سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ڊراما

 

صفحو :1

ڊراما

آغا سليم

ڇپائيندڙ پاران

 

ادب ۾ ناٽڪ هڪ اهڙي صنف رهي آهي، جنهن جي اثر انگيزي عالمگير رهي آهي. يورپ ۾ نئين سجاڳي (Renaissance) آڻڻ ۾ ناٽڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. والٽيئر فرانس جي حڪومت تي پنهنجن ناٽڪن وسيلي ڇتي تنقيد ڪندو هو. جيڪي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل پرڏيهي پس منظر رکندڙ ناٽڪ هئا. مثلاً: ”چين جو چرٻٽ باشاهه“، ”هندستان جو ظالم بادشاهه“ جهڙن عنوانن سان لکيل هن جي ناٽڪن ۾ رياست تي تنقيد ۽ کِل جهڙا ڊائيلاگ ٻڌي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ اصل معنيٰ ۽ مقصد کي سمجهي ٽهڪن ۾ ٻُڏي ويندا هئا. ڪجهه ڏينهن ناٽڪ هلڻ کان پوءِ فرينچ رياست اُنهن ناٽڪن تي پابندي لڳائي ڇڏي. والٽيئر کي ”لوهه ۾ لوچڻ“ لاءِ بندي خانن ڀيڙو ڪندي هئي، سندس دوست ۽ ساٿي ڊوڙي ڊُڪي کيس آزاد ڪرائيندا هئا. هو جيل مان نڪرڻ بعد سراڻ تي تِکي ٿيل ترار جيان تيز ٿي نڪرندو هو ۽ ٻيهر پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويندو هو. اُن ريت سڄي يورپ ۾ نئين سجاڳي آڻڻ ۾ ناٽڪ ۽ ٿيٽر جو اهم رول رهيو آهي.

سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات اڻويهين صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ ٿي ۽ اوائلي ناٽڪ ڌرمي نوعيت جا ۽ ڪتابي صورت تائين محدود رهيا. اوائلي سنڌي ناٽڪ، هندي، انگريزي ادب جي چونڊ ناٽڪن تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. شاعر امام بخش خادم جي لکيل ناٽڪ ”هير رانجهو“ (1879ع) کان وٺي مرزا قليچ بيگ جي طبع زاد ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪ ”خورشيد“ ۽ سندس ٻين اهڙن ناٽڪن تائين ۽ اُن کان اڳتي ڪشنچند بيوس جو ناٽڪ ”پوڙهي جو پرڻو“ تائين سنڌي ناٽڪ ڌرمي موضوعن کان هَٽي سماجي ۽ سياسي موضوعن سان ڀرپور ٿيندي نظر اچي ٿو.

سنڌي ناٽڪ ڪتابي شڪل کان اسٽيج ۽ ٿيٽر ۾ ڪردارن جي عملي مظاهري (Practical performance) واري صورت ۾ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچي ۾ 1894ع ۾ قائم ٿيل ”اميچور ڊراميٽڪ سوسائٽي“بنيادي ڪردار ادا ڪيو. لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ پڻ اُنهيءَ نالي سان ڊراميٽيڪل سوسائٽيون ’ناٽڪ منڊليون‘ قائم ٿيون. سال 1910ع کان سنڌي ناٽڪ کي نوان موڙا مليا، نت نون موضوعن تي طبع زاد ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪ ايندا رهيا، جيڪي گهڻو ڪري اسڪولي شاگردن پاران قائم ٿيل ناٽڪ منڊلين ۽ سوسائٽين وسيلي پيش ڪيا ويا. 1923ع ۾ بنگال جي نوبل انعام ماڻيل شاعر رابندرناٿ ٽئگور حيدرآباد ۾ ”ٽئگور ناٽڪ منڊلي“ جي مهورت ڪئي. اُنهيءَ دوري دوران هن سنڌوءَ جي ڪپَ تي ويهي سج اُڀرڻ جو نظارو ڏٺو ۽ چيو ته: ”سج اُڀرڻ جو ايترو حسين منظر مون دنيا ۾ ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي.“

سنڌي ناٽڪ جي صنف کي بنياد مهيا ڪري ڏيڻ ۾ مرزا قليچ بيگ پڻ گهڻو پاڻ موکيو ۽ يڪا سارا 30 طبع زاد ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪ، سنڌي ادب کي ڏيئي ناٽڪ جي صنف کي سنڌي ساهت جي تاريخ ۾ تهائين پختو ۽ مضبوط ڪيو. اُن دور ۾ ناٽڪ نويسيءَ ۾ محترم عثمان علي انصاري، ڪاڪو ڀيرومل، لعلچند امرڏنومل، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، اڳ کان اڳرا نظر اچن ٿا. سال 1917ع واري دور ۾ سوويت يونين جو جُڙڻ ۽ سماجوادي انقلاب جي ڪري سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي موضوعن ۾ تبديلي آئي ۽ اُن ۾ قومي آزادي ۽ ٻيا سماجي ۽ سياسي موضوع پڻ شامل ٿي ويا. سنڌي ناٽڪ سماجوادي نظرئي ۽ فڪر جي اثر هيٺ حقيقت نگاريءَ ڏانهن وڌڻ لڳو.
سال 1947ع کان پوءِ سنڌي ناٽڪ جو سج، گرهڻ ۾ اچي ويو.

سنڌي ساهت جا گهڻگهرا ڪي گذاري ويا ۽ گهڻا لڏي ويا. اهڙي دور ۾ اُنهيءَ ماٺار کي ٽوڙي سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙن ۾ جيڪي نالا اڳتي آيا، اُنهن ۾ شيخ اياز، آغا سليم ٻه وڏا نانءَ آهي، جن ڪهاڻي، شاعري، ناول ۽ ناٽڪ کي نئون روپ ڏئي انهن کي وسيع تاريخي ڪينواس بخشيو.

هيءُ ڪتاب ”ڊراما“ آغا سليم صاحب جي طبعزاد ۽ ڪجهه ترجمو ٿيل ناٽڪن جو مجموعو آهي، جنهن کي ڇپائڻ جو گهڻو اڳ رٿيو ويو هو پر منهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪتاب ’ڊراما‘ ڇپجڻ تي پاڻ کي ڀاڳوند ڀانيان ٿو.

 

ڄام شورو                پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي

اڱارو 14 جولاءِ 2009ع               سيڪريٽري

 

 

دودو چنيسر

 

ڏيک پهريون

 

(دودي جو راڄ محل – سامهون واري ڀت ۾ ٻه دريون آهن، جن مان اونداهو آسمان نظر ٿو اچي. دريءَ جي ڀر ۾ ڇپر کٽ تي ڪوئل ويٺي آهي ۽ گلن جو هار ٿي پوئي. هڪ ٻانهي هن کي مورڇل ٿي هڻي، ٻيون ٻانهيون اچ وڃ ٿيون ڪن، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته سارو محل جاڳي رهيو آهي. ٻاگهي ٻائي شاهاڻي شان سان داخل ٿئي ٿي. ڪوئل کٽ تان اٿي ڪنڌ نوائي چوي ٿي.)

ڪوئل: پڦي سائڻ جا ڪوئل پير ٿي ڇُهي.

ٻاگهي: شل شهزادي ڪوئل گلاب جي گلن جيان ٽڙندي رهي.

(هلڪي خاموشي. ٻاگهي شاهاڻي شان سان وکون کڻندي دريءَ ڏانهن وڃي ٿي)

ڪوئل!

ڪوئل: جي پڦي سائنڻ.

ٻاگهي: پڳ جي ڪا خبر آئي.

ڪوئل: نه پڦي سائڻ اڃا ڪا خبر نه آئي آهي.

ٻاگهي: (اهڙي گنڀيرتا جنهن مان پريشاني ٿي بکي) اڄ سنڌ جا سڀيئي سردار گڏ ٿيا آهن ۽ سنڌ جي پڳ جو فيصلو ٿيڻو آهي.

ڪوئل: ڄاڻ فيصلو ٿيو. پڳ چاچا چنيسر کي ملندي. چاچا چنيسر پڳ پائي ايندو ته مان کين هي گلن جو هار پارائيندس.

(پاسي ۾ جنڊيءَ جو گلدان پيو آهي، جنهن ۾ ڪوماڻيل گل پيا آهن. ٻاگهي گلدان جي ويجهو اچي، هڪڙو ڪوماڻيل گل هٿ ۾ کڻي ٿي.)

ٻاگهي: اڄ اسان جي دل هن گل جيان ڪوماڻيل آهي. اسان جلد پڳ جو فيصلو ٻُڌڻ ٿا چاهيون.

ڪوئل: ٻانهي؟

ٻانهي: جي سائنڻ.

ڪوئل: پڳ جي فيصلي جي ڪا خبر آئي.

ٻانهي: نه سائنڻ، اڃا ڪا خبر نه آئي آهي.

ٻاگهي: (پريشانيءَ مان) الائجي ڪهڙو فيصلو ٿيو...؟

(ٻاگهي ننڍيون وکون کڻندي، دريءَ وٽ وڃي بيهي ٿي.)

ڪوئل: ٻانهي، ڪنهن سپاهيءَ کي موڪلي معلوم ڪيو وڃي ته پڳ جو ڇا فيصلو ٿيو.

ٻانهي: جيڪو حڪم سائنڻ (وڃي ٿي. هلڪي خاموشي.)

ٻاگهي: (دريءَ کان ٻاهر نهاريندي) اڄ رات ڪيتري نه اونداهي آهي. الائجي رات ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ ڪڏهن پرهه ڦٽندي.

ڪوئل: پرهه ۾ باقي پهر وڃي بچيو آهي. ڄاڻ پهر پورو ٿيو ۽ پرهه ڦٽي.

ٻاگهي: پل پل ڄڻ پهاڙ ٿي ويو آهي. وقت ڄمي رهيو آهي ۽ سنڌ جي قسمت جو فيصلو ٻڌڻ ٿو چاهي. جي اڄ سنڌ جي قسمت جو فيصلو وقت جي خلاف ٿيو ته....

(اوچتو ٻاهران پڙاڏي سان آواز ٿو اچي.)

آواز:

اوڀر سارو اوندهه آهي،

اولهه انڌوڪار!

ڏکڻ سارو ڏهڪاءُ آهي،

اتر کان اوپرن گهوڙن جي هڻڪار ٿي اچي،

گهوٽ گهوڙي چڙهندو،

گهوڙا گهوٽ گهائيندا،

سنڌ سهاڳڻ ٿيندي.

هيرَ مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي،

هيرَ مان گهوٽن جي

رت جي هٻڪار ٿي اچي

هيرَ مان....

(ٻاگهي ۽ ڪوئل بت بڻجي آواز ٻڌن ٿيون.)

(آواز آهستي آهستي دور ٿيندو وڃي ٿو.)

ٻاگهي: ڪيڏو نه خوفناڪ آواز هو!

ڪوئل: الائي ڪنهن جو آواز هو!

ٻاگهي: ڇا وقت ڪا خوفناڪ پيشگوئي ٿو ڪري

ڪوئل: ٻانهي.

ٻانهي: جي سائنڻ

ڪوئل: هي ڪنهن جو آواز هو؟

ٻاگهي: سائنڻ روپاه ۾ هڪڙو مست آيو آهي، جيڪو رڙيون ڪري الائجي ڇا ڇا چوندو رهندو آهي.

ٻاگهي: (پنهنجي منهن) گهوٽ گهوڙي چڙهندو... گهوڙا گهوٽ گهائيندا. سنڌ سهاڳڻ ٿيندي...

(اوچتو ٻاهران نغاري جو آواز اچي ٿو ۽ پوءِ چوٻول جيڪو سمجهه ۾ نٿو اچي. ٻاگهي ۽ ڪوئل ٻئي غور سان آواز ٻڌن ٿيون.)

ٻاگهي: پڳ جو فيصلو ٿي ويو. پر الائجي ڇا فيصلو ٿيو؟

ڪوئل: پڳ چاچا چنيسر کي ملي هوندي.

(ٻانهي اندر اچي ٿي.)

ٻانهي: پڳ جو فيصلو ٿي ويو سائنڻ.

ٻاگهي: ڇا فيصلو ٿيو؟

ٻانهي: پڳ ڏيهه ڌڻي دودي کي ملي.

ڪوئل: پڳ بابا کي ملي!؟

ٻاگهي: ۽ چنيسر؟

ٻانهي: چنيسر راڄ جو فيصلو قبول نه ڪيو ۽ ڪاوڙ ۾ اٿي هليو ويو.

ٻاگهي: اسان کي پڪ هئي ته ائين ئي ٿيندو. سنڌ جا سردار چنيسر کي نه پر دودي کي پنهنجو راڄ ڌڻي چونڊيندا.

ڪوئل: پر پڦي سائنڻ، پڳ جو حقدار ته چاچا چنيسر آهي.

ٻاگهي: ها پڳ جو حقدار چنيسر آهي، پر راڄ چنيسر خلاف آهي.

ڪوئل: پر بابا ته ڪيترا دفعا پڳ وٺڻ کان انڪار ڪيو.

ٻاگهي: ها، دودي ڪيترا دفعا پڳ وٺڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ راڄ مون ڏانهن پڳ ڏياري موڪلي ته جيئن مان مهاراڻي تارا ٻائي ۽ هيمون ٻائيءَ جيان حڪومت هلايان. پر ڀائرن جي هوندي ڀينرون پڳ نه پائينديون آهن. ان ڪري مون پڳ چنيسر ڏانهن ڏياري موڪلي، پر راڄ منهنجو فيصلو به قبول نه ڪيو ۽ آخر دودي کي پڳ قبول ڪرڻي پيئي.

(توتاڙي جو آواز اچي ٿو.)

ٻاگهي: سنڌ جو سردار اچي رهيو آهي.

(ٻئي ادب سان بيهي رهن ٿيون. پس منظر ۾ هلڪي شاهاڻي موسيقي اڀري ٿي، دودو اندر اچي ٿو. ٻاگهي اڳتي وڌي دودي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿي، دودو هن جي مٿي تي هٿ رکي ٿو.)

ٻاگهي: راڄ ڌڻيءَ کي سنڌ جي سلطاني مبارڪ هجي.

(ڪوئل اڳتي وڌي دودي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿي.)

ڪوئل: شل اهو سر، سدا سلامت رهي، جنهن تي سنڌ جي پڳ پيئي آهي.

دودو: شل ڌڻي هن سر کي پڳ جو بار کڻڻ جي طاقت ڏي، دودو جبل کي به ڪپهه جون پوڻيون سمجهندو هو پر اڄ دودي جو ڪنڌ پڳ جو بار سهي نٿو سگهي.

ٻاگهي: دودي جو ڳاٽ سدا اوچو. جو ان ڳاٽ سنڌ جي ننگ جو بار کنيو آهي.

دودو: ٻاگهل ٻائي، اسان پشيمان آهيون جو اسان پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي پڳ پاتي آهي.

ٻاگهي: پڳ اوهان پاڻ نه پاتي آهي، پر راڄ اوهان کي پارائي آهي.

دودو: اسان اها ڳالهه هرگز وساري نٿا سگهون ته چنيسر اسان جو وڏو ڀاءُ آهي ۽ هي پڳ چنيسر جي آهي.

ٻاگهي: هيءَ پڳ نه چنيسر جي آهي ۽ نه دودي جي. هيءَ پڳ راڄ جي آهي ۽ راڄ جنهن کي پڳ پارائي سو ئي پڳ جو حقيقي حقدار آهي.

دودو: پر هن پڳ جي ڪري رتَ رتَ جو ويري ٿي پيو آهي.

ٻاگهي: رت دانگيءَ تي به وري پوندو آهي. چنيسر اوهان جو ڪڏهن به ويري نه ٿيندو. (ٿوري دير لاءِ اڻ وڻندڙ ماٺ ڇانئجي ٿي وڃي)

دودو: ٻاگهل ٻائي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته جلد ئي شهزادي ڪوئل ۽ چنيسر جي پٽ ننگر جي شاديءَ جو ڏينهن ٻڌون. (ڪوئل پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي گهونگهٽ ڪڍي هلي وڃي ٿي.) شاديءَ تي سنڌ جي سڀني سردارن کي سڏائينداسين ۽ سڀني جي اڳيان اعلان ڪنداسين ته اسان کانپوءِ سنڌ جي پڳ جو وارث اسان جو پٽ منگر نه پر چنيسر جو پٽ ننگر ٿيندو.

(چنيسر اندر اچي ٿو)

چنيسر: مون کانسواءِ ان پڳ جو مالڪ ڪير به ٿي نٿو سگهي.

دودو: ڀاءُ چنيسر....

چنيسر: (دودي جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي) اسان کي پنهنجو ڀاءُ نه چئه، پاڻ کي اسان جو ڀاءُ چئي تون ڀائپيءَ جي مقدس رشتي جي توهين ٿو ڪرين.

دودو: چنيسر ڀاءُ، اسان توکي پنهنجو ڀاءُ ڪيئن نه سڏيون، تون ته اسان جو رت آهي، اسان جو جگر آهين.

چنيسر: اسين به توکي پنهنجو جگر سمجهندا هئاسين. ننڍپڻ ۾ تون ڌڪو کائيندو هئين ته اسان توکي ڇاتيءَ سان لائيندا هئاسين، توکي ڪا تڪليف ٿيندي هئي ته اسان کي سيني مان سور جي سٽ نڪرندي هئي. پر اڄ اسان کي خبر پئي ته اسان تنهنجا ڀاءُ ٿي نٿا سگهون. انڪري جو تون ٻي ماءُ مان آهين ۽ اسان ٻي ماءُ مان.

دودو ۽ ٻاگهل: چنيسر ڀاءُ!

ٻاگهي: اسان جي ماءُ ته هن ديس جي ڌرتي آهي. اسان جي ماءُ جي ٿڃ ته مهراڻ جو پاڻي آهي. اسان سڀني هن ڌرتيءَ جي ٿڃ پيتي آهي. اسين سڀ پاڻ ۾ سڳا ڀائر ۽ سڳيون ڀينرون آهيون.

چنيسر: اسان به ائين ئي سمجهندا هئاسين. اسان سمجهندا هئاسين ته دودو اسان جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ آهي. اسان جي زرهه ۽ اسان جي ڍال آهي. اسان تي ويريءَ جو وار ٿيندو ته اهو وار دودو پنهنجي سيني تي جهليندو پر تو ته الٽو اسان تي وار ڪيو.

دودو: چنيسر ڀاءُ، منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي.

چنيسر: ڏوهه ته اسان جو آهي جو اسان تو ويريءَ کي پنهنجو واهرو سمجهيو ۽ توکي وار ڪرڻ جو وارو ڏنو. پر ياد رک دودا اسان توکان ضرور بدلو وٺنداسين.

ٻاگهي: چنيسر ڀاءُ اهڙا ويڻ واتان نه ڪڍ. ڀاءُ ڀاءُ جي خلاف ٿيندو ته سنڌ جي سينڌ اجڙي ويندي.

چنيسر: سنڌ جي سينڌ اجڙي وئي ته پرواهه نه آهي، اسان کي اسان جي پڳ ته ملندي.

ٻاگهي: ڀاءُ، ڏهاڳڻ سنڌ جي پڳ پائي ڇا ڪندين.

چنيسر: اسان کي پڳ گهرجي پوءِ اها ڏهاڳڻ سنڌ جي هجي يا سهاڳڻ سنڌ جي.

ٻاگهي: ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي. توکي ماءُ کان وڌيڪ پڳ پياري آهي.

چنيسر: پڳ مرد جي عزت ٿيندي آهي ۽ اسان کي پنهنجي عزت کان وڌيڪ ڪا شيءِ پياري ڪانهي.

ٻاگهي: (هلڪي جوش ۾) هيءَ پڳ تنهنجي نه آهي پر راڄ جي آهي ۽ راڄ اها پڳ دودي کي ڏني آهي. هينئر ان پڳ جو مالڪ دودو آهي.

چنيسر: مان دودي جي پڳ لاهيندس.

ٻاگهي: چنيسر! ياد رک ته ڀيڻ جا هٿ جيڪي هميشه ڀائرن جي دعا لاءِ کڄندا آهن توکي رت ۾ ڳاڙهو ڪندا.

چنيسر: مون کي اڪيلو ڏسي اڄ ٻانهيون پائيندڙ هٿ به مون کي ڌمڪيون ٿا ڏين. پر ياد رک ته چنيسر جي رڳن ۾ به سومرن جو رت آهي. مان اوهان ٻنهي کان بدلو وٺندس.

ٻاگهي: چنيسر.... چنيسر......

(چنيسر کي ٻانهن کان جهلي ٿي. چنيسر هن جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائي ڪاوڙ ۾ هليو وڃي ٿو. غمناڪ موسيقي اڀري ٿي. دودو اڳتي وڌي ڀيڻ کي سهارو ڏي ٿو. (پردو ڪري ٿو.)

 

ڏيک ٻيو

(ساڳيو منظر. ڪوئل ڇپر کٽ تي ويٺي آهي ۽ ٻاگهي دريءَ وٽان ٻاهر پئي نهاري. ٻاگهي دريءَ کان هٽي ٿي ۽ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي منهن چئي ٿي.)

ٻاگهي: اوڀر سارو اوندهه آهي ۽ اولهه انڌوڪار

ڏکڻ سارو ڏهڪاءُ

اتر کان اوپرن گهوڙن جي هڻڪار ٿي اچي....

اهي ڪهڙا اوپرا گهوڙا آهن جيڪي اتر کان هڻڪاريندا اسان ڏانهن ٿا اچن ۽ جيڪي اسان جي گهوٽن کي گهائيندا.

ڪوئل: سنڌ جا گهوٽ سدا سلامت رهن. کين ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳي.

ٻاگهي: هير مان رت جي هٻڪار ٿي اچي. ڪوئل ڇا توکي به هير مان رت جي هٻڪار ٿي اچي.

ڪوئل: اسان کي ته هير مان تازن ٽڙيل مکڙين جي هٻڪار ٿي اچي.

ٻاگهي: شل سنڌ ۾ سدا تازيون مکڙيون ٽڙنديون رهن ۽ انهن کي ڪڏهن جهولي جي لهس نه اچي.

ڪوئل: پڦي سائڻ، مست ته اجايون سجايون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. اوهان هڪڙي مست جي ڳالهه کي اجايو دل تي ڇو کنيو آهي.

ٻاگهي: اسان کي مست جي آواز مان وقت جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو. هن جي ڳالهه ٻڌي اسان کي ائين لڳو ڄڻ زماني جو ضمير ڳالهائي رهيو هو.

(دودو اندر اچي ٿو.)

دودو: ڀائرن جون اکيون هميشه ڀينرن کي مرڪندو ڏسڻ لاءِ مانديون هونديون آهن پر اڄ اسان جون اکيون ڀيڻ جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جون ليڪون ڏسي رهيون آهن.

ڪوئل: بابا سائين جڏهن کان چاچا چنيسر ناراض ٿي ويو آهي. تڏهن کان پڦي سائنڻ جي ننڊ ڦٽي وئي آهي.

دودو: چنيسر جي ناراضگي اسان کان به ننڊ کسي ڇڏي آهي.

ٻاگهي: اسان ٻڌو آهي ته چنيسر سنڌ ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويو آهي.

دودو: ها، چنيسر اسان کان ڏمرجي اسان کي اڪيلو ڇڏي ويو آهي.

ٻاگهي: چنيسر جي وڃڻ کانپوءِ اسان بيحد پريشان آهيون اسان کي ڊپ آهي ته متان چنيسر ڪو ڌاريو ڪٽڪ نه ڪاهي اچي.

دودو: (کلي) چنيسر ڪڏهين ائين نه ڪندو.

ٻاگهي: اسان کي هن جي ڳالهه مان بغاوت جي بوءِ ٿي آئي.

دودو: چنيسر اسان کان بغاوت ڪري سگهي ٿو پر ڪڏهن به پنهنجي ديس کان بغاوت نه ڪندو.

ٻاگهي: جڏهن کان چنيسر ويو آهي، اسان جو من مونجهو ٿي پيو آهي. اسان کي وهم وڪوڙي ويا آهن ۽ اسان کي ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي ملڪ تي ڪا مصيبت اچڻي آهي.

دودو: مصيبتن کي منهن ڏيڻ مڙس جو مَرڪ آهي. اسان هر مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ٻاگهل ٻائي اسان توکي هڪڙي خوشخبري ٻڌائڻ ٿا چاهيون.

ٻاگهي: ڇا چنيسر موٽي آيو؟

دودو: ڌڻي ڪندو ته اها خوشخبري به ٻڌنداسين. پر في الحال اسان توکي ٻي خوشخبري ٻڌائڻ ٿا چاهيون.

ٻاگهي: جلدي ٻڌاءِ ڀاءُ، اسان جي وهمن وهيڻي ۽ ڏکن هاڻي دل خوشي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ماندي آهي.

دودو: (ڪوئل کي) ڪوئل ڌيءَ، اسان ڀيڻ ٻاگهل سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ ٿا چاهيون.

ڪوئل: (ڪنڌ جهڪائي) جيڪو حڪم بابا سائين. (ڪوئل وڃي ٿي.)

دودو: ٻاگهل ٻائي، اسان ڪوئل ۽ ننگر جي شاديءَ جو ڏينهن ٻڌي ڇڏيو آهي. مٿئين مهيني جي چنڊ رات اسان سندن شادي ڪرائينداسين.

ٻاگهي: شل سنڌ جا سڀئي گهوٽ گهوڙي چڙهن ۽ سهاڳڻيون سهاڳ ماڻين.

دودو: اسان سنڌ جي سڀني سردارن ڏانهن دعوتون ڏياري موڪليون آهن. نڪاح کان پهرين اسان ننگر جي ولي عهديءَ جو اعلان ڪنداسين.

(ٻانهي اندر اچي ٿي)

ٻانهي: ڏيهه ڌڻي، شهزادو ننگر اوهان جا پير ڇهڻ ٿو چاهي.

دودو: ٻانهي، پنهنجن کي ڪڏهن به در کان ٻاهر نه بيهاربو آهي. شهزادي ننگر کي يڪدم اندر آندو وڃي.

(ٻانهي وڃي ٿي. هلڪي وقفي کان پوءِ ننگر اچي ٿو.)

ننگر: ٻانهون ننگر سنڌ جي سردار جا پير ٿو ڇهي.

دودو: ننگر، تون پاڻ کي ٻانهون چئي اسان کي ڏک ٿو پهچائين. تون اسان جو ٻانهون نه پر اسان جو ٻانهن ٻيلي آهين. ننگر پٽ، اسان مٿئين مهيني جي چنڊ رات جو تنهنجي ۽ شهزادي ڪوئل جي شادي جو ڏينهن ٻڌي ڇڏيو آهي. ان ڏينهن سنڌ جا سڀئي سردار اچي گڏ ٿيندا ۽ اسان سڀني سردارن جي اڳيان توکي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪنداسين. (هلڪو وقفو) پر تون ڪجهه پريشان ٿو نظر اچين.

ننگر: ڏيهه ڌڻي، اهڙي ڳالهه آهي جيڪا ٻڌائيندي لڄ ٿي اچيم.

ٻاگهي: (گهٻرائجي) ڪهڙي ڳالهه؟

دودو: اسان سومرن اڄ تائين ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي جنهن جي ڪري اسان کي لڄ اچي.

ننگر: پر چاچا سائين، هينئر اهڙي ڳالهه ٿي آهي، جنهن جي ڪري اسان جا اوچا ڳاٽ جهڪي پيا آهن.

دودو: دنيا جي ڪا طاقت اسان جي اوچي ڳاٽ کي جهڪائي نٿي سگهي. اسان جا ڳاٽ وڍجي سگهن ٿا، پر ڪڏهن به جهڪي نٿا سگهن.

ننگر: ڏيهه ڌڻي. بابا سائين اوهان جي خلاف دهليءَ دانهن کڻي ويو آهي.

ٻاگهي: چنيسر دهلي دانهن کڻي ويو آهي!

ننگر: بابا سائين. الادين کان مدد وٺي اسان جي ديس تي ڪاهي ايندو.

دودو: اهو ڪوڙ آهي. چنيسر ڪڏهن به ائين نه ڪندو. هو پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ کي، پنهنجي ماءُ کي، ڌارين جي قدمن هيٺان ڪڏهين نه لتاڙيندو.

ٻاگهي: (پنهنجي منهن) اتر کان اوپرن گهوڙن جي هڻڪار ٿي اچي. هير مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي.

ننگر: ڏيهه ڌڻي. اهو سچ آهي، اسان کي پڪيءَ طرح خبر پئي آهي ته بابا سائين دهليءَ مان مدد وٺڻ ويو آهي.

ٻاگهي: چنيسر تنهنجو ڪيئن کير کريو جو ڌارين وٽ دانهين ٿئين.

دودو: سومرن جو کير کري نٿو سگهي، سنڌ جي ڌرتي اهڙو پٽ ڄڻي نٿي سگهي. اهو ڪوڙ آهي. اسان جي ڀاءُ تي بهتان آهي. چنيسر ڪڏهن به ائين نه ڪندو، پر جي هن ائين ڪيو به ته الادين ڪڏهن به هن جي مدد نه ڪندو ڇاڪاڻ ته الادين سان اسان جا دوستيءَ جا ناتا آهن.

ٻاگهي: چنيسر تو هي ڇا ڪيو. تون پنهنجي ديس تي، پنهنجي ماءُ تي ڪٽڪ ڪاهي ايندين ۽ ملڪ جي مائرن جون جهوليون ويران ڪندين، سهاڳڻين جا ڳاڙها گهوٽ ڪهائيندين.

ننگر: مائرن جون جهوليون ان ڏينهن لاءِ سايون ٿينديون آهن ته جيئن سندن ٻچڙا ملڪ لاءِ مرن. سهاڳڻيون ان ڏينهن لاءِ سهاڳ ماڻينديون آهن ته جيئن سندن گهوٽ وطن لاءِ رت ۾ ڳاڙها ٿين.

دودو: (دودي کان دانهن نڪري وڃي ٿي اڳتي وڌي هن کي ڪلهن کان جهلي ٿو) تنهنجي رت ۾ مهراڻ واري مستي آهي. جنهن ديس جون مائرون تو جهڙا پٽ ڄڻي سگهن ٿيون، تنهن ديس ڏانهن ڪو به اک کڻي نٿو سگهي. ٻاگهل، ڀيڻ ڊپ جي ڪا ڳالهه ڪانهي جو ڊپ اسان سکيا ئي نه آهيون. مائرن اسان کي موت جون لوليون ڏنيون  آهن ۽ موت اسان کان پناهه گهرندو آهي. جنگ جو ميدان اسان جي سيج آهي، جنهن کي اسان پنهنجي رت سان سينگاريندا آهيون. پر جي ڪنهن ابتيءَ اک سان اسان جي ديس ڏانهن نهاريو ته پوءِ اسين شهباز وانگر لامارو ڏيئي هن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. جنگ ۽ ننگر جي شاديءَ جي تياري ڪئي وڃي. اسان جو ننگر يا موت سان لائون لهندو يا اسان جي ڌيءُ ڪوئل سان!

 

ڏيک ٽيون

 

(دودي جي درٻار، سنڌ جا سڀئي سردار ويٺا آهن. دودي جي گاديءَ جي هڪ طرف ننگر ويٺو آهي. ٻئي طرف منگر، دودو جي آمد جو اعلان ٿئي ٿو.)

درٻارن جو آواز: اکيون نوايو، ڪنڌ جهڪايو، سنڌ جو سورهه ڌرتيءَ جو دلارو، جوڌن جو جوڌو، سورهن جو سورهه، سرويچ، پڳ ڌڻي سومرو سردار..... دودو اچي رهيو آهي.

(درٻاري اٿي بيهن ٿا. دودو اندر اچي ٿو ۽ گاديءَ تي ويهي ٿو. سڀئي درٻاري ويهن ٿا.)

دودو: سنڌ جا سورهه ۽ صلح پسند سردارو! اسان لاءِ اڄوڪو ڏينهن وڏي خوشيءَ جو ڏينهن آهي. اڄ اسان پنهنجي ڀائٽي. چنيسر جي پٽ ننگر سان پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڪري کيس پنهنجو پٽ بڻائي رهيا آهيون ۽ ان خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوهان اسان وٽ پير ڀري آيا آهيو، اسان اوهان سڀني کي آجيان ٿا چئون.

اڄ اسان هڪڙو اهم فيصلو ڪرڻ وارا آهيون، پر فيصلي ڪرڻ کان اڳي اسين اوهان کان صلاح وٺڻ ٿا چاهيون جو اڄ تائين اسان ڪو به فيصلو راڄ جي صلاح کانسواءِ نه ڪيو آهي. اوهان کي خبر آهي ته سنڌ جي پڳ جو حقدار چنيسر هو پر اوهان اها پڳ مون کي ٻڌرائي. ان ڳالهه تان اسان جو ڀاءُ، اسان جو جگر، اسان جو رت، اسان کان رسي ويو آهي. هينئر اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسان کان پوءِ پڳ جو وارث اسان جو پٽ منگر نه پر چنيسر جو پٽ ننگر ٿيندو.

(چوٻول)

هڪ سردار: ننگر پڳ جو وارث ٿيندو؟

ٻيو سردار: ننگر ڪيئن وارث ٿي سگهي ٿو؟

ٽيون سردار: پڳ جو وارث ته دودي جو پٽ منگر آهي.

ننگر: (اٿي بيهي ڪنڌ جهڪائي) ڏيهه ڌڻي. پڳ جو وارث ته منگر آهي. منگر منهنجو ڀاءُ آهي ۽ مان پنهنجي ڀاءُ جو حق کسڻ نٿو چاهيان.

منگر: ڏيهه ڌڻي، اسان کي اوهان جو فيصلو منظور آهي.

سڀ سردار: اسان کي منظور آهي. اسان کي راڄ ڌڻي جو فيصلو قبول آهي.

دودو: اسان کي اوهان مان اها ئي اميد هئي ته اوهين اسان جو چيو نه موٽائيندؤ. هاڻي اسان کي اوهان سان هڪڙي ٻي صلاح ڪرڻي آهي. اسان ٻڌو آهي ته اسان جو ڀاءُ چنيسر اسان جي خلاف دهليءَ دانهن کڻي ويو آهي.

(چوٻول)

هڪ سردار: چنيسر دهلي دانهن کڻي ويو آهي؟

ٻيو سردار: ڪو سنڌي ماءُ ڄائو ڌارين وٽ دانهن کڻي وڃي نٿو سگهي.

دودو: اسان کي يقين آهي ته اهو ڪوڙ آهي ۽ ڪو به سنڌي ائين ڪري نٿو سگهي. پر جي چنيسر واقعي ائين ڪيو آهي ته اسان کي پڪ آهي ته الادين هن جي ڪا مدد نه ڪندو جو اسان جا الادين سان دوستيءَ جا ناتا آهن.

هڪڙو سردار: جي الادين ڪٽڪ ڪاهي آيو ته پوءِ؟

دودو: ته پوءِ پهرين اسين هن سان صلح جون ڳالهيون ڪنداسين ڇاڪاڻ جو اسان جو ديس امن جو ديس آهي ۽ اسين ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندا آهيون. اسان جي ملڪ جي مٽيءَ ۾ محبت جي ميٺاج آهي، پر جي الادين اسان سان ارڏائي ڪئي ته پوءِ اسان جي ديس جو ٻچو ٻچو هن لاءِ موت بڻجي ويندو.

هڪڙو سردار: سنڌ کي فخر آهي ته سنڌ دودي جهڙو پٽ ڄڻيو آهي.

دودو: هاڻي شاديءَ جي رسم پوري ڪئي وڃي.

(پس منظر ۾ شرناين ۽ دهلن جو آواز اڀري ٿو. دودي جي خدمت ۾ پڳ آندي وڃي ٿي دودو اٿي ننگر کي پڳ جو پهريون ور ڏئي ٿو. پوءِ هر هڪ سردار اٿي پڳ جو ور ڏي ٿو. ان کانپوءِ تلوار آندي وڃي ٿي. تلوار هڪڙي سردار کي ڏني وڃي ٿي. سردار تلوار جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي تلوار ٻئي سردار کي ڏي ٿو. ائين سڀئي سردار واري وٽيءَ سان ڪنڌ نوائي تلوار کي اڳتي وڌائيندا رهن ٿا، تلوار دودي وٽ پهچي ٿي. دودو اها تلوار ننگر کي ڏئي ٿو. وري موڙ آندا وڃن ٿا. دودو پنهجي هٿن سان ننگر کي موڙ ٻڌي ٿو. عين ان وقت ٻاهران جنگ جي نغاري جو آواز اچي ٿو دودي جي هٿن مان موڙ ڪري پون ٿا.)

دودو: شاديءَ جي شرناين ۾ جنگ جو نغارو.

سردارن جو چوٻول: جنگ جو نغارو!

(ننگر منهن تان موڙ هٽائي جنگ جو نغارو ٻڌي ٿو. سپاهي اندر اچي ٿو)

سپاهي: ڏيهه ڌڻي. الادين جي سپه سالار سالار خان جي فوج سنڌ کي وڪوڙي وئي آهي.

دودو: اهو ئي ٿيو جنهن جو اسان کي انديشو هو.

(سردار تلوارون ڪڍن ٿا)

هڪڙو سردار: اسان هنن جا ڪنڌ لڻنداسين.

ٻيو سردار: اسان هنن جي رت سان پنهنجين تلوارن کي ڳاڙهيون ڪنوارون بڻائينداسين.

ٽيون سردار: اسان ننگر جي هٿن تي مينديءَ جي بدران سالار خان جو رت لڳائينداسين.

دودو: تلوارن کي مياڻ مان نه ڪڍو ته ڪٿي اوهان جي تلوارن جي دهشت کان ڌرتي دهلجي نه وڃي. اڃان تلوارن کي مياڻ مان ڪڍڻ جو وقت نه آيو آهي. اسين امن پسند آهيون. اسين اهو معلوم ڪرڻ ٿا چاهيون ته سالار خان امن ٿو چاهي يا جنگ.

(سپاهي اندر اچي ٿو)

سپاهي: ڏيهه ڌڻي. سالار خان جو نمائندو اوهان جا پير چمڻ ٿو چاهي.

دودو: هن کي يڪدم اندر آندو وڃي.

(نمائندو اندر اچي ٿو)

اسين مهمان جو آڌر ڀاءُ ٿا ڪريون.

نمائندو: سالار خان اوهان کي سلام ڏنا آهن.

دودو: اسان سندس سلام قبول ٿا ڪريون ۽ پڇڻ ٿا گهرون ته سالار خان امن ٿو چاهي يا جنگ.

نمائندو: امن عاليجاهه.

دودو: ته پوءِ سنڌ جي ڌرتي هن لاءِ دسترخوان آهي.

نمائندو: سالار خان اوهان جي دوست شهنشاهه الادين وٽان پيغام آندو آهي ته سنڌ جي سرداري جي پڳ چنيسر کي ڏني وڃي.

دودو: اسان کي الادين جي دوستيءَ لاءِ عزت آهي. پر هن کي اسان جو گهرو ڳالهين ۾ دست اندازي ڪرڻ جو حق ڪونهي. سنڌ جي پڳ جو فيصلو سنڌ جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي ۽ نه الادين کي.

نمائندو: سالار خان شهنشاهه الادين وٽان اوهان لاءِ خوشيءَ جو پيغام به آندو آهي.

دودو: اسان اهو ٻڌڻ ٿا چاهيون.

نمائندو: اوهان جي ڀاءُ چنيسر شهنشاهه الادين جي دوستيءَ کي مائٽي ۾ بدلائڻ جي آڇ ڪئي آهي.

دودو: اسان ڳالهه نه سمجهي.

نمائندو: چنيسر پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جو سڱ الادين کي آڇيو آهي ۽ الادين اهو سڱ قبوليو آهي.

دودو: خاموش بدزبان (جوش ۾ اٿي بيهي ٿو) ڇا الادين کي خبر نه آهي ته جيڪو سنڌ جي نياڻيءَ جو نانءُ وٺندو آهي تنهن جي اسان زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي ڇڏيندا آهيون. ڇا هن کي خبر نه آهي ته اسين ماٺيڻا ۽ محبتي ماڻهو جڏهن جوش ۾ ايندا آهيون ته جبل ذريون ذريون ٿي اڪ جي ڦلڙن جيان آسمان ۾ اُڏامندا آهن ۽ عرش جا ڪونگرا ڪري پوندا آهن. ڇا هن کي خبر ڪانهي ته اسين ٻرندڙ جبل آهيون ۽ جڏهن ڦاٽ کائيندا آهيون ته هر طرف باهه وسڻ لڳندي آهي. اسان جي دهشت کان ڌرتي ڌُٻندي آهي، ڪائنات ڪنبندي آهي ۽ آسمان ڏري پوندو آهي. (ساهه پٽي هيٺاهين آواز ۾ چئي ٿو)

جنگ جو اعلان ڪيو وڃي. اڄ اسان جو ننگر گهوٽ موت جي سيج تي چڙهندو ۽ موت سان لائون لهندو.

 

ڏيک چوٿون

 

(سارو محل ڪنوار وانگر سينگاريل آهي. شمعدانن جي جهڪي روشنيءَ ۾ اگر بتين جو هلڪو هلڪو دونهون ماحول کي ننڊاکڙو ٿو بڻائي. ٻن درين جي وچ ۾ واري هنڌ سينگاريل سيج تي ڪوئل ڪنوار ٿي ويٺي آهي. پس منظر ۾ شهنائي جا ويڳاڻا ۽ ڏکويل سر گونجن ٿا. ننگر اندر اچي ٿو. هن جي هٿن ۾ موڙ آهن. ڪوئل ننگر کي ڏسي هوريان هوريان سيج تان اٿي ٿي ۽ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندي ننگر جي ويجهو اچي ٿي.)

اڄ اسان جي سهاڳ رات آهي. هيڏانهن شرنايون پيون وڄن ۽ هوڏانهن جنگ جو نغارو، گهوٽ وَڃُ ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڳاڙهو گهوٽ ٿيءُ.

ننگر: شل ديس لاءِ مران، مري وري جيئان ۽ وري مران. ائين مري وري جيئندو ۽ جي وري مرندو رهان (هن جي منهن تان موڙ ڪري ٿا پون)

ڪوئل: (جهڪي موڙ کڻي ٿي) ڪنوارون گهوٽن جي حياتيءَ لاءِ دعائون گهرنديون آهن پر جڏهن ڌرتي ماءُ جي لڄ لتاڙي ويندي آهي تڏهن ڪنوارون به گهوٽن لاءِ دعا گهرنديون آهن ته شل هنن گلن جهڙا گهاؤ لڳنئي. شل هنن مينديءَ رتل هٿن جيان رت ۾ ريٽو ٿئين.

ننگر: شل پنهنجي رت سان  پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جا اهي گهاوَ ڌوئان. جيڪي ڌارين گهوڙن جي سُنبن هن کي ڏنا آهن.

ڪوئل: شل سڀئي گهاءَ سيني ۾ لڳنئي ۽ ڪو گهاءُ پٺي ۾ نه لڳئي. (نغارو وڄي ٿو) وڃ ڪانڌ وڃي گهوڙي چڙهه ۽ ويرن کي وڍيندو سرهو ٿي سيج ماڻ.

(ننگر وڃي ٿو. ڪوئل اڪيلي رهجي وڃي ٿي. هن جي اکين ۾ لڙڪ ۽ چپن تي مرڪ آهي. هوءَ آهستي آهستي وکون کڻندي نڪري وڃي ٿي. دودو اندر اچي ٿو. هو به حسرت ڀريل نظرن سان ڪوئل جي اجڙيل سيج ڏانهن ڏسي ٿو. ٻاگهي اندر اچي ٿي. هو به حسرت ڀرين نظرن سان ڪوئل جي اجڙيل سيج ڏانهن ڏسي ٿي ۽ پوءِ ڀاءُ ڏانهن نهاري ٿي جيڪو ڌيءَ جي اجڙيل سيج ڏانهن ڏسي رهيو آهي. ٻاگهيءَ جي اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن. هوءَ رئي جي پلاند سان لڙڪ اگهندي، ننڍيون وکون کڻندي ڀاءُ ڏانهن وڌي ٿي ۽ هن جي ڪلهي تي هٿ رکي ٿي.)

ٻاگهي: اڄ سنڌ جي الائجي گهڻن سهاڳڻين جون سيجون ويران ٿينديون ۽ الائجي گهڻن گهوٽن جي موڙن جا گل ڪومائبا.

دودو: سهاڳڻين جون سيجون ويران ٿينديون پر سنڌ جي سيج سينگاربي. گهوٽن جي موڙن جا گل ڪومائبا پر جتي جتي گهوٽن جو رت ٽمندو، اتان اتان ڳاڙها گل ڦٽندا جيڪي گل سنڌ جون سهاڳڻيون سهاڳ رات جو پنهنجن چوٽن ۾ سجائينديون.

ٻاگهي: ڀاءُ ڇا جنگ کي ٽاري نٿو سگهجي. انساني رتوڇاڻ جي راند کي روڪي نٿو سگهجي.

دودو: (دانهن ڪري) ٻاگهل ڀيڻ!

ٻاگهي: (يڪدم چوي ٿي) ڀاءُ، سنڌ ڏاڍا سور ڏٺا آهن. تاريخ جا ڏاڍا ظلم سٺا آهن. جنگيون، باهيون، ڪونڌرن جو ڪوس. ڌرتيءَ جي چپي چپي تي سنڌ جي بي گناهه ٻچڙن جو رت وٺو آهي جيڪو رت ناسور بڻجي سنڌ جي سيني ۾ چڪي رهيو آهي. سنڌ کي نوان ناسور نه ڏئي ڀاءُ. ديس جا ڪونڌر نه ڪهاءِ.

دودو: نياءُ ازل کان انياءُ سان اٽڪندو آيو آهي. جي اڄ سنڌ پنهنجا ڪونڌر نه ڪهايا ته پوءِ هميشه سنڌ جي نياڻين جي لوئن ڏانهن هٿ وڌندا ۽ انهن هٿن کي وڍڻ وارو ڪونه هوندو.

ٻاگهي: هن جنگ ۽ هن انساني ڪوس جو ڪارڻ مان آهيان. مان پنهنجو پاڻ کي سنڌ لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

دودو: تون اها ٻاگهي نه آهين ڀيڻ جنهن جو الادين اسان کان سڱ گهريو آهي پر اها ٻاگهي سنڌ آهي ۽ الادين اسان کان سنڌ جو سڱ گهريو آهي.

ٻاگهي: جي جنگ جو ڪارڻ مان نه آهيان پر سنڌ آهي ته پوءِ مان پنهنجي مٿي تان گندي لاهي قسم ٿي کڻان ته تيسين پنهنجو اگهاڙو مٿو نه ڍڪينديس جيسين توهان ۽ ننگر وطن لاءِ وڙهي سوڀ حاصل نه ڪندو يا ساهه نه ڏيندوءُ.

دودو: (پڳ لاهي ٿو) اسان به اڄ پنهنجي پڳ لاهي قسم ٿا کڻون ته جيسين پنهنجي ديس جي نياڻين جا اگهاڙا مٿا نه ڍڪينداسين تيسين پڳ جو ور نه ڏينداسين.

(ٻاگهي اڳتي وڌي ٿي ۽ سامهون ڀت تي ٽنگيل تلوار آڻي دودي کي ڏي ٿي. دودو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو ۽ تلوار کڻي، سٽ ڏيئي تلوار کي مياڻ مان ڪڍي ٿو، اوچتو ڪڪرن جي گجگوڙ ٿئي ٿي ۽ وڄ چمڪي ٿي.)

دودو: هن تلوار سان سومرن سهسين سالن تائين سنڌ جي ست جي حفاظت ڪئي. هن تلوارن سان اسان ويرن کي وڍيو ۽ ڏونگرن کي ڏاريو ۽ پوءِ جڏهن اسان جي ديس ۾ هر طرف سک ئي سک ٿي ويو. جڏهن ڌرتيءَ تي سونا سنگ جهولڻ لڳا، هوائن ۾ گيت گونجڻ لڳا. سهاڳڻين سهاڳ ماڻيو ۽ ٻارڙا مائرن جي جهولين ۾ هونگڙيون ڏيڻ لڳا. تڏهن اسان هن تلوار کي مياڻ ۾ وجهي ڇڏيو، پر اڄ اسان وري هن تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو آهي جو اڄ ويريءَ ميريءَ اک سان اسان جي ننگ ڏانهن نهاريو آهي. ڌارين گهوڙن جي سُنبن اسان جي ديس جي ڌرتيءَ کي گهايو آهي.

(دودو ڀيڻ ڏانهن نهاري ٿو ۽ هن جي اگهاڙي مٿي تي هٿ رکي چئي ٿو.)

اسان کي قسم آهي سنڌ جي نياڻيءَ جو، قسم آهي پنهنجي ديس جي مٽيءَ جو ته اسان هن تلوار سان ويرن کي وڍي ۽ ڏاڍن کي ڏاري ڇڏينداسين.

(دودو تکو تکو ٻاهر هليو وڃي ٿو، پردو ڪري ٿو.)

 

ڏيک پنجون

 

(ساڳيو منظر، ڪوئل جي سيج ويران آهي. ٻاگهي ۽ ڪوئل دريءَ مان جنگ جو منظر ڏسي رهيون آهن. ڪوئل ڪنوار جي لباس ۾ آهي ۽ ٻاگهيءَ کي ڪارو ماتمي لباس پاتل آهي. ٻنهي جا مٿا اگهاڙا آهن. دريءَ کان ٻاهر تلوارن، تيرن، ماڻهن جي رڙين، دانهن ۽ گهوڙن جي هڻڪارن ۽ سُنبن جا آواز ٿا اچن. ڌوڙ ٿي اڏامي ۽ رکي رکي وڄ ٿي چمڪي ۽ ڪڪر ٿا گجن.)

ٻاگهي: جنگ جاري آهي. اڄ سومرن سرويچن جي دهشت کان ڌرتي ٿي ڌٻي، آسمان ٿو ڪنبي.

ڪوئل: ڪانن جا ڪڙڪا ته ٻڌ، اڀ ٿو گجي.

ٻاگهي: تلوارن جا چمڪا ته ڏس، ڄڻ وڄون ٿيون وراڪا ڏين.

ڪوئل: گهوڙا ٿا هڻڪارين، گهوٽ ٿا نچن.

ٻاگهي: ڏس، ڪنڌ ته ڪيئن ٿا ڪرن، ڌڙ ٿا ڌوڙ ۾ ليٿڙن، پوءِ به گهوٽ اڻ موٽ اڳتي وڌندا ٿا وڃن.

ڪوئل: اڄ ڳاڙها گهوٽ گهوڙي چڙهيا آهن، هنن جا ڳاٽ ته ڏس، جهڙا عرش جا ڪونگرا.

ٻاگهي: ڌرتيءَ تي ڳاڙهو ڳاڙهو رت ته ڏس، جهڙو ڪنوار جي هٿن تي مينديءَ جو رنگ.

ڪوئل: ڏس، منهنجو ننگر گهوٽ ميدان ۾ لٿو آهي. هاڻي ڳچيون ڳچ ٿينديون. تيرن ۽ تلوارن جي مينهن ۾ هن جي منهن تي مرڪ ته ڏس.

ٻاگهي: هينئر هن تلوار هلائڻ شروع ڪئي آهي. هو ڪنڌ لڻيندو، ڳاٽ وڍيندو وڌندو ٿو وڃي.

ڪوئل: هينئر موت به هن کي روڪي نٿو سگهي. دشمن جي فوج ۾ به ٽاڪوڙو پئجي ويو آهي. ننگر، جُنگ جُوان اڄ موت کي به مات ڪندو.

ٻاگهي: هن جي دهشت کان ڌرتي دهلجي وئي آهي. ساري خدائي ٿرٿلي ۾ آهي.

ڪوئل: هو شينهن وانگر گجندو، ڳڙي وانگر وسندو، واچوڙي وانگر وڪوڙيندو وڌندو ٿو وڃي.

ٻاگهي: دشمن جون دانهون ته ٻڌ موت به الامان الامان پيو ڪري.

ڪوئل: ڏس، هن کي پهريون گهاءُ لڳو آهي، ته به پيو مرڪي! هاڻي هن جو منهن ٽامڻي هڻي ويو آهي. هو دشمن جي قطارن کي ڪپيندو، ويرين کي وڍيندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي.

ٻاگهي: هاڻي ته ڪجهه نظر نٿو اچي. هر طرف رئي ۽ راؤ آهي.

(ڪوئل دريءَ کان هٽي اچي ٿي ۽ ٻاگهل به هٽي ٿي. ايتريءَ ۾ هڪڙو پيغامي اندر اچي ٿو. هن جا ڪپڙا ۽ پير رت ۾ ڀريل آهن، ٻُٽ ٻڌل اٿس. ٻاگهي هن کان پڇي ٿي)

ٻاگهي: جنگ جو ڇا ٿيو؟

پيغامي: جنگ جاري آهي. دشمن گهڻائي ۾ آهي ۽ اسين ٿورائي ۾، پر ته به فتح اسان جي آهي.

ٻاگهي: جنگ جذبي سان ڪئي ويندي آهي ۽ نه فوج جي گهڻائي يا ٿورائيءَ سان، جي اسان هار به کاڌي ته اها هار اهڙي هوندي جو وري ڪو ماءُ ڄائو سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي نه نهاريندو.

پيغامي: ڏيهه ڌڻي دودي حڪم ڏنو آهي ته جي اسان هار کائون ته اوهان کي ڀاڳو ڀان سان ممٽ ابڙي ڏانهن موڪليو وڃي جو ابڙا سامن لاءِ سِرَ ڏيندا آهن.

(پيغامي ڪنڌ جهڪائي پٺيان پير ڪري نڪري وڃي ٿو. ٻه ٻيا پيغام اندر اچن ٿا. هنن کي ٻه ٻُٽون ٻڌل آهن ۽ سندن لباس رت ۾ ڳاڙهو آهي.)

ڪوئل: جنگ جو ڇا ٿيو؟

هڪڙو پيغامي: جنگ جاري آهي. سنڌي سورمن ڪوس ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنگ جو ميدان رت جو درياء ٿي ويو آهي.

ٻيو پيغامي: چنا دشمن کي چيلاٽن وانگر چهٽي ويا آهن.

پهريون پيغامي: سومرا، سما ۽ سهتا پيئڻ وانگر دشمن جو ساهه ٿا پيئن.

ٻيو پيغام: ڳاهيجا ڳوڌن وانگر ڳاهه ٿا ڳاهن.

پهريون پيغامي: سوڍن پڳون لاهي، هڪ ٻئي جي چيلهه سان ٻڌي ڇڏيون آهن ۽ پاڻ ائين ٿي بيٺا آهن، جيئن....

ٻيو پيغامي: جيئن شيهو پلٽيل ديوار.

پهريون پيغامي: جيئن هالار جبل جي قطار.

ڪوئل: اڄ سنڌ سرهي ٿي آهي جو سنڌ لاءِ سرويچ سر ڏيئي رهيا آهن. ٻڌاءِ منهنجي ننگر جو ڇا ٿيو؟

پهريون پيغامي: (ڪنڌ جهڪائيندي) شهزادو ننگر....

ڪوئل: ڇا ٿيو ننگر کي؟

پيغامي: (روئڻهارڪي آواز ۾) شهيد ٿيو.

(ننگر جي شهادت جو ٻڌي ڪوئل ۽ ٻاگهي ٻئي سيني تي هٿ رکن ٿيون. ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا پر پوءِ ڪوئل پاڻ سنڀالي ٿي.)

ڪوئل: ان ۾ ڪنڌ جهڪائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اڄ ته جهڪيل ڪنڌ به مٿي ٿيا آهن. تون ته فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي ٻڌاءِ ته منهنجو گهوٽ شهيد ٿيو.

پيغامي: (ڪنڌ مٿي کڻي) اسان جا ڳاٽ اوچا آهن ۽ هميشه اوچا رهندا.

ڪوئل: ٻڌاءِ، منهنجي ننگر گهوٽ کي سڀيئي گهاءَ سيني ۾ لڳا، يا.... يا پٺيءَ ۾ به ڪو گهاءُ لڳو.

پيغامي: اڄ تائين ڪنهن سنڌيءَ پٺي ۾ گهاءُ نه کاڌو آهي. ننگر ته سنڌين جو سردار هو.

ڪوئل: جي هن سڀيئي گهاءَ سيني تي کاڌا ته پوءِ بيشڪ هو منهنجي گهوٽ ٿيڻ جي لائق هو. ٻڌاءِ منهنجو گهوٽ موت جي سيج تي ڪيئن چڙهيو.

پيغامي: هو وڄ وانگر دشمن تي ڪڙڪيو ۽ دشمن جا سينا چيريندو، هانوَ ڦاڙيندو، ڏيل ڏاريندو، ڪنڌَ ڪپيندو اڳتي وڌندو ويو. هن جي هٿ ۾ تلوار ائين ٿي وري جيئن وڄ وراڪا ڏيندي آهي. جيئن ٿي هن کي گهاءُ لڳو، تيئن ٿي هو اڳتي وڌيو.

پوءِ ارڙهن ڌڪ ترار جا لڳا ننگر مٿڙي تان.

ته به ٽڪر ٽريو ڪينڪي، ٻيو جبل ڪو نه سماءُ

ڪوئل: پوءِ ڇا ٿيو؟

پيغامي: پوءِ هن جو سَنڌ سَنڌ گهائجي ويو. هن جي سَنڌ سَنڌ ۾ تير کپي ويا. هن جو سارو جسم تيرن جي بٿي بڻجي ويو. پر ته به هو مرڪندو، نچندو، ڪڏندو اڳتي وڌندو ويو، تان جو هو ساڻو ٿي ڪري پيو. ڪري هن ڌرتيءَ کي چمي ڏني ۽ ڌرتيءَ تي ائين ڪنڌ رکي ڇڏيائين جيئن ٻار ماءُ جي سيني تي ڪنڌ رکندو آهي.

ڪوئل: مبارڪ آهي اها ڪنوار جنهن کي ننگر جهڙو گهوٽ ملي.

مبارڪ آهي اها ڌرتي جنهن کي ننگر جهڙو دُلارو ملي.

(ٻئي پيغامي ٻاهر وڃن ٿا. ٻيو پيغامي اندر اچي ٿو)

ٻاگهي: جنگ جو ڇا ٿيو؟

پيغامي: جنگ جاري آهي پر....

ٻاگهي: پر ڇا....؟

پيغامي: دودو شهيد ٿي ويو.

ٻاگهي: دودو شهيد ٿيو! دودو شهيد ٿيو ته پوءِ سنڌ جو ڇا ٿيندو؟

ڪوئل: سنڌ سدا سهاڳڻ رهندي. جتي جتي دودي ۽ ننگر جو رت ٽميو آهي اُتان اُتان ڪيئي دودا ۽ ڪيئي ننگر اٿندا ۽ سنڌ لاءِ ساهه ڏيندا.

ٻاگهي: ٻڌاءِ منهنجو ڀاءُ ڪيئن شهيد ٿيو.

پيغامي: ننگر جي شهادت کانپوءِ هو زخمي شينهن وانگر ميدان ۾ ٽپي پيو. هن جي هڪڙي هٿ ۾ سومرن واري تلوار هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽانگر هو ۽ هو ايترو ته وزني هو جو دودي کانسواءِ ڏهه جوڌا به ان کي کڻي نه سگهن. دودو اهو ٽانگر ڦيرائيندو، دشمن جي فوج ۾ ڪاهي پيو. پوءِ رڻ متو، راڙو ٿيو. هر طرف دانهون، ڪوڪون، رت جون نديون وهي ڇڙيون. دودي جي دهشت کان ڏونگر ڏري پيا. مائن جا هانَ ڦاٽي پيا. ڌرتي ڌان ڌان ڪرڻ لڳي. دودو دشمن کي گجرن ۽ مورين وانگر وڍيندو، دشمن جي فوج جو لابارو ڪندو، سالار خان جي سامهون ٿيو. دودي جي دليري کي ڏسي سالار خان کان دانهن نڪري وئي ته: جنهن ديس جي ڌرتي دودي جهڙا دلير پٽ ڄڻي سگهي ٿي تنهن ديس کي ڪو به فتح ڪري نٿو سگهي. پوءِ چئني طرفن کان تيرن ۽ تلوارن جا مينهن وٺا ۽ دودي جو سَنڌ سَنڌ گهائجي ويو پر ته به هو وڙهندو رهيو. تان جو هن جا سَنڌَ ساڻا ٿيا، ساهن ساٿ ڇڏيو ۽ دودو ڌرتيءَ تي ليٽيو. ڄڻ هماليه جبل ڪري پيو. ڌرتيءَ دانهن ڪئي ته هاءِ منهنجو دلارو مئو. آسمان اوڇنگارون ڏني ته مون سان سينو سهائيندڙ شهيد ٿيو ۽ عرش اونايو ته مون کان اوچي ڳاٽ وارو دودو مري ويو.

ٻاگهي: دودو ڪڏهن نه مرندو. ڌرتيءَ جو دلارو وري ڄمندو جيڪو آسمان سان سينو سهائيندو ۽ جنهن جو ڳاٽ عرش کان اوچو هوندو.

(اوچتو آواز ٿو اچي)

آواز: اولهه انڌوڪار آهي، ڏکڻ سارو ڏهڪاءُ.

اتر کان اوپرا گهوڙا آيا، سنڌ ڏهاڳڻ ٿي.

پر اوڀر ۾ وهاؤ تارو اڀريو آهي

نئين پرهه ڦٽندي، نئون صبح اڀرندو

نوان دودا ايندا، نوان ننگر ايندا،

سنڌ وري سهاڳڻ ٿيندي.

هيرَ مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي....

هيرَ مان گهوٽن جي رت جي هٻڪار ٿي اچي.

(ڪوئل ۽ ٻاگهي بت بڻجي آواز ٻڌن ٿيون. آواز آهستي آهستي فيڊ آئوٽ ٿئي ٿو. پس منظر ۾ سوڳوار موسيقي اڀري ٿي.
ڀاڳو ڀان اندر اچي ٿو. اڪيلي ۽ بي سهارا نياڻين کي ڏسي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا. هو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو، ٻاگهيءَ ۽ ڪوئل جا اگهاڙا مٿا ڍڪي ٿو ۽ پوءِ هنن جي مٿن تي هٿ رکي هنن کي وٺي وڃي ٿو. ٻاگهي ڪوئل حسرت ڀريل نگاهن سان محل جي اجڙيل در ديوارن ڏانهن ڏسن ٿيون. ڪوئل جي اجڙيل سيج ڏانهن نهارين ٿيون. ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن. ڀاڳو ڀان اجرڪ جي پلوَ سان پنهنجا لڙڪ اگهي ٿو، ائين هو محل جي هڪ هڪ شيءِ کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسنديون هليون وڃن ٿيون. اسٽيج خالي ٿي وڃي ٿي. بتيون وسامي وڃن ٿيون ۽ دري کان ٻاهر نظر ايندڙ آسمان ۾ پرهه ڦٽي ٿي.)

(پردو ڪِري ٿو)

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com