو نؤ ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي، گم ٿي ويندو آهي. هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري زمهرير جي برف نه آهي، جهنم جي آڳ آهي، ۽ جڏهن اُن جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا کُلي پون ٿا.“

جويو صاحب اُهو وطن پرست اديب ۽ مفڪر آهي، جنهن پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي ”نظريي جو قرض“، چُڪائي ورتو آهي. جويي صاحب جي ذاتِ، وطن پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جو سنگم آهي. جويي صاحب جي وطن پرستيءَ کي، جن لفظن ۾ سراج چِٽيو آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته اُهي لفظَ پنهنجي پاران هتي درج ڪريان:

”(جويو) حد درجي جو وطن پرست آهي، پر جنهن جي وطن پرستي هڪ عجيب ۽ نئين وطن پرستي آهي. اُن کي هيئن سمجهو ته ان وطن پرستيءَ کي پنهنجو هڪ جسم آهي، هڪ روح آهي، هڪ اخلاق آهي، ۽ جيڪا ساهوارِي آهي، جنهن کي ڏسي ۽ ٻُڌي سگهجي ٿو، جنهن کي هٿ لائي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪا هٿ ڊگهيري اوهان کي ڇُهي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڇهاءُ نه ٿئي، تڏهن به پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائي ٿي..... وطن پرستي، ابراهيم جويي جو مذهبُ آهي، ۽ مذهبن ۾ ”شِرڪ“ ڪبيرو گناهه آهي.“

جويي صاحب جي هن ڪتابَ: ”هوءَ جا ٽِمڪي باهڙي“ (جلد پهريون) ۾ به اسان کي اهڙيءَ جيئريءَ، ساهواريءَ، مجسم وطن پرستيءَ جا جهلڪا ۽ جلوا ڏسڻ ۾ ايندا. ڪتاب کي چئن حصن ۾ ورهائي، جنهن ترتيبَ، سلسلي ۽ مقصدَ جي هڪجهڙائيءَ وارن موضوعن جي مالها جوڙي وئي آهي، اُن ذريعي اسان کي وطن دوست ۽ قوم دوست سياستَ جي ساڃاههَ، انسان جي شعوري اوسر ۾ علمَ، عقلَ ۽ ادب جي افاديت ۽ آدرشِي انسانَ جي ڪردارَ جي ڄاڻ پوي ٿي.

ڪتاب جي پهرئين حصي جو پهريون مضمون ”دانهن“، اصل ۾، جويي صاحب جي ڪتابَ، “Save Sindh….” جي پيش لفظَ جو ترجمو آهي. ڪتابَ ۽ اُن جي پيش لفظَ ۾ ”سنڌ ۽ سنڌي سماجَ“ جو اُهو سَڏَ شامل آهي، جيڪو ”وقتَ جو سڏُ“ آهي، ۽ يڪو ”اسان ۽ اوهان“ سڀني کي گڏجي ڀرڻو آهي، ڇو ته اُن ۾ ئي ”اسان جي زندگي“ آهي- هِن سنڌُ ۾ ”سنڌ جي قومي وجود جي تسليميءَ ۽ اُن جي پورهيتن جي لوڪ راڄ جي قيام“ جي ڳالهه ڪيل آهي. هيءَ ”دانهن“ يا ”سَڏُ“، اُن وقت جي ”ڪانگريس ۽ ليگ“ جي ليڊرن کي نه، پر سنڌ جي اُنهن ”ذهين ۽ باشعور پُٽن ۽ ڌيئرن- شاگردن ۽ وچئين طبقي جي دانشورن“ کي ”عوام جي نجات“ لاءِ پُڪارَ جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي؛ ڇو ته جويي صاحب جي لفظن ۾: ”ڪانگريس ۽ ليگ جي بي حس حڪيمن، پنهنجي مريضن کان پُڇئي بغير ئي مُنهن جي وڏيءَ پڪائيءَ سان، اُنهن کي مشورو ڏنو ته ”اوهين مريض آهيو- ٺيڪ ٿيڻ گهرو ٿا؟ پوءِ دوا وٺو!“ بس اِها هئي انهن نيم حڪيمن جي تشخيصَ، ۽ اهُو هو سندن دوا جو نُسخو! نه مرض کي نشانيو ويو، نه ئي اُن جي سڃاڻپ ٿي؛ ”مرض“ جي شفا جو نسخو به ڪونه وَصفايو ويو ۽ نه ئي ترڪيبيو ويو. مريضن کي البت ٻه پُڙيون- هڪ هندستان جي نالي واري ۽ ٻي پاڪستان جي نالي واري- پري کان ئي ڏيکاريون ويون هيون ۽ کين چيو ويو هو ته ”اِهي اٿوَ امرت ڌارا جون پُڙيون.“

اِن ”دانهن“ جي روشنيءَ ئي، ساڳئي مهيني، يعني جون 1947ع ۾ جويي صاحب، سنڌ ليجسليٽوِ اسيمبليءَ جي ميمبر صاحبن جي خدمت ۾ هڪ ”کُليل خط“ لکيو هو؛ جيڪو هِن پاڻَ، اُن وقت سڏايل سنڌ اسيمبليءَ جي سيشن جي موقعي تي، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي احاطي اندر ميمبرن ۾ وڃي ورهايو هو، ڇو ته ان سيشن ۾ سنڌ جي آئينده حڪومت ٺهڻ ۽ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اختيارن جي ورڇ بابت غور ويچار ٿيڻو هو. جويي صاحب، هن خط ۾ ميمبرن کي چٽيءَ طرح لکيو هو ته اُهي ”مجوزه پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ“ ۾، پاڪستان جي فيڊريشن جي لحاظ کان ”سنڌ جي مستقل وجود جي تسليميءَ“، ”سنڌ جي قدرتي وسيلن تي فقط سنڌ جي مخصوص حق“ جي بحاليءَ، ۽ سنڌ اندر ”قانون سازيءَ ۽ قانون پردازيءَ جي سمورن شعبن کي سنڀالڻ جا اختيار ۽ جوابداريون“، فقط سنڌين جي هٿن ۾ مخصوص هئڻ جي ان حق مڃائڻ لاءِ، پنهنجن چئن عيوضين کي، مٿين ڳالهين جي بنا تي کُليل لفظن ۾ فرمان (Mandate) ڏين ته اُهي اُتي پنهنجو فرض پورو ڪن- ته جيئن ان قسم جي فيصلي ٿيڻ بعد، ”اسان جا عام ماڻهو، آزاد زندگيءَ جا فائدا ۽ لذيذ ميوا چکن ۽ استعمال ڪن، ۽ ڌارين جي غلاميءَ مان نجات ملڻ سان گڏ سندن ڏک ڀريءَ زندگيءَ ۾ خوشي، سُک ۽ سلامتي آندي وڃي.“

”اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“- جويي صاحب جو اُهو فڪر انگيز ۽ اهم مضمون آهي، جنهن تي جيڪڏهن پاڪستان جا حڪمرانَ، ايمانداريءَ سان عمل ڪن ها، ۽ پاڪستان جي فيڊريشن ۾ شامل قومن جي زبانن کي ”قومي زبانون“ تسليم ڪن ها، ته اڄ قومون پنهنجي زبانن لاءِ ڪوبه خطرو ۽ اُردوءَ جي حاڪميت ۽ بالادستيءَ وارو جبرُ محسوس نه ڪن ها. هيءُ مضمون، جويي صاحب، سرڪاري ملازم هئڻ جي ناتي، پاڻ کي پوئتي رکڻ واري مزاجَ جي ڪري، پنهنجي نالي بدران ”سليم احمد“ جي نالي، مئي 1967ع ۾ پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپارائي، ورهايو هو. هن فڪير انگيز مضمون ۾، سنڌي ٻوليءَ خلاف ڌارين حڪمرانن ۽ غير سنڌي ڪاموري شاهيءَ جي ناپاڪ سازشن کي وائکو ڪندي، 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ پاران هڪ ٺهراءَ ذريعي، سواءِ ڪنهن سبب ڏيڻ جي، سنڌي ٻوليءَ جي يونيورسٽي امتحانن ۾ جواب ڏيڻ جي تسليم ٿيل ذريعي جي حيثيت ختم ڪرڻ؛ 1959ع ۾ ”مشهور معروف“ قومي تعليمي ڪميشن پاران اردوءَ کي اهميت ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي رڳو پنجين پرائمري ڪلاسن تائين ”تعليمي ذريعي“ طور محدود ڪرڻ (جنهن سازش خلاف سنڌين جدوجهد ڪري 1962ع ۾ ان فيصلي کي رد ڪرايو هو) ۽ 1966ع ۾ ميرپورخاص ۽ خيرپور ميرس ۾ اولهه پاڪستان سرڪار پاران کوليل ٻن ”جامع اسڪولن“ (Comprehensive Schools) ۾ تعليم جو ذريعو اردو مقرر ڪرڻ- خلاف، هن مضمون ۾ مدلِل نموني بحث ڪيو ويو آهي، ۽ ان قسم جي ”سرڪاري فيصلن“ کي رد ڪندي، انهن کي ”پاڪستان جي دستور“ ۽ ”متحد جمعيت اقوام“ (U.N.O) جي ”بنيادي انساني حقن واري پڌرنامي“ جي ڀڃڪڙي ۽ خلاف ورزي سڏيو ويو آهي. هن مضمون ۾، اردوءَ کي جملي پاڪستان جي 7 کان 8 سيڪڙو ماڻهن جي زبان (انگن اکرن سان ثابت ڪندي)، ”ٻولين جي مسئلي“ کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ۽ ”اردوءَ جي ٿاڦيل بالادستيءَ“ واري احساس جي خاتمي لاءِ جويي صاحب ٽي بنيادي ڳالهيون يا حل ڏنا آهن:

(1) سنڌي، پشتو، بلوچي ۽ پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي پرائمري تعليم سندن مادري ٻولين ۾ ڏيڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح جن ٻارن جي مادري ٻولي اردو آهي، کين پرائمري تعليم اردوءَ ۾ ڏيڻ گهرجي.

(2) چٽيءَ طور ٻوليءَ وار نروار ٿيا ايراضين جي ٻولين کي ”قومي زبانون ۽ اردو کي مختلف قوميتن جي وچ ۾ لاڳاپي جي زبان قرار ڏجي. اردوءَ کي چوٿين ڪلاس کان وٺي ٻيءَ لازمي ٻوليءَ طور پڙهائڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت، اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي وري چوٿين ڪلاس کان وٺي، لازمي ٻيءَ ٻوليءَ طور، ان علائقي جي ٻولي پاڙهجي، جتي هو رهن ٿا.

(3) جنهن عوامي (قومي) ٻوليءَ کي پنهنجي چٽيءَ طرح نروار ٿيل ايراضي آهي، سا اُن ايراضيءَ جي سرڪاري ٻولي ٿيڻ کپي. اولهه پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌي ٻولي اڳ ۾ سؤ سالن کان به مٿي، پنهنجي ايراضيءَ ۾ سرڪاري ٻولي رهي آهي، اُن ڪري ان کي سنڌ ۾ سرڪاري زبان جو رتبو ڏئي، ملڪ جي دستور ۾ تسليم ڪيو وڃي.

”سنڌ دائم رهي- سنڌ سالم رهي“- عنوان وارو مضمون، ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ جويي صاحب جو، لاهور جي ڪن چالاڪ پر ڪوتاهه انديش سنڌي ڪامورن، سنڌ ۾ رهندڙ ڪن سڄي عمر ”پيٽ جي پوڄا“ ۽ آخري عمر ۾ ”ضمير جي ملامت ۾ ورتل“ رٽائر ٿيل ڪامورن، نام نهاد قومي پريس، ناپُخته ۽ گهٽ تجربيڪار سياسي ذهنن، ٺڙڪو ڪالم نويسن، سياسي ڊيڄڙي ۾ ورتل ۽ هار کان اڳ هار کاڌل ذهنن، هڪ نئين دؤر جي نام نهاد انقلابي ليڊر ۽ هڪ نئين اُڀرندڙ سرمايه دار پاران ڪراچي واپس نه وٺڻ بابت آيل مضمونن، تجزين ۽ بيانن کي رد ڪندي، ”ڪراچي سنڌ کي ملڻ کپي“ جي حق ۾ مدلل نموني لکيل آهي. هن مضمون ۾ اُنهن ناعاقبت انديش ماڻهن کي هڪ وطن پرست جي حيثيت ۾، جويي صاحب جواب ڏيندي، سندن خدشن کي رد ڪيو آهي ۽ وطن جي حُب جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: ”وطن جي حُب جي هڪ عام مڃيل خاصيت هيءَ به آهي ته اُها وطن جي سرزمين جي انچ انچ لاءِ پنهنجن فرزندن کان سِر جو دانُ گهرندي آهي ۽ اُهو هو وڏيءَ خوشيءَ ۽ وڏي فخر سان گهوريندا آهن“- ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ واري وائڙي آواز جي ڪۡوڙن دليلن ۽ هٿرادو انگن اکرن کي رد ڪندي، جويي صاحب لکيو آهي ته، ”ڪراچي ڪانه کپي! ڪراچي ڪانه کپي!“ جي رٽ لڳائڻ وقت سوچڻ گهرجي ته قوم ۽ وطن جي سالميت خلاف نعري بازي ۽ اُن جي هڪ علائقي تان دستبرداريءَ جي اعلان بازي ڪندي، هُو مستقبل ۽ تاريخ جي نگاهن ۾ ڪيڏي نه هڪ سنگين ۽ خطرناڪ ذميداري پنهنجي سِر تي کڻي رهيا آهن! جيڪڏهن هن يونٽ ٺاهڻ وارا يا اُن جي ٺهڻ جي اجازت ڏيڻ وارا غدار ۽ غدارن جا دوست چئجن ٿا، ته وطن جي علائقائي سالميت جي وڪڻڻ، خيرات ڪرڻ يا پيش ڪرڻ وارا، يا اهو وِڪرو ۽ اها حوالگي برداشت ڪرڻ وارا، ڇا ٿا سڏي سگهجن؟ ۽ اِن لاءِ هُو ڪڏهن معاف به ٿي سگهن ٿا؟“ هن مضمون جي اڄوڪين حالتن ۾ به وڏي اهميت آهي. جڏهن هڪ ڀيرو وري سرڪاري، عالمي ۽ مقامي سازش ذريعي ڪراچيءَ کي سنڌ کان جُدا ڪرڻ، ڪراچيءَ کي هانگ ڪانگ جو نعم البدل بڻائڻ، ڪراچيءَ کي ٻاهرين سرمائيدارن لاءِ فري پورٽ بڻائڻ يا ڪراچيءَ کي مرڪز (وفاق) سان گڏائڻ لاءِ ناپاڪ ۽ سنڌ دشمن آواز بلند ٿي رهيا آهن.“

”آسماني بادشاهت، هيٺ ڌرتيءَ تي، هن دنيا ۾“- ”الوحيد- آزادي نمبر“ جي ٻئي ڇاپي تي جويي صاحب جو پيش لفظ آهي، جيڪو ڪنهن مجبوريءَ يا مصلحت هيٺ ڪتاب ۾ ڇپجي نه سگهيو هو. سنڌ، انگريزن جي 90 سالن جي ماتحتيءَ کان پوءِ اپريل 1936ع ۾ دنيا جي نقشي تي صوبي جي صورت ۾ نروار ٿي هئي ۽ اُن خوشيءَ جهڙي موقعي تي، ان وقت جي نامور اخبار ”الوحيد“ ”سنڌ- آزادي نمبر“ ڪڍيو هو- جنهن جي تاريخي اهميت محسوس ڪندي، 40 سالن کانپوءِ، ان جو ٻيو ڇاپو، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت پاران ڇاپيو ويو هو، ته جيئن سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي تاريخ جي آگاهي ڏجي. هن تاريخي دستاويز تي جويي صاحب جو هيءُ عالمانه مهاڳ، اسان کي پنهنجن وڏڙن جي تاريخي جدوجهد کان واقف ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته الوحيد جي هن نمبر جي اهميت وقت گذرڻ سان ختم نه ٿي آهي ۽ اسين جيڪي سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ ۽ پُرجهڻ پنهنجو حق ٿا سمجهون ۽ پنهنجو فرض ٿا سمجهون، تن لاءِ هن نمبر ۾ ڪافي ڪجهه مواد موجود آهي.

هيءُ مهاڳ، هن ”نمبر“ جو هڪ قسم جو تنقيدي جائزو به آهي، جيئن اُن ۾ ڪيترن مضمون نگارن اهو ڄاڻايو آهي ته ”بمبئيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جا هندو نه رڳو شامل نه هئا، پر اُن جا مخالف، بلڪه ڪٽر مخالف هئا.“- ته جويو صاحب، حقيقتون بيان ڪندي، ٻُڌائي ٿو ته ”حالانڪه اها حقيقت نه هئي. سنڌ جي علحدگيءَ جي پهرين گهرَ، 1913ع ۾، سنڌ جي هڪ مُحب وطن هندو بزرگ، هرچند راءِ وشنداس، ڪئي هئي، ۽ اُن گهر سان سنڌ جي هندن جي قومپرست اڪثريت آخر تائين متفق رهي“

هن مهاڳ ۾ جويي صاهب، مسيح جي ”آسماني بادشاهت“ جو قصو دلپذير ۽ افسانوي انداز ۾ بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته، ”هر مظلوم ۽ محڪوم قوم پنهنجي مسيح جي انتظار ۾ هوندي آهي ۽ پنهنجي نجات لاءِ ۽ بهتريءَ لاءِ اُن جي اُميد سدائين پنهنجي اولاد ۾ هوندي آهي. هر انساني سماج ۾، نئين نسل ۽ تاريخ جو هيءُ سٻنڌ لازمي ۽ اٽوٽ ٿئي ٿو. سنڌي سماج جا به پنهنجا مسيح آهن. سنڌي سماج به ماريل ۽ ڏکويل سماج آهي. سنڌي سماج سان به خدا جو، تاريخ جو، مستقبل جو واعدو آهي. سنڌي سماج جي به تاريخ آهي. اُن جي سُک ۽ سوڀيا جي تاريخ، اُن جي ڏک ۽ ناڪاميءَ جي تاريخ- سنڌي سماج به پنهنجي تاريخ مان سبق سکي سگهي ٿو ۽ اُتساهه حاصل ڪري سگهي ٿو. سنڌي سماج جا پيئر ۽ مائرون، نانا ۽ نانيون، ڏاڏا ۽ ڏاڏيون به پنهنجن دودن ۽ دولهه دريا خانن، ڪنهن ميان آدم شاهه، ڪنهن ميان دين محمد، ڪنهن مخدوم بلاول، ڪنهن صوفي شاهه عنايت، پنهنجن ڪن هوشن ۽ هيمن، پنهنجن ڪن ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل شهيدن، سورمن ۽ سرويچن جو انتظار ڪري سگهن ٿيون.....“

”سنڌ آزاد نمبر“ جي ٻيهر ڇپائيءَ جي اهميت بيان ڪندي جويو صاحب لکي ٿو ته: ”هن ۾ اُنهن (سنڌي قم جي مسيحن) لاءِ ڪجهه تاريخ آهي، ڪي خواب آهن ۽ ڪي قومي آداب جون ڳالهيون ۽ ڪجهه قومي جدوجهد جا شرط ۽ بار آهن.“

”صوبائي خود مختياري ۽ قومي اتحاد“- عنوان واري مضمون ۾ دليلن سان قومي مسئلن ۽ ڌار ڌار قومي وحدتن جي شڪن ۽ شڪايتن جو بيان ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ اندر ”صحتمند قومي اتحاد“ ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين ”پنجاب“ جي ”تحڪمانه حيثيت“ ختم ڪري، پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ چئن جُدا جُدا ”قومي وحدتن“ کي ملڪي فيصلن جي اختيارن ۾ شرڪت ۽ قومي گهرو وسيلن جي ”منصفانه تقسيم“ جو حق تسليم ڪري، قومي وحدتن کي مڪمل ”صوبائي خود مختياري“ نه ٿي ڏني وڃي.

”نظام مساوات- اتحاد ۽ آزاديءَ جو نئون صبح“- به ساڳئي تسلسل جو مضمون آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي موجوده ”سياسي غير يقينيءَ ۽ عدم اطمينان“ جو وڏو ڪارڻ، پاڪستان جي ”بنيادي دستاويز ۽ اساس معاهدي“ (23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ) کان انحراف ۽ روگرداني قرار ڏنل آهي ۽ ”قومي وحدتن“ کي وحداني طرز جي آئين، ون يونٽ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي پئرٽي، مضبوط مرڪز، ۽ نظام اسلاميءَ جي نفاذ جي نعري هيٺ گڏ رکڻ جي تجربن کي ناڪام سڏيو ويو آهي- خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان اُڀرندڙ خدشن جو حل- 1940ع واري ”پاڪستان ٺهراءَ“ تي مبني مساويانه نظام (ڪنفيڊريشن يعني آزاد ۽ خود مختيار رياستن جو قيام) ۾ ئي ڏيکاريو ويو آهي.

”ويچار“- اصل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ پاران 31 ڊسمبر 1981ع تي جويي صاحب سان رچايل رهاڻ ۾، سندس ونڊيل ويچار آهن، جن ۾ جويي صاحب سنڌ مدرسي جي يادن، ذاتي زندگيءَ جي مختلف رُخن ۽ پنهنجي ادبي ۽ تعليمي پورهيي تي روشني وجهڻ سان گڏ سنڌ بابت پنهنجا خيال، اُمنگ ۽ خواهشون بيان ٿيل آهن- جويي صاحب، سنڌ کي قديم زماني ۾ جمهوريت جي ”ماتر ڀومي“ سڏيندي، اُن جي ”اڄوڪين حالتن ۽ سماج“ کي انقلاب فرانس کان اڳ جي فرينچ سماجَ ۽ يورپ جي ٻين قومي سماجن (پولينڊ، اٽليءَ ۽ آئرلينڊ) سان ڀيٽ ڪئي آهي، ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي ”روشن خياليءَ، احتجاج ۽ جدوجهد“ وسيلي هڪ اهڙي ”بهشت“ قائم ڪرڻ جو اُمنگ ڏيکاريو آهي، جيڪو ”آزاد“ هجي، جتي ”پورهيتن جو لوڪ راڄ“ هجي، جنهن ۾ اُن جا لازمي توسيعي قدر- آزادي، اخوت ۽ مساوات- عمل ۾ هجن.

”تدبير جو سفر“- جويي صاحب جي، 1984ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي يارهين سالگرهه ۽ سالياني انعامي تقريب جي موقعي تي ڪيل تقرير جو عنوان آهي، جنهن ۾ جويي صاحب هن پڙهيلن/ عالمن جي تنظيم کي ”عوام جي سياست“ کان ڌار نه ٿيڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هن ڌرتيءَ تي ”جنت“ اڏڻ لاءِ سمجهاڻي ڏيندي چيو آهي ته ”اوهين (عالم، عصري علمن جا ڄاڻو ۽ سند يافته) به جيڪڏهن پنهنجي ايسوسيئشن جي ڪارڪردگيءَ ۾ خواص جي سياست تي عمل پيرا رهندا ته اسان جو حڪمران، عالي مقام طبقو ۽ سندن ”خواصو ڪرسي“، جيڪا اوهان کي سياست کان روڪي ٿي يا ڊيڄاري ٿي، نه رڳو اُن کي خوشيءَ سان برداشت ڪندي، پر وڌي وڌي اوهان کي همٿائيندي ۽ اوهان جي اُن عمل کي زور وٺائيندي. هاڻي اهو اوهان جي پنهنجي فڪر ۽ ارادي تي ڇڏيل آهي ته ڪهڙي سياسي عمل کي اوهين پنهنجو انساني يا مذهبي ڪارج مڃو ٿا ۽ اختيار ڪريو ٿا- عوامي عمل کي يا خواصي عمل کي، ڊيموڪريٽڪ عمل يا پليوٽو ڪريئٽڪ عمل کي، انسان پسند عمل کي يا دولت پسند عمل کي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org