سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: حريص پتلو عرف وفا جي ديوي

ڊراپ اول

صفحو :2

 

 

ڊراپ اول

پردو پهريون (رستو)

(حمد)

(1)               ڪريان ڪنهن منهن سان يا رب،

شڪر تنهنجي مان عنايت جو،

مزور پايان ٿو نانِ خشڪ ۾،

مان نانِ نعمت جو.

(2)               جو اعليٰ هو سو ادنيٰ آ،

جو ادنيٰ هو سو اعليٰ آ،

تماشو ٿو ڏسان هر روز،

مان تنهنجي ته قدرت جو.

(3)               تون واحد آن نه تنهنجو ڪو،

شريڪِ هال آ مولا!

سو ڪافر آ يقين جنهن کي،

نه آ تنهنجي ته قدرت جو.

(4)               گذاري رنج ۾ جو ٿو،

سوئي راحت به ماڻيندو،

کلي ٿو بيڪسن جي واسطي،

دروازو جنت جو.

(5)               ”عليگ“ لاش تي تنهنجي،

ته گريان آسمان ٿيندو

قبر تي تنهنجي بڻبو،

شاميانو اَبرِ رحمت جو.

مهلقا: يعني؟

نواب: يعني! توکي وارث بڻائيندس.

مهلقا: مگر مان حقدار جو حق نه کائينديس.

نواب؛ تنهنجو خيال خام آ، مون کي يقين آ ته منهنجي مرڻ پڄاڻان نثار سموري ملڪيت عياشيءَ ۾ وڃائيندو. اوهان کي ستائيندو، منهنجو ننگ ۽ ناموس خاڪ ۾ ملائيندو. خير، وري هو حريص پُتلو اچي ٿو.

مهلقا: چاچا آءٌ وڃان ٿي؛ اوهان وري به کيس سمجهايو، شايد سڌي رستي تي اچي. (مهلقا جو وڃڻ، نثار جو داخل ٿيڻ).

نواب: شرم ڪر، شرم ڪر! بيحيائيءَ جا پُتلا شرم ڪر! شريرن جي شِرَ کان، برن جي اثر کان شرم ڪر! جفاڪار، عيار، فرشتي مان پيدا ٿيل شيطان، انسان صورت حيوان سيرت، شرم ڪر!

نه ٿي ڪا شرافت نه توقير عزت نه شرم و حيا ٿي،

برائيءَ جو بندو ٿيو آن ته انڌو، نه غيرت نه خوفِ خدا ٿي.

سڄوو شان و شوڪت وڏن جي به عزت، مٽيءَ ۾ ملائي تون بدمعاش آ،

برائي به توکي چوي ٿي بُرو، ندامت به نادم ٿي بدمعاش آ.

(شمسه جو ونگ مان لڪي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ.)

نثار: بس جناب بس، ايتري سختي به ٿيڻ نه گهرجي، جو مون کي به لاچار سخت جواب ڏيڻو پوي. حضور جي انهن ڳالهين تي مون ۾ ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪي ٿي، پٿر سان جڏهن پٿر ٺهڪي ٿو، تڏهن ٻنهي مان چڻنگون نڪرن ٿيون.

گرمي ته منهنجي طبع ۾ اڄ آهه غضب جي،

پر مهر زبان تي آ والله ادب جي.

راحت نٿو ڏين ته ذلت ته نه ڏي،

رکُ پاڻ وٽ دُعا، پر لعنت ته نه ڏي.

نواب: جيڪڏهن لعنت کان ڊڄين ٿو ته ڪريم ۽ شمسه، جي جيئري جاڳندي لعنت آهن، تن کان پاسو ڇو نٿو ڪرين؟ اهي ٻئي مال جا چور، دولت جي ڄور، خوشامندي ڪتا آهن، انهن کان ڇو نٿو لاڙو ڪرين؟

(شمسه جو ونگ مان آهستي چوڻ)

شمسه: انهن لفظن جو بدلو ورتو ويندو.

نواب: رهندئي اهي ساٿي، جيسين کين آس آ،

جيسين آن تون اَحمق ۽ مال و زر پاس آ.

نثار: منهنجي زندگيءَ جي منڊيءَ ۾ اهي ٻه هيرا آهن، تن کي اوهان پٿر نه ڀيٽيو، معاف ڪيو.

نواب: بيوقوف! انهن مان هڪ تنهنجي دل جو زخم، ٻيو داغ آ.

نثار: نه، انهن مان هڪ منهنجي جانِ، ٻيو دماغ آ.

نواب؛ نامراد! شمسه تنهنجي قسمت تي تيل وجهندي.

نثار: هرگز نه. هوءَ اوهان جي لڳايل باهه کي پاڻي وجهي وسائيندي.

نواب: ڪريم اُن تيل کي باهه ڏيندو.

نثار: غلط! هو اوهان جي ڪيل زخمن تي دلداريءَ جو مرحم رکي ڇٽائيندو.

نواب: ٻُڌ، مان تنهنجو والد آهيان.

نثار: مون کي نه چئو؛ اوهان مون کان بدظن آهيو.

نواب: پيءُ سان هيءَ بدڪلامي ۽ روبرو جواب!

نثار: تير جو آ تير، پٿر جو آ پٿر جواب.

نواب: منهنجي اڳيان توکي آ صبر و تحمل جو ضرور.

نثار: ڪين پوکي ٿو ڪنڊا، جنهن کي آ گُل جو ضرور.

نواب: پيءُ ۽ پُٽ جي بد زباني ههڙي ڪنهن ٻڌي.

نثار: آه! هيءَ گنبذ جي صدا، جهڙي ڪِري، تهڙي ٻڌي.

نواب: گم ٿي، گم ٿي، منهنجون اکيون توکي ڏسڻ نٿيون چاهين، وڃ، هليو وڃ. شيطان وانگر مردود ٿي، شيطان جي ايمان وانگر نابود ٿي، شال ڪنڊن وانگر وڌين ۽ مثل گاهه جي ڪپجين. دوزخ جي خوراڪ، لقما حرص جا. بيدين، بندا زر جا، دل جا زخم، بدن جا ڦوڙا، جان جا غم، ناسور جگر جا، داغِ شرافت، لائق لعنت، بدخواهه پدر جا، قسمت ڦٽئي، سِر تي اچئي لعنت منهنجي بڻجي بجلي. خاڪ ٿئين شل، خاڪ وسئي شل، غيرت ساڙئي، بڻجي بجلي.

(نواب ۽ نثار جو وڃڻ)

(شمسه جو ظاهر ٿيڻ)

شمسه: دولت جي جھور ۽ مال جو چور چوڻ وارا، انهن لفظن جو بدلو توکان ورتو ويندو.

وٺندس مان پاڻهي تيغ و تبر سان وير

رکندس ته تنهنجي مال ۽ زر سان وير،

گوشت سان، هڏين سان، تنهنجي سِر سان وير،

جان سان، دم سان، تنهنجي روح جگر سان وير.

_ ايگزٽ

(سين جو ڦاٽڻ، اندر ان باغيچي جي سين جو ظاهر ٿيڻ.)

 

ڊراپ اول

پردو ٻيو (محل)

(مهلقا جو پنهنجي چاچي نواب اعظم سان گفتگو ڪندي نظر اچڻ)

مهلقا: مگر رنج جو سبب؟

نواب: سبب، سبب، ڇا چوان؟

رکان ٿو درد دل ۾ مان ڪڇان گر ٿو زبان سڙندي،

رهيو جي دل اندر منهنجي يقين آهي ته دل جلندي.

آه! اڄڪلهه جي نوجوانن جي عجيب حالت آ؛ والدين جي ملڪيت ڏسي هو ناهنجار ٿين ٿا، جامِ ميء ۾ سرشار رهن ٿا، عياشي ۽ اِصراف کي معراج ڄاڻن ٿا.

نثار جي انهيءَ روش بدنام ڪيو آ،

زماني جي معاملن ۾ ناڪام ڪيو آ.

شهر ۾ نڪرڻ جهڙو نه آهيان، ڪنهن کي به محفل وڃڻ نٿو چاهيان. خير، اي ڪمبخت نثار، ڪمبختي ۽ محروميءَ جي ديوي توتي قادر آ.

منهنجي دولت تنهنجو نصيب نه آ،

عزت ۽ اقبال تنهنجو قريب نه آ.

 

 

ڊراپ اول

پردو ٽيون

(مهلقا جو پينگهه ۾ لڏندو ۽ سهيلين سان ڳائيندو نطر اچڻ.)

گانو _ سهيليون.

آيا_ آيا_ پَل شباب جا _ کوليو _ کوليو بند نقاب جا،

ڪاڪل هي ڪارا _ يا نانگ سي سارا،

زهري زهريلا _توتان فدا.

پياري ڳَلَ ٿي يا گُل گلاب جا، آيا _ آيا پل شباب جا.

مهلقا: ڇيڙيو نه سَکيِ، مون کي ڙي اوهين، ڇو ٿيون ستايو _ مٿو نه کائو.

سهيليون: تيرِ نظر جو نشانو لڳايو_ خنجرِ ابرو سان زخمي بڻايو،

پياري کولي پردا حجاب جا، آيا_ آيا_ پل شباب جا

سهيلي نمبر 1: سکيون اڄ نصيب کليو.

مهلقا؛ مون کي به ته ٻڌاءِ ڪهڙا ڳالهه آ؟

سهيلي نمبر 1: دعا ٿي ڪئيسين، دعا ٿي رهي آ!

مهلقا: دعا آخر ڪنهن غريب واسطي؟

سهيلي نمبر 2: سرڪار خوشنصيب واسطي.

مهلقا: ڪهڙي خوشحال لاءِ؟

سهيلي نمبر 3: حضور جي اقبال لاءِ.

سهيلي نمبر 4: سائڻ جي زر ۽ مال لاءِ.

سهيلي نمبر 5: قيامت جهڙيءَ چال لاءِ.

سهيلي نمبر 6: غضب جي خط ۽ خال لاءِ.

مهلقا: بس، بس، مون کي معلوم ٿيو، اوهان کي دعا ڪرڻ ۾ مشاقي آ.

سهيلي نمبر 1: سرڪار نواب صاحب جو اوهان کي سموري ملڪيت لکي ڏني آ، تنهن لاءِ مبارڪ باقي آ.

سهيلي نمبر 2: بيبي مبارڪ!

سهيلي نمبر 3: بانو مبارڪ!

سهيلي نمبر 4: حضور مبارڪ!

سهيلي نمبر 5: هاڻي ته مٺائي کائبي.

سهيلي نمبر 6: ضرور ۽ مبارڪبادي به ڳائبي.

مهلقا: هوش کان ته ڪين نڪتيون آهيو! اها به ڪا وڏي ڳالهه آهي، جو چاچي ملڪيت منهنجي نالي تي لکي ڏني آهي. جيڪڏهن اڄ به نثار چڱي رستي تي اچي ته آءٌ سندس مال و ملڪيت سندس حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جو هو حقدار آهي.

سهيلي نمبر 1: جيسين شمسه ۽ ڪريم سندس صلاحڪار آهن، تيسين سندس لڇڻ سڌارڻ دشوار آهن.

سهيلي نمبر 2: اِها مُئي شمسه ڪير آهي؟

مهلقا: هڪ زهري نانگڻ جا شريفن کي موهه جي ڄار ۾ ڦاسائي کين پنهنجي ڪام جو شڪار بنائي ٿي. سندس منهن نثار سان اڇو آهي.

سهيلي نمبر 3: سرڪار مون ٻڌو آهي ته هن پنهنجي مڙس کي به زهر ڏيئي ماريو هو؟

مهلقا: هوندو.

سهيلي نمبر 1: پر هُن نمڪ حرام ڪريم کي ته ڏسو!

مهلقا: ها، ڏسو ته سهي سڄي عمر نواب صاحب هن کي پاليو ۽ سنڀاليو، انهن احسانن جو بدلو پاڙي ٿو، نواب جي پٽ نثار کي راڻي ٿو.

سهيلي نمبر 1: سرڪار هينئر دير ٿي آهي، هلڻ گهرجي.

سهيلي نمبر 2: هلڻ گهرجي پر اول ڪجهه ڳائڻ گهرجي.

(سڀني سهيلين جو کلڻ) گانو سهيلين جو.

اي پياري، آُفت آڻيندا، هي تنهنجا ڪارا وار،

اي پياري، قيامت لائيندا، هي تنهنجا ڪارا وار،

وار ٿي يا جار....... پياري قيامت لائيندا.

هي تنهنجا ڪارا وار.

مهلقا: بهرِ خدا ڙي مون سان سهيليون ڪريون نه اهڙي لات.

سهيليون: پهلوءَ ۾ ڪنهن عاشق جي تون رهندينءَ هڪڙي رات.

مهلقا: ڪريو نه حيران، سَکي بند ڪريو زبان.

سهيليون: عين_ لام_ي_ گاف_ پياري توتي آ قربان

پياري آفت آڻيندا، هيءُ تنهنجا ڪارا وار.

(پردي جو ڪرڻ)

 

ڊراپ اول

پردو چوٿون (رستو)

 

(منا جو اچڻ ڳائيندي)

 

گانو؛

(1)               صبر ڪر دل دلربا کي ڪجهه چوائڻ آ منع،

جا ٿي گذري تو مٿي سا ڪنهن ٻڌائڻ آ منع.

(2)               جي ڌري ناسور تي مرهم ڪنهين ٿي، مون چيو،

زخم دل تي دوستو مرهم رکائڻ آ منع.

(3)               روڄ راڙو ڏي ڇڏي بيچين ڪر نا لَحِد ۾،

قبر عاشق تي مٺا ڳوڙها وهائڻ آ منع.

(4)               ياد ڪر قدمن ۾ تنهنجي مون رُنو تو ٿي چيو،

سوز دل جو روڄ سان هر هر ڏيکارڻ آ منع.

(5)               درد کان دانهون ڪندي دم ڏنو آهي ’عليگ‘

بعد مردن عاشقن کي اڄ ستائڻ آ منع.

خدايا، مان دردمند هان مون کي دوا ڏي! مان عشق جي بيمار هان مون کي شفا ڏي! مان محبت جو زهر پيتو آ، آبِ بقا ڏي. قسمت منهنجي دعائن تي آمين چئو. ته جنهن جي مان ٿي چڪي آهيان، سو به منهنجو ٿئي_ هل _ مَنا پنهنجي نثار ديوتا جي مندر تي هَلُ ۽ اُن جي چانئٺ تي پنهنجي قسمت کي آزماءِ_ ”هَئي ڪاش! مان تنهن کي سيني سان لڳايان هي درد نهان جنهن جي فرقت جي نشاني آ“. - ايگزٽ.

 

 

ڊراپ اول

پردو پنجون (عيشگاهه)

(نثار جو پيلپائي سان ٽيڪ ڏيئي بيٺل شمسه جو ڪوچ تي ويٺي شراب نوشي ڪندي نظر اچڻ.)

 

نثار: ڪريم!

ڪريم: سرڪار.

نثار: آسمان تي گهٽا خوب ڇائي آ. ڪريم، ڇو ٻي بوتل اڃا نه آئي آ؟ (ڪريم جو وڃڻ ۽ ٻي بوتل شراب جي آڻي پيش ڪرڻ.)

نثار: ڇو_ دير آهي ساقي جلدي چکاءِ.

ساغر نٿو مِلئي ته ٻُڪَ ۾ وڌاءِ.

تيزي نه آهي تنهنجي ڪوثر ۾ خداوندا،

مون کي ٿو پيارين ته ڪو دنيا مان گهراءِ.

(شمسه جو دورِ شراب هلائڻ)

نثار: (ڪريم جي طرف نشي جي حالت ۾ وڌڻ) ڪريم، ڪريم!

ڪريم: حضور. دم باده ڪشيءَ ۾ ناچ_ گانو ٿئي ته بهتر آ،

چمن سواءِ بلبل، صحرا کان بدتر آ.

نثار: ضرور، ضرور، بيشڪ. هڪدم ناچ گاني وارن کي حاضر ڪر.

_ ايگزٽ ڪريم.

شمسه: تازو ادا جا مالڪ، ناز و ادا جي صدقي،

هيڪر نهار مرڪي، پنهنجي خدا جي صدقي.

نثار: (مشڪي ۽ شمسه سان بغلگير ٿي).

(1)               هوش سالم ته اڃا آهي ديواني جو،

خير ساقي ته هجي تنهنجي ميخاني جو.

(2)               مست خرابات هان شائق پئماني جو،

خير هردم ٿو گهران ٿو سندي خُمخاني جو.

(شمسه ۽ نثار جو نشي ۾ کلڻ ۽ هڪٻئي کان جام وٺي شراب نوشي ڪرڻ.) ڪريم جو راڳ وارين کي وٺي اچڻ.

گانو: راڳ وارين جو.

(1)               اچين گر صنم ڪده ۾، توکي بُت پرست ڪريان،

رسم رواج رِندي، ڪُل ئي توکي مون ڏسيان.

(2)               پاڙهي پريت جا سڀ، هيءُ باب توکي ناصح،

شاهِ جنون بڻائي، پير مغان مُون سڏيان.

(3)               ويهي ته ڏس خدارا، وچ ۾ بتن جي واعظ،

ٻاهر آن بتڪده کان، ڇا حال توکي سَليان.

(4)               هيڪر جي رازدان ٿين، منصف تون پاڻ ٿيندين،

اندر ته پاءِ جهاتي، بتخانو آهي پريان.

(5)               منهنجو خدا ’عليگا‘، ظاهر بتن ۾ منهنجي

مون کي يقين آهي، ڪيئن مان انهن کي ڇڏِيان.

(آمد منا_ خاموشيءَ سان بيهي ڏسڻ، نثار جو ڏانهن نهاري سڀني کي وڃڻ لاءِ اشارو ڪرڻ، مَنا جو اڳتي وڌڻ، نثار جو مَنا ڏانهن منهن ورائڻ.)

گانو: مَنا.

1.                  مٺي منٺار جون واٽون، نهاريون پئي نهاريان مان،

هيئين جي هار جا ٿاڻا پڇايون پئي پڇايان مان.

2.                  هجي جي چاڪُ هڪ دلبر، ڪريان منت رفوگر کي،

سوين ٿيا جهير هڪ دل ۾، سبايون ڇا سبايان مان.

3.                  مليو مُدت کان آ خطڙو، عجيب جو عُشاقن کي،

پڙهي پَلپَل چمي هَرَ هَرَ، لڪايون پئي لڪايان مان.

4.                  اُٿي جو آگ الفت جي، جلن ۽ جوش کان جيڏيون،

سدا هيءُ نار نيڻن مان، وهايون پئي وهايان مان.

5.                  ’عليگا‘ ٿم اميدون اڄ، ڪهي ڪيچي ڪکين ايندو،

سڄڻ لئه سيج ٿي دمدم، سنواريون پئي سنواريان مان.

 

اِهو آ_ منهنجي خوشي، منهنجي خوشيءَ جي دنيا، منهنجي دنيا جي روشني_ اِهو آ.

بيڪسيءَ جي رات ۾، اُميد جو تارو آ هيءُ،

پيار ڀي جنهن کي ڪري ٿو پيار، سو پيارو آ هيءُ.

(نثار جو اڳتي وڌڻ)

نثار: محبت_ محبت_ غلط، ڪجهه نه آ،

آدمين جي دماغ ۾ هڪ فِتور آ،

محبت جو نالو گل ۽ بلبل جي دلالن،

يعني شاعرن دنيا ۾ ڪيو مشهور آ.

مَنا: ياالله! ڇا بدگمان آ_ جو زبان تي هي بيان آ.

نثار: مطلب جي دوستي آ_ مطلب جي سڀ وفا آ،

مطلب جي آهي دنيا_ مطلب فقط خدا آ،

الفت آ ڪم ته دل جو_ دل جا ٻه حَرف آهن،

تِن ۾ به آهي نفرت_ هر هڪ رهيو جدا آ.

مَنا: نه_ نه، پيارا نثار، اهي اکر زبان تي نه آڻ، محبت جو قدر ڄاڻ.

نثار: اي حسين مَنا، تون ٻالي ڀولي آهين، راههِ محبت کان واقف ناهي.

عشق ۽ محبت فريب جي نقاري آ،

شور اٿس گهڻو، اندر خالي آ.

مَنا: منهنجا آفتاب، تون اوندهه ۾ آهين. قدرت محبت جي زمين تي دنيا جو محل اڏايو آ، مٽي، هوا ۽ باهه کي محبت جي پاڻيءَ سان ڳوهي هيءُ بر منڍ بڻايو آ.

بلبل نثار آهي_ گلن تي باغ جي،

پروانو جان ڏئي ٿو_ هردم چراغ تي.

دنيا جي ذري ذري ۾_ محبت جي لاڳ آ،

پٿر جي پڻ جگر ۾_ اُلفت جي آڳ آ.

نثار: برابر، پر جي نه آ ته منهنجي والد جي دل ۾ نه آ، تنهن ظالم جي سيني ۾ نه آ.

مَنا: پيارا نثار، هوش ڪر.

نثار: مَنا، ڇا تون اهڙي آدميءَ کي چڱو چوندينءَ جو پُٽ جي حق تلفي ڪري!

مَنا: ڇا دنيا اهڙي پٽ کي چڱو چوندي جو پيءُ جي نافرماني ڪري ۽ پوءِ به بد زباني ڪري!

نثار: مَنا خيال ڪر، تون واهيات بڪين ٿي.

مَنا: نٿار غور ڪر. (نثار جو شوخ لهجو ڦيري پيار سان ڳالهائڻ).

نثار: منا، منهنجا روح! منا تون به منهنجي قسمت وانگر مون سان جنگ ڪرين ٿي.

مَنا: پيارا، مَنا توسان نه، تنهنجي بديءَ سان وڙهي ٿي.

نثار: چڱو چوندو ڪير هن کي، هن دغا کان پوءِ.

مَنا: دنيا ۾ ماءُ ۽ پيءُ جو آ درجو خدا کان پوءِ.

نثار: مَنا، مَنا، مان مجبور هان،

بيانُ ناهي سوزِ نهان ٿو نڪري،

غبارِ دل زبان مان ٿو نڪري.

مَنا: نثار، حياءُ سک ادب ڪر، بچ آتش بيانيءَ کان، وسائي بديءَ جي باهه کي، نيڪيءَ جي پاڻيءَ سان.

نثار: آه، جنهن کي دوا ٿي ڄاتم سو درد ٿي ويو،

بس! ڇڏ خدارا دم سرد ٿي ويو.

مَنا: بي سبب ناراضي.

نثار: ڇڏ لفاظي.

مَنا: آخر منهنجي تقصير.

نثار: منهنجي تقدير.

سڀ هن ستائڻ وارا_ غم کي وڌائڻ وارا،

دل کي جلائڻ وارا_ من کي ڏکائڻ وارا.

قسمت جي زخمين جو_ همدم نه آهه ڪوئي،

نشتر ته هن هزارين _ مرهم نه آهه ڪوئي.

مَنا: جان ۽ جهان پيارا، توتان نثار آهي،

تنهنجو آ هيءُ سر، گردن تي بار آهي.

نثار: بس، سڀ کي زباني دعوا ٿيندي آ،

ڪَلَ پوي ٿي، جڏهن جان تي ايندي آ.

مشڪل آ مدد ڏي ڪوئي، حالِ تباهه ۾،

پاڇو به ساڻ ناهي، روزِ سياهه ۾.

مَنا: نثار منهنجو عشق وفادار آ،

نثار: پياري مَنا دشوار آ.

منا: آزماءِ.

نثار: مَنا تون موم آهين، محبت جي آڳ سان سينو نه ساهه.

مَنا: وري چوان ٿي مون کي آزماءِ.

نثار: چڱو، وٺ هيءُ ڪوڙو وصيتنامو، وٺ! هن کي منهنجي والد جي تجوڙيءَ ۾ رکي، ان مان اصلي وصيتنامو ڪڍي اچ.

اها آ ڪسوٽِي، محبت تنهنجي ڪوڙي آ يا سوني آ،

ڏيکارين ٿي جا الفت، سا کري آ يا کوٽي آ.

منا: ڇا چوري! يا خدا! نثار تون مون کي ڇا سمجهيو آهي.

نثار: (نرميءَ سان) منهنجي زندگي، منهنجي جان، منهنجو روح.

مَنا: ڇا اها شرم جي ڳالهه نه آهي، جنهن کي تون پنهنجو روح سمجهين ٿو، تنهن کي دوزخ ۾ ڪيرين ٿو.

نثار: (ٽهڪ ڀري) بس سرد ٿي چُڪينءَ، زرد ٿي وَئينءَ، عشق جو بخار لهي ويو، محبت جو جوش پورو ٿيو.

راههِ وفا ۾، ٻِن ئي قدمن تي ٿي ڪِرين،

ڇا جان ڏيندينءَ، ڏئي زبان ٿي ڦِرين.

منا: ڏني مون زبان، جان ڏيندس، جان حاضر آ،

چيو هوم، سِرُ ڪپائيندس، خان حاضر آ.

اوهان جي هان، اوهان جو ئي جسم سارو آ،

نه ڏيندس مان، مگر ايمان قيامت جو سهارو آ.

نثار: آه قسمت! اميد جي روشني به رستو نٿي ڏيکاري، ناحق مايوسي، ڌڪا ٿي ڏياري.

مَنا: مگر چوري گناهه آ، جان ڌڙڪي ٿي.

نثار: منا، محبت انڌي آ، گناهه ڪين ڏسي ٿي. (نرميءَ سان) منا، پياري منا، روح جي تسڪين منا.

منا: تنهنجي محبت منهنجي ايمان سان وڙهيي ٿي.

نثار: شال فتحياب ٿئي.

مَنا: اهڙي محبت شال خراب ٿئي.

نثار: پوءِ، آخر ڇا معذور؟

منا: هاءِ ظالم منظور.

(نثار جو مرڪڻ)

 

گانو، مَنا؛

 

(1)            دمِ شمشير جي هيٺان،

ڦٽيل دلڙي ڪو دم کڻ تون،

ذرو ساعت ته اتي ترسي،

قدم راههِ عدم کڻ تون.

(2)            بَهائي لعل لَبُ سهڻا،

ازل کان ڪانه آ مون وٽ،

مَتاعِي دين ايمان آ،

ڏيان ٿي مان، صنم کڻ تون.

(3)            مڃيندس مان ته منهنجو آن،

مگر هڪ شرط سان سهڻا،

نه ٻي ڪنهن جو رڳو پنهنجي،

نزاڪت جو جسم کڻ تون.

(4)            ڇڏيندو هي ’عليگ‘ هرگز،

نه سنگِ آستان تنهنجو،

اوهان جو ئي ته آ ٻانهو،

پرين تنهن بيدرم کڻ تون.

(مَنا) جو وڃڻ، نثار جو ڏانهن نهارڻ، پردي جو ڪرڻ).

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com