29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :1

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو _ اوڀر جي شاگردن لاءِ“ دنيا جي تاريخ جو هڪ مختصر جائزو آهي، جيڪو چين جي پاءِ ينگ يونيورسٽي جي پروفيسر وي. اَي. رينوف جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب "Out Lines of General History for Eastern Students" تان نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ترجمو ڪيو آهي. پروفيسر وي. اَي. رينوف اُهو ڪتاب 1907ع تائين جي زماني جي اڀياس طور پيش ڪيو آهي. ان ڪتاب کي بعد ۾ آءِ. جي. سي هيرنوها (I.G.C. Hear Nohaw) مشرقي شاگردن جي تاريخ ڏانهن وڌندڙ دلچسپي  ۽ رجحان کي نظر ۾ رکي سُڌاري ۽ سنواري، منجهس هڪ باب نمبر 38 وڌائي 1938ع جي عرصي جي تاريخ جو اڀياس ڪتاب ۾ شامل ڪيو. سندس چواڻي، انهيءَ ڪتاب جي تياريءَ ۾ نيويارڪ جي "Outlook Company" جي پنجويهن جُلدن واري ڇپيل ڪتاب ۽ ”جرمن انسائيڪلوپيڊيا“ مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي.

هيءُ ڪتاب ”عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو“ قديم دور کان ويهين صديءَ جي ابتدا تائين وارن عالمي واقعن جو هڪ مختصر ۽ جزوي اڀياس آهي ۽ اهو تاريخ جي شاگردن لاءِ ابتدائي راهنمائيءَ جي کوٽ پوري ڪري ٿو. تاريخ اصل ۾ ماضيءَ جي ٽڙيل پکڙيل واقعن ۽ حالتن جو هڪ ترتيبوار ريڪارڊ آهي، جنهن ۾ رڳو قومن جي حڪمرانن جو تذڪرو شامل نه هوندو آهي، پر اُن دور جي پيداواري ذريعن، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن ۽ مڪمل سماجي قدرن جو هڪ اڀياس پڻ شامل هوندو آهي، جنهن تفصيل کي پنهنجي اصلي حالت ۾ ڪيفيت ۾ پيش ڪرڻ هڪ انتهائي ڪٺن ڪم آهي. انهيءَ حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي تاريخ جو اڀياس ڪندي ۽ ان جو اختصار ڏيندي هن علم تي ڪم ڪرڻ لاءِ، محقق پنهنجون هاڪاري صلاحيتون استعمال ڪري هن مضمون سان نڀايو آهي. پر پوءِ به تاريخ جهڙي اهم موضوع تي غير جانبداراڻي انداز ۾ قلم کڻڻ جي اڃا تفصيلي ضرورت موجود رهي ٿي. هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل واقعا عالمي تاريخ بابت جهڙوڪر سرسري تذڪرا آهن، جيڪي پڙهندڙن جي ذهني گوشن کي ضرور روشن ڪندا.

هيءُ ڪتاب انهيءَ مقصد کي به نظر ۾ رکندي لکيو ويو آهي، ته جيئن تاريخ جهڙي تحقيق طلب مضمون جي اڀياس لاءِ سولايون پيدا ڪيون وڃن”عالمي تاريخ جو مختصر خاڪي“ جي اڀياس کان پوءِ پڙهندڙ نه رڳو مشرقي ۽ مغربي ملڪن جي جزوي تاريخ کان واقف ٿئي ٿو، پر هو اُنهن جي وچ ۾ تقابلي جائزي (Comparative Study) وٺڻ لاءِ به تيار ٿئي ٿو.

هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ته ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ 60ع واري ڏهاڪي ۾ ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ به ان ۾ واڌارن سڌارن جي ضرورت محسوس ٿيندي رهي. افسوس ته ماضيءَ ۾ انهيءَ ترجمي تي وڌيڪ ڪم ٿيڻ بجاءِ مسودي کي ئي بورڊ جي ڪتبخاني حوالي ڪيو ويو ۽ 60ع واري ڏهاڪي کان وٺي سال 2003ع تائين هيءُ مسودو ڪتبخانيجي ڪٻٽ جي زينت بڻيو رهيو. آڪٽوبر 2003ع تي جڏهن هن ناچيز کي بورڊ جون ذميواريون سونپيون ويون، ته اشاعتي ڪم ڪار جي پهرين مرحلي دوران ڪتبخاني ۾ رکيل پراڻن نسخن ۽ مسودن جي جاچ پڙتال ڪندي هيءُ مسودو نظر اچي ويو. مسودي کي ڏسڻ کان پوءِ ان  کي ترجيحي بنيادن تي اشاعت لاءِ چونڊيو ويو.

جيئن ته هيءُ ڪتاب مترجم ڊاڪٽر نبي بخش قاضي "Out Lines of General History for Eastern Students" تان ترجمو ڪيو هو، ان ڪري انگريزيءَ ۾ لکيل اصل متن جي ضرورت گهربل هئي، پر اهو ڪتاب گهڻي ڳولا جي باوجود به نه ملي سگهيو. نيٺ تاريخ جي مختلف ڪتابن ۽ انسائيڪلوپيڊيائن مان مدد ورتي وئي. خاص طور تي تصويرون مختلف انسائيڪلوپيڊيائن تان کنيون ويون آهن. ڪتاب جي ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾ مون سميت جناب ابرار قاضي، عبدالحفيظ قريشي ۽ دين محمد ڪلهوڙي جون محنتون پڻ شامل رهيون. اها حقيقت آهي ته انهن دوستن جي ساٿ کان سواءِ هن ڪتاب جي پڌرائي ممڪن نه هئي.

اُميد ٿي ڪجي، ته هيءُ ڪتاب نه رڳو عالمي تاريخ، جاگرافي، علم الانسان، بين الاقوامي تعلقات ۽ سياسيات وغيره جي شاگردن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو، پر عام پڙهندڙن لاءِ پڻ دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.

ڄام شورو، سنڌ                                    انعام الله شيخ

خميس 10_شعبان المعظم 1426هه               سيڪريٽري

بمطابق 15_ سيپٽمبر 2005ع                       سنڌي ادبي بورڊ

عنوانن جي فهرست

* مهاڳ

* مقدمو: آءِ. جي. سي هيونوها

ڀاڱو پهريون

* باب پهريون: قديم تاريخ (سن 4000 ق.م کان سن 375 م تائين)

* مصر ص: 11 * مصر_ قديم تهذيب جو هڪ اهم ترين مرڪز ص: 11 * اهرامن جا باني ص: 12 * ارڙهون ۽ اڻويهون خاندان ص: 12 * ڇويهون خاندان ص: 13 * مذهب، ريتون، رسمون ۽ هنر و فن ص: 14 * تنا سُخ يا جُوڻ مٽائڻ ص: 15 * شيشو ۽ ڪاغذ ص: 16 * مصري تحرير ص: 16 * هنر ۽ سائنس ص: 17 * زالن جي حيثيت ص: 18 * مصر جو تاريخ ۾ درجو ص: 18

* باب ٻيو: بئبلونيا ۽ آشور

* دجله ۽ فرات جي وادي ص: 19 * ٽي وڏيون بادشاهتون ص: 19 * قديم بابلي سلطنت ص: 20 * آشوري سلطنت ص: 20 * آشوريا جو اوچتو زوال ص: 22 * نئين بابلي سلطنت ص: 22 * بابلي آثار قديمه جون کوٽايون ص: 24 * ميخي لکت ص: 25 * ڪتب خانا ص: 26 * مذهب ص: 26 * بابلي قانون ص: 27 * معماري يا اڏاوت جو فن ص: 27 * سائنس ص: 28

* باب ٽيون: يهودي ۽ فنيقي

* (الف) يهودي: يهودي تاريخ جو مذهبي پهلو ص: 29 * بائيبل (توريت ۽ انجيل) ص: 30 * يهودين جي قديم تاريخ ص: 32 * يهودين جي قومي تاريخ ص: 33 * يهودين جو انتشار ص: 34

* باب چوٿون: ايران

* زردشت ص: 37 * ڪيروش اعظم ص: 38 * دارا (پهريون) ص: 39 * ايراني حڪومت ص: 39

* باب پنجون: قديم مشرقي ملڪ

* مقدمو ص: 42 * هندستان ص: 43 * هندستان جا اصل رهاڪو ص: 44 * آرين جو هندستان فتح ڪرڻ ص: 44 * يورپي ۽ هندستاني ٻولين ۽ مذهبن جو سرچشمو: ويد ص: 45 * چئن نياتن جو اڀرڻ ص: 45 * برهمڻ ص: 45 * ٻُڌ جي زندگي ص: 46 * ٻُڌ جو متو ص: 47 * ٻڌ مذهب جو ڦهلاءُ ص: 48 * يوناني هندستان ۾ ص: 49 * چين ص: 49 * چين جي قديم ترين تاريخ ص: 50 * ڪنفيوشس ص: 51 * ڪنفيوس جي طريقي جو نفوذيا اثر ص: 52 * ڪنفيوشس کان پوءِ چيني علم ۽ ادب ص: 53 * چيني مذهب ص: 54 * شيهه هُوانگ ٽي ص: 54 * چيني ديوار ص: 55 * ادبي ڪتابن کي ساڙڻ ص: 55 * هئن خاندان ۽ سندس پويون خاندان ص: 56 * تانگ خاندان ص: 56 * چيني ۽ يورپي تاريخ ۾ فرق ص: 57 * چيني حڪومت جو انتظام ص: 58 * ماڻهن جي آزادي ص: 58 * چيني ڪٽنب ص: 59 * چيني تمدن جي فضيلت ص: 59 * جاپان: ملڪ ۽ ماڻهو ص: 60 * چيني تمدن ۾ ٻڌ مذهب جو داخل ٿيڻ ص: 60

* باب ڇهون: يونان جي تاريخ: ايراني لڙاين تائين

* يونان جي جاگرافي ۽ ان جو سندس تاريخ تي اثر ص: 61 * يونان جو ابتدائي احوال ص: 63 * ڊوين ۽ آيونين ص: 65 * مطلق العنان حڪمران جو زمانو ص: 65 * يونانين جو نئون ملڪ وسائڻ ص: 66 * اسپارٽا جي ابتدائي تاريخ ۽ رسمون ص: 67 * اسپارٽا وارن جي تعليم ۽ رسمون ص: 68 * اسپارٽا جا نتيجا ص: 68 * اٿينس جي ابتدائي تاريخ ۽ سرشتو ص: 69 * بادشاهي سرشتي جي امير شاهي نظام ۾ تبديلي ص: 69 * عوام ۾ ناراضپو ۽سائلن جي بغاوت ص: 70 * ڊريڪو جو قانون ص: 70 * سولن ص: 71 * قرض وارن سخت قانونن جو خاتمو ص: 71 * جوڙجڪي سڌارا ص: 71 * اٿينس ۾ مطلق العنان راڄ ص: 72 * ڪلائس ٿينز جا سڌارا ص: 73 * بهشڪار ڪرڻ يا ڀتؤن لاهڻ ص: 74

* باب ستون: ايراني جنگيون ۽ پيريڪليز جو دور

* ايشيائي يونان جي بغاوت ۽ مقدونيه جو آڻ مڃڻ ص: 75 * ٻي ڪاهه ص: 75 * مئراٿان جي لڙائي ص: 76 * تاريخ ۾ مئراٿان جي لڙائيءَ جي اهميت ص: 77 * ملٽياڊيز جي مشهوري ۽ سندس اوچتو زوال ص: 77 * اٿينس جي بحري فوج کي وڌائڻ ص: 77 * ايرانين جي ٽيون دفعو يونان تي ڪاهه ص: 79 * يونان جون رٿون ص: 80 * ٿرماپُلي جي لڙائي ص: 80 * سلامس جي لڙائي ص: 81 * يونان تي ايرانين جي چوٿين ڪاهه: پلاٽيا جي لڙائي ص: 82 * يونانين جي ايرانين تي اڳرائي ڪندڙ حملو ص: 82 * پازي نيئس ۽ ٿيمس ٽاڪيليز جي بدنامي ص: 83 * ارسٽائيڊر عادل ص: 83 * ڊيلاز وارو اتحاد ص: 84 * ڊيلاس واري اتحاد جو بدلجي اٿينس جي سلطنت ٿيڻ ص: 84 * ايران جي لڙاين کان پوءِ اسپارٽا جي حالت ص: 84 * پيريڪليز جو دور ص: 85

* باب اٺون: يوناني حڪومتن جو هڪٻئي کي برباد ڪرڻ ۽ مئسيڊان جي فلپ جو يونان کي فتح ڪرڻ

* پيلوپونيسس جنگ جا سبب ص: 89 * اٿينس ۽ اسپارٽا جي طاقتن جي ڀيٽ ص: 90 * پيلوپونيسس جنگ: نِشي ئس جي صلح تائين ص: 90 * اٿينس جي جمهوريت جو زوال ص: 91 * السيبائيڊيز ص: 92 * سسليءَ تي چڙهائي ص: 92 * السيبائيڊيز جو غدار ٿيڻ ص: 94 * اٿينس وارن جو بهادريءَ سان مزاحمت ڪرڻ ۽ السيبائيڊيز کي واپس ڪرڻ ص: 94 * پيلوپونيسين لڙائي جو خاتمو ص: 95 * اسپارٽا جو تسلط ص: 95 * ٿيبيس جي مهنداري ص: 96 * مقدوني طاقت جو اسرڻ ص: 97 * ڊيماسٿينيز ص: 98

* باب نائون: يوناني تمدن

* يوناني تمدن جو ايندڙ زماني لاءِ قدر ۽ قيمت ص: 100 * يوناني مذهب ص: 101 * يوناني رانديون ص: 102 * يوناني سماجي زندگي ص: 103 * يوناني فلسفو ۽ سائنس ص: 104

* باب ڏهون: سڪندر اعظم ۽ سندس پويان

* ايشيا ۾ فتح جون تجويزون ص: 106 * سڪندر جي تخت نشيني ص: 106 * ايراني شهنشاهيت جي فتح ص: 107 * مشرقي صوبن ۽ هندستان جي فتح ص: 108 * سڪندر جا پويان ٻه سال ص: 109 * سڪندر جو موت ص: 110 * سڪندر جي فتحن جا نتيجا ص: 110 * سڪندر جا پويان ص: 110

* باب يارهون: روم جي تاريخ: پهرين فنيقي لڙائيءَ تائين

* قديم اٽليءَ جي جاگرافي ص: 112 * روم جو مذهب ص: 112 * ابتدائي روم جي ڏند ڪٿا ص: 113 * روم جي ابتدائي تاريخ ص: 114 * جمهوري حڪومت ص: 114 * ابتدائي روم ۾ عوامي طبقا ص: 114 * عوام جا عيوضي يا نيڪ مرد مقرر ٿيڻ ص: 115 * ٻارهن ڪتبن وارا قاعدا ص: 115 * سياسي مساوات لاءِ عوام جي مسلسل ڪشمڪش ص: 116 * ايٽروسڪينن سان لڙايون ص: 116 * روم جي، جاگرافيءَ جي حوالي کان فائدي واري بيهڪ ص: 117 * روم جي سوڀن جا سبب ص: 118 * روم وارن جي چال چلت ص: 118 * روم جو ملٽري سرشتو ص: 119 * اٽليءَ جي فتح ص: 119 * پيروس سان جنگ ص: 120

* باب ٻارهون: پهرين فنيقي لڙائيءَ کان وٺي ڪارٿيج جي برباد ٿيڻ تائين

* ڪارٿيج ص: 121 * فنيقي لڙاين جا سبب ص: 121 * پهرين فنيقي لڙائي ص: 121 * پهرين ۽ ٻي فنيقي لڙائيءَ جي وچ وارا واقعا ص: 123 * ٻي فنيقي لڙائي ص: 124 * مقدونيا ۽ ايشيا ڪوچڪ جي فتح ص: 125 * ٽئين فنيقي لڙائي ص: 126 * صوبائي انتظام ص: 127

* باب تيرهون: رومي جمهوريت جو زوال ۽ هڪ آمد جي طاقت جو اسرڻ

* فنيقي لڙاين کان پوءِ روم جي سياسي ۽ اجتماعي حالت ص: 128 * ماريوس ۽ سُلا جي خانگي لڙائي ص: 130 * سسليءَ ۾ غلامن جون لڙايون ص: 132 * گليڊيئيٽرس جون لڙايون ص: 132 * مٿريڊائيٽس ص: 132 * پامپي اعظم جو اُسرڻ ص: 133 * پهرين ٽه _ ياري ص: 134 * ڪئٽلين جو منصوبو ص: 135 * سيزر ۽ پامپي جي وچ ۾ رقابت ص: 135 * سيزر جو گال کي فتح ڪرڻ ص: 136 * سيزر ۽ پامپيءَ جي وچ ۾ خانه جنگي ص: 137 * قيصريت يا سيزريت جو قائم ٿيڻ ص: 137 * سيزر (قيصر) جا سڌارا ص: 138 * سيزر (قيصر) جو موت ص: 138 * ٻي ٽه _ ياري ص: 139 * ائڪٽئم جي لڙائي ص: 139

* باب چوڏهون: رومي شهنشاهيت

* آگسٽس جي حڪومت ص: 141 * جُولئن شهنشاهه ص: 142 * فليوئين شهنشاهه ص: 143 * پنج نيڪ شهنشاهه ص: 144 * زوال واري صدي ص: 145 * ڊيئوڪليٽيئن حڪومت ص: 146 * قسطنطين اعظم جي حڪومت ص: 146 * شهنشاهيت جي تقسيم ص: 147 * مغربي شهنشاهيت جي بربادي ص: 147

* باب پندرهون: روم جي تاريخ جا ڪي اهم موضوع

* روم جو قانون ص: 148 * روم جا رستا ۽ ڪالونيون ص: 149 * رومي علم و ادب، فن ۽ اڏاوت ص: 149 * تماشگاهه جا تماشا ص: 150 * رومي شهنشاهيت ذريعي تمدن پيدا ڪرڻ ص: 151 * مسيحيت جو اُسرڻ ص: 152

ڀاڱو ٻيو

* وچئين دور جي تاريخ ص: 157 * ٽيوٽاني قبيلن جي لڏپلاڻ جي ابتدا کان وٺي آمريڪا جي ڳولي لهڻ تائين ص: 157

* باب سورهون: جرمن قوم جي تاريخ (چارلس اعظم جي موت تائين)

* ٽيوٽاني قبيلن جون ابتدائي لڏپلاڻون ص: 158 * هَن قوم ص: 158 * قومن جي لڏپلاڻ ص: 159 * وزيگوٽ قبيلو ص: 159 * اوسٽرو گوٽ قبيلو ص: 159 * آريان ۽ اٿانازيان ص: 159 * آفريقا ۾ ونڊال ص: 160 * برطانيا ۾ ائنگل ۽ سئڪسن قبيلا ص: 161 * اٽلي ۽ لمبارڊ ص: 161 * هَن قوم جو يورپ تي حملو ص: 161 * فرنگي قوم جي سلطنت ص: 162 * فرنگي بادشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ مفاهمت ص: 163 * محلات جا مُکي ص: 163 * چارلس اعظم ص: 164 * چارلس اعظم طرفان عيسائي مذهب جو استعمال ص: 165 * چارلس اعظم جي تجويزن جي ناڪامي ص: 167 * ورڊون جو زمانو ص: 167

* باب سترهون: حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ اسلام جو ڦهلجڻ

* حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زماني کان اڳ عربن جي حالت ص: 168 * حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ص: 168 * خليفن ۾ گهرو ويڙهه ص: 171 * اميہ گهراڻو ص: 172 * عباسي گهراڻو ص: 172 * عربن جو تمدن ص: 174 * مسلمانن جو هندستان کي فتح ڪرڻ ص: 174 * تغلق گهراڻو (ابتدائي دهلي سلطنت جو زوال) ص: 174 * هندستان ۾ مسلمانن جو هاڻوڪو ادب ص: 175 * چين ۾ اسلام جو پکڙجڻ ص: 175

* باب ارڙهون: يورپ جي تاريخ

* ورڊون جي عهدنامي کان صليبي لڙاين جي خاتمي تائين ص: 176 * اترادي ماڻهو ص: 176 * جاگيرداري سرشتو ص: 177 * زمين جو قبضو ص: 177 * حڪومت ص: 177 * مالڪن ۽ تبعدارن جا حق ۽ فرض ص: 178 * جاگيرداري لشڪر ص: 178 * جاگيرداري سماج جا طبقا ص: 178 * اميرن جي زندگي ص: 179 * جاگيرداري سرشتي جي ڪَٿَ ص: 179 * هنگري قوم جو قائم ٿيڻ ص: 180 * رومي شهنشاهيت کي وري تازو ڪرڻ ص: 181 * شهنشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ ڪشمڪش ص: 181 * پوپ جي طاقت جو تسلط ص: 184 * پوپ جي طاقت جو گهٽجڻ ص: 185 * سلجوقي ترڪ ص: 186 * صليبي لڙايون ص: 186 * صليبي لڙاين جا نتيجا ص: 187

* باب اڻويهون: منگولن جون فتحون ۽ عثماني شهنشاهيت

* منگول ص: 189 * چنگيز خان ص: 189 * يورپ تي حملو ص: 190 * يُئان گهراڻو ص: 190 * منگول شهنشاهيت جي وسعت ۽ فتح جون وڌيڪ تجويزون ص: 191 * منگول شهنشاهيت جو ٽٽڻ ص: 191 * روس تي منگولن جي حڪومت ص: 192 * تيمور ص: 193 * هندستان ۾ مغل شهنشاهيت ص: 194 * سليمان اول ص: 195 * ترڪ طاقت جو زوال ص: 197

* باب ويهون: وچئين دور جي آخر تائين يورپ جو عام منظر

* اٽليءَ جون شهري جمهوريتون ص: 198 * وچئين دور جا شهر ترقيءَ جي مرڪز جي حيثيت ۾ ص: 199 * يورپي قومن جي ابتدا ص: 200 * اسپين ص: 201 * فرانس ص: 202 * جون آف آرڪ ص: 202 * لوئي يارهون ص: 204 * چارلس اٺون ص: 204 * انگلينڊ ص: 204 * نارمن فتح ص: 205 * نارمن بادشاهن جي انگلينڊ تي حڪومت ص: 205 * انگلينڊ پلئنٽيجينيٽ گهراڻي جي حڪومت ص: 205 * گلابي گلن واريون لڙايون ص: 206 * جرمني ۽ اٽلي ص: 207 * آسٽريا جو اُسرڻ ص: 208 * روس ص: 209 * وچ واري زماني ۾ يورپ جي ذهني حالت ص: 209

ڀاڱو ٽيون

* باب ايڪيهون: جديد زماني جي تاريخ (آمريڪا جي دريافت جي زماني کان وٺي فرينچ انقلاب تائين)

* دريافت جو زمانو ص: 215 * ڪولمبس ص: 216 * آمريڪا تي نالو ڪيئن پيو ص: 217 * پورچوگيزن جون نيون بيٺڪون ص: 217 * اسپين جون بيٺڪون ص: 218

* باب ٻاويهون: پروٽيسٽنٽ مذهبي سڌاري وارو زمانو

* مذهبي سڌاري جا سبب ص: 220 * مذهبي سڌاري جي حد ص: 221 * جرمنيءَ ۾ مذهبي سڌارو ص: 221 * ورمس شهر جو اجلاس ص: 222 * لوٿر جو بائيبل جو ترجمو ص: 222 * پروٽيسٽنٽ مذهب ص: 222 * مذهبي سڌاري جي تحريڪ کي بند ڪرڻ جو اوائلي ڪوششون ص: 222 * چارلس پنجون ص: 223 * فرانس پهرئين ۽ چارلس پنجين جي وچ ۾ رقابت ص: 223 * يورپ جي ٻين ملڪن ۾ مذهبي سڌارو ص: 224 * انگلينڊ ۾ مذهبي سڌارو ص: 225 * يورپ ۾ مذهبي سڌارن جو رڪجڻ ص: 226

* باب ٽيويهون: مذهبي ڪشمڪش واري صدي

* فرانس ۾ هيوناٽ لڙايون ص: 228 * فلپ ٻيو ص: 230 * فلپ ٻيو ۽ پروٽيسٽنٽ انگلينڊ ص: 230 * فلپ ۽ هالينڊ ص: 231 * وليج آرينج ص: 232 * ليڊن جو گهيرو ص: 232 * ڊچ جمهوريت جو اُسرڻ ص: 233 * وليم خاموش جو قتل ۽ سندس ڪردار ص: 233 * ڪشمڪش جو خاتمو ص: 234 * هالينڊ تي لڙائيءَ جا اثر ص: 234 * ٽيهن سالن واري لڙائي ص: 234 * لڙائيءَ جو بوهيمين ۽ ڊينن وارو عرصو ص: 235 * سوويڊي دورو ص: 236 * سوئيڊ فرينچ دورو ص: 237 * سوئيڊ فرينچ دورو ص: 237 * ويسٽ فاليا جو عهدنامو ص: 237 * ٽيهن ورهين واري لڙائيءَ جا جرمنيءَ تي اثر ص: 238

* باب چوويهون: انگريزي تاريخ جي هڪ صدي

* ايلزبيٿ جي حڪومت ص: 239 * انگريز بحري طاقت ۽ تجارت جو اُسرڻ ص: 241 * ايلزبيٿ جي حڪومت ۽ علم ادب ص: 241 * اسٽوئرٽ حڪمرانيءَ جو پهريون دور ص: 242 * بادشاهن جا خدائي حق ص: 243 * عوام جو رخ ص: 243 * جيمس ۽ پارليامينٽ ص: 244 * جيمس پهرين جي مذهبي پاليسي ص: 244 * چارلس پهرئين جي تخت نشيني ۽ رد حق جي درخواست ص: 244 * آرچ بشپ لارڊ ۽ پيوريٽن مذهب وارن جو آمريڪا ڏانهن لڏي وڃڻ ص: 245 * وڏ مد تي پارليامينٽ جو گڏ ٿيڻ ص: 246 * خانگي لڙائيء ص: 247 * چارلس پهرين جي ڦاسي ص: 247 * دولت مشترڪه ۽ بچاءَ هيٺ آيل ملڪ ص: 248 * سرپرستيءَ واري حڪومت ص: 249 * چارلس ٻئي جي تخت نشيني ص: 249

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org